ڪتاب جو نالو: روشنيءَ جو مينار
مصنف: رسول ميمڻ
ڇپائيندڙ: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2019
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 28 نومبر 2019 ع
پڙهيو ويو: 340 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 84 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار، شاعر ۽ ناول نگار رسول ميمڻ جي 12 ڪھاڻين جو مجموعو آھي. ادل سومرو لکي ٿو:
”رسول ميمڻ جو سمورو تخليقي سفر منهنجي سامھون گذريو آهي، مشاعري ۾ پھرين شعر پڙهڻ، پھرين ڪھاڻي لکڻ کان وٺي، هن جي ناول ”اڻويهه عورتون“ تائين هُن سان منهنجي دوستيءَ جو تسلسل رهيو آهي. هو هڪ آرٽسٽ تخليقڪار آهي، جنهن وٽ منظرنگاريءَ ۽ ڪردار نگاريءَ جو اهڙو آرٽ آهي، جنھن کيس منفرد ۽ مٿانھون درجو ڏياريو آهي. موضوعن جي وٽس ڪا بہ کوٽ ناهي، هو هڪ مصور وانگر عڪس چٽي ٿو. منظر اسان جي اکين آڏو ڦرڻ لڳن ٿا ۽ ڪردار ڄڻ آسپاس گهمندي محسوس ٿين ٿا. “
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سڀ حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ
  • سنڌ سلامت پاران
  • ارپنا
  • ڪهاڻيون

  • مولوي ۽ شيطان
  • دنيا جو ناجائز ٻار
  • روشنيءَ جو مينار
  • پيءُ
  • رت ڀريل راهون
  • سکر-پهرين جون 2001
  • اوڪارا
  • انساني نسل جو آخري ساهوارو
  • ٻپهري ۽ پوسٽ
  • سوا نيزي سج
  • زندگي وڄ جو چمڪو
  • زندگيءَ جو گڙ

  • سڀ حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو : روشنيءَ جو مينار
    موضوع : ڪهاڻيون
    ليکڪ : رسول ميمڻ
    ڪمپوزنگ : خادم حسين جروار
    0307-3157667
    سال : 2019ع
    ڇپائيندڙ : ڊجيٽل پبلشنگ هائوس
    ٽنڊوالهيار
    ڊجيٽل ايڊيشن : 2019ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    books.sindhsalamat.com



    ROSHANI JO MEENAR

    Writen by : Rasool Memon
    Composed by : Khadim Hussain jarwar
    Year : 2019
    Published by: Digital Publishing House
    Tando Allahyar

    ھيءُ ڪتاب ڊجيٽل ايڊيشن جي صورت ۾ محمد سليمان وساڻ، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ڪراچيءَ پاران پڌرو ڪيو.


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”روشنيءَ جو مينار“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار، شاعر ۽ ناول نگار رسول ميمڻ جي 12 ڪھاڻين جو مجموعو آھي. ادل سومرو لکي ٿو:
    ”رسول ميمڻ جو سمورو تخليقي سفر منهنجي سامھون گذريو آهي، مشاعري ۾ پھرين شعر پڙهڻ، پھرين ڪھاڻي لکڻ کان وٺي، هن جي ناول ”اڻويهه عورتون“ تائين هُن سان منهنجي دوستيءَ جو تسلسل رهيو آهي. هو هڪ آرٽسٽ تخليقڪار آهي، جنهن وٽ منظرنگاريءَ ۽ ڪردار نگاريءَ جو اهڙو آرٽ آهي، جنھن کيس منفرد ۽ مٿانھون درجو ڏياريو آهي. موضوعن جي وٽس ڪا بہ کوٽ ناهي، هو هڪ مصور وانگر عڪس چٽي ٿو. منظر اسان جي اکين آڏو ڦرڻ لڳن ٿا ۽ ڪردار ڄڻ آسپاس گهمندي محسوس ٿين ٿا. “
    ھي ڪتاب ڪنھن بہ اداري پاران ڪتابي شڪل ۾ ڇپيل ناھي پر رسول ميمڻ صاحب قرب ڪري ڪمپوز ڪرائي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ آنلائين اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو آھي، جنھن لاءِ سندس ٿورائتا آھيون. ھن ڪتاب جي ڪمپوزنگ خادم حسين جروار ڪئي آھي. سنڌ سلامت ڪتاب گهر ذريعي اسان ڪوشش ڪئي آھي تہ سنڌي ادب ۽ سنڌي لکڻين کي انٽرنيٽ ذريعي سڄي دنيا جي سنڌين تائين پھچايون. ان سلسلي ۾ ڪيتري ڪاميابي ملي آھي ۽ اڳتي ڇا ۽ ڪيئن ڪرڻ گهرجي؟ ان لاءِ اوھان سڄڻن جي رھنمائي ۽ مدد جي ضرورت آھي.

    ساٿ سدائين قائم ..... سنڌ سلامت ساٿ سلامت



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ارپنا

    مستقبل جي نالي،
    جڏهن مون کي
    سمجهيو ويندو.


    ڪهاڻيون

    مولوي ۽ شيطان

    سائنسز انسٽيٽيوٽ ۾ ٽريننگ دوران اسان چار ڊاڪٽر هياسين جيڪي ڊيپارٽمينٽ جو ڪم سنڀاليندا هياسين. هڪ ٿريسا هئي جنهن جو تعلق ڪراچيءَ سان هيو ۽ ٻه پنجابي ڊاڪٽر هيا، جيڪي ملتان ۽ بهاولپور مان آيل هيا. انهن مان هڪ مولوي منور هيو ٻيو عاشق مزاج شوڪت.
    مولويءَ جي عمر ايڏي وڏي نه هئي، سندس سونهاريءَ ۾ هڪ وار به اڇو نه هيو، باقي ٻيو نوجوان هيو جنهن کي ڀوريون مڇون وات تي وريل هونديون هيون. اسان ٻن گروپن ۾ ڪم ڪندا هياسين. هڪ گروپ ۾ مان ۽ ٿريسا هياسين جڏهن ته ٻئي گروپ ۾ مولوي منور ۽ شوڪت هيا. صبح کان شام تائين ايترا مصروف هوندا هياسين جو ڪڏهن منجهند جي ماني نصيب نه ٿيندي هئي. اسپتال ۾ جيڪي به آپريشن ٿيندا هيا ته مريضن جا بيمار حصا ڪٽي موڪليندا هيا، اسان انهن کي جاچي خوردبينيءَ ۾ ڏسڻ لاءِ سلائيڊون تيار ڪرائيندا هياسين. اهي سلائيڊون پاڻ ڏسي پروفيسرن کي پيش ڪندا هياسين. پروفيسر وري جاچي رپورٽرن ۾ درستگيون ڪري اسان جي تربيت ڪندا هيا.
    هر طرف فارملن جي بوءِ ڦهليل هوندي هئي. شيشي جي بوتلن ۾ فارملن اندر جسم جا ڪٽيل ٽڪرا ڪمري اندر ڇت تائين سٿيل هوندا هيا.
    ٿريسا سڊول جسم واري سانوري عورت هئي جنهن جو مڙس دبئيءَ ۾ هيو ۽ ٻن ٻارن سان فليٽ ۾ رهندي هئي، سندس اکيون تيز ۽ خوبصورت هيون. هن جي چپن تي هڪ پراسرار مرڪ پئي رقص ڪندي هئي. اسان ٻئي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڊائسيڪٽ روم ۾ ٽشوز ڪٽي سيڪشنز وٺڻ ۾ رڌل هوندا هئاسين. ان جي وڃڻ کان پوءِ منهنجو وقت مولويءَ ۽ منور سان گذرندو هيو. ليبارٽريءَ پويان هاسٽل هئي جنهن ۾ رهيل هياسين. مولوي منور پهريون دفعو زال کان الڳ ٿيو هيو جنهن ڪري سندس اداسي ڇانيل هوندي هئي. باقي شوڪت ڪنوارو هيو ۽ سدائين هشاش بشاش ڏسبو هيو. ڪڏهن هاسٽل جي ميس ۾ فرمائش تي ڪڙهائي پچرائي دوستن سان کائيندو هيو. ان اچڻ کانپوءِ ٻه نرسون پنهنجي قبضي ۾ ڪيون ۽ رات جو دير تائين انهن سان ڪچهريون ڪندو رهندو هيو.
    مولوي منور وقت ڪڍي اسپتال اندر ٺهيل مسجد ۾ ڪنڊ وٺي ڪلام پاڪ پڙهندو هيو ۽ هٿ کڻي خدا کي ٻاڏائيندو هيو “اي رب پاڪ منهنجي ٽريننگ مقرر وقت اندر پوري ڪر، مون کان اڪيلائيون برداشت نه ٿيون ٿين.”
    ٽن مهينن کانپوءِ ٽي ڏينهن موڪل جي اجازت هوندي هئي. اهڙي موقعي جو فائدو وٺي مولوي منور ڳوٺان ٿي ايندو هيو. هن جا ٻه ڏينهن سفر ۾ گذرندا هيا. باقي ٻه راتيون ۽ هڪ ڏينهن زال سان ملڻ نصيب ٿيندا هيا. جڏهن موٽندو هيو ته سندس ڳٽن ۾ رت ڀريل هوندو هيو. چهرو تازو توانو ۽ صحتمند ڏسبو هيو. ان جو ڊگهو ۽ سنهو جسم ائين ڦڙت ٿي ويندو هيو جيئن ڳوٺ کان نئين توانائي حاصل ڪري آيو هجي. دوستن سان ڳالهائيندو هيو ته مٿي تي رکيل اڇي ٽوپيءَ کي هر هر هٿ سان اڳتي پوئتي ڪندو هيو. خوردبين اڳيان اسٽول تي ويهي ڄنگهه ڄنگهه تي چاڙهي لوڏيندي هيو. جيئن جيئن وقت گذرندو هيو، مولوي وري الڳ ٿلڳ ٿي صفا چپ ٿي ويندو هيو ۽ هر هر ٽوپي لاهي مٿو کنهندو هيو، سندس جسم سخت ٿيندو ويندو هيو. منهن تي اهڙا گهنج ظاهر ٿيندا هيا جيئن هر شيءِ کي نفرت جي نگاهه سان ڏسندو هجي. هن جا ڪلها مٿي ۽ ڪن ڳاڙها ٿي ويندا هيا. گهمندو هيو ته ڄڻ سندس ڄنگهون ڪنهن وزن کان اڳتي نه وڌنديون هجن. ٻن مهينن کانپوءِ اها حالت هوندي هيس جو جيڪڏهن ڀرسان ويهي ڳالهائبو هيس ته کيس ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي هئي ۽ وائڙن جيان ڏسي صرف ايترو چوندو هيو “ڇڏ يار طبيعت ٺيڪ نه آهي.” پوءِ نڪ کي مٿي سئوٽ ڏيندو هيو جيئن کيس زڪام ٿي پيو هجي. هن جو ٽيون مهينو عذابناڪ ٿي ويندو هيو ۽ گهمڻ مهل ائين لڳندو هيو جيئن پيرن ۾ ڦيٿا لڳل هجن ۽ ڪو کيس پويان ڌڪا ڏيندو هجي.
    هڪ دفعي شوڪت ۽ مون صلاح ڪئي ته آخر ان مولويءَ جو مسئلو ڪيئن حل ڪجي، ان جي اهڙي عذابناڪ حالت اسان ٻنهي کان ڏٺي نه ٿي وئي. مون شوڪت کي چيو “ڪڏهن ڪا نرس ڦاسائي مولويءَ حوالي ڪر ته متان ڪو چاڙهو ٿئي.”
    شوڪت مون کي اهو ٻڌائي حيران ڪري ڇڏيو ته هو اهو حربو آزمائي چڪو آهي. هن ٻڌايو ته هڪ دفعي هو مولويءَ وٽ ڪمري ۾ ويو ۽ کيس ان ڳالهه تي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته “جيڪڏهن پرديس ۾ ڀاڄائي نصيب نه ٿي ٿئي ته اسپتال جون نرسون آهن جيڪي سندس خدمت ڪري سگهن ٿيون.” پر مولوي راضي نه ٿيو ۽ هن جواب ڏنو ته “مذهب ان ڳالهه جي اجازت نه ٿو ڏئي، هو اهڙو گناهه ڪري رب کي ناراض نه ڪندو.”
    شوڪت وڌيڪ ٻڌايو ته هڪ دفعو نه، گهڻا دفعا مولويءَ کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته “جنگ جي ڏينهن ۾ گهوڙو حلال هوندو آهي.” پر مولويءَ کي منهنجي ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي. مان چپ ٿي ويس، آخر سوچيوسين ته جيڪڏهن مولوي نرس کي قبول نه ٿو ڪري ته پوءِ هڪ وچين راهه ٿا ڪڍون.
    اسان هڪ ڏينهن مولويءَ وٽ ڪمري ۾ وياسون، هو خالي بستر تي ٻه وهاڻا رکي دعا گهري رهيو هيو “اي رب هن ٻئي وهاڻي کي منهنجي زال سان آباد ڪر.”
    اسان ٻنهي کي ڪمري ۾ ايندو ڏسي مولوي هڪ وهاڻو ٻئي تي چاڙهي ٽيڪ ڏئي ويهي رهيو، اسان سندس سامهون ڪرسين تي ويٺاسين. حال احوال وٺڻ کانپوءِ شوڪت ڳالهين ئي ڳالهين ۾ ٻڌايو ته “اڄڪلهه هن کان نرسون ناراض آهن ڇو جو پگهار جي حياتي مهيني جا پهريان ويهه ڏينهن هوندي آهي. باقي ڏهه ڏينهن پگهار جي لاش تي گذر ڪرڻو پوندو آهي.” آخري تاريخن ڪري هن وٽ ايترا پئسا نه آهن جو نرسن جون فرمائشون پوريون ڪري سگهي، ان لاءِ هن وچون طريقو استعمال ڪيو آهي.
    مولوي ٻڌي ٽهڪن ۾ مچي ويو ۽ ائين ٿي محسوس ٿيو جيئن هو مصنوعي ٽهڪ ڏيندو هجي، سندس منهن شرم ڪري رت سان ڀرجي ويو ۽ گهنج ائين ظاهر ٿي رهيا هيا جيئن رستا هڪ ٻئي ۾ وچڙي پيا هجن. ٽهڪ ڏيندي مولويءَ پڇيو “اهو وچون طريقو ڪهڙي بلا جو نالو آهي؟”
    شوڪت کيس سنجيدگيءَ سان ٻڌايو “هٿ جو استعمال”
    مولويءَ نڪ کي مٿي سئوٽ ڏني ۽ پوءِ چيو “آهي ته ڏوهه، وڌيڪ جيڪا تنهنجي مرضي”
    “اڙي بابا ڏوهه ڇا جو آهي” شوڪت چيو “ان ۾ ڪنهن جو ڪهڙو ٿو نقصان ٿئي؟”
    اسان ٻنهي پوءِ کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪڏهن هو اهو طريقو اختيار ڪري ته سندس طبيعت ۾ بهتري ايندي، ڇو جو اسان کان سندس اهڙي حالت ڏٺي نه ٿي وڃي. ٻيو ته جيڪڏهن دماغ تي ڪو ٻوجهه نه هوندو ته کيس ٽريننگ دوران ڳالهه سمجهه ۾ ايندي ۽ امتحان پاس ڪرڻ ۾ ڏکيائي نه ٿيندي.”
    مولوي نه مڙيو ۽ آخر تائين اڙيل هيو ته “مذهب ڪنهن به غير فطري فعل جي اجازت نه ٿو ڏئي.”
    وقت گذرندو ويو ۽ ٽريننگ جا آخري ڇهه مهينا بچيا، امتحان ويجهو هجڻ ڪري سختي وڌي وئي، هيڊ آف ڊيپارٽمينٽ آرڊر ڪڍيو ته “هرڪو وقت اندر ريسرچ مڪمل ڪري ٿيسيز جمع ڪرائي، ڪو به غير حاضر نه رهندو، موڪلون بند آهن.”
    اهو آرڊر مولويءَ لاءِ موت جو پيغام کڻي آيو، سندس ٽن مهينن کانپوءِ ڳوٺ وڃي زال سان ملڻ جي حسرت ختم ٿي وئي.
    هڪ ڏينهن ٽشوز ڪٽڻ واري ڪمري ۾ اوچتو وڃڻ ٿيو ته مون ڏٺو، مولوي مايوس ويٺو هيو، سندس اکيون ڳوڙهن سان ڀريل هيون. مون کي ڏسي ڪنڌ هيٺ ڪري گدود وڍڻ لڳو. مون سندس ڀرسان بيهي ڏک ونڍڻ چاهيو.
    “پلا اهي ڳوڙها فارملن جو اثر آهي يا ڀاڄائيءَ جي ياد جو؟”
    دراصل فارملن اهڙي دوا آهي جيڪا اکين تي اثر ڪندي آهي ۽ هڪدم ڳوڙها ڀرجي ايندا آهن. اسان ڊاڪٽر ته نرڄو ٿي چڪا هياسين، ڪو عام ماڻهو اندر ايندو هيو ته نڪ تي هٿ رکي ڀڃي ويندو هيو. منهنجي ڳالهه تي منور سڏ ڪيو ۽ چيائين “ڳوٺ ۾ منهنجي زال ڀت تي زور ڪوئلي سان لڪير پائي ڏينهن ڳڻيندي آهي، ڪمري جون ڀتيون انهن لڪيرن سان ڀرجي چڪيون آهن. ان کي منهنجي واپس اچڻ جو انتظار آهي، خبر نه آهي هاڻي موڪل نه ملڻ ڪري جدائيءَ جا ڏينهن ڪيئن گذرندا؟”
    مون کيس تسلي ڏني.
    “وقت ۽ حالتن کي مڙس ٿي منهن ڏبو آهي.” روئڻ مسئلي جو حل نه آهي.”
    گدود ڪٽڻ وقت مولوي منور جا هٿ ڏڪي رهيا هيا، مون ڏٺو هو جسم ۾ سنهو ۽ ڪمزور ٿي چڪو هيو.
    هو خوردبين سامهون ٻانهون ٻڌي اڪڙيل جسم سان ويٺل هوندو هيو جيئن ميڻ جو مجسمو هجي ۽ اندر جي ڪنهن آتش کان ٽيپو ٽيپو ٿي وهڻ وارو هجي. ڪڏهن هن ڏانهن شڪي نظرن سان ڏسبو هيو ته هو ڦڪي مرڪ سان جواب ڏيندو هيو، مولوي ميس ۾ اڪثر دال کائيندو هيو ڇو جو چوڻ هيو ته کيس گوشت کائڻ سان خارش ٿئي ٿي. هو سدائين مسجد مان نماز پڙهي رات جو سمهڻ کان اڳ مصلو وڇائي دعا گهرندو هيو ۽ سڄي رات پلنگ تي تڙپندو رهندو هيو، گهڻي تانگهه ڪري سندس ٽريننگ جا نتيجا سٺا نه هيا. پروفيسر کيس خبردار ڪيو ته “طور طريقو سڌار نه ته ٽريننگ ۾ ٻن جي جاءِ تي ٽي سال به لڳي سگهن ٿا.”
    مولويءَ جي پريشاني ڏينهون ڏينهن وڌندي وئي، ٽي مهينا گذريا ته مولوي ڏئي وٺي بيهي رهيو، هڪ ڏينهن ٻڌايائين ته “هو ٽريننگ ڇڏي ڳوٺ واپس وڃي رهيو آهي. حالتون هن جي برداشت کان ٻاهر آهن.”
    مون ۽ شوڪت کيس سمجهايو “مولوي اسان جي صلاح تي غور ڪر، وچون طريقو استعمال ڪر، اجايو ڇو ٿو پاڻ کي تڪليف ۾ وجهين، اهو ڪو گناهه نه آهي. ڳوٺ واپس وڃي پاڻ کي نقصان ۾ وجهندين، هيڏي ساري ڪيل ٽريننگ پاڻيءَ ۾ هلي ويندي، ٿوري همت ڪر، ٻه چار مهينا ٻيا به گذري ويندا.”
    مولوي صفا ڪاوڙجي ويو ۽ ساڳيو جواب ڏنائين ته “هيءَ ٽريننگ پنهنجي جاءِ تي پر اجايو هٿ هڻي پنهنجي قيامت ڪاري نه ڪندس.”
    مولوي نه مڙيو، نه وچون رستو اختيار ڪيائين، نه ڪنهن نرس کي ميريءَ نظر سان ڏٺائين ۽ نه ڪنهن ٻئي گناهه جو تصور ڪيائين.
    هڪ رات نماز پڙهي ڪمري تي آيو، مصلو وڇائي ڳوٺ واپس وڃڻ کان اڳ آخري دعا گهريائين.
    “اي رب سڻائي ڪر، ڪو رستو کول، ٽريننگ جا آخري ٽي مهينا آهن، مايوسي دور ڪر، ناڪامين جا رستا روڪ، منهنجي حال تي رحم کاءُ.”
    ان رات سندس دعا قبول پئي، مولوي ڳوٺ نه ويو.
    صبح سان ڊيپارٽمينٽ ۾ آيو ته هشاش بشاش هيو، سندس جسم ڍلو ۽ منهن شفاف هيو، سونهاريءَ وٽ ڳٽن ۾ رت ڀريل هيو. هن جي چال ۾ اعتماد ۽ ڳالهائڻ ۾ رواني هئي. ائين پئي محسوس ٿيو جيئن ڳوٺان ٿي آيو هجي. هو خوردبين اڳيان اسٽول تي ويٺو ۽ ڄنگهه ڄنگهه تي چاڙهي لوڏي هٿ سان پاتل توپيءَ کي اڳتي پوئتي ڪرڻ لڳو. شوڪت ۽ مان حيرت ۽ تجسس مان هن جي هر حرڪت جو جائزو وٺي رهيا هياسين. شوڪت سيٽ تان اٿي سندس ڀر ۾ وڃي ويٺو ۽ پڇيائينس
    “ڇا ڳالهه آهي مولوي اڄ ته ڏاڍو خوش ۽ فرحت ۾ ٿو ڏسجين؟”
    مولوي پهريون هڪو ٻڪو ٿي ويو پر پاڻ سنڀالي شوڪت جي ڪن ۾ ڳالهيائين، مون ڏٺو شوڪت کان ذري گهٽ ٽهڪ نڪري ويو. هو اتان اٿي اچي منهنجي ڀرسان ويٺو، مون کيس سواليه نظرن سان ڏٺو، هن ويجهو اچي وات تي هٿ ڏئي آهسته چيو
    “رات مولويءَ کي شيطان آيو آهي.”
    مون ٻڌي، ٻئي هٿ کڻي منهن تي ورائي ڇڏيا.


    دنيا جو ناجائز ٻار

    هن چيو
    “مان...”
    “مان...”
    “۽ صرف مان...”
    پوءِ پاڻ کي اهڙي قيد ۾ محسوس ڪيائين جنهن جون ڀتيون ٿلهيون ۽ مضبوط هيون. ان ۾ ڪا دري ۽ در نه هيو. ان جي ڇت مٿي ۽ پهچ کان پري هئي. هو هڪ اهڙي قيد خاني ۾ هيو جنهن ۾ اڪيلائپ ۽ اداسيءَ کانسواءِ ڪجهه نه هيو. اهڙي خول ۾ بند هيو جنهن جو کلڻ ناممڪن پئي نظر آيو. سندس دل پئي چاهيو ته ڀتيون ڀڃي ٻاهر نڪري وڃي پر اهو هن جي وس ۾ نه هيو.
    ڪلهه رات هو جنهن ڪمري ۾ پهتو هيو، اهو هوادار ۽ کليل هيو، صبح سان جڏهن هن جي اک کلي ته پاڻ کي قيد ۾ محسوس ڪيائين. سندس ڪمري جون سڀ دريون غائب ٿي چڪيون هيون ۽ دروازي جو ڪو نانءُ نشان نه هيو. هن اتي ڀتين کي کڙڪائي ڏٺو ته من ڪٿي ڪا کوکلي جاءِ هجي جتان لت هڻي ان کي ڊاهي ٻاهر ڀڄي وڃي پر ڀتيون لوهه جهڙيون مضبوط هيون. هن ڀتين تي ڪن رکي ڪيترا دفعا ڪنائڻ جي ڪوشش ڪئي ته من متان ڪو آواز ٻڌڻ ۾ اچي ته ڪائنات ۾ هن کانسواءِ ڪنهن ٻئي جو وجود به موجود آهي ۽ اهو هن جي اڪيلائين کي محسوس ڪري هن جي سڏجو ورناءُ ڏئي پر اتي اهڙي ته خاموشي هئي جيئن اهي ڀتيون بند چپن جون ٺهيل هجن ۽ انهن جي سرخي خوف جي رت جيان فرش تي هاريل هجي. هن کي اڪيلائيءَ جو شديد احساس ٿيو ۽ پنهنجا وار پٽي ڪمري جي هڪ ڪنڊ ۾ ويهي رهيو. هن پنهنجو پاڻ سان ڳالهايو.
    “ڇا هنن ڀتين پويان به ڪا ڪائنات موجود آهي يا سڀ اهو ڪجهه آهي جيڪو ان چوديواريءَ اندر موجود آهي؟ ڇا صرف مان آهيان يا مون کان سواءِ ٻيو ڪو ساهه کڻي رهيو آهي؟... مان آهيان... مان ۽ صرف مان؟”

    چار ڀتيون
    هڪ ڏينهن هو بيزار ٿي اٿيو ۽ پنهنجا وار پٽي رڙيون ڪيائين.
    “آهي ڪو مون کانسواءِ ٻيو؟ ڪو ڌرتيءَ تي وجود؟ ڪو آسمان جو تارو؟ ڪو چوڏهينءَ جو چنڊ يا صحرا تي ٻرندڙ سج؟”
    هن جون رڙيون بند ڪمري ۾ ائين گونجڻ لڳيون جيئن لفظ هن جي وات مان نڪري گول ڦري هڪ ٻئي کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪندا هجن. هو اڪيلائي ۾ رڙيون ڪري رُنو ۽ ڪمري جي چئن ئي ڀتين کي هٿ سان ڌڪ هيائين جيئن موت جو در کڙڪائيندو هجي.
    هن جي کڙڪائڻ کان ڪجهه دير پوءِ چئن ڀتين مان چار شخص نڪري اچي هن آڏو بيهي رهيا، اولهه واري ڀت مان، اوڀر واري ڀت مان، اتر ۽ ڏکڻ واري ڀت مان، چار ڄڻا جيڪي هن جا همشڪل هيا، ائين نڪري آيا جيئن ڳورهارين ڀتين انهن کي جنم ڏنو هجي. اهي چار ڄڻا هن سامهون بيٺل هيا ۽ انهن جون اکيون بند هيون، انهن جي وجود وٺڻ سان ڪمري ۾ هر طرف ڪوهيڙو ڦهلجي ويو جنهن ڪري هن ٿڌ محسوس ڪئي پر کيس ڪا ماجرا سمجهه ۾ نه آئي. هن جي وجود جي ڏڪڻي خوف کان هئي يا ڪمري ۾ وڌندڙ ٿڌ کان، جنهن ڪري هن جو وجود مدهم موسيقيءَ جيان لرزي رهيو هيو. هو ڪمري ۾ ڦهليل ڪوهيڙي اندر هيو ۽ هن سامهون چار ٻيا وجود هيا جيڪي هوبهو هن جهڙا هيا. انهن جي هلڪي ڏاڙهي، مٿي جا وار، منهن ۽ جسم جي بيهڪ صفا هن جيان هئي، هو حيران ٿي ويو ته هن جهڙا چار ٻيا به ان بند ڪمري ۾ وجود رکن ٿا.
    “توهان ڪير آهيو؟” هن سوال ڪيو.
    “اسين هن ڪمري جي ڀتين جا رهواسي آهيون.” انهن گڏيل آواز ۾ چيو. “تنهنجين اڪيلائين کي محسوس ڪري ٻاهر نڪري آيا آهيون، جيئن توسان ڳالهائي پنهنجي ۽ تنهنجيءَ دل جو بار هلڪو ڪري سگهون.”
    اهي چار ئي شخص ويٺا ۽ هن کي وچ ۾ ويهاريائون.

    اوڀر واري ڀت
    ان پنهنجو تعارف ڪرايو.
    “منهنجو نالو “موهه” آهي، مان اوڀر واري ڀت جو رهاڪو آهيان، شايد توهان کي خبر نه هجي ته اوڀر واري ڀت اڳيان روز صبح جو ڳاڙهو سج اڀري ٿو، سج ڏاڍو سٺو ۽ گول آهي جيئن مٿي اڀري ٿو ته ان مان چانديءَ جهڙا ڪرڻا ڇڻي هيٺ ڪرن ٿا. من چاهيندو آهي ته جيڪر سج کي پڪڙي رسي سان ٻڌي سامهون بيهاري ڇڏيان. جڏهن مون پهريون دفعو سج کي اڀرندي ڏٺو هيو ته ان جي وڻندڙ روشنيءَ ۾ مونکي پنهنجي محبوبا نظر آئي هئي. اها ايڏي ته خوبصورت ڏسجي رهي هئي جو مان ان جو عاشق ٿي پيس.
    ان جي نرڙ تي ماڪ ڦڙا هيرن جيان چمڪي رهيا هيا. ان جا ڳل صبح جي ڪرڻن ۾ ڳاڙهي صوف جهڙا هيا ۽ ان جي چپن جي مرڪ ٿڌيءَ هير جيان هئي. اها ايڏي ته حسين هئي جو دل گهڙيءَ پل لاءِ نه پئي چاهيو ته ان تان نظرون هٽايان. مون اڳتي وڌي ان کان نالو پڇيو. ان ٿڌيءَ هير جهڙا چپ چوريا ۽ چيو.
    “دنيا... منهنجو نالو دنيا آهي، ستن آسمانن جي پردن ۾ لڪيل قدرت جو ڪرشمو آهيان، رات جو چنڊ مون لاءِ اڀرندو آهي ۽ ستارا مونکي ڏسي چمڪندا آهن، منهنجو سڄي هٿ جي وچينءَ آڱر ۾ پاتل ناياب پٿر واري منڊي خدا کان مليل تحفو آهي، منهنجيون اکيون بلبلين، پوپٽن ۽ ڀنورن جون امانت آهن. منهنجي مرڪ خوشين جو پيغام آهي ۽ ڳوڙها ڪائنات جي شيطانن لاءِ سبق آهن. منهنجا ٽهڪ ناياب آهن. منهنجي ڳچيءَ چوڌاري وريل ٻانهون ان ٻار جون آهن جيڪو منهنجي مستقبل جا ٿڻ چوسي رهيو آهي.”
    دنيا دل ۾ گهر ڪري وئي ۽ مان ان تي فدا ٿي پيس.
    “اي دنيا مونکي پاڻ کان الڳ نه ڪجانءِ.” مون ان کي التجا ڪئي. “ڀل تنهنجن ٿڻن جو ٻار هجان يا تنهنجن ڳلن جو عاشق.”
    دنيا ڪو جواب نه ڏنو، مان وارن ۾ ڌوڙ وجهي ان جي چپن جي صحرا ۾ ڀٽڪندو رهيس. ان جي اکين جي رُڃ ۾ رُلندو رهيس. ان جي وارن جي ڇانوَ ڳولهيندي ٿڪجي پيس، مان اڃايل هيس ان جا ٿڻ پيئڻ جي حسرت ۾ صفا ٻار ٿي پيس. منهنجا پير پٿون ٿي پيا. هٿ ڇلجي نانگ جي کل جهڙا ٿي ويا ۽ اکيون ڏرا ڏئي چمڙن جي پناهگاهه ۾ تبديل ٿي ويون. منهنجا چپ ان جي چپن کي چمڻ جي حسرت ۾ ڀٽڪندا رهيا. مان دنيا کي حاصل نه ڪري سگهيس. دنيا مون مان ڪڏهن متاثر نه ٿي. ان مونکي ٿڏيو ٺڪرايو ۽ مان مايوس ٿي اوڀر واري ڀت ۾ تبديل ٿي ويس.”
    ان ٻڌايو، اکيون بند ڪيون ۽ هيٺ ڪنڌ ڪري ويهي رهيو. ڪمري ۾ چپ ڇائنجي وئي، هر طرف اڃان به هلڪو ڪوهيڙو ڦهليل هيو. ٿڌ جو احساس اهڙو ئي هيو جهڙو پهريون. هن ڏٺو چارئي چپ هيا ۽ ائين لڳي رهيا هيا جيئن چئن طرفن کان آرسيون رکيل هجن ۽ انهن ۾ هن جو عڪس ڏسبو هجي.

    اولهه واري ڀت
    ان پنهنجو تعارف ڪرايو.
    “مان خواهشون آهيان، اولهه واري ڀت منهنجو گهر آهي، جڏهن شام ٿيندي آهي ته منهنجو پاڇو ننڍو ٿي مئل ضمير جيان گم ٿي ويندو آهي. منهنجو وجود روشنيءَ ۾ وهنجي لهندڙ سج اڳيان ڪارنهن ۾ تبديل ٿي ويندو آهي. سج کي اکين اڳيان غروب ٿيندو ڏسي اوندهه جهڙي مايوسي ورائي ويندي آهي. منهنجي دل نه چاهيندي آهي ته سج غروب ٿئي پر اهو ائين سدا بهار دنيا مٿان ٻرندو رهي جيئن دنيا جو خوبصورت چهرو منور هجي ۽ ڪڏهن به نظرن کان اوجهل نه ٿئي. مون ڪيترا دفعا سج کي اولهه وڃڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، ان کي غروب ٿيڻ کان منع ڪئي پر ناڪام ٿيس. مون چاهيو ته ڊگهو زنجير سج ڏي اڇلي ان کي ڦاسائي وجهان پر ان زنجير ۾ منهنجو وجود ڦاسي پيو ۽ ڪڏهن ڇڏائجي نه سگهيس. اوندهه منهنجو مقدر هيو ۽ سدائين اوندهه ۾ رهيس. مون چاهيو ته چمڪندڙ روشنيءَ ۾ سدائين محبوبا جو خوبصورت چهرو ڏسندو رهان. ان جو منهن سدائين اکين سامهون رهي. پر اهي سڀ حسرتن ۾ بدلجي ويا. دنيا جيڪا منهنجي محبوبا هئي. دنيا جنهن کي مون دل ۽ جان سان چاهيو. مون چاهيو ته اها مون کان ڪڏهن الڳ نه ٿي. مون چاهيو ته روشنين ۾ ان جي سينڌ اندر وڃائجي ويل رستا ڳولهيان. مون چاهيو ته ان جي ڳٽن تي پنهنجين چمين جا نشان تلاش ڪيان. مون چاهيو ته ان جي مرمري جسم تي پنهنجي هٿن جون لڪيرون ڏسان. مون چاهيو ته ان جي اکين ۾ پنهنجو عڪس پسان. مون چاهيو ته ان جو هٿ هٿن ۾ وٺي وڃايل کنڊرن جي پٿرن تي چٽيل مورتين جا نقش ڳولهيان. مون چاهيو ته ان جي چپڙن جي صراحيءَ جو جام پيان. دنيا ڏاڍي وڻندڙ آهي. مون ان کان ڪڏهن الڳ ٿيڻ نه چاهيو. من چاهيو ته جيڪر سج کي روڪي وجهان ان کي ڪڏهن الوپ ٿيڻ نه ڏيان. پر منهنجيون سڀ خواهشون اڌوريون رهجي ويون، اهي ڪڏهن پوريون نه ٿيون، مان دنيا وٽ ويس ۽ ان مونکي اهڙي ڄار ۾ ڦاسائي وڌو جو ڪڏهن پاڻ ڇڏائي نه سگهيس. ان منهنجي پيار جو جواب نفرت سان ڏنو. مان اهڙي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيس جو نڪرڻ ڏکيو ٿي پيو. مان مايوس ٿي ويس ۽ هڪ ڏينهن اولهه واري ڀت ۾ تبديل ٿي ويس.”

    اتر واري ڀت
    ان پنهنجو تعارف ڪرايو.
    “مان لالچ جو روپ آهيان ۽ اتر واريءَ ڀت ۾ رهندو آهيان، ڪو وقت هيو مان واءُ کان ڪمبل پائي ڪنڊ ۾ لڪي ڪن ڍڪي ڪنهن سهڙ جيان ويٺل هوندو هوس. هڪ ڏينهن راهه لنگهيندي ڪنهن بگهڙ جي نظر پئي. مان دنيا جو پراڻو عاشق هوس. مونکي جيئرو رهڻو هيو، مونکي دنيا جي سخت ضرورت هئي، موت کي سامهون ڏسي ڏاڍو ڀڳس ۽ هيڏانهن هوڏانهن لڪيس، جيئن ته ڪمبل ۾ ويڙهيل هيس انڪري بگهڙ مون کي ٻيو ڪجهه سمجهيو. هن سمجهيو مان ڪو لومڙ آهيان جيڪو ڀت جي پاڇي ۾ کڏ ڀرسان مراقبي ۾ ويٺل آهيان. بگهڙ مون وٽ آيو ۽ سياڻو سمجهي مون کان ڪي صلاحون ورتائين. بگهڙ کي پاڻ کان صلاحون وٺندو ڏسي شينهن ٿي پيس ۽ رشوت وٺي ان کي غلط صلاحون ڏئي سندس زال کي ڳجهن کان مارائي وڌم. مان ئي اهو شخص آهيان جنهن بڙ مان ٽيپو ٽيپو ٿي هيٺ ڇانوَ ۾ سمهيل يتيم ٻار جي وات ۾ ڪرندڙ ماکيءَ ۾ زهر ملايو. مان ئي آهيان جنهن دنيا جو سودو ڪيو. هڪ مڪار جيان ان کي محبت جو قائل ڪيو ۽ ڳلي ۾ ٻانهون وجهي لڙڪندڙ هار لاهي وڌو. ان جي پيشانيءَ کي چميو ۽ سينڌ کي اجاڙيو. مون دنيا کي تباهه ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي. مون پنهنجي محبوبا جي واعدي خلافي ڪئي. ان جي اعتماد کي دوکو ڏئي پاڻ کي سرخرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هر وقت ڪجهه حاصل ڪرڻ جي جستجوءَ ۾ ڏاڍو ٿڪجي پيس. کسجي وڄڻ جي خوف ۾ راتيون جاڳي گذارڻ لڳس. مان اهڙي سمنڊ جي سطح تي اچي ويس جتي ڪو ڪنارو نه هيو. مان اهڙي اڃايل اٺڻيءَ تي ويٺل هيس جنهن جي ڪا منزل نه هئي. مان ڌٻڻ ۾ ڦاٿل هيس جيئن ڦتڪيس پئي ويس پئي هيٺ لهندو ۽ غرق ٿيندو. مون دنيا کي رنجايو ۽ ويساهه گهاتي ڪئي. کائڻ باوجود منهنجو پيٽ خالي هوندو هيو. مان ڄار ۾ وچڙي پيس. دنيا مون کان نفرت ڪئي ۽ ٿُڏي ٻاهر ڦٽو ڪيو. هن کي منهنجي بيوفائي ۽ حرس تي رنج پهتو. مان ڪڏهن ڌٻڻ مان نه نڪري سگهيس ۽ اتر واريءَ ڀت ۾ تبديل ٿيس ويس.”

    ڏکڻ واري ڀت
    ان پنهنجو تعارف ڪرايو.
    “مان ڪاوڙ مان جنم ورتو آهي ۽ ڏکڻ واري ڀت ۾ رهندو آهيان، مان به ان دنيا جو عاشق آهيان جنهن جا ٽي دعويدار پهريان موجود آهن. منهنجو وجود جيڪو سڙيل ۽ ڪارو ٿي چڪو آهي ڪڏهن سهڻو ۽ صاف هيو. اهو نفرت جي باهه ۾ سڙڻ ڪري ايڏو ته بدصورت ٿي چڪو آهي جو ڏسي شيطان به پاسو ڪري لنگهيندو آهي، مان ئي آهيان جنهن دنيا جي جوانيءَ کي برباد ڪيو جنهن ان تي تشدد ڪيو ۽ خوبصورتيءَ کي بگاڙي تباهه ڪيو.” ه
    هن ان ڳالهه جو اقرار ڪيو ته هو ئي آهي جنهن دنيا کي ڊيڄاري ڌمڪائي ان جي عصمت کي لٽي داغدار ڪيو. هن دنيا جي پيار جو جواب نفرت سان ڏٺو. ان جي خلوص ۽ وفاداريءَ هن جي فطرت کي متاثر نه ڪيو. هن بدنيتيءَ جو مظاهرو ڪندي ان جي پاڪيزگيءَ کي پائمال ڪيو.
    هو ڳالهائيندي ڪاوڙ ۾ ايڏو ته ڀرجي ويو جو هن جون اکيون نفرت جي پاڻيءَ سان ڀرجي آيون. ان جو وس نه پئي هليو نه ته ويٺلن تي حملو ڪري انهن کي زخمي ڪري وجهي ها. مايوسيءَ مان اوٻاسي ڏنائين. ان جو وات ڪتي جهڙو ٿي ويو ۽ پاسن کان ڏند نڪري آيا.
    “مان شيطان جو ديوتا آهيان” ان ڳالهائيندي چيو “ڪو وقت هيو مون وٽ تلوار هئي ۽ ڪاري رنگ جو گهوڙو هيو. جڏهن گهوڙو ڊڪندو هيو ته ان جي پاسي کان ٻڌل بوتل ۾ شراب جي ڇلڪڻ جو آواز ان ماءُ جي دڙڪندڙ دل جهڙو هوندو هيو جيڪا خوف کان هنج ۾ جهليل ٻار کي سيني سان لاهي ڇڏيندي هجي. مان ئي آهيان جنهن جي رڙ کانپوءِ ايڏي خاموشي ڇائنجي ويندي آهي جو دانشور جي مٿي جو ڇڻيل وار هيٺ ڪري آواز پيدا ڪندو آهي. مان ئي آهيان جنهن دنيا تي بندوق سان حملو ڪيو. جنهن ڌماڪن سان ان جي وجود کي زخمي ڪيو. مون اهو نه سوچيو ته جنهن سان پيار هوندو آهي ان تي حڪمراني نه ڪبي آهي. مون حڪمرانيءَ جا خواب ڏٺا. مون محبوبا کي زير ڪرڻ لاءِ قائدا ٺاهيا. قانون مڙيا ۽ نظريا جوڙيا. لفظن جي جادوگر جيان معجزا ڏيکاري ان کي بيوقوف بنائڻ جي ڪوشش ڪئي. مان وقت جو جنرل آهيان. وردي پوش حيوان آهيان. مذهبن جو ٻج ڇٽيندڙ خوني آهيان. مان محبوبا جو قاتل آهيان. مان آهيان جنهن عصمت جي قلعي ٻاهر ويٺل دربان جي منهن تي چماٽ وهائي ڪڍي. جنهن غيرت جي رکوالي کي گريبان کان جهلي ان جي منهن ۾ ٿڪ اڇلائي. مان اهڙي باهه آهيان جنهن ۾ پاڻ جلندو رهيس. نفرت جي تيز وهڪري ۾ ٻڏندو رهيس. مان آدم جو نافرمان پٽ جنهن ڀاءُ جو خون ڪيو ۽ ڪانءَ کان سبق سکيو. مان نفرت ۽ دوکي سان ڪڏهن دنيا کي پنهنجو نه ڪري سگهيس ۽ مايوس ٿي هڪ ڏينهن ڏکڻ واري ڀت ۾ تبديل ٿي ويس.
    هو چارئي چپ ٿي ويا ۽ بند ڪمري ۾ هر طرف سانت ڇائنجي وئي.

    تون
    هن پاڻ تي سوچيو، هو ڪير آهي جيڪو بند ڪمري ۾ پنهنجن چئن همشڪل هستين وچ ۾ ويٺل آهي. هن محسوس ڪيو هو ان دنيا جو پٽ آهي جنهن جي عاشقيءَ جا چار دعويدار هن سامهون ويٺل آهن. جن دنيا سان دوکو ڪيو. ان کي ڌمڪائي ورغلائي عصمت تي حملو ڪيو. ان جي سونهن ۽ سوڀيا کي برباد ڪيو.
    پوءِ سوچيو هو ئي ته انهن چئن فردن جو اولاد آهي، هو ئي ته انهن چئن وحشين جو تخم آهي جنهن دنيا مان جنم ورتو آهي. هو دنيا جو ناجائز ٻار آهي جنهن ۾ گناهن جون سڀ خصلتون موجود آهن. هو “اَنا” آهي. پنهنجي خول ۾ بند، چوديواريءَ ۾ قيد، هن پاڻ کي سڄاڻي ورتو ۽ ڪجهه دير ڪنڌ هيٺ ڪري خاموش ويٺو رهيو. هر طرف سانت ڇانيل هئي. ڪجهه دير کانپوءِ هن ڪنڌ مٿي ڪيو ۽ اکيون کوليندي چيو.
    “تون...”
    “تون...”
    “۽ صرف تون...”
    بند ڪمري جون ڀتيون ڪري پيون ۽ هو آزاد ٿي ويو.


    روشنيءَ جو مينار

    سمنڊ اوندهه جو هيو ۽ ٻيڙي زندگيءَ جهڙي، اتي ڪڏهن اجالو نه ٿيو، ڪڏهن سج نه اڀريو، ڪڏهن ڪرڻا ڪونه ڦٽيا، اوڀر اولهه اتر ڏکڻ ڪارو ڪارونڀار هيو. اوندهه جون ڇوليون هڻندڙ سمنڊ جنهن ۾ هو ٻيڙيءَ تي سوار ڪنارو ڳولهي رهيو هيو. هن کي اهڙي روشنيءَ جي ضرورت هئي جيڪا هن جي رهنمائي ڪري سگهي. ڪاري ڪارونڀار مان نڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهي، پر اتي ڪا به اهڙي چڻنگ نه هئي. ستارن جون سڀ چڻنگون اوندهه جي بادلن پويان اوجهل ٿي چڪيون هيون. چنڊ اوندهه جي ڪاري دونهي ۾ لٽجي چڪو هيو. سج ڌرتيءَ ۾ غروب ٿي دفن ٿي چڪو هيو. ٽانڊاڻا مري رک ٿي چڪا هيا. پوپٽ جن جي پرن تي روشن رنگن سان ڇوٽڪاري جا عڪس چٽيل هيا سي سڀ اوندهه ۾ بدلجي چڪا هيا. اوندهه جو سمنڊ عجيب هيو. جهالت جي لڳندڙ واءُ ۾ لڏندڙ ڪارو پاڻي هيو. مٿان ڪارو آسمان هيو. هن جا ڪارا هٿ هيا جيڪي ونجهه هلائي رستو ڳولهي رهيا هيا. کيس ڪو رستو نظر نه پئي آيو، ڪا اهڙي واٽ نه پئي ڏٺي جنهن تي هلي ڪناري تي پهچي سگهي. لامحدود سمنڊ هڪ ڄار جيان هيو جنهن ۾ هن جو وجود ڦاٿل ۽ بي وس هيو. هو مدتن کان ونجهه هلائي رهيو هيو. ڪئي سال لنگهي ويا. ڪئي صديون گذري ويون. هن کي روشني نظر نه آئي. هن محسوس ڪيو ڪائنات ڪاري برف ۾ ڄمي يخ ٿي چڪي آهي. زمان ۽ مڪان کان مٿي اوندهه جي راڄ جا حڪمران چمڙا پر ڦهلائي اڏامي مري ويل وقت جي لاش جي نڙيءَ ۾ پنهنجا ڏند وجهي سڪي ويل رت چوسڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا آهن. وقت مري چڪو آهي، ڏينهن ۽ تاريخون فنا ٿي چڪا آهن. لحزن جا مڻيا، لمحن جون تسبيحون بي معنا ٿي چڪيون آهن. هر ساعت اوندهه ۾ پنهنجو وجود وڃائي چڪي آهي. عمريون حساب کان آجيون ٿي چڪيون آهن. ڪٿي قد جو پاڇو نه آهي. بت جو اولڙو نه آهي. نه سج گذري رهيو آهي، نه چنڊ نه تارا نه جگُنو، پر هن جو وجود اڳتي وڌي رهيو آهي. هن جي ٻيڙي زندگيءَ جهڙي جيڪا اوندهه جي سيني تي سوار آهي. هو گذري رهيو آهي. لمحا لحزا پل ۽ گهڙيون. هو وقت آهي. وقت جيڪو وجود وٺي ٿو. جيڪو فنا ٿي ٿئي ٿو.
    هن هوش سنڀاليو ته پاڻ کي ڪائنات جي پاتال ۾ پاتو، هن سوچيو دنيا ڪائنات جي پاتال آهي. اسين ڏيئي هيٺان ويٺل آهيون. لاٽ نظرن کان اوجهل آهي. پاتال ۾ ڪجهه نه آهي. اوندهه آهي ۽ پاڻ ۾ ٽڪرائجندڙ وجود. هن جون اکيون ڳولهي رهيون آهن. هن جي محبوبا روشني، وڃائجي ويل چنڊ، پاتال اندر آڪاش ۽ ڪارونڀار ۾ ڪو تفاوت نه آهي. اوندهه جي فاصلن ۾ وقت ڪائنات جي صليبب تي لڙڪي رهيو آهي. هن چيو “اي ڳجهه اڏر ته مان تنهنجي اکين جي رُخ تي پنهنجي منزل جو حدف مقرر ڪيان، اي ڳجهه مصلوب وقت جي ٻانهن ڦهلائي ٽنگيل بدبودار جسم تي ويهه ته مان عقل جي نوڪ ان جي مغز ۾ وجهي کيس جيئارڻ جي ڪوشش ڪريان. اي ڪبوتر! اچ ۽ منهنجي اشهد آڱر تي لهه ته تنهنجي ڄنگهه سان ويڙهيل اهو ڪاغذ کولي پڙهي سگهان جنهن تي وڃائجي ويل رستن جو نشان آهي، جتي پار پوڻ جا راز افشان ٿيل آهن ۽ اوندهه جي دروازن وٽ تاڪن جي اوٽ ۾ حياتيءَ جون ميڻ بتيون رجي رهيون آهن. اي اوندهه سان وهنتل ڪوئل ڇا تون ڪڏهن سانوڻ کان اڳ تلسيءَ چوڌر ٽانڊاڻن جو ناچ ڏٺو آهي، جيڪر هيڪر ڏسين ته ڪوڪڻ وساري ويهين. روشنيءَ جو ناچ جنهن کي ڏسڻ جي اوسيئڙي ۾ اکيون انڌيون ٿي چڪيون آهن. رستا وڃائجي چڪا آهن. لهندڙ سج ڌنوڻ تي پڄرندڙ ٽانڊن مان نڪتل ڳاڙهي لوهه جيان وقت جي لوهر جا مترڪا کائي سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ ڪري وسامي چڪو آهي. ڇا تون پڄريل ڳاڙهي لوهه جا پاڻيءَ ۾ سو سٽ ٻڌا آهن، زخم کان وڌيڪ مرهم ۾ تڪليف هوندي آهي. نفرتن کي مخصوص مرڪ هوندي آهي. ڪڏهن ميلاپ جا ڀاڪر روئاري وجهندا آهن. منزل تي پهچي لڦن جو احساس ٿيندو آهي.
    هو اوندهه ۾ ونجهه هلائيندو رهيو. هن کي سمنڊ جي سطح تي ڪڏهن ڪو ترورو ترندي نظر نه آيو. ڪو ڪرڻو جل پرين جهڙو ناچ نچندي نظر نه آيو. روشنيءَ کي ڳولهيندي ورهه ٿي ويا. هن جي اکين ۾ انتظار جي ٻرندڙ باهه ۾ صديون چتا تي چڙهي خاڪ ٿي ويون. کيس اوندهه جي ڪاري سمنڊ مان پار پوڻ لئي ڪئي ڪنهن ڪناري جي ڪنڊ نظر نه آئي. هن جو وجود ٿڪاوٽ جي پٿرن هيٺان دٻجڻ لڳو. هن جا ڪلها ڳورا ٿي ويا ۽ چيلهه اڻ ڏٺل انڊلٺ جيان اهڙي ڪمان ۾ بدلجي وئي جنهن ۾ اميد جو تير الجهي پيو. جڏهن مايوس ٿيو ته محسوس ڪيائين سمنڊ جي سطح تي موت جي واڳونءَ جون ٻه اکيون هن ڏانهن چتائي رهيون آهن. هن کي بي انت اوندهه جي سمنڊ مٿان پنهنجو انت نظر آيو. هو رنو ۽ پنهنجا ٻئي هٿ مٿي کنيائين.
    “اي روشني! تون ڪٿي آهين؟ او ڪرڻا تنهنجو مسڪن ڪٿي آهي؟ اي چڻنگ ڪهڙيءَ دل ۾ دکين ٿي؟ اي ٽانڊاڻا تنهنجي وک ڪهڙي وطن ۾ آهي؟ اي ترورا اچ ۽ منهنجي اکين ۾ بيٺل ڳوڙهن تي تر، اي سج ننڊ مان جاڳ. اي چنڊ! تون ستارن جي سوني زنجير ۾ ڪهڙي پيشانيءَ تي لڙڪيل آهين؟ اي ڏينهن تازي ٻار جيان جنم وٺ! منهنجا ڪن رڙ ٻڌڻ کان محروم آهن. اي رات! بي پاڙي وَل، جڏهن توتي پن نڪرندا ته منهنجا رت ڦڙا ان تي ماڪ جيئن بيٺل هوندا، اي تاب! ڪٿي آهين؟ چمڪ ته تو ڏانهن ڏسي نابين ٿيان.”
    جڏهن محسوس ڪيائين ته موت واڳونءَ جي اکين ۾ واسو ڪري ويٺل آهن هن پنهنجيون اکيون موت سان ملايون. ان اميد سان ته شايد موت اهڙو پاڇو آهي جيڪو روشنيءَ مان ٺهيل آهي. هن موت جي اکين ۾ ڏٺو محسوس ڪيائين موت ڪاري جهڙ جيان آهي جنهن جي وسڻ سان وڄ نه ٿي چمڪي.
    هو ونجهه هلائيندو ويو، اوندهه جو سينو چيري اڳتي وڌندو ويو، هن چيريل سيني اندر ڏٺو کيس دهشت جي ڌڙڪندڙ دل اندر ڪو ڏيئو ٻرندي نظر نه آيو. مايوسي ڪاريهر جي ڪاري رسيءَ جيان نڙگهٽ کي ويڙهيل محسوس ڪيائين، کيس اڃ محسوس ٿي. رڪيو نوڙي سمنڊ جو پاڻي پيتائين. سوچيائين انسان جو اندر به کارو آهي. اوندهه آهي. دل دونهي ۾ ٻڏل آهي، ڪا نظر نه ايندڙ چڻنگ آهي جيڪا دماغ ۾ دکي ٿي. اکيون آهن جيڪي نور کي ڏسڻ جي حسرت ۾ روشن آهن. هو بيٺو ۽ ڊگها ساهه کنيائين. هوا جي ڪاراڻ اندر ۾ محسوس ڪيائين. سندس دل چاهيو ونجهه هلائڻ ڇڏي ڏي ۽ سڌو ٿي سمهي پوي کيس موت غالب اچي ۽ مٿان بيهي تلوار جي نوڪ سندس سيني تي رکي جيڪر مارڻ کان اڳ آخري خواهش پڇي هو صرف روشنيءَ جي خواهش ڪري، هڪ اڻپوري خواهش، هڪ اوندهه جي سمنڊ ۾ ٻڏي ويل اڌوري اميد، هڪ اڏري ويل آخري حسرت، هو رنو ۽ ڳوڙهن جا ڍڪ ڀريا، ڳوڙهن جا ڍڪ سمنڊ جي ڍڪن کان کارا هيا. جڏهن روشنيءَ کي ڳولهيندي همت هاري ويٺو ۽ موت جون ٻه اکيون ڏانهس وڌندي محسوس ٿيون ته هن کي پريان ڪا لاٽ ٻرندي نظر آئي. پري تمام پري جتي ڪنارو هيو ۽ روشنيءَ جو مينار هيو. روشنيءَ جي مينار مان لاٽ سمنڊ جي لهرن تي ڪري ليڪ جيان اڳتي وڌي هن جي ٻيڙيءَ وٽ اچي ٿي کٽي. جيئن هن جي ٻيڙي موت جي ڏور ۾ اٽڪيل ڪنڍيءَ ۾ ڦاٿل هجي، هو خودبخود ڄڻ ان ڏور ۾ روشنيءَ جي لڪير تي ڇڪبو ويو. هن روشنيءَ جي مينار ڏانهن ونجهه هلائڻ شروع ڪيا. هن کي اميد جي ڪرڻ نظرا چي چڪي هئي. هڪ روشني جيڪا هن جي رهنماءُ هئي. هن کي رستو ڏيکاري رهي هئي. هن کي پڪ ٿي وئي ته انڌياري ڪائنات ۾ روشنيءَ جي چڻنگ موجود آهي جيڪا سمنڊ ڪناري بيٺل هڪ مينار مان بلند ٿي ڀٽڪيل انسانن کي رستو ڏيکاري رهي آهي. هو ونجهه هلائيندو جڏهن ڪناري کي ويجهو ٿيندو ويو ته هن اڳيان روشنيءَ جو هڪ ڊگهو مينار واضح ٿيندو ويو. اونداهي سمنڊ تي ڪرندڙ ان جي روشني لڏندڙ لهرن تي نانگ جيان وڪڙ ڏئي گهمي رهي هئي. هن کي دنيا ۾ اهڙي ئي رهنماءَ جي ضرورت هئي جيڪو هن کي رستو ڏيکاري سگهي. اوندهه مان ٻاهر ڪناري تي پهچائي سگهي. هڪ بلند مينار جيڪو ٻانهن جيان ڌرتيءَ مان نڪري عرش ڏي وڃي رهيو هيو ۽ ان تي ڪرڻا آڱرين جيان کليل هيا، هن کي خوشي محسوس ٿي. کيس منزل ملي چڪي هئي. سندس من ۾ روشنيءَ جي مينار لئي عقيدت پيدا ٿي. هو رنو ته سندس ڳوڙها پريان ايندڙ روشنيءَ ۾ چمڪندڙ ٽانڊاڻن جيان ڳلن تي چنبڙيل هيا. هن پهريون دفعو پنهنجا هٿ ڏٺا، ٻانهون ڏٺيون ۽ وجود جو هر حصو هن اڳيان نروار ٿي بيهي رهيو. هن جي وجود جي هر لڪير هن اڳيان واضح ٿي وئي. هو لڪيرن جي حدبندين ۾ روشن وجود جيان موجود هيو. ونجهه هلائيندو جڏهن ڪناري تي پهتو هر طرف روشني ڦهليل هئي. هن ڏٺو هيٺ واريءَ تي پيل سپ جي خول مان منڍي ٻاهر ڪڍي ننڍڙي جيت هن جو آڌرڀاءُ ڪيو. هو هليو ته پويان واريءَ تي سندس قدمن جا نشان ٺهندا ۽ ڊهندا ويا. هن اڳتي وڌي احترام مان گوڏن ڀر ويهي روشنيءَ جي مينار آڏو هٿ جوڙيا.
    “اي روشنيءَ جا مينار!” هن ڳالهايو ته عقيدت مان سندس آواز ڳورو ٿي ويو ۽ ان جي مينار سان ٽڪرائڻ ڪري پڙاڏا پيدا ٿيڻ لڳا. “مان مايوس هيس، دربدر ڀٽڪيل هيس، مون انڌيرن ۾ ٿاٻا کائي زندگي بسر ڪئي. اوندهه ۾ رستو وڃائي ويٺل گمنام مسافر هيس. منهنجي مقدر جو سج ڪڏهن نه اڀريو. چنڊ رسي ويل محبوب جيان هيو، سڀ ستارا ڳوڙهن جيان سڪي چڪا هيا.” پوءِ هو رنو ۽ وري چيو “ڀلا تون ئي ٻڌاءِ ڏينهن بنا رات جو ڪهڙو وجود؟ ڏينهن جي احساس بنا اڻ کٽ رات جي موجودگي اوندهه کانسواءِ ڪجهه نه آهي. تون ئي سج آهين، تون ئي چنڊ، تنهنجي ئي روشني آهي جيڪا منهنجي نيڻن ۾ ستارن جيان چمڪي ٿي.”
    هو جڏهن گوڏن ڀر روشنيءَ جي مينار آڏو جهڪيل هيو ته هن پويان سڀ گڏ ٿي ويا. هڪ دريائي گهوڙو، ڳوڙها ڳاڙيندڙ واڳون، راڳ ڳائيندڙ ڏيڏر، عشق ۾ ڦاٿل ٻه جل پريون، مڇون وٽيندڙ گهانگهٽ، هڪ ڄنگهه تي اکيون ٻوٽي مراقبي ۾ بيٺل ٻگهه ۽ مرڪندڙ ڪاڻي ٻلهڻ، هن روشنيءَ جي عظيم مينار کي ڀيٽا ڏيڻ لئي جڏهن مناجات پڙهڻ شروع ڪئي ته هن پويان بيٺل سموري مخلوق سُر ملايو.
    “اي رهبر
    اي روشنيءَ جا مينار!

    لڳين ٿو ائين
    عرش جي دسترخوان تي
    ستارن جا انگور
    چنڊ جي ڦار
    اي روشنيءَ جا مينار!

    تون هادي
    تون رهنماءُ
    اڏامان پيو ڪک جيان
    هئي انڌيري واءُ
    هيس بيوس
    پهچايئي پار
    اي روشنيءَ جا مينار!

    ڪاري ڪنڊي ڦاٿل
    هئي ماس جي ٻيري ۾
    چنڊ هيو بيدي جيان
    اوندهه جي آکيري ۾
    ڦٽي روشني
    سورج لڌي سار
    اي روشنيءَ جا مينار!”

    حمد ۽ ثنا کانپوءِ هو اٿيو ۽ ويجهو وڃي روشنيءَ جي مينار جو جائزو ورتو. اهو پٿر جو مينار هيو جنهن جي عظمت آسمانن کي ڇهي رهي هئي. ان جي چوٽيءَ تي ويڪري روشندان ۾ ڄڻ سج پئي ٻريو. ان سج جي تجليءَ ۾ هر شيءِ روشن هئي. ڌرتي آسمان ۽ گجگوڙ ڪندڙ سمنڊ جون لهرون، روشنيءَ ۾ سمنڊ مرگهيءَ جي مريض جيان ڇڙيون هڻي ڦتڪيو پئي ۽ سندس وات مان وهندڙ گج لهرون ڌوئي صاف ڪري رهيون هيون. هر شيءِ مينار جي حشمت کان لرزي پئي. اولهه جي واءُ مينار سان ٽڪرائجي ٻه اڌ پئي ٿي ته گهوگهٽ پئي ڪيائين مينار جي عظمت ڏسي هو وري جهڪيو ۽ سجدو ڪيو.
    “اي روشن مينار” هن چيو “تون ڪيڏو نه عظيم آهين، ڪيڏو نه شاندار آهين، تون روشنيءَ ۾ وهنتل خواب آهين، ڪنهن چراگاهه ۾ سراب آهين، تون انڌيارن کي مات ڏني، تون اکڙين کي جوت ڏني، مان ڪجهه نه هيس، تنهنجي روشنيءَ ۾ نکري پيس.”
    هو سجدي مان اٿي سڌو ٿي ويٺو ۽ سوچيو “هيءُ عظمت جو مينار ٻاهران ايڏو روشن آهي ته پڪ سان اندر نور کانسواءِ ڪجهه نه هوندو. سندس من نور ۾ وهنجڻ چاهيو. مينار سان ملي هڪ ٿيڻ چاهيو، سوچيائين ان روشنيءَ جي مينار کي پنهنجو آستان بنائيندو، ان ۾ گهر جوڙيندو ۽ زندگيءَ جا بچيل ڏينهن اوندهه کان پري روشنيءَ ۾ گهاري سرخرو ٿيندو، اهو سوچي هلندو مينار وٽ آيو، ڏٺائين هڪ در هيو جيڪو بند هيو، ان کي کولڻ کان اڳ سندس دل ڌڙڪڻ لڳي، خوف محسوس ٿيو، متان در کي ڌڪو ڏئي کوليان ته ان مان روشنيءَ جو سيلاب نڪري لوڙهي سمنڊ ۾ ڦٽو ڪري، اهو سوچي چپ ڪري بيهي رهيو. هيڏانهن هوڏانهن نظر ڦيرايائين کيس مينار کانسواءِ سٺي پناهگاهه ڪٿي نظر نه آئي. چيائين “جنهن دڳ ڏيکاريو سوئي پناهه ڏيندو، جنهن انڌيارن کان بچايو سوئي روشني عطا ڪندو.”
    هن همت ڪئي در کي ڌڪو ڏنو، در چيڪٽ ڪري کلي ويو، پير پير ۾ ڏئي اندر داخل ٿيو، در سمنڊ کان ايندڙ تيز واءُ جي جهوٽي ۾ بند ٿي ويو. هن ڏٺو اندر اوندهه کانسواءِ ڪجهه نه هيو. روشنيءَ جو مينار جهڙو ٻاهران روشن هيو تهڙو اندران اوندهه سان ڀريل هيو. هر طرف ڪاري اوندهه ڦهليل هئي. هن پير هڻي محسوس ڪيو هيٺ ڏاڪو هيو، اهو سوچي ان تي چڙهيو ته متان مٿي روشني هجي ۽ کيس اوندهه کان پناهه ملي پوي. هو انڌي جيان ڀتين کي هٿ ڏئي ڏاڪڻ چڙهڻ لڳو، جيئن مٿي ويندو ويو اوندهه وڌندي وئي. روشنيءَ جي ڳولها ۾ مٿي چڙهندي ٿڪجي پيو. ان ڏاڪڻ جو انت ڪٿي نه هيو. اها لامحدود هئي. ان جي حد ڪٿي نه هئي. ان جي انتها جي ڪنهن کي خبر نه هئي. هر ڏاڪو راز هيو ۽ هر وک ڳجهارت. هو اوندهه جي ڄار ۾ وچڙي چڪو هيو.


    پيءُ

    پيءُ کي مُئي ويهه سال گذري چڪا هيا. جڏهن پنجيتاليهن سالن جو هيو ته سندس پيءُ اٺهٺ سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. ائين هو پيءُ کان ٽيويهه سال ننڍو هيو ۽ پيءُ جي پهرين زال مان اڪيلي اولاد هيو. ويهه سال اڳ جڏهن سندس پيءُ گذاري ويو ته هن ان جي جنازي ۾ شرڪت نه ڪئي هئي جنهن ڪري کيس محسوس ٿيندو هيو ته پيءُ گذاري نه ويو آهي پر جيئرو آهي. هن کي پيءُ کان نفرت هئي. پيءُ هن لاءِ خوف جي علامت هيو. پيءُ جنهن کي ڀنڀي ڏاڙهي ۽ نوڪدار مڇون هيون. ان جون اکيون اهڙن بلٽوري چدن جيان هونديون هيون جن کي ننڍي هوندي آڱر ۾ جهلي ٻئي چدي کي ڌڪ هڻندو هيو ته ڄڻ ان مان چڻنگون نڪرنديون هيون. چدا جيڪي پيءُ هن جي هٿن مان کسي باهه ۾ گرم ڪري ڏنڀ ڏنا ته اهي نشان عمر ڀر لاءِ سندس پٺيءَ تي رهجي ويا.
    “اڙي معاف ڪر پوڙها... معاف ڪر.”
    پيءُ کي هٿ ٻڌندو هيو ۽ کڙيون زمين تي هڻي روئندو هيو، جڏهن ٽن سالن جو هيو ته سندس ماءُ گذاري وئي. پيءُ کي ٻيا ٻار به هيا جيڪي ٻيءَ ماءُ مان هيا، ننڍو ماٽيلو ڀاءُ جيڪو هن کان پنج سال ننڍو هيو. ان کي پيءُ اهڙو ٽوپ آڻي ڏنو هيو، جهڙو انگريز عملدار سکر بئريج جي اڏاوت وقت مٿي تي پائي تيز اس ۾ بيهي هلندڙ ڪم جو جائزو وٺندا هيا. ننڍو ڀاءُ جڏهن اهو ٽوپ مينهن ۾ پائي بيهندو هيو ته پاڻي نيسارن جيان ان جي پاسن کان وهي ڪلهن تي ڪرندو هيو. هن کي ماٽيلو ڀاءُ ائين لڳندو هيو جيئن ساڌ ٻيلي جو ننڍو بت جنهن مٿان پاڻيءَ جو ڦوهارو وهندو هجي.
    هن جي ماءُ جوانيءَ ۾ فوت ٿي وئي، اها انتهائي خوبصورت عورت هئي، پيءُ ان کي ٻاهر نڪرڻ نه ڏيندو هيو، جڏهن پاڪستان ٺهيو هيو ته اها پنهنجي هڪ ساهڙيءَ سان آخري ملاقات ڪرڻ سندس گهر وئي هئي، جڏهن موٽي هئي ته پيءُ کيس ان رسي سان مار ڏني هئي جيڪو ان مينهن جي پيرن ۾ ٻڌندو هيو جنهن مينهن هڪ دفعي ڪونهي جي ڪسجي وڃڻ کانپوءِ کير ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو هيو. پيءُ کي پلال جو ڪونهو ٺاهي ڀرسان بيهارڻو پيو هيو ته جيئن اها ان کي ڏسي کير ڏي.
    ماءُ جي پٺيءَ تي رسن جا نشان هن جي يادن ۾ نانگن جيئن رهجي ويا. هن پيءُ کي هٿ ٻڌا.
    “اڙي جان ڇڏ پوڙها... جان ڇڏ.”
    هن واقعي کانپوءِ هن ڪڏهن پيءُ کي پيءُ نه ڪوٺيو، هن کان ڪا اهڙي خطا به نه ٿي هئي، جنهن عيوض ايڏي سزا ڀوڳڻي پئي. اها سڄي حرڪت دادن شاهه جي هئي، جنهن گهٽيءَ ۾ کڏون کوٽي انهن ۾ پاڻي وجهي مٿان ڪک ڪانا رکي ڇڏيا هيا، ڪو به اتان لنگهيو پئي ته سندس پير کڏ ۾ هليو پئي ويو. هن کي دادن شاهه سان ٽهڪ ڏيندو ڏسي ڪنهن کيس پيءُ کي ٻڌايو ته “تو واري پٽ رڻ مچائي ڏنو آهي، ڪو به شريف ماڻهو گهٽيءَ مان لنگهي نه ٿو سگهي.”
    هو ٻاهر ويو ۽ پٽ کي نڙيءَ کان جهلي گهر وٺي آيو، بهار جي موسم ختم ٿيڻ واري هئي ۽ روڊن تي انبڙين جا انبار لڳا پيا هيا، پيءُ به منجهند جو چٽڻيءَ لاءِ ٻه چار انبڙيون وٺي آيو هيو. هن پٽ کي مينهن واري رسي سان ٻڌو ۽ پوءِ انبڙيءَ جي ڦار ڪٽي کيس هٿ ۾ ڏيندي چيائين “انبڙي چٽ... جي رنو آهين ته صفا نه ڇڏيندو سانءِ.”
    هو انبڙيءَ جي ڦار چٽڻ لڳو ۽ پيءُ هن کي ڦٽڪي سان مارڻ لڳو.
    “مونکي نه مار... بابا مونکي نه مار.” هن چيو ۽ انبڙي جي ڦار اڇلي روئڻ لڳو.
    پيءُ هن کي منع ڪئي.
    “مونکي بابا نه ڪوٺيندو ڪر... تون سوئر جو تخم آهين.”
    ان ڏينهن کانپوءِ هن پيءُ کي پيءُ نه ڪوٺيو، هو ان کي پوڙهو چوندو هيو، پوڙهو جنهن جي ڏاڙهي شيشي مان نظر ايندڙ دٻي اندر ان پشم گولي جهڙي هئي جيڪو هٿ ۾ جهلڻ سان سکر جي اس ۾ رجي ويندو هيو. هن جي تصور ۾ پيءُ جو چهرو به اهڙو ئي هيو. باهه ۾ ٻرندڙ، ريشو ريشو ٿي وهندڙ ۽ ريسائيڪل ٿي جڙندڙ.
    توڙي جو پيءُ کي مئي ويهه سال گذري چڪا هيا پر کيس محسوس ٿيندو هيو اهو هر قدم پويان پيرن جا نشان سنگهندو اچي رهيو آهي. هو پاڻ کي ڏوهي محسوس ڪندو هيو يا اهڙو چور جنهن پيءُ جو اهو رسو چوري ڪيو هجي جيڪو مينهن کي ٻڌندو هيو.
    هو پيءُ جي جنازي ۾ شرڪت نه ڪري سگهيو هيو، اکين سان دفن ٿيندي مٽي ورندي ڏسي نه سگهيو هيو، ان جو سبب اهو هيو ته جڏهن ان جو موت واقع ٿيو ته هو شهر ڇڏي چڪو هيو. هن کي پوڙهو ڪرايي جي ان جاءِ جي اڇي چوني واري ڀت تي ظاهر ٿيندي نظر آيو هيو جنهن جاءِ ۾ هو زال سان اچي رهيو هيو. اهڙي احساس کان پوءِ ته پوڙهي جون اکيون انهن جي اوگهڙ ڏسي رهيون آهن. هن جو وجود بجلي بند ٿي وڃڻ کانپوءِ ٽيپا ٽيپا ٿي رجندڙ فريزر جهڙو ٿي ويو هيو.
    “اڙي جان ڇڏ پوڙها... جان ڇڏ.”
    هن چيو هيو ۽ جڏهن سڌو ٿيو هيو ته کيس پيٽ ۾ اهڙو وڪڙ پيو هيو جو ان مان ان حقي جي گُڙ گُڙ جهڙا آواز آيا هيا. جيڪو پيءُ ان اوطاق ۾ پيئندو هيو، جنهن اوطاق ۾ هن ماٽيلي ڀاءُ جي فوت ٿي وڃڻ کانپوءِ ان جا ڪپڙا ٻارن ۾ ورهايا ويا. ننڍو ماٽيلو ڀاءُ ڇهن سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو. تڏهن سکر جي ٿرمل پاور هائوس جي بجلي اڌ شهر روشن ڪندي هئي. انهن گهٽين تائين اها نه پهتي هئي. تڏهن اوندهه جو احساس نه هوندو هيو. اوندهه جو احساس تڏهن جاڳيو جڏهن انهن گهٽين ۾ بجلي آئي، ڏينهن جو گهر جي اڱڻ ۾ لڳل نم هيٺان آرام ڪبو هيو ۽ رات جو هٿ بتيون ٻرنديون هيون. جڏهن ننڍڙو ماٽيلو ڀاءُ گذاري ويو ته ڪمري جي ڀت ۾ مسجد جي محراب جهڙي جاري ۾ هيڊي لاٽ واري هٿ بتي ٻري رهي هئي. ڪمري ۾ روئندڙ عورتون سٿيل هيون جن کي مختلف رنگن وارا رئا پاتل هيا پر هٿ بتيءَ جي روشنيءَ ۾ سڀني رئن جو رنگ هيڊو هيو. هيڊن چهرن تي هيڊا ڳوڙها نم مان ڪرندڙ هيڊين نمورين جهڙا هيا.
    هٽلر جي مڇن جهڙي عطائي ڊاڪٽر ماٽيلي ڀاءُ کي آخري سئي هنئي، جڏهن اهو ڪاري پيٽي کڻي پيءُ سان ٻاهر نڪتو ته پويان ماٽيلي ڀاءُ آخري هڏڪي ڏني ۽ ان جون اکيون ڪاٺي ڇيڻن واري باهه جي دونهي ۾ ڪاري ٿي ويل ڇت تان ڦرنديون بند ٿي ويون. هن محسوس ڪيو هيو. ماٽيلو ڀاءُ هن جي بد دعائن ڪري مئو هيو، هن ان کي ڪيترا ڀيرا بددعائون ڏنيون، جڏهن اهو رات جو چانورن سان سنڌڙي انب کائيندو هيو. هن کي کائڻ لاءِ ڀينڊيون به نصيب نه ٿينديون هيون. هڪ دفعي هو کاڌو اڌ ۾ ڇڏي پاخاني ۾ ويو ۽ اتي لڪي رب کان دعا گهري.
    “هيءُ ڪهڙو انصاف آهي؟ خدا ان کي مار، جيئن ان جي ماءُ کي اهو احساس ٿئي ته اولاد ڪهڙي شيءِ هوندي آهي، پوءِ چاهي اها پنهنجي هجي يا پرائي.”
    نيٺ هن جو ماٽيلو ڀاءُ مري ويو، جنهن سان هو کيڏندو هيو ۽ ڪڏهن ان جي ٻاتي ٻوليءَ تي ٽهڪ ڏيندو هيو، هو تڏي کي تڏو چوندو هيو ۽ ننڍو ماٽيلو ڀاءُ تڏي کي... چوندو هيو.
    هن جو ماٽيلو ڀاءُ دنيا ۾ نه رهيو پر ان جا ڪپڙا ۽ اهو ٽوپلو رهجي ويا، جيڪي پيءُ ان جي دفنائڻ کانپوءِ اوطاق ۾ ورهايا، جڏهن پيءُ ماٽيلي ڀاءُ جا ڪپڙا ۽ ٽوپلو ٻارن ۾ ورهائڻ وارو هيو ته هن جي ڀرسان ٻيءَ ماءُ مان اهي ڀينر موجود هيون جن جا نالا خيرالنساءِ ۽ زليخا هيا، سندس من چاهيو ته هو ڀينرن کي چوي ته اهي پيءُ کي سفارش ڪن ته ننڍي ڀاءُ جو ٽوپلو جيڪو کيس ڏاڍو وڻندو هيو اهو هن حوالي ڪري، پر هو انهن کي چئي نه سگهيو هيو، ننڍيون ڀينر ڀاءُ جي ورهائجندڙ ڪپڙن کي ڏسي سڏڪي رهيون هيون. اهي غم ۾ ائين ورتل هيون جيئن کين غم ماتا جي مرض جيان ڳوڙهن جي ڦلوسڻن سان منهن تي حملو ڪيو هجي. اهو ٽوپ ان ڇوڪري جي حصي ۾ آيو جيڪو هن جي ماءُ جي اباڻن مان هيو.
    هڪ دفعي هو ان ڇوڪر سان ڏاڪڻ تي کيڏي رهيو هيو. ڇوڪر کي ساڳيو ٽوپ پاتل هيو. هن جون نظرون ٽوپ ۾ هيون، هن هر هر سٽ ڏئي اهو ٽوپ لائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. ڇوڪر کي هٿن ۾ ڳاڙهي شربت وارو شيشي جو گلاس هيو. اهي ڏاڪڻ ۾ کيڏندا رهيا، جڏهن اهو ڇوڪر ڏاڪڻ تي هڪ ڏاڪو مٿي چڙهيو ته هن کيس پويان پيرن کي ڇڪيو. ڇوڪر ڏاڪڻ تان رڙهندو اچي هيٺ پيو. ڪا خبر نه ٿي پئي ته ان جي وات مان رت پئي وهيو يا شربت. هن ڇوڪر کي نه ڏٺو پر ٽوپ کي ڏٺو جيڪو ڏاڪڻ جي ڪنڊ ۾ پيو هيو جنهن لاءِ کيس دل ۾ وڏي عزت ۽ جاءِ هئي. هو ان ٽوپ کي کڻي نه سگهيو، گهر وارا ڀڄندا آيا، ٿوري دير ۾ پيءُ آيو. هن کي چماٽ هڻي ٻانهن کان ڇڪيائين، هو رنو ۽ رڙيون ڪيون، کٽ جي ٻانهيءَ ۾ چمبڙي پيو. پيءُ هن جا هٿ ڇڏايا ۽ ڇڪي ڪلهي تي کنيائين. سندس پاتل سائي گوڏ مٿي ٿي وئي. اها هن لاءِ شرم جي ڳالهه هئي ته پاڙي وارا هن جي اوگهڙ ڏسي رهيا هيا. کيس اهو احساس ته هو اڳيان پويان ظاهر ٿي رهيو هيو، هن کي وڏي هوندي ڊگهي گهير واري سٿڻ پائيندي به ڪڏهن نه وسريو. گهر جي اڱڻ ۾ پيءُ هن کي ساڳي رسيءَ سان مار ڏني جنهن رسيءَ سان سندس ماءُ کي ڪٽيندو هيو.
    “اڙي معاف ڪر پوڙها... معاف ڪر.”
    هو رڙيون ڪري رنو، پوءِ هن خيالن ۾ پاڻ کي رسي جي پينگهه تي جهوليندي ڏٺو، سندس سامهون مڱ بيٺل هئي. پينگهه جي هوا ۾ هو اڏندڙ گوڏ سان هر هر سٿر ڍڪي رهيو هيو. هن جي مڱ جنهن جو قد ان بالٽيءَ کان ٿورو وڏو هيو جيڪا پيءُ مينهن ڏهي کير سان ڀري صندل تي ويهي وڪڻندو هيو. ان جو قد شاديءَ کانپوءِ ايڏو نه وڌيو، جڏهن جوان ٿي ته سندس ڪُڙتي جي پاسي واري کيسي جيتري مس هئي.
    اهي سياري جا ڏينهن هيا جڏهن پيءُ جي بيماري ان حد کي پهتي ته جو اٿڻ ويهڻ کان لاچار ٿي ويو. هو اوني ٽوپ پائي تڙڪي تي ويٺل هوندو هيو ۽ ان جا سٿر کليل هوندا هيا. هو ڇن جي بيماريءَ ڪري سٿر ملائي نه سگهندو هيو. سُريل گوڏ مان ان جا ظاهر ٿيندڙ خصيا ايڏا ته وڏا هوندا هيا جيئن اتي هن اهڙي هڙ لڪائي هجي جنهن ۾ سندس زندگي ڀرجي جمع پونجي سمايل هجي. نوجوان ننهن ايندي ويندي منهن تي رئو ڏئي شرمائيندي هئي ۽ هو ان ڏي ائين ڏسندو هيو جيئن ڪنهن وسري ويل چهري کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪندو هجي.
    هو پيءُ کي سهارو ڏئي سول اسپتال وٺي ويو، پيءُ سٽ ڏئي هن کان ٻانهن ائين ڇڏائي جيئن کيس پڪ ٿي وئي هجي ته اهو پٽ نه عزرائيل آهي جيڪو دوزخ جي در تائين هن جي رهنمائي ڪندو هجي. آپريشن کانپوءِ پيءُ حد کان وڌيڪ صحتمند ٿي ويو، هن جو بت ڀرجي ويو ۽ چهري جا گهنج ختم ٿي ويا. هڪ ڏينهن جڏهن هو دير سان گهر موٽيو ته ننڍي قد واري زال اڪيلائيءَ ۾ روئي کيس دانهن ڏني.
    “چاچا منهنجين ڇاتين ۾ هٿ وڌا آهن.”
    هن اها آخري رات پيءُ جي گهر گذاري، صبح جو سج اڀرڻ کان اڳ هن ڪاري چادر زال کي ڏني ۽ ٻئي خاموشيءَ سان گهر کان نڪري ويا هيا. پوءِ هن کي سڄي زندگي زال جي ڇاتين تي پيءُ جي آڱرين جا نشان ائين نظر آيا جيئن اهي اهڙي ملڪيت جا دستاويز هجن جيڪي هن کي پيءُ پاران ورثي ۾ مليا هجن.
    پيءُ کي مئي ويهه سال گذري چڪا هيا، پر کيس ڄڻ پڪ هئي ته اهو جيئرو آهي ۽ ان گهر ۾ رهي ٿو جنهن ۾ هو رهيل آهي. ڀنڀي ڏاڙهي ۽ نوڪدار مڇن وارو پيءُ جنهن جي ڳچيءَ ۾ رسو مفلر وانگر پيل آهي. جيڪو هن جي مفلسيءَ تي ٽهڪ ڏئي ٿو ۽ پنهنجي بي وسيءَ تي روئي ٿو. پيءُ جي ڪٽيل منڍي هر هنڌ ٽنگيل آهي. پکي ۽ بلبن واري جاءِ تي، الماڙيءَ ۾ ڪپڙن هيٺان ۽ پاڻيءَ جي اڌ ڀريل بالٽيءَ ۾، پيءُ ٽاڪ منجهند جو در کي لٺيون هڻي خيرات گهرندڙ فقير جيان تنگ ڪري ٿو ۽ پيءُ ڀت جي اوٽ ۾ بيهي سندس زال کي ڪنڪر هڻي شرارت مان مرڪي ٿو.
    “اڙي جان ڇڏ پوڙها... جان ڇڏ.”
    زال هن کي سمجهائي ٿي.
    “ايڏو چريو نه ٿيءُ، پوڙهي کي مئي ويهه ورهيه گذري چڪا آهن.” هو ان سان سهمت نه ٿو ٿئي ۽ چوي ٿو.
    “پوڙهو منهنجي ڪرسيءَ سامهون پلنگ تي ويٺل آهي.”
    هڪ ڏينهن کيس پڪ ٿي وئي ته پيءُ جيئرو آهي.
    هن ڏٺو ڪمري ۾ سندس سامهون پيءُ ويٺل آهي، ان کي مٿي تي اوني ٽوپ پاتل آهي. ان جا سٿر کليل آهن. ان جا سريل گوڏ مان ظاهر ٿيندڙ خصيا ايڏا ته وڏا آهن. جيئن اتي هن اهڙي هڙ لڪائي هجي جنهن ۾ هن جي زندگيءَ جي جمع پونجي سمايل هجي. هن آئيني کان اکيون پري ڪيون ۽ چيو “اڙي جان ڇڏ پوڙها... جان ڇڏ.”


    رت ڀريل راهون

    نئي رستي واري مسجد ڪڏهن جو تيار ٿي چڪي هئي، گرمين جي موسم ۾ ان مسجد جو مجاور جيڪو هڪ پوڙهو شخص هيو، ٿڌي پاڻيءَ جي بالٽي ۽ گلاس ڀري هر وقت تيار بيٺل پيو ڏسبو هيو، هو هر آيل مسافر کي چاهي اهو پيدل هجي يا گاڏيءَ ۾ ويٺل ٿڌي پاڻيءَ جا گلاس ڀري پيئاريندو هيو. مسجد وٽ اڪثر ماڻهن سان ڀريل ويگنيون اچي بيهنديون هيون ۽ پوءِ اهي مسافر اڌ رستي تي ٺهيل ان مسجد جي مجاور هٿان ٿڌي پاڻيءَ جا گلاس پي پنهنجي منزل طرف راهي ٿيندا هيا. موٽ ۾ انهن مسافرن مان ڪجهه ماڻهو هڪ ٻه روپيا ان مجاور کي چندي جي صورت ۾ ڏيندا هيا ۽ ڪارن ڪپڙن ۾ ڍڪيل پوڙهو اڇي ڏاڙهيءَ وارو مجاور هٿ ٻڌي انهن جا ٿورا مڃيندو هيو، پئسن ڏيڻ جي معاملي ۾ ويگنين ۽ ٻين سوارين جا ڊرائيور سڀ کان اڳرا هوندا هيا، هو نه صرف پئسا صدقي طور ڏيندا هيا پر ڪڏهن ڪڏهن مسجد ۾ وڃي هٿ کڻي خدا کان پنهنجي ڌنڌي ۽ ويگن جي سلامتيءَ لاءِ دعا گهرندا هيا. انهن ڊرائيورن جو ڄڻ اهو عقيدو ٿي ويو هيو ته جيڪڏهن هو رستي ۾ ٺهندڙ ان مسجد لاءِ چندو ڏيندا ته اهي هر حادثي ۽ مصيبت کان محفوظ رهندا. اهو رستو اڃا تازو ٺهيو هيو ۽ ٻن مک شهرن کي هڪٻئي سان ملائي رهيو هيو هيو، انهن لاءِ ڏاڍو ڀاڳ ڀريو ثابت ٿيو هيو، ان رستي جي ٺهڻ کان پهريون هڪٻئي رستي ذريعي انهن شهرن جا ماڻهو سفر ڪندا هيا، جيڪو ڊگهو ۽ گهڻن اهم شهرن کي ملائيندو هڪ وڏو وڪڙ کائيندو پئي ويو. پر نئي رستي جي ٺهڻ ڪري ماڻهن جو وقت ڪافي ٿي بچيو، جنهن ڪري انهن ٻنهي شهرن جي وچ ۾ آمدورفت وڌي وئي ۽ ماڻهن جي ٽلن جا ٽلا انهن ويگنن ۾ سفر ڪرڻ لڳا.
    ڪڏهن ڪڏهن مسافرن جي انڪار باوجود ڊرائيور زوريءَ وڃي ان مسجد وٽ ويگن کي بيهاريندا هئا، اهو اڪثر سياري جي موسم ۾ ٿيندو هيو جڏهن ماڻهن کي پاڻيءَ جي ضرورت محسوس نه ٿيندي هئي. ڊرائيور ماڻهن کي چوندا هيا “صدقو ڏيڻ سٺي ڳالهه آهي اهو ئي ته اسان کي حادثن کان بچائي ٿو.” ماڻهن وٽ صرف انهن سان ها ۾ ها ملائڻ کانسواءِ ڪجهه به نه هوندو هيو، ڇو جو اهي به ويگن جي تيز رفتاريءَ ڪري ايترا ته هيسيل هوندا هيا جو خدا کان پنهنجي زندگيءَ جي پناهه پيا گهرندا هيا ۽ هو به پنهنجي صدقي طور ڪجهه نه ڪجهه کيسن مان ڪڍي ان مجاور جي حوالي ڪندا هيا.
    نيٺ اهڙو ڏينهن به آيو جو اها مسجد ٺهي راس ٿي، نئين رستي جي هڪ پاسي کان ٺهيل ننڍڙي مختصر مسجد جنهن جا نه منارا ايڏا وڏا هيا، جو پري کان نظر اچن ۽ نه ئي ان جي ڪا ايراضي وڏي هئي جو ان ۾ گهڻا ماڻهو هڪ ئي وقت عبادت ڪري سگهن. مسجد مختصر هجڻ جي باوجود اڪثر خالي هوندي هئي، ڪڏهن ڪڏهن ڪوراهگير نمازي نظر آيو ته بس نه ته اها ئي اداسي هر طرف ڇانيل هوندي هئي. ان جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ پوڙهو مجاور ستت ئي هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو ۽ ان جي قبر به مسجد جي ٻئي پاسي ڏانهن ٺاهي وئي، هاڻي اتي نه ته ڪو پاڻي پيئارڻ وارو بچيو هيو ۽ نه ئي اتي ڪا چندي ڏيڻ جي ضرورت هئي، مسجد مڪمل ٿي چڪي هئي ۽ پوڙهو مجاور فوت، ان پوڙهي مجاور کي ڄڻ خبر پئجي چڪي هئي ته هن جي حياتي پوري ٿيڻ واري آهي جنهن ڪري هن مسجد کي مختصر ڪري مڪمل ڪرايو ۽ پوءِ اطمينان سان هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيو. هاڻي سواريون ان اسٽاپ تي گهٽ بيهنديون هيون ۽ آخر ڪجهه مهينن کان پوءِ اهڙو وقت به آيو هو جو هر ڪنهن اتي بيهڻ ڇڏي ڏنو ۽ هر ڪا سواري هڪ شهر کان رواني ٿي ۽ وڃي ٻئي شهر ۾ ٽڪاڻو ڪندي هئي. وقت گذريو ته ان روڊ تي هڪ اڌ حادثا اهڙا ٿيا جو ماڻهن جا لڱ ڏڪي ويا، ڪجهه ويگنيون تباهه ٿيون ۽ ماڻهن سان گڏ ڪجهه ڊرائيور به موت جي منهن ۾ هليا ويا. “اهو سڀ صدقو نه ڏيڻ جي ڪري آهي.” ڪجهه ڊرائيورن پنهنجو خيال ظاهر ڪيو “رستي ۾ هاڻي مسجد جي جاءِ تي ڪو پير هجڻ گهرجي جنهن جي چانٺ تي نذرانو ڏئي مصيبت بخشائي سگهجي.” پر افسوس جو ان روڊ سان ڪو به پير نه هيو بس هڪ اها چندي مان تيار ٿيل ويران مسجد ئي هئي جنهن کي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ڪنهن به چندي جي ضرورت باقي نه رهي هئي ۽ نه ئي اهو پوڙهو مجاور جيئرو هيو جنهن جي جهولي ۾ هو ڪجهه وجهي پنهنجي آفتن کي ٽاري سگهن.
    ان رستي سان هڪ ڳوٺ هيو جنهن ۾ هڪ اڌ عمر جو اپاهج فقير رهندو هيو، جڏهن هو پنجن سالن کان گهٽ عمر جو هيو ته پوليو جي بيماريءَ سبب هن جو چيلهه کان هيٺيون ڌڙ بيڪار ٿي ويو هيو، جنهن کان پوءِ هو هٿن جي سهاري ريڙهيون ڏئي پيو گهمندو هيو، هو ان ڳوٺ ۾ پلجي وڏو ٿيو هيو. جيستائين هن جا ماءُ پيءُ جيئرا هيا، اهي هن کي پيا کائڻ لاءِ ڏيندا هيا، پر اهي مرڻ کانپوءِ غربت جي ڪري ايترو به ڇڏي نه ويا جو انهن جي اپاهج پٽ جي ڪم اچي سگهي سو ٻئي ڪا واٽ نه ڏسي هن پنڻ شروع ڪيو، ڳوٺ جا ماڻهو هن کي ايترو ڏيندا هيا جو هن جو پيٽ گذر ٿي سگهي، هو ڌڪن ٿاٻن ۾ پلجي پنهنجي اڌ عمر کي اچي رسيو هيو. هڪ ڏينهن هن کي خبر پئي ته ڳوٺ کان نئون رستو ٺهيو آهي جيڪو شهر جي طرف ٿي ويو، هن جي دل ۾ به شهر گهمڻ جو شوق پيدا ٿيو هو. ڳوٺ وارن کان ڀاڙي ڪرائي جيترا پئسا گڏ ڪري ريڙهيون ڏيندو اونهاري ۾ ٽاڪ منجهند جو ڳوٺ جي ڪچي رستي کي گيساڙيندو اچي پڪي سڙڪ تي پهتو ۽ پاسو وٺي هڪ ڪنڊيءَ جي وڻ هيٺان ويهي ڪنهن سواريءَ جو انتظار ڪرڻ لڳو. ٿوري دير گذري ته اتان هڪ ويگن اچي لنگهي، ڊرائيور جي ٽاڪ منجهند جو ڪنديءَ جي وڻ هيٺان هڪ فقير تي نظر پئي ته هن گاڏيءَ کي بريڪ هنيو ۽ هيٺ لهي هو ڪجهه روپيا ان اپاهج آڏو رکي واپس گاڏيءَ ۾ هليو ويو. اپاهج شخص پهريون ته گاڏيءَ کي بيهڻ وقت اهو سمجهيو ته اها هن کي شهر کڻي هلڻ لاءِ اتي رڪي آهي، پر جڏهن ڊرائيور هيٺ لهي هن کي ڪجهه روپيا ڏئي هليو ويو ته هن جي حيرت جي انتها نه رهي، پر پوءِ هو خوش ٿيو هن روپيا پهريون دفعو ڏٺا هيا، هن کي انهن جي ڪڏهن به ضرورت محسوس نه ٿئي هئي. کاڌو هن جي ضرورت هوندو هيو جيڪو ڳوٺ مان هن کي ملندو هيو باقي هو پئسا وٺي ڪيڏانهن ڪري ها، هن ڪجهه دير سوچيو ۽ پوءِ روپيا کڻي کيسي ۾ وجهي ڇڏيا، ٿورو وقت گذريو ته ٻئي ويگن اچي هن جي اڳيان رڪي ۽ ڊرائيور ڪجهه پئسا ڪڍي هن کي ڏنا، جيئن جيئن وقت گذرندو ويو ته هن جي دل مان شهر گهمڻ جو شوق بلڪل نڪري ويو ۽ شام ٿيندي ٿيندي هن وٽ چڱا چوکا پئسا گڏ ٿي ويا ۽ پوءِ اهو هن جي روز جو معمول بڻجي ويو، هو روز ڳوٺ کان ريڙهيون پائي اچي پڪي سڙڪ تي ان ڪنڊيءَ جي وڻ هيٺان ويهندو هيو ۽ شام تائين هن جي ڦاٽل گودڙيءَ جا کيسا ڪنن تائين ڀرجي ويندا هيا.
    روڊ جي ڊرائيورن کي مسجد جي مجاور کان پوءِ پهريون دفعو پنهنجو صدقو لاهڻ لاءِ هڪ اهڙو ماڻهو ملي ويو هيو جيڪو انهن جي صدقي جو مستحق هيو. پئسن ڏيڻ کانپوءِ هو اطمينان سان گاڏي هلائيندا هيا، هنن کي پڪ هئي ته هاڻي هو حادثي کان محفوظ آهن. ڪڏهن ڪڏهن هو ان اپاهج شخص کي خيرات ڏيڻ کانپوءِ پٺي ٺپڻ لاءِ به چوندا هيا، “خدا خوش رکندئي ٻچا” هو جواب ۾ چوندو هيو ۽ هڪ ماهر فقير وانگر پٺي ٺپندو هيو، پئسي سان گڏ هاڻي ان فقير ۾ اهي سڀ گُر اچي ويا جيڪي پئسا ڪمائڻ لاءِ ضروري هوندا آهن. “خدا بابا جي سِر جو خير ڪندو.” هو چوندو هيو. “خدا هر حادثي کان محفوظ رکندو.” “خير سان وڃو خير سان اچو.” هن ڊرائيورن جي ڏکندڙ رڳ کي ڄڻ ڳولي لڌو هيو، رستي تي جيڪڏهن ڪو حادثو به ٿي ويندو هيو ته ويگن جا ڊرائيور ان کي پنهنجي ذاتي غلطي سمجهي وساري ڇڏيا هيا، يا هو چوندا هيا ته خدا جي لکئي کي ڪير ٿو ڊاهي سگهي، اهو سڀ لکيل هيو جيڪو ٿي گذريو. اهو ان ڳالهه جو قصور وار ان اپاهج فقير کي ڪڏهن به تسليم نه ڪندا هيا جنهن کي ڏنل صدقي جي صورت ۾ هو پاڻ کي هر مصيبت کان آجو سمجهندا هيا، ڪڏهن ڪو وڏو حادثو ٿي گذرندو هيو جنهن ۾ ڪوراهگير يا مسافر موت جي منهن ۾ هليو ويندو هيو ته ڊرائيور کي اهڙي صورت ۾ پنهنجي ويگن جي مالي نقصان سان گڏ جيل جو منهن به ڏسڻو پوندو هيو ۽ پوءِ ويگن ڊرائيور اسٽاپ تي ويٺا ان متعلق ڳالهيون ڪندا هيا.
    “ڊرائيور ته ڀلو هيو، پر خبر نه آهي ائين ڇو ٿيو؟” ڪو ئي انهن مان چوندو هيو ۽ ٻيو ڪنهن گهري سوچ مان ٿڌو ساهه ڀري ڳالهه کي اڳتي وڌائيندو هيو “جيڪو مقدر ۾ لکيل هوندو آهي اهو ضرور ٿيندو آهي، ماڻهو پاڻ کي ڪيترو به بچائي.”
    “فقير بابا جو خير” ڪوئي ڊرائيور وري سڀ ڪجهه وساري سگريٽ جو سوٽو هڻندي چوندو هيو “فقير بابا جي صدقي اسان جو خير.” ۽ پوءِ ڄڻ فقير بابا جي قسمت جا دروازا کلي پوندا هيا، هر ايندڙ ويندڙ ڊرائيور اتي ترسي ڪجهه نه ڪجهه هن جي حوالي ڪندو هيو، ڪڏهن ڪڏهن ڪو تڪڙ هوندي تيزيءَ مان ويندي به ويگن جي دريءَ مان روپيو اڇلي ڏيندو هيو جيڪو اتي گڏ ٿيل ماڻهن مان ڪوئي هن کي کڻي آڻي ڏيندو هيو، رونشي طور ڪئي ماڻهو ڳوٺ مان نڪري اچي فقير جي آس پاس بيهندا هيا ۽ هر ايندڙ ويندڙ سواريءَ کي پيا غور سان ڏسندا هيا، هو حيرت ۽ تعجب مان ان اپاهج فقير کي ڏسندا هيا جيڪو ميرا ڦاٽل ڪپڙا پنهنجي اڌ مئل ڍڍريءَ تي پائي ٻئي هٿ بند ڪيو صرف هڪ آنڱر مٿي ڪري ڪنڊيءَ جي ڇانوَ ۾ ويٺو هر ايندڙ ويندڙ سواريءَ کي ڏسڻ بدران ڪنڌ هيٺ ڪيو ڪن خيالن ۾ گم هوندو هيو.
    وقت سان گڏ آس پاس جي ڳوٺن ۾ اها خبر پوندي وئي ته ڦلاڻي ڳوٺ جو پينو فقير ڪيئن روڊ تي ديرو ڄمائي ويهڻ کانپوءِ هڪ پئسي وارو شخص ٿي پيو آهي.
    ڪجهه ڏينهن گذريا ته هڪ ٻئي ڳوٺ جو انڌو فقير به لٺ کڙڪائيندو اچي نئي سڙڪ تي هڪ بيدمشڪ جي وڻ هيٺان اچي پڙاءُ ڪيو. هن اهو ئي طريقو اختيار ڪيو جيڪو هن کان پهريون ان اپاهج فقير اختيار ڪيو هيو، هو ڦاٽل ڪپڙا پائي وڻ جي هيٺان مٽيءَ تي پلٿ ماري ٻئي هٿ هڪٻئي ۾ ڀيڪوڙي صرف هڪ آنڱر مٿي ڪري ويهي رهيو، ڪجهه وقت ته هو ڊرائيورن کي پنهنجي تيز رفتار ويگنن ڪري صحيح صورت ۾ نظر نه آيو نيٺ هڪ ٻن وارن کانپوءِ هو به انهن جي نظرن جو مرڪز بڻجي ويو، ڪجهه ڊرائيور به هن وٽ اچي بيهڻ لڳا ۽ هن جون دعائون به هڪ نئين صدا سان گڏ شامل ٿي ويون، سواريون ڄڻ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويون، ڪجهه صدقي جو پئسو انڌي فقير جي حصي ۾ اچڻ لڳو ته ڪجهه وري اپاهج فقير جي حصي ۾، اپاهج فقير جي اڌ ڪمائي ڄڻ انڌي فقير ڏي هلي وئي جيڪا هن آهستي آهستي محسوس ڪئي. هن ڏٺو ڪجهه ويگنيون هن وٽ بيهڻ کان سواءِ ئي سڌيون هليون پئي ويون. اها پوءِ هن کي خبر پئي ته اتان کان ڳچ ميل پري هڪ انڌي فقير اچي ساڳي روڊ جي پاسي کان آستانو ٺاهيو آهي. پهريون ته هن کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي پر هو ماٺ ۾ مصلحت سمجهي چپ ٿي ويو. هن کي اڃا به ايترو پئي مليو جيترو هن پنهنجي شروعاتي زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪونه ڏٺو هيو، ٻئي طرف انڌي فقير جي قسمت به کلي وئي، هن به صدقي جي عيوض ۾ ڊرائيورن جي جان مال لاءِ هٿ کڻي پئي دعائون گهريون.
    رستي جي ڀرپاسن وارن ڳوٺن جي اپاهج ماڻهن ۾ اها ڳالهه باهه وانگر پکڙجي وئي ته نئي سڙڪ تي ويهندڙ فقيرن کي پنهنجي ضرورتن کان گهڻو ڪجهه ملي وڃي ٿو، ان ئي سڙڪ جي ٺهڻ کان اڳ غربت انهن ڳوٺن ۾ ماتا جي بيماريءَ جيئن ڦهليل هئي. سڙڪ جي ڪري جڏهن انهن ڳوٺن جو رابطو شهرن سان وڌيو ته روزگار جا ذريعا کلي پيا، توانا ۽ صحتمند ماڻهو ته محنت ڪري پيٽ پالي پئي سگهيا پر ڳوٺ جي اپاهج ماڻهن لاءِ هاڻي اها سڙڪ پنهنجي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لڳي، انهن ان ڳالهه کي وڏي نعمت سمجهيو ته خدا ان پڪي روڊ جي صورت ۾ هنن لاءِ به هڪ راهه ٺاهي آهي، جنهن جي ذريعي هو پيٽ پالي سگهن ٿا، پوءِ اهڙو وقت به آيو جو ان پڪي سڙڪ جي آس پاس ٺهيل ڳوٺن وٽ سواءِ ڪجهه ڳوٺن جي ڪونه ڪو اپاهج ماڻهو ڪنهن وڻ جي ڇانوَ ۾ بيٺل پيو ڏسبو هيو، هونئن ته هڪ شهر کان پئي شهر تائين ويندڙ ان ستر ڪلوميٽر ڊگهي روڊ جي پاسن کان پنجاهه کان مٿي ڳوٺ هيا پر ڳوٺن جي تعداد جي لحاظ کان فقيرن جو تعداد ايڏو وڏو نه هيو، انهن جو تعداد آهستي آهستي وڃي اٽڪل پندرهن کي لڳو هيو، وقت سان گڏ فقيرن جو وڌندڙ تعداد ڊرائيورن لاءِ ڄڻ پنهنجي دلچسپي وڃائي ويٺو، هو هاڻي ان پراڻي اپاهج فقير وٽ به ڪڏهن ڪڏهن بيهڻ لڳا نه ته جنهن کي چاهيندا هيا تيز رفتار هلندڙ ويگن مان هڪ روپيو دريءَ کان ڪڍي اڇلائي ڇڏيندا هيا ۽ فقير روپئي مٿان اونڌا ٿي وڃي ائين ڪرندا هيا جيئن هنن جو اپاهج جسم سندن بوج برداشت نه ڪري هڪدم هيٺ جهڪي ويو هجي. ڊرائيورن لاءِ اهو سڀ ڪجهه مشڪل ٿي ويو ته هو ساڳي وقت فقيرن جي ايڏي وڏي تعداد ۾ پئسا ورهائي سگهن، يا هو هر فقير آڏو ويگن بيهاري هن کان پاڻ لاءِ دعا پني سگهن ڇو جو انهن ويگنين ۾ سفر ڪندڙ مسافرن ۾ اڪثريت اهڙن سرڪاري ڪامورن جي هوندي هئي جيڪي هڪ شهر کان ٻئي شهر نوڪري ڪرڻ ويندا هيا ۽ پوءِ ساڳي ڏينهن واپس ٿيندا هيا، هر ڪنهن ان ڳالهه کي پئي محسوس ڪيو ته فقيرن جي ايڏي وڏي تعداد کي منهن ڏيڻ انهن کان محال آهي هو ايڏو وقت سيڙائي نه پئي سگهيا، اهو سڀ ڪجهه ان روڊ جي ڊرائيورن پنهنجو پاڻ فقيرن جي وڌندڙ تعداد سان گڏ محسوس ڪرڻ شروع ڪيو هيو. روڊ جي پاسن کان بيٺل فقيرن کي گهڻي تعداد هوندي به پهريون ايترو ڪجهه ملي ويندو هيو جو هو پنهنجو گذر سفر سٺي نموني سان ڪندا هيا. پر آخر اهڙو وقت به آيو جو انهن جو گذران مشڪل ٿي ويو. هو ڳوٺن کان صبح جو ٺهي سنڀري نڪرندا هيا ۽ شام تائين انهن کي ٻن ٽن روپين کانسواءِ ڪجهه به هٿ نه ايندو هيو. روڊ جي آس پاس پيدل ماڻهن جو گهڻو لنگهه به نه هوندو هيو جو هو انهن تي به ڪجهه بار رکي پنهنجو گذران ڪري سگهن، هر اڌ ڪلاڪ کانپوءِ ان سنسان روڊ تان هڪ ويگن ڌوڙ اڏائيندي لنگهيندي هئي ۽ پوءِ اها ئي چپ هر طرف ڇائنجي ويندي هئي رڳو جهرڪيون ۽ ڪانءَ پيا لنوائيندا هيا، انهن کي محسوس ٿيو جيئن پهريون سڻڀو ٽڪر اڻڀو ٿي ويو هجي ۽ هاڻي اهو اڻڀو ٽڪر به هنن جي وس کان ٻاهر ٿي ويو هجي. انهن ۾ هڪ مايوسيءَ جي لهر ڊوڙي وئي، هو چاهڻ لڳا ته کين ٻيو نه ته کائڻ لاءِ ئي ڪجهه ملي وڃي ۽ پوءِ جڏهن ويگن انهن کي ڪجهه ڏيڻ کانسواءِ ڌوڙ اڏائيندي لنگهي ويندي هو ته هو ان ڊرائيور، ويگن ۽ مسافرن کي پيا پٽيندا هيا “شل قرآن ڪندو اها صحيح سلامت نه هوندي، الله ان ڊرائيور جي پاڙ پٽيندو.” هو هٿ کڻي پيا خدا کان ان جي لاءِ بددعا پنندا هيا، هو چاهيندا هيا ته روڊ تي ڪو وڏو حادثو ٿئي جيئن هڪ دفعو وري ويگن ڊرائيور ڊڄي پنهنجي ويگنين جو صدقو ڪڍن ۽ انهن جو گذران ٿيڻ لڳي، پر ويجهڙوائي ۾ ڪو اهڙو واقعو به نه ٿيو. آخر بک کان مجبور ٿي فقير پري کان ايندڙ ويگن کي ڏسي وڻ جي ڇانوَ ڇڏي اچي روڊ تي چڙهي بيهندا هيا ۽ پري کان ڊرائيور کي هٿ جي اشاري سان الله جي واٽ ۾ ڪجهه ڏيڻ لاءِ چوندا هيا. ڪڏهن ڪڏهن ڪو ڊرائيور رحم کائي هلندڙ ويگن مان روپيو ڪڍي انهن ڏي اڇلي ڏيندو هيو نه ته اهو پاسو ورائي تيزيءَ سان انهن جي ڀرسان نڪري ويندو هيو ۽ پوئتي بيٺل فقير بددعائن سان گڏ انهن کي گاريون به ڏيندو هيو. انهن ڳوٺن جي فقيرن هونئن ته مدتن کان پئي ان بکئي حال ۾ زندگي گذاري پر هڪ هٿ آيل شيءِ کي هو ڪنهن به صورت ۾ واپس ڪرڻ لاءِ تيار نه هيا. انهن پهريون دفعو روپين کي ڇهي ڏٺو هيو. انهن جي خوشبوءِ کي محسوس ڪيو هيو، هاڻي هو ڪنهن به صورت ۾ ان ڳالهه لاءِ تيار نه هيا ته هو پنهنجي پراڻن وٿاڻن تي موٽي ان کان وڌيڪ بدحال زندگي گذارين، نئي صورت حال انهن کي جذباتي ڪري ڇڏيو هيو هو گهڻي کان گهڻا پئسا هٿ پيا ڪرڻ چاهين پر انهن وٽ اڳي جيترو به نه رهيو هيو، هو پريشانيءَ جي عالم ۾ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجا وار پٽي خدا کان ڪنهن وڏي حادثي جي دعا گهرندا هيا، هو ويگنين جي ڪڍ ڊوڙندا هيا، من ان جي دريءَ مان هڪ روپيو اڏامندو اچي هيٺ ڪري، منڊا فقير پنهنجا آستان ڇڏي وچ روڊ تي هٿ مٿي ڪري پنهنجي منڊي ڄنگهه جي گهوڙين کي ٽيڪ ڏئي بيٺل پيا نظر ايندا هيا، انڌا فقير ويگن جو زوڪٽ ٻڌڻ سان وٺي روڊ ڏي ڊڪندا هيا ۽ الله جي واسطي انهن کان ڪجهه نه ڪجهه وٺڻ جي اميد ۾ پيا صدائون هڻندا هيا، هر فقير ۾ هڪ مايوسيءَ اچي پڙاءُ ڪيو هيو، هو بلڪل چريا ٿي ويا، بک ۽ بدحاليءَ ڪري انهن جا حواس بلڪل خطا ٿي ويا.
    نيٺ ان روڊ تي هڪ حادثو ٿيو، ڪجهه ڏينهن کانپوءِ هڪ تيز رفتار ويگن هڪ انڌي فقير سان وڃي ٽڪرائي جيڪو ان جو زوڪٽ ٻڌي هٿ مٿي ڪري ڊڪندو صدائون هڻندو روڊ طرف آيو ۽ انڌي هجڻ ڪري تيز رفتار ويگن سان وڃي ٽڪرايو، ويگن هن کي پنهنجي ڦيٿن سان ڪجهه پنڌ تائين گهليندي وئي ۽ پوئتي هن جي ڪپڙن جيان چچريل هن جي وجود کانسواءِ ڪجهه نه بچيو، ويگن ۾ ڪجهه مسافر هڪدم لڳندڙ بريڪ ڪري زخمي ٿيا ۽ پوليس ڊرائيور کي گرفتار ڪري جيل موڪلي ڇڏيو. ان واقعي کان پوءِ ڊرائيور ڪجهه ڊڄي ويا، هڪ دفعو وري فقيرن کي ايترو ڪجهه ملڻ لڳو جو هو ڪجهه دير لاءِ مايوسين مان ٻاهر نڪري آيا، ڊرائيورن پنهنجي بهتري ان ۾ سمجهي ته هو صدقو ڪڍن ان ۾ ئي سندن نجات آهي. پوءِ جيتري دير انهن فقيرن کي خيرات ملندي رهي ڪو به حادثو نه ٿيو، انڌا، منڊا، لولا لنگڙا فقير انهن لنگهيندڙ ويگنين لاءِ پيا دعائون ڪندا هيا. “بابا جي ويگن جو خير، سِر جو خير، خير سان اچو، خير سان وڃو.” ۽ جڏهن صدقو بند ٿيندو هيو ته ڪونه ڪو حادثو ٿي پوندو هيو، ڪنهن لنگڙي فقير جي ٻئي ڄنگهه به حادثي جي نذر ٿي ويندي هئي، يا ويگن جا ٽائر ڪنهن لولي فقير جي رت ۾ رڱجي ويندا هيا ۽ صدقو ٻيهر شروع ٿي ويندو هيو.


    سکر-پهرين جون 2001

    هو آفيس مان نڪتو ته ساڍن ستن هزارن جي پي سلپ هن جي کيسي ۾ موجود هئي. هو اهو سوچي مرڪيو ته سندس مهيني جي پگهار بئنڪ ۾ جمع ٿي چڪي هوندي. هو ڪاريڊور ۾ اڳتي وڌيو ته هن کي هوءَ نظرا چي وئي.
    هوءَ... جنهن کي هو بي پناهه چاهيندو هيو، جيڪا بي حد خوبصورت هئي، جنهن آڏو هو ڪڏهن به پنهنجي پيار جو اظهار نه ڪري سگهيو، هن همت ڪري اڳتي وڌي هن کي سلام ڪيو ۽ هوءَ بيهي رهي.
    هنن ڪجهه رواجي جملا ڳالهايا ۽ پوءِ هن ان کي هوٽل ۾ ماني کائڻ جي دعوت ڏني.
    هوءَ مرڪي، هن جي مرڪ ۾ رضامندي هئي.
    “ها اڄ پهرين تاريخ جي خوشيءَ ۾ ماني ٿي وڃي” هن چيو ۽ ڪجهه گهڙين کانپوءِ هو ٻئي هڪ ٿڌي هوٽل جي انڌياري ڪنڊ ۾ هلڪي سائي رنگ جي روشنيءَ هيٺ آهستي ڳالهائي رهيا هيا. هو مرڪي رهيا هيا ۽ هلڪا ٽهڪ ڏئي رهيا هيا.
    هوٽل ۾ پليٽن مٿان چمچن جو ناچ بک جي مندر ۾ وڄندڙ سڪون جي گهنٽين جهڙو هيو. سگريٽن جو دونهون ۽ کاڌي مان ايندڙ سِرڪي جي بوءِ، گرم چانهه جي ڪوپن مان چيلهه لوڏائي مٿي اٿندڙ ٻاڦ، خوشي ۽ سرور کان هن جو پورو جسم ڄڻ خمارن ۾ بدلجي پکي جي هوا ۾ لڏڻ لڳو.
    کاڌو کائيندي ڪيترا دفعا هنن جي هٿن هڪ ٻئي کي ڇهيو ۽ اکين هڪ ٻئي کي ڏسي مرڪيو.
    هنن چانهه پيتي ۽ هوٽل کان ٻاهر آيا، تيز اڇي اُس سندن اکين تي ڪو به اثر نه ڪيو. ٽاڪ منجهند هئي ۽ روڊ سنسان هيا. وڻ تي ويٺل ڪانءَ ڌرتيءَ تي سهڪندڙ ڪتن جي ريس تي وات کولي سهڪي رهيا هيا، انهن جون زبانون ڏڪي رهيون هيون.
    هو ان کي گهر تائين ڇڏڻ آيو، اتي موڪلائڻ کان اڳ ڀت جي اوٽ ۾ پاڇي هيٺان بيهي هن ان جي هٿن کي پنهنجن هٿن ۾ زور سان جهليو ۽ پوءِ همت ڪري پنهنجي پيار جو اظهار ڪيو. ان هن سان اکيون ملايون، پوءِ مرڪي ۽ شرمائي هلي وئي. هن محسوس ڪيو ان جي اکين مان انڪار ٽٽل تاري جيئن اوندهه ۾ روشنيءَ جي لڪير ٺاهي انڌيارن ۾ فنا ٿي ويو. ان جي رضامنديءَ جي مرڪ کي هن پنهنجي چپن تي محسوس ڪيو، جنهن کان هن جي جسم ۾ ٿڌ جي ڌرڙي جاڳي ۽ سندس هر انگ سڪون کان لذت ۾ اچي ويو. هن پنهنجيون اکيون بند ڪري ڇڏيون. هوءَ هلي وئي پر هن محسوس ڪيو جيئن هوءَ هن جي دل ۽ وجود ۾ موجود آهي. هوءَ هن سان گڏ آهي، بلڪل ان پي سلپ جيان جيڪا ساڍن ستن هزارن جي صورت ۾ هن جي کيسي اندر موجود هئي.
    اهو سندس زندگيءَ جو عظيم ڏينهن هيو. هڪ محبوبا جي پيار جو اظهار ۽ کيسي ۾ ڳاڙهن نوٽن جي احساس جي رسيد، هو موج ۾ جڏهن گهميو پئي ته سندس پنهنجي چال ڪنهن بدمست مڪني هاٿي جي لوڏ جهڙي پئي محسوس ٿئي. سرور کان جسم ۾ سيءُ پئي ٿيو. سندس اکين ۾ اعتماد جا ڳوڙها اٽڪيل هيا جنهن کان اهي چمڪي رهيون هيون. هن جي ڳٽن ۽ ڪنن وٽ خون جي گردش وڌڻ ڪري هو تازو توانو پئي محسوس ٿيو. هڪ مرڪ جنهن کي لڄ کان هو لڪائڻ پيو چاهي، اها نه چاهيندي به سندس چپن تي چنبڙي پئي.
    هو هلڪيون وکون کڻي پنهنجي ڪوارٽر ڏانهن مڙيو، هن مٿان سج سندس وجود سان گڏ پئي سفر ڪيو. سج جي هن سان ڪا خاص محبت هئي اهو پوري قوت سان هن جي دماغ مٿان جيئن ڪنهن نظر نه ايندڙ تند سان ڳنڍيو پيو هيو، پر هو موج ۾ جهومندو چپن کي گول ڪري سيٽيءَ سان گڏ هٿ سان چپٽي وڄائي هلندو پئي ويو.
    سال پهريان هن پنهنجي موٽرسائيڪل جيڪا هڪ دفعو هن کان ڦر ڪري ڀنگ جي عيوض واپس ڪئي وئي هئي، سا وڪڻي ڇڏي، هن پاڻ کي پنڌ گهمڻ جو عادي بڻايو هيو ۽ هو پنڌ گهمندي پاڻ کي وڌيڪ مضبوط ۽ توانو محسوس ڪندو هيو. جڏهن هو ڪوارٽر تي پهتو ته ڄڻ هن کي اوچتو خيال آيو. رستا ۽ واٽون ڪيترا نه سنسان ۽ ويران هيا. روڊ جو ڏانڀر ان جي هٿن جيان نرم هيو. هر شيءِ پناهه گاهه ۾ موجود سهڪي رهي هئي جيئن هن ۾ اندر هوءَ سهڪي رهي هئي ۽ ان جي ساهه کڻڻ جو احساس هو پنهنجي ڪنڌ وٽ محسوس ڪري رهيو هيو. روڊ سنسان هيا، ڪو به نه هيو پر هوءَ هن سان ساڻ هئي. هن جي گرم پاڻيءَ جهڙي وجود ۾ برف جي ڳنڍي جيان ترندڙ، رجندڙ ۽ پاڻيءَ جو روپ وٺندڙ. پاڻي جنهن جو ڪو به روپ نه آهي ڪا بناوٽ نه آهي. جنهن ۾ آهي تنهن جهڙو آهي.
    هو ڪوارٽر ۾ ليٽيو رهيو، خوشي ۽ سرور کان ننڊ هن جي اکين کان ڪوهين ميل ڏور هئي. ڪجهه ڪجي، گهمجي ڏسجي، ملجي، هن ٽهڪ ڏنو ۽ اٿي کڙو ٿيو. منٽن ۾ تيار ٿيو ۽ پئسن سان گڏ هن جي نظر پي سلپ تي پئي. هن ان کي پنهنجن چپن تائين آڻي چميو ۽ ويڙهي کيسي ۾ وجهي ڇڏيو. هن آئيني اڳيان اچي، ڦڻي ڏني ته هو پاڻ کي تمام صحتمند نظر آيو. هن ڪوارٽر کي تالو هنيو ۽ چوڪيدار کي ڳولهڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن نظر ڊوڙائي. اتي ڪو به ڪونه هيو، رستا سنسان هيا. اس جي ٽهڪندڙ چانديءَ ۾ هن پاڻ کي ان سون جيان محسوس ڪيو جيڪو ڪنهن اونداهي ٿڌي لاڪر ۾ پرسڪون پيو هوندو آهي.
    هو هليو ۽ شهر جي پهاڙيءَ واري حصي کان ڏاڪڻين تان لهندو اچي وچ شهر ۾ بيٺل ٽاور وٽ پهتو. هن ٽاور جي گهڙيال ڏانهن نهاريو. ساڍا ٽي ٿيا هيا ۽ پوءِ پنهنجيءَ واچ ۾ ٽائيم ڏٺو، هن جي واچ به ساڳيو ٽائيم ڏيکاري رهي هئي جيڪو ٽاور جي گهڙيال ۾ هيو. هن کان ٽهڪ نڪري ويو. اهو گهڙيال گذريل پندرهن سالن کان بند هيو. ان جا ڪانٽا زنگجي چڪا هيا پر عجيب اتفاق هيو. هن دل ۾ خوشي محسوس ڪئي. ڪائنات جي هر شيءِ سندس ها ۾ ها ملائي رهي هئي. هن آڏو پيار ۽ هڪجهڙائيءَ جو اظهار ڪري رهي هئي.
    شهر جي مرڪزي حصي هجڻ ڪري اتي ڪافي ماڻهو موجود هيا. بازارون کليل هيون ۽ گڏهه پنهنجن گاڏن ۾ جڪڙيل هوندي به ڊگهين عمارتن جي پاڇن ۾ پنهنجن مالڪن سان اگهور ننڊ ۾ ستل هيا.
    هن محسوس ڪيو جيئن هيءُ شهر پگهر جي سمنڊ ڪناري اڏيل ڪو تفريحي مقام هجي جتي جا سڀ ماڻهو ان سمنڊ ۾ وهنجي ڪناري تي پهتا هجن. هن پنهنجي پيشانيءَ کي هٿ هنيو، اها خشڪ هئي. هن هيٺ روڊ ڏانهن نهاريو ۽ پنهنجي صورت ڏسي حيران ٿي ويو. ڀڳل روڊن تي گٽر سکڻي ڪنيءَ جيئن ابامي رهيا هيا. ڪاري پاڻيءَ جي وچ ۾ بيٺل ٽاور مان ڄڻ روشنيءَ جا شعاع نڪري ڀٽڪيل ٻيڙن کي راهه ڏيکاري رهيا هيا. هر شخص پاڻيءَ ۾ ائين گهمي رهيو هيو جيئن اهو پاڻي انهن جي زندگيءَ جو حصو بنجي ويو هجي.
    هو به پاچا مٿي ڪري بوٽن سميت پاڻيءَ ۾ گهڙي پيو ۽ هڪ اڻ ڄاتل سرور کان ٿڌ سندس جسم ۾ پيرن کان اڀري جسم مان لنگهي دماغ تائين پهچي وئي. هو ڪاري پاڻيءَ ۾ ٻين جيان گهمندو، گول دائرا ٺاهيندو سينيما گهر تائين وڃي پهتو. هن کيسي ۾ هٿ وجهي ٽڪيٽ لاءِ پئسا ڪڍيا ته پي سلپ به هن جي هٿ ۾ اچي وئي. هن ٿڌو ساهه کنيو، ساهه ۾ هن کي انهن هٿن جي خوشبوءِ محسوس ٿي جن کي هن ڇهيو هيو. هن جون اکيون اڌ ٻوٽجي ويون. هن تصور ۾ هڪ چهرو ڏٺو جنهن جا چپ مرڪي رهيا هيا، اکيون شرمائي رهيون هيون. هو سينيما هال ۾ اندر وڃي هڪ سيٽ تي ويٺو. سينيما جي ڇت ۾ پنکا پنهنجي پوري رفتار سان گول ڦري رهيا هيا. هن کي اهو ڏسي حيرت ٿي ته هر ماڻهوءَ جا ڪپڙا ائين آلا ٿي چڪا هيا جيئن مٿان پکن مان هوا نه پر پاڻي ڪرندو هجي، جنهن کان هر وجود آلو ٿي ويو هجي. هرڪو پنهنجي قميص جي پاند سان پاڻ کي هوا ڏئي رهيو هيو. فلم شروع ٿي ته هن ان جي هر منظر مان مزو ورتو هو اداڪارن جي گفتگوءَ تي کليو ۽ غمگين ٿيو. فلم ختم ٿيو ته هن پاڻ کي پگهريل وجودن جي سيلاب ۾ لڙهندو محسوس ڪيو، هو ڄڻ مونجهه جي طوفان ۾ تازي هوا جي جهوٽي جيان ٻاهر نڪتو. هو خوش هيو. ماڻهو ان فلم تي تبصرا ڪندي ان کي بور چئي رهيا هيا، پر هن کي اها فلم بي حد وڻي هو ان فلم مان ڏاڍو لطف اندوز ٿيو.
    هو سينيما مان نڪتو ته سانجهي ٿي چڪي هئي. سج پنهنجي ترڪش مان باهه جا تير وسائيندو اولهه ڏي وري چڪو هيو. هن نظر مٿي ڪري ٽاور جي چوٽيءَ ڏانهن نهاريو، اتي لڳل سياسي پارٽين جا جهنڊا هن کي اهڙي گناهگار جيئن نظر آيا جيڪو پنهنجي گناهن جو اعتراف ڪندي ڪنڌ هيٺ ڪري سزا جو منتظر هجي. انهن جهنڊن جي وجود مان ساهه نڪتل هيو، هوا بند هئي ۽ اهي لهرائي نه رهيا هيا، اهي بي جان هيا، پورو شهر پٿر بڻجي چڪو هيو. گندي پاڻيءَ ۾ هوا جون لهرون شهر جي بلبن تي چمڪي هيٺ مٿي نه ٿي رهيون هيون. اتي وڻن جو ڪو به وجود نه هيو، اتي روڊن مٿان رسن سان ٻڌل ڪپڙي جا بينر هيا جيڪي لوهه ۾ تبديل ٿي چڪا هيا.
    رات ٿوري گهري ٿي ته بجليءَ جي لوڊشيڊنگ شروع ٿي وئي، اوندهه ۾ اضافو ٿيو ته آسمان ۾ ستارا گهاٽا ٿي ويا. اهي ستارا ڄڻ رُسي ويل چنڊ جي راهن ۾ گلن جيان وڇائجي ان جي واپسيءَ جو انتظار ڪري رهيا هيا.
    ڪاري پاڻيءَ ۾ گهمندڙ ماڻهن جا وجود به ڪارا ٿي ويا. هن کي هر منظر ڏاڍو خوابناڪ پئي نظر آيو. هر طرف ڪارنهن جو احساس ۽ رڙيون ڪري بجلي پيدا ڪندڙ جنريٽرن جو ڪارو دونهون. هر طرف هڪ زوڪٽ ۽ ڪنن ۾ هٿوڙن سان لڳندڙ ڪلين جهڙو آواز، بجليءَ جا جنريٽر جن جي طاقت سان هلندڙ ٽيوب لائيٽس جي روشني هن کي ڪنهن جي چپن جيان مرڪندي نظر اچي رهي هئي. ڪاري اوندهه جنهن ۾ هو ڪنهن جي وارن جو چڳون ڳولهي رهيو هيو. پيرن کي محسوس ٿيندڙ روڊن تي بيٺل پاڻيءَ جو ڇهاءُ هن کي ڪنهن جي هٿن جي ڇهاءَ جهڙو محسوس ٿي رهيو هيو. آسمان ۾ ستارا هن کي ڪنهن جي خوبصورت اکڙين جهڙا لڳي رهيا هيا ۽ دل جي مٿان قميص جي کيسي ۾ موجود پي سلپ ڪنهن برف جي ڳنڍي جيان رجي رهي هئي.
    هن مهراڻ مرڪز وٽ هڪ هوٽل اڳيان گرم تنور وٽ ڪنهن کي مانيون ورهائيندي، پوڙهن، نوجوان عورتن ۽ ٻارن کي هڪ ٻئي سان وڙهندي ۽ ڌڪا کائيندي ڏٺو. هن اتي روز ائين ڪيترا بکايل مانيءَ تي وڙهندي ڏٺا هيا، پر هو دل ۾ ٽهڪ ڏئي ڪڏهن به نه کليو هيو. اڄ اهو منظر ڏسي هو وات تي هٿ رکي کليو. خوبصورت بکايل ناريون، معصوم ٻار ۽ ڏڪندڙ ڪراڙا هن کي ڪنهن ڍونڍ تي ويٺ ڳجهن جيان نظر آيا.
    هو اڳتي وڌيو ته ڪنهن عورت معصوم بيمار ٻار کي هن ڏانهن وڌائي خيرات گهري “دوا جا پئسا نه آهن... خدا جي واسطي ڪجهه خير ڏي.”
    هن جي دل ۾ ڪهل جاڳي هو بيٺو ۽ ڪجهه روپيا ان عورت کي ڏنا. هن پاڻ کي ڪڏهن به ايڏو کليل دل وارو ۽ سخي محسوس نه ڪيو هيو، پر اڄ هن جي دل چئي رهي هئي ته هو پئسا ڪڍي ڪنهن تي گهوري هوا ۾ اڇلائيندو وڃي.
    عورت کي پئسا ڏئي هن ڏاڍي خوشي محسوس ڪئي. هن کي پنهنجي ان خوشيءَ ۾ ٻه مرڪندڙ چپ نظر آيا ۽ هو به مرڪڻ لڳو. هو جهومندو اڳتي وڌيو، هن کي ٿوري بک محسوس ٿي. هن سوچيو ڪنهن هوٽل تي ويهي ماني کائجي. هو اوندهه ۾ جنريٽرن جي دونهي ۾ ڪنهن پاڇي جيان اڳتي وڌي اهڙي روڊ تي آيو جتي پاڻي نه هيو پر گندگيءَ جا ڍير هيا. رستو کڏا کٻا ۽ هيٺ مٿي هيو. هو آرام ۽ مزي سان هوٽل ڏانهن هلندو پئي ويو. خوشيءَ کان هن جي اندر ايترو ته اعتماد اچي چڪو هيو جو هن جو هر قدم لاپرواهيءَ ۾ کڄي رهيو هيو. اوندهه ۾ هن جون اکيون پوريل هيون ۽ سرور ڪنهن خمار جيان هن جي دماغ ۾ داخل ٿي چڪو هيو. هن کي هلندي ڪنهن رڙ ڪري اچي ٻانهن کان جهليو “صاحب کليل گٽر...” هن کي ڄڻ تمام پري کان ڪو آواز آيو. “خيال ڪريو اڄ صبح به هڪ ٻار ان ۾ ڪري مري چڪو آهي... ٿورو ڏسو.”
    هن ڏٺو، هن اڳيان هڪ وک تي گٽر واڳونءَ جيان وات ڦاڙيو ڄڻ اوندهه ۾ ستو پيو هيو. هن کان ذري گهٽ ٽهڪ نڪري ويو.
    “تنهنجي مهرباني ادا” هن کلندي ان ماڻهوءَ کي چيو ۽ ماڻهو هن کي حيرت مان ڏسندي هليو ويو.
    هو هوٽل ۾ پهتو ته بيري هن اڳيان گلاس ۽ شيشي جو جڳ رکيو. هن شيشي جي گلاس ۾ پاڻي اوتي چپن تائين آندو. ميرانجهڙو پاڻي، هن جي ڪوهيڙي ۾ نظر ايندڙ چهري جهڙو پاڻي، جنهن ۾ غلاظت هن جي ياد جيان تري رهي هئي. هن اکيون بند ڪيون ۽ گلاس کي وات تي چاڙهي پاڻي اندر اوتي ويو. ٿوري دير کانپوءِ بيرو هن وٽ کاڌي جو آرڊر وٺڻ آيو ته هن جي دل چاهيو هو ان سان ٿورو مذاق ڪري.
    “پاڻي ايڏو ميرو هيو جو مون سمجهيو تون ٿاڌل کڻي آيو آهين.”
    هن بيري کي چيو.
    “بس سائين اسين مجبور آهيون... جيڪو ميونسپل جي نلڪن مان اچي ٿو، اهو حاضر آهي.”
    ان کان اڳ جو بيرو وڌيڪ ڳالهائي هن ان کي مانيءَ جو آرڊر ڏنو، ان جي وڃڻ کانپوءِ هن کي کل اچي وئي. بيري جو تيز ۽ تڪڙ ۾ وضاحتي انداز هن کي ڪنهن مسخري جهڙو محسوس ٿيو. هن کي خبر هئي ته شهر جي واٽر سپلائي ۽ سيوريج زير زمين پاڻ ۾ ملي چڪيون هيون. ميونسپل جي نلڪن ۾ گٽرن جو پاڻي اچي رهيو هيو پر پوءِ به هو بيري کي ڀوڳ ڪرائي ڏاڍو لطف اندوز ٿيو.
    هن ماني کاڌي ۽ هڪ ويران گهٽيءَ مان واپس ڪوارٽر ڏانهن وڃڻ لاءِ ٿوري پنڌ وارو رستو اختيار ڪيو. هو گهٽيءَ ۾ ٿورو پنڌ اڳتي وڌيو ته برقعي ۾ ڪا عورت هن کي پاڻ ڏانهن وڌندي نظر آئي. ان عورت هن کي روڪيو. هو بيٺو ته ان پنهنجي منهن تان ڪپڙو هٽائي پنهنجيون ڪجهه مجبوريون بيان ڪيون.
    “مان توسان گڏ هلڻ لاءِ تيار آهيان.” ان عورت چيو ۽ ڪجهه گهڙين لاءِ ڄڻ هن جي جسم مان ساهه ئي نڪري ويو.
    “آخر توکي ڪهڙي مجبوري آهي جو تون ان ڪم لاءِ تيار آهين؟” هن ڪجهه ڊڄندي ان عورت کان پڇيو.
    “مونکي ڪجهه پئسن جي ضرورت آهي، منهنجو مڙس فوت ٿي چڪو آهي، ٻار بکايل آهي.” عورت جواب ڏنو.
    هن جو خوف ۽ جهجهڪ ختم ٿي ويا. هڪ ٽهڪ هن جي وات مان نڪري ويو.
    “ڇا ته زمانو اچي ويو آهي... مانيءَ لاءِ عورت پنهنجو پاڻ کي منهنجي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وئي آهي.” هن سوچيو ۽ ڪجهه پئسا ڪڍي ان عورت کي ڏنا. عورت اهي پئسا پنهنجن ڏڪندڙ هٿن سان ورتا ۽ پوءِ هوءَ حيرت مان ٽهڪ ڏئي اڳتي ويندڙ شخص کي ڏسندي رهي، جنهن کي انڌياري گهٽيءَ ۾ گم ٿيندي ڪا به ويرم نه لڳي.
    هو مستيءَ ۾ جهومندو جڏهن پنهنجي ڪوارٽر تي پهتو ته رات جا يارنهن وڄي چڪا هيا. هن ڪپڙا بدلايا ۽ اڱڻ ۾ پيل کٽ تي ليٽي پيو. هوا بند هئي هن اٿي پاڻي پيتو، هن پاڻ کي ڏاڍو توانو ۽ اڻ ٿڪيل پئي محسوس ڪيو. سندس ڏاڍو سٺو ڏينهن گذريو هيو. هن پاسو ورائي اوٻاسي ڏني.
    “اڄ ڪيڏي نه شاندار موسم هئي.” هن دل ۾ چيو ۽ پوءِ هن کي جلدي ننڊ جو گيرٺ اچي ويو.
    هو صبح سان اٿيو ته هن کي لڳو رات جهڙي ننڊ هن زندگيءَ ۾ ڪڏهن به نه ڪئي هئي. پرسڪون سٺن خوابن واري ننڊ، هن چانهن تيار ڪري پيتي، هو تيار ٿيو ته روز جيان هاڪر اخبار هن جي در کان اڇلي هليو ويو. هن اخبار هٿن ۾ کنئي ۽ ان جون سرخيون پڙهڻ لڳو. هڪ خبر جي سرخيءَ تي اچي هن کان رڙ نڪري وئي.
    “ڪالهه سکر شهر ۾ گرميءَ سبب ٽي ماڻهو مري ويا.” هن خبر پڙهي ۽ پوءِ حيرت مان هن جو ٽهڪ نڪري ويو.
    “ڪمال آهي... ايڏو ڪوڙ.” هن چپن ئي چپن ۾ چيو ۽ پوءِ اخبار کي پاسي سان رکي ڇڏيو.


    اوڪارا

    سيڪريٽريٽ جو نوجوان ڪلارڪ عبدالوهاب جڏهن پنهنجي فليٽ مان لهي سمنڊ ڪناري پهتو ته رات ڪافي لنگهي چڪي هئي. سندس پراڻو بوٽ سڪل واريءَ مان مٿي کڄي هن کي اڳتي هلڻ ۾ ڪا گهڻي مدد نه ڏئي رهيو هيو.
    هن نظر کڻي سمنڊ ڏي نهاريو ته هن کي لڳو پورو شهر ان ۾ غرق ٿي چڪو آهي ۽ ٻڏيل شهر جون روشنيون پاڻيءَ جي سطح تي تري رهيون آهن. هن مٿي ڏٺو، اڌ چنڊ سمنڊ ۾ پنهنجو ڀڳل چهرو حيرت ۾ ڏسي رهيو هيو ۽ ستارا ڄڻ سيءَ ۾ اڃان به سُسندا ٿي ويا. هن پنهنجي ٿلهي قميص جا ڪالر مٿي ڪري ڪنن تي رکيا ۽ اتي ئي ڪناري ڀرسان پيل پٿر تي ويهي رهيو. عبدالوهاب جيڪو ان شهر کان ٽي سوَ ميل پري هڪ ننڍڙي ڳوٺ جو رهاڪو هيو تنهن کي وڏين تڪليفن کانپوءِ اها ننڍڙي نوڪري ملي هئي. پگهار ته گهڻي نه هيس پر مٿئون جي ڪمائيءَ مان ايترو سو هيو جو گذر آسانيءَ سان پئي ٿيس. ڪجهه پئسا بچائي ڳوٺ مائٽن ڏي به موڪلي ڏيندو هيو ۽ باقي گذر سفر ڪرڻ واسطي هن لاءِ ڪافي هيا. هن جي خواهش هئي ته جيترو جلد ٿي سگهي سندس شادي ٿي وڃي ته هن جو آخري مسئلو به حل ٿي وڃي. اڪيلائين هن کي پريشان ڪري ڇڏيو هيو ۽ هر هر ايندڙ ويندڙ جوڙي کي ڏسي پيو آهون ڀريندو هيو.
    سمنڊ ڪناري اٺن منزلن واري عمارت ۾ هو هڪ بيچلر روم حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ته ٿي ويو هيو پر سندس زندگيءَ جو ڄڻ مقصد پورو نه ٿيو هيو. شاديءَ کانسواءِ هن پاڻ کي نامڪمل ٿي ڀانيو.
    سندس وڏي ڀاڻس جو ٻه چار ڏينهن اڳ ڳوٺ کان خط آيو هيو، جنهن ۾ لکيو هيائينس ته تنهنجي چاچي وارن زبيدا جي سنڱ لاءِ تاريخ مقرر ڪرڻ جو زور ڀريو آهي. پنهنجيءَ رضامنديءَ کان جلد آگاهه ڪر.
    خط پڙهي هن کي بي حد خوشي محسوس ٿي هئي، هن جي سئوٽ زبيدا جنهن جو چهرو سندس دل جي شڪل جهڙو هيو، گلابي ڀوري رنگ واري زبيدا، جنهن جي باري ۾ هو جيئن سوچيندو ويو ته ڄڻ ان سان هن جو پيار وڌندو ويو، هن محسوس ڪيو هوءَ سمنڊ ڪناري هن جي ڀرواري پٿر تي ويٺل آهي، سياري جي ٿڌي هوا ۾ ان جا وار اڏري سندس اکين سان ٽڪرائجي رهيا آهن. پر جڏهن هٿ کڻي هن اکين کي مهٽيو ته اتي واريءَ سواءِ ڪجهه به نه هيو. پوندڙ واريءَ ڪري هن جون اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي چڪيون هيون. هو ٽهڪ ڏئي کليو، پري سمنڊ مٿان اڌ ڀڳل چنڊ هن تي مرڪي رهيو هيو ۽ ستارا ترورن ۾ تبديل ٿي ويا.
    هن کي ڄاڻ هئي ته سندس مقدر ۾ اها سئوٽ ئي لکيل آهي جيڪا هن جي ننڍي ڀيڻ جي ڏي وٺ کانپوءِ سندس حصي ۾ ايندي، زبيدا ڪا گهٽ خوبصورت ڇوڪري نه هئي پر پوءِ به سندس دل جي ڪنهن ڪنڊ ۾ اها لڪيل حسرت هئي ته جيڪر هو شهر جي ڪنهن ڇوڪريءَ کي دل ڏئي پنهنجو ڪري وجهي، شهر جون سانوريون فيشن ڪندڙ ڇوڪريون هن کي بي حد وڻنديون هيون.
    وڏي شهر ۾ رهندي هن جي ڳوٺاڻي چال ڍال ۾ ڪو خاص فرق نه آيو هيو، صبح جو سوير سيڪريٽريٽ جي ملازمن سان سٿيل بس مان نڪري هو اهي ئي سٿڻ جا پاچا پيو ڇنڊيندو هيو.
    سيڪريٽريٽ جي وڏي گيٽ مان لنگهي جڏهن هو ڇهين فلور تي پهچي اسسٽنٽ آفيس سپرنٽنڊنٽ مس پروين جي ميز اڳيان لنگهيندو هيو ته سندس چال ئي بدلجي ويندي هئي. پريان هڪ ننڍي ٽيبل پويان پيل ڪرسيءَ تي ويهي هو فائيلن ۾ منهن وجهي پيو ٽيڊيءَ اک سان مس پروين کي ڏسندو هيو، ڪاري کهري چمڙيءَ واري پروين جنهن هن ڏي ڪڏهن ڌيان نه ڏنو.
    هڪ دفعي هن همت ڪري پروين جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ سندس پورٽريٽ ٺاهيو هيو، هن ڊرائنگ چار سال پهريون سکر ۾ ترسڻ دوران سينيما جا پوسٽر ٺاهيندڙ ماسٽر بوبيءَ کان سکي هئي، جيڪو سندس ڪوارٽر ڀرسان رهندو هيو.
    “ميڊم هيءَ تصوير توهان لاءِ.” هو ٿيڙ کائيندو تصوير هٿن ۾ کڻي پنهنجي ڪرسيءَ تان اٿيو هيو ۽ تصوير کي پروين اڳيان ڪندي چيو هيو. پروين پهريان ته هن جي ان حرڪت تي ڇرڪي هئي، پر پوءِ تصوير ڏسي خوش ٿي هئي.
    “اڙي تون ته پينٽر به آهين... واهه ڀئي واهه” هن تصوير وٺندي چيو هيو.
    تصوير ڪا شاهڪار ته نه هئي بس هن کي ان ڪري وڻي ڇو ته ان ۾ سڀ رنگ گهرا استعمال ٿيل هيا، سواءِ ڪاري جي، هن تصوير وٺي ڪرسيءَ پويان ڀت سان ٽيڪ ڏياري رکي ڇڏي هئي ۽ هو هٿن تان ڇڻيل رنگ صاف ڪندو اچي پنهنجي ڪرسيءَ تي ويٺو هيو ۽ پوءِ پروين پنهنجي ڪم ۾ مصروف ٿي وئي هئي. هن سيڪريٽريٽ جي ڇهين منزل تان ڪنڌ ورائي هيٺ ڪٽيانا ميمڻن جي گهرن ڏانهن نهاريو هيو. هڪ گهر ٻاهران ٻڪريون لوسڻ کائي رهيون هيون ۽ هن پاڻ کي دنيا جو بدنصيب انسان محسوس ڪيو هيو.
    جيئن رات گهري ٿيندي وئي سمنڊ ڪناري ڏي اٿلندو ويو، بليو باٽل فش ڪناري تي چڙهيل وير جي ڇڊي پاڻيءَ مٿان چانڊوڪيءَ ۾ صاف نظر اچي رهي هئي. ڪناري پيل پٿرن سان پاڻي ٽڪرايو ته ٿڌيون بوندون هن جي اکين سان ٽڪرايون، پري ڪنگن جي قطار انگريزي اکر ويءَ جيان چنڊ وٽان لنگهي ته هن کي شڪست جو احساس ٿيو، ڪناري بيٺل ماڻهو تيزيءَ سان ٿڙي پکڙي رهيا هيا ۽ هن کي سرد هوا ۾ عورتن جي جسم جي خوشبوءِ محسوس ٿي رهي هئي.
    هن شهر جي لکين عورتن ۾ ڪا ته هجي جيڪا هن ڪناري پيل پٿر تي هن جي ڀر ۾ ويهي دل جون ڳالهيون ڪري، هن جي دل ۾ ٻرندڙ جبل تي برف باري ٿي وسي.
    “آهه چنڊ ڪيڏو نه اڪيلو آ.” هن کان آهه نڪري وئي.
    ۽ پوءِ هن پاڻ کي برنس روڊ جي اندرين پاس بانٽوا گرلز اسڪول ٻاهران ٺهيل هوٽل تي ويٺل ڏٺو.
    هو ٻن پهرن جو سيڪريٽريٽ مان نڪري ان هوٽل تي مانجهاندو ڪندو هيو. هن کي خوبصورت بانٽوا ڇوڪريون ڏاڍيون وڻنديون هيون، سندن ڀريل جسم جن کي هو پليٽ ۾ سبزيءَ جي جاءِ تي مانيءَ سان کائيندو هيو.
    هن کي ياد آيو سال پهريون هن کي گوشت تمام گهڻو پسند هيو، پارسي جماعت خاني سامهون ايراني هوٽل تي هن کي رس ۾ ڀڳل ٻوٽين وارو گوشت بي حد وڻندو هيو، هڪ ڏينهن هو جيئن ئي ماني کائي رهيو هيو ته هوٽل ٻاهران هڪ خوفناڪ ڌماڪو ٿيو، هوٽل جي روشندانن جا شيشا چڪناچور ٿي هيٺ ڇڻيا ته گوشت جو ٽڪر اڏامي اچي ٻوڙ سان ڀريل پيالي ۾ ڪريو ۽ رس جون ڦينگان اچي هن جي منهن ۾ پيون ۽ ان ڏينهن کانپوءِ هن گوشت کائڻ ڇڏي ڏنو. ان واقعي ڪجهه وقت سندس جنسي حس کي پڻ متاثر ڪيو، کيس گهڻي وقت تائين صدر جي پراڻن فليٽن ۾ رهندڙ ۽ اتي فٽ پاٿ تي مني اسڪرٽ پائي گهمندڙ عيسائي عورتن جا سانورا سٿر ڏسڻ سان به هن جا جنسي جذبا نه اڀرنداهيا.
    سندس سوچون سمنڊ جي لهرن جيان اڀريون ٿي ۽ هن جي پيرن سان ٽڪرائي موٽيون ٿي، سمنڊ جو ڪنارو بوتل جيان خالي ٿي ويو ۽ هن جو وجود آخري بوند جيئن ان جي ڪناري تي لڙڪي رهيو هيو.
    جڏهن گهڻي دير گذري ۽ سمنڊ جو ڪنارو شرابيءَ جي اکين جيئن بي رونق ٿي ويو ته هن کي ننڊ جا گيرٺ اچڻ لڳا، هن اوٻاسي ڏني ۽ پوءِ ڪَرَ ڀنڃي هو پٿر تان اٿيو. هو هلڪا قدم کڻي ڪناري تي ٺهيل پٿرن جي ڀت تي هلڻ لڳو. هو ڪجهه اڳتي وڌيو ته هن کي پريان چنڊ جي هلڪي روشنيءَ ۾ ڀت جي اورين پاسي پٿرن جي ٺهيل ٻني جي اوٽ وٽ ٻه اڌ اگهاڙا جسم نظر آيا. هن جي اڳتي وڌندڙ قدمن کي ڄڻ ڪنهن پوري طاقت سان روڪي وڌو، هو آهستي ڀت تان ٻئي طرف هيٺ لٿو ۽ اوٽ ڏئي بيهي رهيو. هو ڪجهه دير اتي بيهي ڪجهه سوچيندو رهيو ۽ پوءِ ڀت جي اوٽ ۾ آهستي آهستي اوڏانهن وڌيو، سندس ضمير ملامت ڪري رهيو هيو ته هن جو اهو عمل صحيح نه آهي. هن کي اوڏانهن وڃي ڪنهن جي ذاتي عمل ۾ رخنو نه وجهڻ گهرجي، پر پوءِ به سندس دل چاهيو ته هو اتي وڃي انهن کي ڏسي ۽ پنهنجي ويران دل کي ڪجهه آٿت ڏئي.
    هو اتي پهچي پٿرن واري ٿلهي ڀت جي اوٽ ڏئي هيٺ ويهي رهيو، سيءُ هن جي جسم مان غائب ٿي ويو. هن پنهنجي هٿن سان منهن کي محسوس ڪيو، اهو گرم ٿي چڪو هيو.
    هن اوندهه ۾ ڀت اندر اهڙو سوراخ ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن مان هو ڀت جي پار ٻئي پاسي ڏانهن ڏسي سگهي، پر ٿلهي ڀت ۾ اهڙو ڪو به سوراخ نه هيو. هو اتي ئي ڀت کي ٽيڪ ڏئي ويهي رهيو.
    هن ڪنڌ مٿي ڪري نهاريو چنڊ به ڄڻ تجسس مان هيٺ ڏسڻ لاءِ تيزيءَ سان وچ آسمان تي اچي چڪو هيو ۽ هلڪي چانڊوڪيءَ ۾ ٻن اڌ اگهاڙن جسمن جي خوشبوءِ اڏامي رهي هئي.
    هن ڀت جي ٻئي پاسي ڪنايو، هن کي ٻن پياسن چپن جي ڀڻ ڀڻ صاف ٻڌجي رهي هئي. هن سوچيو هو همت ڪري اٿي ڀت جي ٻئي پاسي ڏانهن نهاري پر هن کي خوف محسوس ٿيو، متان انهن جي نظر هن تي پئجي وڃي ۽ هن کي اجايو خوار ٿيڻو پوي.
    “پر آخر انهن کي اتي عرياني ۽ فحاشي ڦهلائڻ جو ڪهڙو ضرور هيو؟” هن سوچيو. “ٿي سگهي ٿو اهي زال مڙس هجن.”
    هن وري سوچيو “جيڪڏهن اهي زال مڙس آهن ته آخر ائين کليل آسمان هيٺان سمهڻ جو ڪهڙو ضرور هيو؟”
    ڪئي سوال هن جي ذهن ۾ اڀريا، هن وٽ انهن جا جواب نه هيا، هن سوچيو شايد هيءُ شهر جي فيشن ايبل سوسائٽيءَ جو ڪو ڇڙواڳ جوڙو آهي جيڪو ٿوري تسڪين لاءِ ٻيو ڪو مناسب هنڌ نه ملڻ ڪري ڪمهلو هت اچي ستو آهي!
    پوءِ هڪ دفعو وري هن ڪنائڻ شروع ڪيو.
    مرد جا تيز ٿڌا ساهه کڻڻ جا آواز هن کي ٻڌڻ ۾ اچي رهيا هيا، گهڙي گذري ته عورت کان چنگهه نڪري وئي.
    هن محسوس ڪيو عورت جو آواز تير جيان هن جي وجود ۾ پيهجي ويو. درد سرور جيان دل مان ڦٽيو ۽ پوري جسم ۾ ڦهلجي ويو. هن کي لڳو ڪنهن شڪاريءَ ڪنڊي سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ اڇلائي هجي ۽ ڪنڊي ڪرڻ واري هنڌ کان لهرون پيدا ٿي گول دائري ۾ ڦهلجي ويون هجن.
    سندس دل تيزيءَ سان ڌڙڪڻ لڳي، ٿڌ هوندي به هن پيشانيءَ تي هٿ ڦيريو ته اها پگهر کان آلي ٿي چڪي هئي. هو تصور ۾ ٻه اڌ اگهاڙا جسم ڏسڻ لڳو، ٻه اڌ اگهاڙا جسم جن ۾ جوانيءَ جي باهه ٻري رهي هئي ۽ انهن مٿان چنڊ باهه مان نڪرندڙ ڄر تي لڏي رهيو هيو، ستارا دونهي جي بادلن ۾ گم ٿي چڪا هيا. هن تصور ۾ ڏٺو ٻه پاڇا هڪٻئي کي چهٽيا پيا هيا. چار ٻانهون ٻن جسمن کي ويڙهيل هيون ۽ اهي برهه جي باهه ۾ اکين کان اوجهل هيا.
    هو جيئن سوچيندو ويو هن جو جسم ٻرندو ويو.
    سمنڊ ڪناري ٺهيل ڊگهين عمارتن ۾ فليٽن جون بتيون وسامي ويل باهه جي چڻنگن جيان دکيل هيون. پريان ڪڏهن ڪنهن گاڏيءَ جو زوڪٽ ائين ٿي لڳو ڄڻ وحشت جي ڏائڻ ڊيڄارڻ لاءِ آخري وس ڪندي هجي.
    پر هو مدهوش ڀت کي ٽيڪ ڏئي ويٺو رهيو. هن اهڙي ڪا به حرڪت نه ڪئي جنهن مان ڀت جي ٻئي پاسي موجود جوڙي کي اها کڙڪ پئجي وڃي ته اتي ڪو ئي موجود آهي.
    هن وري ڪنايو ته هن کي مرد جي آهه ٻڌڻ ۾ آئي. عورت جون چوڙيون کڙڪيون ته هن جي دماغ ۾ ڄڻ وڄ چمڪي پئي. روشني دماغ مان سفر ڪري اکين مان نڪتس ته ڄڻ کن پل لاءِ هو نابين بنجي ويو پر پوءِ پريان فليٽن جون ٻرندڙ ڪجهه روشنيون چڻنگون بنجي اکين ۾ لهي ويس. هن پنهنجيون اکيون بند ڪري ڇڏيون. هن تصور ۾ پاڻ کي پروين سان گڏ ڏنو. هوءَ سندس ڀرسان آئي ۽ ان پاڻ کي هن حوالي ڪري ڇڏيو.
    پوءِ ڪنگن جا ڪيترا ٽولا قطار ڪري چنڊ اڳيان لنگهي ويا پر هن نه ڏٺا، هن لاءِ پنهنجي محبوب جو تصور ڪافي هيو. هن جو سانورو محبوب جيڪو رات جي وچين پهر ۾ سانجهيءَ جيئن هن جي جهول ۾ ليٽيو پيو هيو. هن پنهنجيون آڱريون جڏهن ان جي وارن ۾ وڌيون ته اوندهه سمنڊ جو روپ وٺي لهرون ٿي وئي. هن ان کي چميو ۽ ڇاتيءَ سان لاتو ته ڄڻ پياسي ڌرتيءَ تي سانوڻ جو پهريون مينهن وسي پيو ۽ هن مٽيءَ جي خوشبوءِ محسوس ڪئي.
    رات جيئن اڳتي وڌندي وئي هوا تيئن سرد ٿيندي وئي پر هن جي پيشانيءَ تي پگهر جون بوندون چانڊوڪيءَ ۾ ڄميل برف جيان رجندي نظر آيون. سمنڊ اندر سانوڻ واري گاج نه هئي. سياري جو سمنڊ سدائين سست هوندو آهي. سمهيل ۽ وقت جي تبديلي يا طوفان جا خواب ڏسندڙ. اتي سانت، هيسيل ۽ ڊنل پکيءَ وانگر کنڀن ۾ منهن لڪائي ڪنهن رڙ جو انتظار ڪري رهي هئي. اتي ڪجهه به نه هيو سواءِ هن جي ۽ ڀت جي ٻئي پاسي موجود ان اڌ اگهاڙي جوڙي جي جيڪو هن جي موجودگيءَ کان لاعلم زندگيءَ جو مزو ماڻي رهيو هيو. هن جون نظرون وري ستارن ڏانهن کڄي ويون. هن محسوس ڪيو ستارا چمڪندڙ ڏندن جيئن هن تي کلي رهيا هيا. هن ٿورو شرم محسوس ڪيو پر پوءِ وري هن جو ڌيان عورت جي چوڙين جي آواز ڏانهن ڇڪجي ويو. مرد جي ساهه کڻڻ جو آواز تمام تيز ٿي چڪو هيو ۽ عورت هلڪيون آهون پئي ڀريون. هن تڪڙ ۾ ڀت اندر وري ڪو سوراخ ڳولهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي. سندس دل چاهيو ته هو اٿي ڪنڌ مٿي ڪري اهو لقاءُ اکين سان ڏسي، پر سندس چانڊوڪي مٿان اچي چڪي هئي. هن سوچيو جيڪڏهن هن ائين ڪيو ته هو روشنيءَ ۾ ظاهر ٿي پوندو. هن جو تجسس وقت سان وڌندو ويو.
    عورت ۽ مرد جي آوازن مان محسوس ڪيو ته اهو عمل پنهنجي انتها کي پهچي ڪجهه گهڙين ۾ ختم ٿيڻ وارو آهي. هن ٻڌو ۽ محسوس ڪيو ته مرد جي چچريل آوازن ۾ ڏڪڻي سمايل هئي ۽ ڄڻ عورت هن جي سيني هيٺان دٻيل آهون ڀري رهي هئي.
    هن جون اکيون سرور مان بند ٿي ويون ۽ سانوري پروين ماڪ جيئن هن مٿان وسي پئي، هو هيٺ ڌرتيءَ تي ڍلو ٿي ويهي رهيو. ڀت پويان تيز ساهن جا آواز ڄڻ هن جي سيني مان نڪري رهيا هيا. هن پروين کي تصور ۾ چميو ته سندس چپ ٽانڊن ۾ تبديل ٿي ويا. هن کي محسوس ٿيو نيٺ هن پروين کي حاصل ڪري ورتو. پروين جيڪا هاڻي هن کان ڪڏهن جدا نه ٿيندي. اها هميشه هن جي رهندي، سندس ٻانهون ان جي چيلهه چوڌاري ويڙهبيون ويون.
    سياري جو سمنڊ سست هيو ۽ هوا جاڳي رهي هئي هن جي اکين جيان، هن جون اکيون مٿي چنڊ ۾ اٽڪيل هيون. اڪيلو چنڊ جيڪو ستارن ۾ ڪجهه ڳولهي رهيو هيو ۽ ستارا جيڪي پگهر جي بوندن جيئن هن جي پيشانيءَ تي چمڪي رهيا هيا.
    گهڙي گذري ته هو گوڏن ڀر اٿي ويٺو، هن محسوس ڪيو ڀت جي ٻئي پاسي به مڪمل سانت ڇانئيل آهي. ان کان اڳ جو انهن جي نظرن ۾ اچي وڃي. هو تيزيءَ سان ڀت جي اوٽ ۾ پير پير ۾ ڏئي وٺي ڀڳو. جڏهن هو ڪافي پري نڪري آيو ته پٿرن تان لهي سمنڊ جي آلي واريءَ تي تيز وکون کڻندو ٿوري پنڌ واري وچين رستي سان پنهنجي ڪمري واري بلڊنگ کي اچي ويجهو ٿيو.
    ڪمري ۾ پهچي هن ڪپڙا بدلايا ۽ پوءِ پاڻ کي بستر تي ڇڏي ڏنو. هو اونڌي منهن بستر تي ڪريو ته صبح جا آذان ٿي رهيا هيا. هن جي اک لڳي ته سندس اوڀر واري دريءَ مان اڀ تي نيراڻ ظاهر ٿي.
    هو ڪجهه گهڙيون ليٽيو رهيو ۽ پوءِ اوچتو تيزيءَ مان بستر تان اٿيو ڇو جو کيس خبر هئي ته وقت تي آفيس پهچڻو آهي. هو گهڻو وقت نه سمهيو هيو پر پوءِ به هن پاڻ کي تازو توانو پئي محسوس ڪيو.
    جڏهن هو تيار ٿي هيٺ پهتو ته سندس سامهون اهو ئي رستو هيو جتان هو رات دير سان واپس وريو هيو ڇو جو شهر وڃڻ لاءِ اهو ئي واحد رستو هيو. هو روڊ وٺي سمنڊ ڪناري بس اسٽاپ ڏانهن وڌيو. ڪجهه اڳتي هليو ته هن کي پري کان ماڻهن جو هجوم ڏسڻ ۾ آيو. ماڻهن جو هجوم ٺيڪ ان جاءِ تي هيو جتي هن رات ان اڌ اگهاڙي جوڙي کي ڏٺو هيو.
    “يا خدا خير...” سندس چپن مان نڪري ويو.
    هو وڌي اچي اتي پهتو ته ڪئي ماڻهو هڪ ٻئي سان سمجهه ۾ نه ايندڙ آوازن ۾ ڳالهائي رهيا هيا.
    هن اڳتي وڌي هڪ شخص کان پڇيو “خير ته آهي ڇا ٿيو آهي؟”
    “ڪنهن عورت ۽ مرد جو لاش آهي... لڳي ٿو فقير آهن... شايد بک ۽ سيءَ کان سڄي رات تڪليف برداشت نه ڪندي موت جي ور چڙهي ويا آهن.” ان شخص جواب ڏنو.
    هن جي جسم مان ڌرڙي نڪري وئي، ڄنگهون هلڻ کان جواب ڏئي ويس، ڳالهائڻ جي همت نه رهيس، هن ڳيت ڏئي نڙي صاف ڪئي ۽ پوءِ هو ڳورين ڄنگهن سان هلندو هجوم ۾ اچي پهتو، هن ڏٺو، هن اڳيان ساڳي رات واري جاءِ تي ڀت جي اوٽ ۾ هيٺ واريءَ تي ٻه اڌ اگهاڙا لاش پيا هيا. انهن جون اکيون ڏرا ڏئي ويون هيون. جسم آڪڙجي ٺوٺ ٿي چڪا هيا. اهي اڌ وهيءَ جا انسان هيا. سانوري چمڙيءَ وارا جن جي خالي پيٽ مان ڪرنگهي جو هڏو ظاهر ٿي رهيو هيو.
    “ويچاري انسان جو ڪو حال ئي نه آهي.” ڪنهن ڳالهايو.
    “بيشڪ... لڳي ٿو رات وڏي تڪليف کانپوءِ انهن جو موت واقع ٿيو آهي.” ڪنهن ٻئي چيو.
    “ها غربت چهڙي لعنت ئي نه آهي.” ۽ ڪنهن ٽئين ڳالهه کي وڌائيندي چيو.
    ماڻهو اتي چئمگويون ڪندا رهيا ۽ هن ۾ وڌيڪ ڏسڻ جي سڪت نه رهي. سندس مٿي کي هلڪا چڪر اچڻ لڳا. جڏهن ڄنگهون صفا ڏڪڻ لڳس ته هو آهستي هجوم مان واپس موٽيو. پيٽ ۾ جهٻڪا محسوس ٿيس ته لڳو ڄاڻ الٽي آيس. هو لڙکڙائيندو آلي واريءَ تي هلندو سمنڊ طرف وڌيو.
    سمنڊ تي پهچي هو گوڏن ڀر ويهي رهيو. هن کي اوڪارا اچڻ لڳا. هو جڏهن ڪافي وقت اوڪارا ڏئي ٿڪو ته هن آلين اکين سان سمنڊ جي پاڻيءَ ڏانهن نهاريو. کارو پاڻي جيڪو سندس اکين ۾ موجود هيو.


    انساني نسل جو آخري ساهوارو

    الواصف بن لوبان کي جڏهن زنجيرن ۾ جڪڙي اهرمن آڏو پيش ڪيو ويو ته هن جا لڱ زنجيرن جي وزن کان ڍرا ٿي چڪا هيا ۽ جسم رهڙجي چڪو هيو. بن لوبان کي اگهاڙي پٺيءَ پويان ازدها جي پڇ کي چهبڪ جيئن استعمال ڪر ائين ٿي لڳايو ويو جو هن جي چمڙيءَ جا ٽڪر هوا ۾ ٿي اڏاميا ۽ پوءِ بن لوبان ٿڪجي هارجي گوڏن ڀر ڪريو ته هن نماڻين اکين سان اهرمن کي عرض ڪيو “ته ڇا تون منهن جو ديوتا نه آهين؟... تون ئي ته مونکي اها طاقت عطا ڪئي جو آئون بڙ جي وڻ کي حڪم ڪيو ۽ اهو چيرجي ويو. ان وڻ تي ويٺل ڪانءَ اڏاڻا ۽ انهن تنهن جي طاقت جي گواهي ڏني ۽ جڏهن منهنجا دشمن ڳولهيندا اچي اتي پهتا ته انهن خاموشي اختيار ڪئي. ڇا منهنجي حڪم ۾ تنهنجي حڪمت ۽ گُر سمايل نه هيا؟... آئون اشارو ڏنو ۽ وڻ ٻه اڌ ٿي ويو. ڇا منهنجي شڪتيءَ ۾ تنهنجي شڪتي شامل نه هئي؟”
    ۽ پوءِ جڏهن بن لوبان ڳالهائي ٿڪجي پيو ۽ هن ڪنڌ نوائي پنهنجي ڪلهي تي رکيو ته اهرمن پر جلال آواز ۾ هن کي مخاطب ٿي ڄڻ اڀ کي ٿي لرزايو “بن لوبان تون مصيبت جي گهڙيءَ ۾ غافل ٿئين، تون ٻاڏائڻ کان لاتعلق رهين. تون پنهنجو حڪم هلايو. اهرمن توکان وسري ويو. ڇا توکي خبر نه هئي ته اسان ٻانهي کي شڪتي ۽ حواس ڏئي امتحان ۾ وجهندا آهيون ته ڇا هو اوکيءَ ويل اهرمن کي وساري پاڻ ته حاڪم نه ٿو ٿي ويهي ۽ بيشڪ تون ائين ئي ڪيو جنهن جي توقع تومان ڪونه ٿي رکي وئي!”
    اهرمن آڏو پيش ٿيڻ کان اڳ بن لوبان ٻن حصن ۾ ورهايل هيو. آري رڙ جيان مٿي بلند ٿي هن جي جسم مان پار ٿي چڪي هئي. هن جي جسم جو هڪ حصو نيڪي هيو ۽ ٻيو بدي هيو. جڏهن اهرمن وري هن جا ٻئي حصا هڪ ٻئي سان ٿي ملايا ته هن رڙ ڪئي. “اي اهرمن بديءَ واري حصي کي دوزخ جي ڳجهن حوالي ڪِر جيئن آءُ فقط نيڪو ڪار ئي رهي سگهان.” اهرمن کي مٺيان لڳي ۽ پوءِ هن بن لوبان کي وراڻيو “اسان هر شيءِ تنهنجي ڀلي لاءِ ٺاهي ته جيئن تون گناهن جي هوندي ثوابن جي تميز ڪري سگهين. بيشڪ ڪا شيءِ مونکان ڳجهي نه آهي. آئون اهرمن آهيان ۽ هر شيءِ ڄاڻان سڄاڻان ٿو.”
    پوءِ اهرمن هن کي ٻيهر ٺاهيو ۽ مٽيءَ سان ڳنڍي ٻه حصا پاڻ ۾ ملايا ته هو مڪمل ٿي پيو. پر جڏهن اهرمن جي خليفي زرتشت هن جي جسم کي ڇهيو ته هن جي جسم کي ويڙهيل زنجيرن پويان ڳنڍ جو نشان اڃان به واضح هيو. خليفي رڙ ڪري اهرمن کي التجا ڪئي، “بيشڪ اهرمن تنهنجي حڪمت جي توکي ئي خبر پر اهو ڪيئن ممڪن آهي ته ڪير وهنجي ۽ هن جا لنڱ آلا نه ٿين. هو گهمي ۽ هن جي قدمن جا نشان نه ٺهن، ڌرتتيءَ ۾ ڌرتيءَ تي هن پاڇو نه ٺهي ۽ گپ ۾ ڊوڙي ته گندگيءَ جون ڦينگون نه بلند ٿين؟! اي اهرمن هن جي جسم جي لڪير کي ميسار ۽ هن جي تڪليف واري ڏور کي ڍرو ڪر.”
    بيشڪ اهرمن پنهنجن سچن بندن جي پڪار کي ويجهو ڀائين ٿو ۽ جڏهن خليفي هن کي ٻاڏايو ته هن جو جلال جهڪو ٿيو. پوءِ هو اٿي اڳتي آيو ۽ جڏهن هن بن لوبان جي سيني تي هٿ ڦيريو ته ڪا وڇوٽي نه رهي. هو هڪ ٿي پيو. پر پوءِ به جسم سان ويڙهيل زنجيرن ڪري هن جو خوف پيرن تي ٽمندو رهيو.
    اهرمن هن کي معاف نه ڪيو ۽ جڏهن زنجيرن ۾ هٿ وجهي هو سنگ مرمر جي فرش تي گهليو ويو ته پويان هن جي رت مان ٺهندڙ ليڪو ڪنهن زخمي نانگ جي صورت ۾ فرش تي ڪريل نظر آيو.
    پوءِ هن کي هن جي اعمالن جي پهاڙ تي چاڙهي ڪاري پٿر سان ٻڌو ويو. جڏهن ڏينهن جو ڳجهون هن جو جيرو کائينديون هيون ته رات جو وري جيرو ٺهي پوندو هيو.
    ڇا هن کي ڪئي سال اتي ڳجهن حوالي نه ڪيو ويو؟ ۽ پوءِ جڏهن هڪ سزا پوري ٿي ته هن کي وري اهڙي هنڌ آندو ويو جتي هڪ وڏو پٿر هن حوالي ڪري حڪم ڪيو ويو ته هو ان کي مٿي پهاڙ طرف گهلي ۽ جڏهن اهو اتي پهچي وڃي ته وري واپس هيٺائين طرف آندو وڃي. بن لوبان ڪئي ورهيه ان عمل ۾ گذاريا. پر هو نه بخشيو ويو ۽ آخر هن لاءِ اها سزا تجويز ڪئي وئي ته هن کي ڪاري سمنڊ جي ڪاري مڇيءَ جي پيٽ ۾ اڇلايو وڃي.
    ۽ پوءِ بن لوبان بدبودار مڇيءَ جي پيٽ ۾ وقت گذاريو. نه هو ڊوڙي سگهندو هيو ۽ نه سنئين طريقي ويهي سگهندو هيو. هو اپاهج بنجي ويو. هن جون اکيون روشنيءَ لاءِ سڪنديون رهيون ۽ ساهه بدبودار مڇيءَ جي پيٽ ۾ گهٽجندو رهيو.
    تڏهن هن اهرمن کي ٻاڏايو “اي اهرمن اهو ڪيئن ممڪن آهي ته آئون توکي راضي ڪري سگهان. هڪ مڇيءَ اندر موجود هجان ۽ جسم ۾ بدبوءِ نه رهي. ڇا اهو ممڪن آهي؟ اوندهه هجي ۽ آئون ڏسي سگهان؟ مان اپاهج آهيان... محدود آهيان. منهنجيون ٻانهون مڇي جي جسم ۾ جڪڙيل آهن!”
    پوءِ بن لوبان هڪ ڊگهي عرصي تائين قيد ٿي ويو، اوندهه هن کي پنهنجي وڌندڙ وارن جي چڳن جيئن محسوس ٿي. هن کي لڳو هو وارن ۾ ويڙهجي چڪو آهي. اوندهه آهي جيڪا هن جو ڪفن بنجي چڪي آهي. هن جڏهن اکيون ٿي بند ڪيون ته هن جي مقدر جون محبوبائون اوندهه جي چنڊ جيان ٿي اڀريون ۽ جڏهن اکيون ٿي کوليون ته هن جا گناهه سڙيل سج جيان ڪاري آسمان تي ٿي نظر آيا.
    بيشڪ بن لوبان اهرمن کي ٻاڏائيندو ۽ تڙپندو رهيو. پر هن جي آس پاس جڏهن اوندهه ۾ ڪا به تبديلي نه آئي ته هن محسوس ڪيو ٻه روشنيءَ جا ترورا هن جي دماغ ۾ جاڳيا آهن.
    هن ڏٺو پريان ڪو قافلو آهي جيڪو هن اڳيان واضح پيو ٿيندو وڃي. اهو قافلو جڏهن ويجهو آيو ته هن سڃاتو، اهو قافلو يعقوب جي يارهن پٽن جو هيو جيڪو مصر طرف روانو ٿي چڪو هيو. هن يوسف کي فرعون جي درٻار ۾ ڏٺو جيڪو هڪ وزير جي ڪرسيءَ تي براجمان ويو. اهو ڪرسيءَ تان اٿيو ۽ پنهنجن يارهن ڀائرن ۽ انهن جي اهل وعيال کي پنهنجي سيني سان لاتو، بيشڪ عقل وارا ڄاڻن ٿا ته وقت نه گذرندو آهي واقعا گذرندا آهن.
    جڏهن بني يعقوب، موسيٰ جي سربراهيءَ ۾ ڪنعان جو رخ رکيو ته بن لوبان ان قافلي جو آخري مسافر هيو. هو گناهن جو طوق پائي قافلي پويان ائين ٿي آيو جيئن انسانن جي نسل جو آخري ساهوارو هجي. چاليهه سال ريگستان ۾ رلندي جڏهن من وسلوا کي نازل ڪيو ويو ته هن جي حصي ۾ هڪ داڻو به نه آيو ۽ هن جا آنڊا هڪ ڊگهي نانگ م تبديل ٿي ويا. تڏهن موسيٰ هن وٽ آيو ۽ آڱر جي اشاري سان کيس مصر ڏانهن اشارو ڪندي چيائين “گناهگارن لاءِ ڪنعان جي سرزمين تي ڪا به گنجائش نه آهي. وڃ مصر جي فرعونن جي زمين تنهنجو انتظار ٿي ڪري.”
    هو جڏهن واپس موٽيو ته آخري فرعون جو اهرام ڄڻ هن جي پٺيءَ تي لکيو ويو ۽ جڏهن پٿر جون ڇپون رکي هن کي مٿاهينءَ طرف ڊوڙايو ويو ته هن جي ڪرنگهي ۾ سڱ نڪري آيا.
    بن لوبان جنهن جو ڪرنگهو مڇيءَ جي پيٽ ۾ ڪنڊن جيان هيٺ لهي ويو ۽ مڇي درد کان ڦتڪڻ لڳي. هو اٿيو ۽ هن پنهنجن ڊگهن ننهن سان مڇيءَ جو گوشت کوٽي وات ڏي وڌايو ته هن جي منهن مان آنڊن جو نانگ سٽ ڏئي اهو کسي ويو. هن جي اکين ۾ ڳاڙهيون رڳون سنهن ڪيڙن جيان چرڻ لڳيون. هو اوندهه ۾ ڏسڻ جي قابل ٿي ويو.
    هو اهرمن کي ياد ڪري رنو ته گناهه هن جي اکين مان ڇڻيا ۽ رت جو ڪارو سمنڊ ڇوليون هڻڻ لڳو.
    بن لوبان بدبودار مڇيءَ جي جسم جو حصو ٿي ويو. هو رنو ٿي ته روئڻ جا پڙاڏا هن تي چٿر ڪرڻ لڳا ۽ جڏهن کليو ٿي ته ڄڻ اوندهه جا پڙاڏا هن تي ٿي کليا.
    بن لوبان جي دنيا مڇيءَ جو پيٽ هئي. هن جو تند ناڙي جي صورت ۾ دن وٽان شروع ٿي مڇيءَ جي آنڊن سان ملي چڪي هئي. پهريون هن ناخوش گذاريو ۽ پوءِ هو ان جو عادي ٿي ويو. هن نوان حواس ماڻيا. هو سمهيو ته هن جي نيڻن مان هزارين نيڻ گلن جيان ڦٽي پيا. هن جي خوابن مان ڪئي ڪردار جاڳيا ۽ حقيقت جو روپ وٺي هن آڏو آيا. هن خاموشيءَ ۾ ڀڻڪيو ته هن جي ڀڻڪ هزارين لفظن کي جنم ڏنو. هن سوچيو ته هن جي سوچ جي هزارين ڪرڻن ڪئي دماغ تخليق ڪري وڌا. هو جاڳيو ته اڪيلو نه هيو پر جاڳ ۾ هو پري پري تائين موجود هيو. هزارين دماغ سج جيان ڪپيل ڪنڌن تي رکيل هيا. پوءِ به بن لوبان پنهنجي اهرمن کي نه وساريو. هن هميشه ڇوٽڪاري لاءِ هٿ مٿي کنيا. جڏهن هن جا هٿ مٿي بلند ٿيا ته سندس آڱريون ڪرڻن جيان مڇي جي وجود کان پار ٿي ويون.
    هزارين ورهيه بن لوبان جي جسم مان پگهر جيان وهي ويا. هن جي جسم جي پگهر مان انگورن جي ول ڦٽي ۽ مئخانا آباد ٿيا، راتيون جاڳي پيون ۽ تماڪ سڙڻ لڳو. هن جي سيني جي وارن کي ساڙي شهر آباد ڪيو ويو. چمنين مان زهر دونهون ٿي مٿي اڀريو ته هن جا ڦڦڙ تازي ڪنڌ لٿل جسم جيان ڦتڪڻ لڳا. هن جو وجود ڊهڻ لڳو ۽ جيئري رهڻ لاءِ ٺهڻ لڳو.
    هن ڏٺو اوندهه ۾ ستارا مٿي اڀري سرطان ٺاهي رهيا آهن، اهي ستارا هيٺ لهندا هن جي وجود ۾ گم ٿي ويا. هن هٿ هڻي سرطان جي ڳوڙهن کي محسوس ڪيو ۽ پوءِ هن سٽ ڏئي هڪ ڳوڙهيءَ کي پٽي جسم کان ڌار ڪيو. ان ڳوڙهيءَ جون پاڙون جسم مان ڇڪجي ٻاهر نڪري آيون. هن ڏٺو اها ڳوڙهي هڪ ڪيڪڙي ۾ تبديل ٿي وئي.
    “بيشڪ انهن لاءِ هر شيءِ ۾ سبق موجود آهي پر اهي نه ٿا سوچن ۽ پنهنجي اهرمن جي ناراضگيءَ جو سبب نه ٿا ڄاڻن.”
    هن پريان ايندڙ آواز کي ڪنايو. هو جيئن ئي ٻڌڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هيو ته هڪ زوردار ڌماڪو ٿيو ۽ هن جي جسم جي ٽڪڙن جا هٿ ڄڻ هڪ ٻئي مان ڇڏائجي ويا هو ذرا ذرا ٿي وکرجي ويو. هڪ وڏو ذرو ننڍن ۾ ورهائجي گهٽجي ويو. هن همت ڪئي پاڻ کي وري گڏ ڪيو ۽ ٺهي پيو. هو اهڙو ٺهيو جو وري ڪو به ڌماڪو هن کي الڳ ڪري نه سگهيو. هو ناسور جيئن ڳوڙهن ۾ تبديل ٿي ويو، پوءِ ائين ٿيو جو بن لوبان جو جسم بگڙجندو ويو. هن جو دماغ پٿر جو ٿي ويو ۽ دل ٽامي ۾ تبديل ٿي ڌڙڪڻ ڇڏي ڏنو. هن جي وجود جي کل چهبڪ سٺا ۽ ماحول جي تابڪاري محسوس ڪري ڪنهن ڪاٺ جي ٿڙ جهڙي ٿي وئي، ان تي بغاوت جا ڇوڏا نڪري بيهي رهيا. هو ڪيترو وقت سرطان جا ڳوڙها پنهنجي وجود مان چونڊي سمنڊ حوالي ڪندو رهيو.
    پوءِ بن لوبان اڳيان اهو راز منڪشق ٿيو ته ساهواري جو هر حصو بغاوت مان پروان چڙهي ٿو.
    بن لوبان مڇي جي وجود ۾ هزارين سال گذرڻ کانپوءِ هڪ نئين وجود ۾ تبديل ٿي ويو. وقت سان گڏ هن جو وجود سرطان جيئن وڌندو ويو.
    ۽ پوءِ گهڻن سالن جي سفر کان پوءِ هن جي وجود وڌي مڇيءَ جو پيٽ ڦاڙي وڌو، بن لوبان مڇيءَ جي پيٽ مان آزاد ٿيو. هن ٻاهر نڪري تازو پاڻي پنهنجي جسم سان محسوس ڪيو ۽ اهرمن جو شڪر ادا ڪرڻ بجاءِ پنهنجي وجود تي فخر ڪيو. هن جو ڪارو ناسي وجود جيڪو سخت کل هيٺان پٿرن جي ڍير جيان موجود هيو، اهو سمنڊ جي لهرن ۾ ڪنهن ٻيٽ جيان هيٺ مٿي ٿي ترڻ لڳو.
    هن جو وجود جنهن ۾ جيرو سائي پتي ۾ تبديل ٿي ڳجهن کي موت جي دعوت ڏيڻ لڳو. هن جا هٿ ڪنهن وڏي پٿر کي مٿي چاڙهي آسانيءَ سان اڇلائي پئي سگهيا ۽ ڪنهن ازدها کي چهبڪ جيئن هن جي پٺيءَ تي وسايو وڃي ها ته هوند اهو ازدها گوشت جي سوين ذرن ۾ تبديل ٿي اڏامي وڃي ها. پوءِ بن لوبان جڏهن اهرمن جي طاقت جي لڪير کي اورانگهيو ته اهرمن جو منهن لهندڙ سج جيان لال ٿي ويو. قهر آسماني وڄ جيان لڪيرون ٺاهيون ۽ سمنڊ جو پاڻي لهرون ٿي ڦتڪڻ لڳو.
    اهرمن جلال ۾ آيو ته سوين قهر مينهن جيان وسي پيا، هزارين سزائون طوفانن جو روپ وٺي سمنڊ مٿان گول ڦري پاڻيءَ جا ڪُن ٺاهڻ لڳيون. ڪائنات ڏڪي وئي. ابابيل آيا... هاٿي آيا... ڀولا ۽ باندر آيا... نوح جو ٻيڙو آيو... ياجوج آيا... ماجوج آيا... ڄڻ ته قيامت آئي.
    پوءِ جڏهن سڀ لنگهي ويا ته بن لوبان سمنڊ جي سطح تي نروار ٿي پنهنجي نرڄو جسم سان اچي ڪناري تي پهتو. هن وک وڌي ۽ ڪناري ڀرسان بيٺل ڪارن جبلن طرف وڌيو.
    جڏهن هو اتي هڪ پٿر تي ويٺو ته ائين ٿي ڏٺو جيئن هو به هڪ پٿر هجي.
    تڏهن زرتشت هٿ ادب جا ٻڏي سر جهڪائي اڳتي وڌيو ۽ چيائين
    “اي اهرمن بيشڪ سزا ۽ قهر جو مستحق انسان آهي، نه ڪي ٻيو. تون بهتر ڄاڻيندڙ آهين ۽ تون بهتر ڄاڻين ٿو ته بن لوبان انسانيت جي دائري کان نڪري چڪو آهي. هو هڪ پٿر ۾ تبديل ٿي چڪو آهي.”
    ۽ پوءِ ائين ٿيو جو اهرمن جو ڪو به قهر ڪارگر نه رهيو. بيشڪ سڀ ذلتون انسان لاءِ آهن ۽ بن لوبان انسان نه رهيو، هو پٿر ۾ تبديل ٿي ويو.


    ٻپهري ۽ پوسٽ

    سڀني جون اکيون آپريشن ٿيٽر جي مک دروازي ۾ کتل هيون. هر ٿوري دير کانپوءِ ساون ڪپڙن وارو شخص اوچتو در کولي ائين پئي ظاهر ٿيو جيئن حياتيءَ جا ڏينهن سندس ڍلي پاجامي جي کيسي ۾ پيل هجن ۽ انهن کي نوٽن جيان ورهائيندو هجي. ان در وٽ بيهي مريض جو نانءُ پئي کنيو ته مريض جي عزيزن جون دليون ڄار ۾ ڦاٿل مڇيءَ جيان پئي ڦتڪيون. ان ساون ڪپڙن واري اطلاع ڏيندڙ شخص جي منهن تي ڪو به تاثر نه هيو. اهو ان جو ڪم هيو. آپريشن ٿيٽر جي ٽيبل تي پيل مريض جي يا آپريشن کانپوءِ انتهائي نگهداشت واري وارڊ ۾ منتقل ٿيڻ کانپوءِ ان جي حالت جي باري ۾ اطلاع ڏيڻ ان جي فرض ۾ شامل هيو. ان وڏي اسپتال جو آپريشن ٿيٽر پهرين منزل تي ان طرف هيو جتي املتاس جي وڻن جون ٽاريون گيلريءَ کي ڇهي رهيون هيون. ڪل ملائي اٺ بينچون آپريشن ٿيٽر ٻاهران رکيل هيون. جتي ماڻهو ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ويٺل هيا. اتي گول اڇي رنگ جي ٿنڀي وٽ پالش ٿيل ڪاٺ جي ناسي تختن تي قرآن مجيد ۽ سيپارن جا نسخا رکيل هيا. اهي نسخا آپريشن ٿيٽر اندر موجود مريضن جا عزيز دل کي تسلي ڏيڻ لاءِ هٿن ۾ جهلي جهيڻي آواز ۾ ائين پڙهندا هيا جيئن سانجهيءَ ويلي بڙ جي گهاٽي وڻ ۾ جهرڪيون اوندهه ٿيڻ کان اڳ چهچي لڪڻ لاءِ جاءِ ڳولهينديون هجن.
    پيڙا ۽ وسوسن جي عذاب کان بچڻ لاءِ اهو سٺو عمل هيو ته اهي هنج ۾ قرآني نسخا رکي انهن جو ذڪر ڪن ۽ آپريشن ٽيبل تي پيل مريض لاءِ دعا گهري دل کي مطمئن ڪن، ائين ڪرڻ سان انهن کي دلي سڪون ۽ وڍ ڪٽ لاءِ ٽيبل تي پيل پنهنجي عزيز جي حق ۾ ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ جو احساس ٿي پيدا ٿيو.
    اتي بغداديءَ جو نبي بخش به ويٺل هيو. ٿلهن چپن گهنڊڙي وارن وارو جنهن کي “نبو” چوندا هيا. ان جي سڄي زندگي لياريءَ جي گهٽين ۾ گذري. گهٽيون جيڪي ڪتي جي ننهن سان کوٽيل هيون. جيئن ڪتو فارغ ٿيڻ کان اڳ کوٽي گند دفنائيندو آهي، ائين گهٽيءَ جي هر کڏ ۽ هر اڀار ۾ ماڻهن جون حسرتون ۽ اميدون دفن هيون. اتي دُٻن جي پاڻيءَ جو رنگ انساني چمڙين جهڙو هيو ۽ ڦاٽل انساني ڪپڙن جو رنگ پراڻن بوٽن پويان اڏامندڙ ڌوڙ جهڙو، چاڪيواڙي، بهار، آگرا تاج ۽ بغداديءَ جي گهٽين ۾ ماڻهو اڏامندڙ مکين ۾ تبديل ٿي چڪا هيا. اتي گند جا ڍير هيا ۽ مکين لاءِ گند وڏو روزگار هيو.
    نبي بخش جي پٽ گل محمد کي گولي لڳي هئي، گولي گل محمد جو سخت سينو پار نه ڪري سگهي هئي ۽ اها هن جي ڦڦڙن ۾ ڦاٿل هئي. گولي ڄڻ هيٺ مٿي ٿيندڙ سيني اندر ساهه کڻي رهي هئي. گل محمد زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ هيو. اهو آپريشن ٿيٽر جي ٽيبل تي ليٽل هيو ۽ ڊاڪٽر اها گولي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هيا جيڪا هڪ نسل پرست جي پستول مان نڪري هن جي سيني ۾ گهڙي وئي هئي. شهر جي هڪ نسل پرست تنظيم جا ڪارندا جن کي روڪڻ لاءِ ڪو به قانون نه هيو، اهي ماڻهن جو شڪار ائين ڪندا هيا جيئن جهنگ ۾ تترن جو شڪار ڪندا هجن. ڪجهه ڏينهن اڳ انهن لياريءَ جي ڪڇين تي هٿ رکيو ۽ اتان جي آباديءَ کي ورهائي پاڻ ۾ وڙهائي وڌو. اهڙي ڇڪتاڻ ۾ ڪيترائي بي گناهه ڪڇي قتل ٿيا ۽ ٻورين ۾ بند بلوچن جا ڳڀا ڳڀا ٿيل لاش لياري نديءَ مان مليا.گل محمد کي گولي ان وقت لڳي جڏهن هو جهونا مسجد پويان منظور هنگوري جي دڪان تي پنڪچر ڳنڍي رهيو هيو. منظور هنگورو هن کي هڪ پنڪچر تي ويهه روپيا ڏيندو هيو. سانجهيءَ تائين ڪل ملائي ٻه اڍائي سئو روپيا ٿيندا هيا ۽ انهن جو پيٽ گذر ٿيندو هيو. هو ان ڏينهن پنهنجن خيالن ۾ گم ٽيوب ۾ هوا ڀري پاڻيءَ جي هوديءَ طرف کڻي وڃي رهيو هيو ته پريان گولين جا آواز اٿيا. ڀاڄ پئي، ماڻهن دڪانن جا شٽر بند ڪيا ۽ ڪجهه ماڻهو ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه اچڻ ڪري وائڙن جيان اتي بيهي هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳا. گل محمد ان وارتا کي دل ۾ نه ورتو. هن سوچيو ائين ٿيندو رهندو آهي پاڻ ئي ٿوري دير ۾ ماٺ ٿي ويندي. هو ٽيوب کڻي اڃان پاڻيءَ ۾ وجهي ئي رهيو هيو ته نسل پرست تنظيم جا ڪرندا هن مٿان اچي بيٺا ۽ کيس گريبان ۾ هٿ وجهي گاڏيءَ طرف گهلڻ لڳا. گل محمد انهن کي گار ڏني ۽ ٻانهون ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي. نسل پرستن وٽ ٽائيم نه هيو. انهن پستول سڌو ڪري کيس سيني ۾ گولي وهائي ڪڍي، رت اڀاميو ۽ گولي هن جي سخت هڏي کي پار ڪري پويان نڪري نه سگهي. اها ڦڦڙن ۾ ڦاسي پئي. هوا سان ڀريل ٽيوب گل محمد جي هٿن مان ڇڏائجي پاڻيءَ جي هوديءَ ۾ ڪري پيو ۽ ان مان بلبلا نڪرڻ لڳا.
    گل محمد کي اسپتال آندو ويو ۽ هو آپريشن ٿيٽر جي ٽيبل تي هر ايندڙ ويندڙ ساهه سان زندگي ۽ موت جون گهڙيون ڳڻڻ لڳو. آپريشن شروع ٿيڻ کان اڳ کيس سرجن شڪيل شيخ ٻڌايو هيو ته “بابا مريض جي حالت تشويشناڪ آهي، هن جي بچڻ جي اميد روپئي مان چار آنا آهي. توهان ان جا والد آهيو دعا ڪندا ته خدا ان جي مدد ڪري.”
    گل محمد کي آپريشن ٿيٽر ۾ اڌ ڪلاڪ گذري چڪو هيو پر ان جي خير جي خبر نه آئي هئي. ساون ڪپڙن وارو شخص جڏهن به در وٽ آيو ٿي ته سڀني جون اکيون اوڏانهن پئي کڄي ويون. هر ڪنهن کي پنهنجي مريض جي خيريت بابت اطلاع جو انتظار هيو. اهو رڙ ڪري مريض جو نالو وٺي ان جي عزيزن کي صورتحال کان واقف ڪري رهيو هيو. جن ماڻهن کي اطلاع نه پئي مليو اهي در تائين پئي ويا ۽ ساون ڪپڙن واري کي عرض پئي ڪيائون.
    “گهڻي دير ٿي وئي آهي، مهرباني ڪري اهو ٻڌاءِ ته اسان جي مريض جي حالت ڪيئن آهي؟”
    ان ڪنهن به تاثر کانسواءِ ماڻهن ڏي ڏٺو پئي ۽ پوءِ بند ٿيندڙ در پويان غائب ٿيندي چيو پئي.
    “ٻه چار منٽ انتظار ڪيو، واپس اچي ٻڌايان ٿو.”
    نبي بخش ڪنهن به اطلاع کانسواءِ بينچ تي خاموش ويٺو رهيو. هوا گيلريءَ ٻاهران املتاس جي پنن کي ڇهندي ويٺل ماڻهن سان ٽڪرائجي رهي هئي. نبي بخش جي پيشانيءَ تي پگهر جون بوندون باهه ڏيڻ کان اڳ بس جي سيٽ تي هاريل پيٽرول جيان چمڪي رهيون هيون. نبي بخش اتي ويٺلن ڏانهن ڏٺو. انهن ۾ اڪثريت اڌ وهيءَ جي ماڻهن جي هئي. چار کن اهڙيون عورتون هيون جن جا ٻار گيلريءَ ۾ لڳل لوهه جي ڄارين تي هر هر پير رکي مٿي ٿي چڙهيا ۽ انهن جو سڄو وقت انهن کي روڪڻ ۾ ٿي گذريو.
    آپريشن ٿيٽر ٻاهران ويٺل سڀ شخص قرآني نسخا پڙهڻ ۾ مشغول هيا ۽ اهي هٿ کڻي ان مصيبت جي گهڙيءَ ۾ خدا کي مدد لاءِ ٻاڏائي رهيا هيا. نبي بخش بظاهر ته خاموش ويٺل هيو پر سيني اندر هن کي دل مان ڦٿل گدري جي بوءِ اچي رهي هئي. هن کي پٽ جي حياتي عزيز هئي. هن پاڻ سڄي زندگي چاڪيواڙي ۾ جانورن جي کلن جي دڪان تي مزدوري ڪئي. هو جانورن جون کلون گڏ ڪري انهن کي لوڻ ڏئي پاسي سان رکندو هيو ۽ شام جو ان سزوڪيءَ واري حوالي ڪندو هيو جيڪا چمڙي جي رنگائيءَ واري ڪارخاني کان ايندي هئي. هاڻي هن ۾ ڪم ڪرڻ جي سڪت نه رهي هئي، کيس ٺري پيئڻ جي عادت جوانيءَ کان هئي جيڪا هاڻي ماني کائڻ کانپوءِ پٽ جي حاصل ٿيل پسئن مان پوري ٿي ويندي هئي. هن جو پٽ آمدنيءَ جو واحد ذريعو هيو. ان کانسواءِ هن جي زندگي ائين هئي جيئن بکايل جي پٽ ۾ ڪيڙا.
    سڀ قرآن پڙهي رهيا هيا. نبي بخش سوچيو جيڪر هو به قرآن پڙهي سگهي ۽ مصيب جي هن گهڙيءَ ۾ پنهنجيءَ دل کي اطمينان ۽ پٽ کي دعا ڏئي سگهي. پر هو پڙهيل نه هيو. هن زندگيءَ ۾ ڪڏهن قرآن هٿن ۾ نه کنيو ۽ کيس خبر نه هئي ته نماز ڪيئن پڙهبي آهي. هن ڪڏهن رمضان ۾ روزو نه رکيو ۽ حج هن لاءِ ائين هيو جيئن آواري ٽاور جو بوفي جتي ست جنم ڪوشش ڪرڻ باوجود به هو پهچي نه سگهي ها. هن ننڍي هوندي پيءُ جي جيئري ماءُ کي زڪوات وٺندي ڏٺو ۽ ماڻهن هن کي يتيم سمجهي ٺري جي بوتل خيرات ۾ ڏني.
    هو اٿيو ۽ قرآني نسخن جو جائزو وٺڻ شروع ڪيو، ڪي سائز ۾ ننڍا هيا ۽ ڪي وڏا. ڪي سنها هيا ۽ ڪي ٿلها. هن هڪ سنهو سيپارو کنيو ۽ واپس اچي بينچ تي ويٺو. هن ٽيڏي اک ڪري هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو کيس ائين لڳو ڄڻ ماڻهو هن ڏانهن ڏسندا هجن. نبي بخش سيپارو کولي اکرن کي ڏٺو. هن محسوس ڪيو اکر ننڍن ٻارن جيان هٿ کڻي هن جي پيشانيءَ جو پگهر اگهڻ جي ڪوشش ڪندا هجن. اهي مرڪندا هجن ۽ ستارن جيان اکيون ٽمڪائي هن جي دل وندرائڻ جي ڪوشش ڪندا هجن. هو ورق اٿلائي رهيو هيو ته آپريشن ٿيٽر جي در وٽ ساون ڪپڙن وارو ظاهر ٿيو ۽ وڏي آواز ۾ چيو.
    “گل محمد”
    “جي حضور” هن چيو ۽ اٿي در تائين ويو.
    “ادا تنهنجي مريض جي حالت ٺيڪ نه آهي، گولي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪيون پيا، گولي ڏکي هنڌ ڦاٿل آهي. وڌيڪ جيڪا خبر هوندي توکي ٻڌائينداسين.”
    گل محمد سيپارو هٿ ۾ جهلي واپس اچي بينچ تي ويٺو. هو ڄڻ پٽ مان آسرو لاهي ويهي رهيو. هن جي اندر هڪ ننڍڙو ٻار سڏڪڻ لڳو. اهو ڇهن مهينن جو ٻاڙ هيو جنهن جا پير ننڍا هيا ۽ ان جي هڪ هٿ ۾ پستول جي گولي هئي. ننڍڙي هٿ ۾ گولي ميزائيل جيڏي هئي. نبي بخش سوچيندو ويو. هن کي ٺري جي ٻاڙ لڳي. هن جي هٿن ۾ سيپارو جهليل هيو. هن ڪنڌ هيٺ ڪري اکيون سيپاريءَ ۾ کپائي ڇڏيون ٽيڏي اک سان ڏسي محسوس ڪيائين ماڻهو ڄڻ هن ڏانهن رحم جي نظرن سان ڏسي رهيا هيا. هن ڌيان سيپاري جي اکرن ڏانهن ڪيو ۽ آڱر کڻي انڌي جيان اکرن تي ڦيرائڻ لڳو.
    ٿوري دير ۾ وري در کليو، ساون ڪپڙن وارو نروار ٿيو، نبي بخش سوچيو خير نه آهي شايد گل محمد گذاري ويو. ساون ڪپڙن واري آواز ڏنو.
    “حاجي منظور”
    “جي... سائين” هڪ ٻچي ڏاڙهيءَ وارو شخص جنهن کي اڇي ٽوپي پاتل هئي ڊڪندو اوڏانهن ويو.
    “بابا توهان جي مريض کي انتهائي نگهداشت واري وارڊ مان جنرل وارڊ ۾ موڪليو ويو آهي. هاڻي هو بهتر آهي.”
    حاجي منظور جي چپن جي مرڪ ايڏي ته ڦهلجي وئي جو هن جا ڏند ظاهر ٿيڻ لڳا.
    “شڪر ٿي رب... تنهنجو شڪر” هن چيو ۽ پوءِ واپس ڊڪندو اتي بيٺل عزيزن ڏانهن ويو جن ڀاڪر پائي کيس مبارڪ ڏني. نبي بخش اڪيلو هيو. هن جي ڪٽنب جو ڪو به فرد اتي موجود نه هيو جيڪو ڏکي وقت ۾ هن کي آٿت ڏئي سگهي. هن جهڙي معمولي ماڻهوءَ لاءِ ڪنهن به ڏينهن سيڙائڻ نه پئي چاهيو. منجهند جي مانيءَ کان اٽڪل پندرهن منٽ اڳ سندس ننڍي ڀاءُ جو فون آيو هيو جيڪو بندر روڊ تي جنريٽرن جي دڪان تي ڪم ڪندو هيو. هن کيس ٻڌايو ته “گل محمد جي حالت خراب آهي ڪڏهن به ڪو وڏو سانحو ٿي سگهي ٿو.”
    سندس ڀاءُ دلداري ڏيندي چيو هيو
    “همت کان ڪم وٺ، زندگيءَ ۾ ڏکيو سکيو وقت ايندو آهي، خدا پاران چڱائي ٿيندي.”
    ان ڳالهه کي ٻه ڪلاڪ گذري چڪا هيا. خون جون چار بوتلون چڙهي چڪيون هيون جيڪي ليبارٽريءَ وارن ان شرط تي ڏنيون هيون ته جڏهن توهان جا ماڻهو ايندا ته رت جو گروپ ٽيسٽ ڪرائي واپس ڪندا. پر هن کي خبر هئي ته اهي ماڻهو ڪڏهن به نه ايندا، جيڪڏهن هن جو پٽ فوت ٿي ويو ته ايمبولنس ۾ پٽ جي لاش مٿان روئندڙ هو اڪيلو شخص هوندو.
    پٽ جي موت جو سوچي نبي بخش جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا. هن هٿ هڻي ڳوڙهن کي ڏٺو. زندگيءَ ۾ ڏکن هوندي هو گهٽ رنو هيو، هن کي ڳوڙها بي جان محسوس ٿيندا هيا. گهڻي وقت کان پوءِ جڏهن اندران گل محمد جي حال جي ڪا خبر نه آئي ته هو آسرو لاهي ويٺو، هن سيپاري کي بند ڪري سيني سان لاتو، سندس من چاهيو ته زمين تي ليٽي ٻارن جيان ليٿڙيون پائي زور سان روئي، جڏهن در کليو ۽ ساون ڪپڙن وارو ظاهر ٿيو ته نبي بخش ڊڪندو اوڏانهن ويو.
    “سائين گل محمد جي خبر ڏي... منهنجي پٽ گل محمد جي”
    ساون ڪپڙن واري کيس ڪوڙو منهن ڪري هٿ سان پري بيهڻ جو آواز ڏنو.
    “اڳتي نه اچ... ڳاڙهو ليڪو لتاڙڻ منع آهي.”
    “پر منهنجوگل محمد ؟” هن وري پڇيو.
    “ٿورو انتظار ڪر، توکي ٻڌايان ٿو.” ان چيو ۽ پوءِ آواز ڏنو.
    “رحمت علي”
    کارا در جو هڪ ميمڻ ڊڪندو اوڏانهن ويو.
    “جي سائين” ان در وٽ پهچي چيو.
    “بابا توهان جو مريض آپريشن کانپوءِ هوش ۾ نه ٿو اچي، کيس هوش ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. دعا ڪندا.” ساون ڪپڙن واري چيو ۽ پوءِ وري در پويان غائب ٿي ويو.
    کارادر جو ميمڻ روئڻ لڳو ۽ کيس عزيز سيني سان لائي دلداري ڏيڻ لڳا. نبي بخش روئي رهيو هيو پر ان کي دلداري ڏيڻ وارو ڪو به نه هيو. هن مايوس ٿي وري سيپاري جي سٽن تي آڱر ڦيرڻ شروع ڪئي. هن جا ٻه ڳوڙها اکين مان ڪري ورقن ۾ جذب ٿي ويا. هو نسورو روئي رهيو هيو. اکر هن کي پرچائي رهيا هيا. کيس ٻوسٽ ڪري مونجهه محسوس ٿي رهي هئي.
    جڏهن ٽيون دفعو ساون ڪپڙن وارو دروازي وٽ ظاهر ٿيو ته ان سڏ ڪيو. “گل محمد” ۽ پوءِ سمجهي ويو ته هيءُ ان ساڳي شخص جو پٽ آهي. جنهن جي پيءُ ڪجهه وقت اڳ دروازي ڏانهن لور ڪئي هئي. نبي بخش کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي ساون ڪپڙن واري جي چپن تي مرڪ اچي وئي. هن کيس ٻڌايو ته “تنهنجي پٽ جي سيني مان گولي ڪڍي وئي آهي. هاڻي سندس حالت خطري کان ٻاهر آهي.”
    نبي بخش اهڙي خبر ٻڌڻ کانپوءِ دل جي ڌڙڪن کي قابو ڪندي، ڳورين ڄنگهن سان هلندو بينچ تي اچي ويٺو. هن ٿڌو شوڪارو ڀريو. هن جي جسم ۾ رڪيل پگهر مينهن وسڻ کان اڳ ڪولين جيان ٻاهر نڪري آيو ۽ پوءِ هو لاشعوري طور سيپاري سان پگهر سڪائڻ لڳو.


    سوا نيزي سج

    ان قبيلي مٿان سج سوا نيزي هوندو هيو، ڌرتيءَ مان ڄر ائين نڪرندي هئي ڄڻ سکڻي دانگيءَ هيٺان باهه ٻرندي هجي. لڪ ۾ ڌوڙ اڏامي چونئرن اڳيان ڍينگرن سان پئي ٽڪرائبي هئي. پري کان ڀٽن وچ تي ٺهيل چونئرا ائين ڏسبا هيا جيئن رستن تي اس ۾ ويٺل فقير ميرا ٽوپ پائي سٺي وقت جو انتظار ڪندا هجن. اهو قبيلو اتي صدين کان آباد هيو. هو اتي جنم وٺندا ۽ فنا ٿيندا آيا هيا. انهن لاءِ زندگيءَ جو اهو ئي تصور هيو ته انسان ذات ڌرتيءَ تي هلندڙ ماڪوڙن جي قطار جيان آهي، جنهن جو هڪ سرو حياتيءَ جي سوراخ مان نڪري ٿو ۽ ٻيو سرو موت جي منهن ۾ وڃي ٿو.
    هڪ وڏي ڀٽ تي عبادتگاهه هئي جنهن جو منارو لهندڙ سج اڳيان ائين ڏسبو هيو جيئن آڱر عرش ڏي اشارو ڪندي هجي. اهو سانجهيءَ جو وقت هيو جڏهن عبادتگاهه جو پيشوا هڪ ڊگهي سجدي کانپوءِ نرڙ مٿي کڻي سڌو ٿي ويٺو ۽ ان رب کان دعا گهري.
    “اي رب ڪساوڙي جي پاڙن کي سگهارو ڪر جيئن ججهو رزق حاصل ٿئي کاري پاڻيءَ جي کوهه کي وڌيڪ ڪسارو نه ڪجانءِ، وبائن کان پناهه ڏجاءِ ۽ اگهاڙن جو ڍڪ ڍڪجانءِ.”
    پيشوا دعا گهرندو ويو ۽ ڳوڙها هن جي اکين مان وهي هيٺ منهن جي گهنجن ۾ ڄڻ ناهموار ڌرتيءَ تي پاڻيءَ جي ننڍڙين ندين جيان وهندا ويا. قبيلي جا ماڻهو عبادتگاهه ۾ ايندا هيا ۽ رب کان سٺن ڏينهن لاءِ دعائون گهرندا هيا. اهي چوندا هيا. “هڪ ڏينهن رب انهن جا ڏينهن ضرور ڦيريندو ۽ اهڙو وقت ضرور ايندو جڏهن انهن جي ڌرتيءَ تي مٺا خوشبودار ڦَل پيدا ٿيندا. کوهن ۾ اٻرندڙ کاري پاڻيءَ جي جاءِ تي صاف پاڻي هوندو. انهن جا گهر ماڪ ڀنل کٻڙجي پنن جهڙا ٿڌا هوندا، وبائون ختم ٿي وينديون ۽ انهن جا نسل صحتمند ۽ توانا هوندا.”
    عورتون ۽ مرد صبح جو سوير ڀٽن تي چڙهي ڪساوڙي جون پاڙون ڳولهيندا هيا. انهن جي هٿن ۾ لوهه جون ٻاريون هونديون هيون. ڪساوڙي جون ٺوٺ پاڙون کوٽڻ ڪري انهن جا هٿ سخت ٿي چڪا هيا. انهن جي هٿن ۾ لڦون نه ٺهنديون هيون. انهن جا هٿ باهه ۾ پڪل ٺڪر جهڙا هيا. انهن جي هٿن تي ٺهيل قسمت جون لڪيرون پورجي چڪيون هيون، ڪساوڙي جون پاڙون کوٽي هو ڳچيءَ ۾ ٻڌل ڪپڙي جي پانڌ ۾ وجهندا هيا جڏهن انهن جي ڳچيءَ ۾ ٻڌل پانڌ ڪساوڙي جي پاڙن سان ڀرجي انهن جي گناهن جيان لڙڪندو هيو ته هو ڪساوڙي کي اس ۾ سڪائي ٻن وڏن پٿرن سان پيهي اٽو ٺاهيندا هيا ۽ پوءِ ان کي پچائي ڪمزور جانور جي ڇڊي کير سان واپرائيندا هيا.
    ميگهي جو ڪٽنب به ان قبيلي جو حصو هيو، هن جو چونئرو به کليل آسمان هيٺان ڪٻ ڪڍي ويٺل انسان جيان هيو، ميگهي جو پٽ سخت بيمار هيو. هن جو ابهم پٽ جنهن جو قد اڃان ان ڪوڏر کان به ننڍو هيو جيڪا قبيلي جي ماڻهن کي دفنائڻ کان اڳ انهن جي قبر کوٽڻ جي ڪم ايندي هئي. ان کي گذريل ڪيترن ڏينهن کان بخار هيو. اهو چونئري ۾ و ڇايل کاٻر تي ليٽي هر وقت ٻيو کنگهندو هيو. ان جون اکيون ڏرا ڏئي ويون هيون ۽ جسم جون پاسيريون ڳجهه جي کنڀن جهڙيون هيون، قبيلي جي حڪيم جڏهن ٻار کي ڏٺو ته هن ميگهي کي ٻڌايو.
    “هن جو علاج صرف سنڪوڻي سان ممڪن آهي، سنڪوڻو جنهن جا پن سنها ۽ هيڊا ٿين ٿا پر ٽاريون ٿلهيون ٿين ٿيون. اهو ٻوٽو ڌرتيءَ تي ناياب آهي. مون پنهنجي عمر ۾ ان کي هڪ دفعو حاصل ڪيو ۽ وقت ٿيو ان ٻوٽي جو هڪ ڪک به مان وٽ نه آهي. جيڪڏهن تون همت ڪرين ته ان کي حاصل ڪري پٽ جي جان بچائي سگهين ٿو.”
    حڪيم جي ڳالهه تي ميگهو سوچ ۾ ٻڏي ويو.
    “مان ان جي ڳولها ۾ ضرور ويندس.” ميگهي چيو “پر اهو ڌرتيءَ جي ڪهڙي ڪنڊ تي حاصل ڪري سگهجي ٿو؟”
    حڪيم هيٺ نوڙي ڌوڙ هٿ ۾ کنيي ۽ ان کي اڏاريو.
    “تون هوا جي ڌوڙ واري رخ ۾ ويندين ته ڪجهه فاصلي کانپوءِ توکي هڪ ايڏي وڏي ڀٽ نظر ايندي جو اها توکي نِوڙي مٿي چڙهڻي پوندي ۽ ٻئي پاسي کان اونڌو ٿي هيٺ لهڻي پوندي. ان ڀٽ پويان ڪٿي به ڪو کوهه نه آهي. نه اتي ٿوهر آهي، نه ڪانڊيرو آهي ۽ نه ڪنڊي آهي، وڻ ناياب آهن، تون جيڪڏهن ڳولهڻ ۾ ڪامياب ٿي وئين ته اتي توکي ٻه ٻوٽا نظر ايندا، هڪ بيلا ڍوڻو ۽ ٻيو سنڪوڻو، بيلاڍوڻو زهر آهي، جيڪو هرڻ رڃ ۾ رلڻ کانپوءِ مايوس ٿي کائيندو آهي ۽ سنڪوڻو حياتي آهي جنهن ۾ تنهنجي ٻچڙي جو ڇوٽڪارو سمايل آهي.”
    پوءِ جڏهن ميگهو اوڏانهن وڃڻ لئي تيار ٿيو ته هن بيمار پٽ جي پيشانيءَ تي چمي ڏني، هو چونئري کان ٻاهر نڪتو ته در تي بوندان مايوس بيٺل هئي.
    “مون کي پڪ آهي ته منهنجي ڳولها ڪو رنگ ضرور لائيندي.” ميگهي چيو “تون گهٻراءِ نه... وقت ايندو جو مان ٻچڙي جي زندگيءَ جي ڳولها ۾ ڀٽڪي هڪ ڏينهن ان جي حياتيءَ کي هيسيل هرڻ وانگر ڄنگهن کان گهلي هت کڻي ايندس.”
    هن جي ڳالهه ٻڌي بوندان پري ڀٽن ڏي نهاريو جتي سج پگهرجي هيٺ وهي رهيو هيو.
    “پر ان کي ڪير حاصل ڪري سگهيو آهي؟” بوندان چيو “ائين نه ٿئي جو تون راهن ۾ ڀٽڪي ڪنهن رڃ جو شڪار ٿي وڃين.”
    “نه... مان ضرور موٽندس.” ميگهي چيو “اهڙو ڏينهن ايندو جڏهن ڪاميابي منهنجي هٿن ۾ هوندي.”
    رواني ٿيڻ کان اڳ هن ڪساوڙي جون مانيون ويڙهي هڙ ۾ وڌيون. هن ٽهڪندڙ کوهه جو ٻاڙو پاڻي پيتو ۽ پوءِ سوا گز نيزي هيٺان هلندو ڀٽن پويان گم ٿي ويو.
    ميگهي کي رڻ وئي ڪئي ڏينهن لنگهي ويا، هو نه موٽيو، بوندان بيمار پٽ مٿان ويهي هن جو انتظار ڪندي رهي، هن جي پٽ جي حالت وقت سان خراب ٿيندي وئي، ان جو منهن هيڊو ٿي چڪو هيو، هڙٻاٽون نڪري آيون هيون ۽ پيٽ وڃي پٺ سان لڳو هيو. ان جي بچڻ جي ڪا اميد نه رهي هئي. اهو لاچاريءَ مان ماءُ ڏي هيڊين اکين سان نهاريندو هيو ته ماءُ جي دل ڄڻ جهٽڪي سان بند ٿي ويندي هئي.
    ماڻهو همدرديءَ طور پيٺل ڪساوڙو ۽ کير هن کي ڏئي ويندا هيا، هوءَ کير ٻار کي پيئاريندي هئي ۽ ڪيساوڙي جون رکيون مانيون کائي ٻاڙو پاڻي پي وقت جو انتظار ڪندي هئي.
    “امان بابا ڪڏهن ايندو؟” ٻار ڪڏهن ماءُ کان سوال ڪندو هيو.
    ٻار جي سوال تي ماءُ ڏاڍي ڏکي ٿي ويندي هئي. هن جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي ايندا هيا.
    “هڪ ڏينهن ضرور ايندو” هوءَ چوندي هئي “دلجاءِ ڪر... همت کان ڪم وٺ”
    هوءَ پٽ جي مٿي تي پيار مان هٿ ڦيريندي هئي.
    بوندان بيمار پٽ کي اڪيلو ڇڏي ڀٽن تي ڪڏهن ڪيساوڙو گڏ ڪرڻ نه وئي. هوءَ هر وقت پٽ جي تيمارداريءَ ۾ مصروف هوندي هئي. قبيلي جا ماڻهو پنهنجن ڪمزور ڪلهن ۾ کوهه جي واڍ وچڙائي ان کي ڇڪي پاڻي جو ڏول ٻاهر ڪڍندا هيا. اٻريل نمڪين پاڻي اهي ڪڙو منهن ڪري پي ويندا هيا. قبيلي جا جانور اڪ جا پن چٻاڙيندا هيا ۽ اتي اڪ ايڏا سگهارا هوندا هيا جو انهن جي ٿڙ ۾ مڙس جو ڀاڪر نه پوندو هيو. انهن جون ٽاريون سج کي ڇهنديون هيون ۽ انهن ۾ بيٺل ڏوڏا جڏهن ڦاٽندا هيا ته هوا ۾ هزارين ٻجارا مري ويل ڪوريئڙن جي روح جيان اڏامندي نظر ايندا هيا. جانورن جي وات ۾ ڦلوسڻا ڳاڙهن جيتن جيان اڀريل هوندا هيا. انهن جا کُر ٽيڙا ۽ ڪمزور هيا. اڌ اگهاڙا ڪمزور ماڻهو ائين ڏسبا هيا جيئن ڌرتيءَ تي مئل پکي پر کولي پيا هجن. قبيلي جي حڪيم وٽ هڪ لٺ هوندي هئي جنهن سان هو ڀٽن تي گهمندي نظر ايندو هيو. ڪڏهن ڪو شخص هن کي روڪي ڄنگهه جو زخم ڏيکاريندو هيو جنهن ۾ ڪيڙو پيل هوندو هيو. حڪيم پنهنجي لٺ تي ڪيڙي کي چاڙهي ويڙهي ٻاهر ڪڍندو هيو.
    ڪئي ڏينهن لنگهي ويا، سوا گز نيزي تي بيٺل سج هيٺان بوندان پري ڀٽن ۾ ڏسندي رهي، پر ميگهو موٽي نه آيو، سڀني سمجهيو شايد هو راهه وڃائي ڪنهن رڃ ۾ رلي ويو آهي. جڙي ٻوٽين جي ڳولها ۾ هو وڃي موت جي ويجهو ٿيو آهي. ٻار آخري وقت تائين پيءُ جو انتظار ڪندو رهيو. هن جون اکيون هر هر چونئري کان ٻاهر ڏسنديون رهيون پر اتي هر طرف مايوسيءَ جي مٽيءَ کانسواءِ ڪجهه نه هوندو هيو.
    اهو ٽاڪ منجهند جو وقت هيو، جڏهن ڪنڊيءَ تي ويٺل ڪانءَ جون اکيون انڌيون ٿي چڪيون هيون. بوندان پٽ مٿان ڪنڌ هيٺ ڪري ويٺل هئي. اوچتو ٻار کي رت جي الٽي آئي ۽ هو اکيون ڦيرائي ويو. بوندان هن کي ڪنڌ هيٺان ٻانهن وجهي مٿي کنيو ته هن جو ڪنڌ هڪ پاسي لڙي ويو. بوندان رڙيون ڪري روئي مدد لاءِ پڪارڻ لڳي. قبيلي جا ماڻهون اتي پهتا. انهن ڏٺو روئندڙ ماءُ جي ٻانهن ۾ سمهيل ٻار دنيا مان موڪلائي چڪو هيو. بوندان مسلسل روئندي رهي، هن کي ڪو به پرچائي نه سگهيو. سانجهي ٿي وئي ۽ سج ڌرتيءَ ۾ لهي ويو.
    ٻار جي موت کانپوءِ ڄڻ ڪساوڙي جون پاڙون ڪوڙيون ٿي ويون، ان مان ڌرتيءَ جو ذائقو موڪلائي ويو. قبيلي وارا ڪساوڙو پيهي مانيون پچائي کائيندا هيا ته ڄڻ انهن ۾ بوندان جي ڳوڙهن جي بوءِ هوندي هئي. کوهه جي ٽهڪندڙ پاڻيءَ جو رنگ پيلو ٿي ويو ۽ جانور موڳا ٿي ويا.
    هڪ سرءُ ۾ اهڙا مڇر پيدا ٿيا جيڪي قبيلي وارن پهريون ڪڏهن ڪو نه ڏٺا هيا، انهن جي چڪ پائڻ سان سڀ ماڻهو ننڊ جي بيماريءَ ۾ وٺجي ويا. اهي سدائين سمهيا پيا هوندا هيا ۽ انهن کي کائڻ پيئڻ جو ڪو به فڪر نه هوندو هيو. هڪ ڏينهن قبيلي جو پيشوا عبادتگاهه ۾ ويو، هن رب اڳيان سجدو ڪري ان کان گناهن جي معافي ورتي.
    “بيشڪ رب اسين گناهه گار آهيون ۽ ڀوڳي رهيا آهيون. توکان معافيءَ جا طلبگار آهيون، ڪيئن به آهيون، تنهنجا بندا آهيون، تون ڇوٽڪارو ڏئي ۽ پار ڪر، وبائون ٽار ۽ سهل پيدا ڪر.”
    عبادتگاهه ۾ پيشوا ٻئي هٿ کڻي سڏڪندو رهيو، هو جڏهن عبادتگاهه مان ٻاهر نڪتو ته هن جي نظر چونئرن وچان لنگهيندڙ رستن تي پئي، رستا ويران هيا، اتي ڪوئي نه هيو. قبيلي جا سڀ رهاڪو ننڊ جي غشيءَ ۾ هيا ۽ بيمار جانور اوڳاڇي نه رهيا هيا، اهي ڪنڌ لاڙي ويٺل هيا، قبيلي جي حڪيم وٽ اهڙي ڪا به جڙي ٻوٽي نه هئي جو اها ماڻهن کي ڏئي انهن کي بيماريءَ مان نجات ڏياري سگهي.
    “اي پيشوا... رب کان ميگهي جي سلامتيءَ جي دعا گهر.” حڪيم عبادتگاهه ٻاهران بيٺل پيشوا کي چيو “شل هو پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿئي ۽ بيمارن کي شفا ملي”
    ميگهو نه موٽيو، قبيلي جا سڀ جانور مري ويا، کير ناياب ٿي ويو. ڪيساوڙي جون رکيون مانيون ماڻهن کان هضم نه ٿيون. انهن ڪساوڙي جي گرهن کي ٽهڪندڙ پاڻيءَ سان نڙيءَ مان هيٺ لاهڻ جي ڪوشش ڪئي. پر هو اوڪارا ڏئي ساڻا ٿي پيا. ڪنهن ڀٽن تي بيٺل ڳردار ٿوهر کي ان جي ڪنڊيدار کل لاهي ڳڀا ڪيو ۽ باهه تي ٽهڪائي ڪساوڙي سان کاڌو، پوءِ سڀني ان تي عمل ڪيو، هو ڀٽن تي بيٺل ڳردار ٿوهر کائڻ لڳا.
    قبيلي جو روحاني پيشوا سانجهيءَ وقت عبادتگاهه مان ٻاهر نڪتو ۽ جانٺ تي ويهي روئڻ لڳو. هو رب مان مايوس ٿي چڪو هيو. هن جي دعائن ۾ ڪو اثر نه هيو. حالتون بدتر ٿي چڪيون هيون. پيشوا روئندو رهيو ۽ هن جي اکين ۾ ترندڙ ڳوڙهن اڳيان لهندڙ سج لڏڻ لڳو. اوچتو هن جي نظر پري ڀٽن تي پئي. اتي ڪو ڪارو پاڇو لهندڙ سج اڳيان قبيلي ڏانهن وڌي رهيو هيو. پيشوا اکيون اگهي اٿي بيٺو، اهو جڏهن ويجهو آيو ته پيشوا جي رڙ نڪري وئي. هن ڏٺو اهو ميگهو هيو، جيڪو تيزيءَ سان قبيلي طرف وڌي رهيو هيو.
    “جاڳو... قبيلي وارو جاڳو” هن زور سان چيو “اٿو ۽ ڏسو، هو اچي ويو، جنهن جي هٿن ۾ ڇوٽڪارو آهي.”
    ڳوٺ جو حڪيم به پهچي ويو، جڏهن ميگهو آيو ته هن جي هڪ هٿ ۾ سنڪوڻو هيو ۽ ٻئي هٿ ۾ بيلاڍوڻو، بوندان هن کي پري کا ڏسي ڳوڙها ڳاڙي رهي هئي. هو اڳتي وڌي ان ويجهو آيو.
    “هو دنيا مان هليو ويو” بوندان روئندي چيو “تون گهڻي دير ڪئي، ان تنهنجو انتظار ڪيو، هو هاڻي نه رهيو آهي.”
    ميگهي ٻڌو ۽ هو گوڏن ڀر جهڪي هيٺ ويهي رهيو جيئن ڳولها جي سفر ۾ پهريون دفعو ٿڪجي پيو هجي. هن مايوسيءَ مان پنهنجن هٿن ۾ جهليل ٻنهي ٻوٽن کي ڏٺو، پوءِ هن سنڪوڻو حڪيم کي ڏنو ۽ بيلاڍوڻو پاڻ سان گڏ کڻي چونئري ۾ آيو. چونئري ۾ هن جو پٽ نه هيو. ان جو بستر خالي هيو. هو خالي بستر جي ڀر ۾ ويهي ڍاڍيون ڪري رنو، هو زندگيءَ جي جدوجهد مان مايوس ٿي چڪو هيو، بوندان ۽ ميگهي مري ويل پٽ جي بستر تي ٻه ٽهڪندڙ کاري پاڻيءَ جا کونجا ڀري پنهنجي اڳيان رکيا، ميگهي بيلاڍوڻو وچ تي رکيو ۽ هو ٻئي ڏانڊين مان پن پن پٽي وات ۾ وجهي چٻاڙڻ لڳا، انهن وات تي کونجا چاڙهي پاڻي پيتو ۽ اتي ئي ٿڌا ٿي ويا.
    حڪيم سنڪوڻو قبيلي وارن کي پياريو ۽ نوبنا ٿي ويا، ننڊ جو حملو ختم ٿي ويو ۽ هو جاڳي پيا.
    ميگهي جو ڪٽنب دنيا مان ختم ٿي چڪو هيو. ان جي چونئري ٻاهران نانگ ائين گهمڻ لڳا جيئن ڪنهن انسان جي ذهن ۾ يادون چرنديون آهن. اتي ميگهو نه هيو، بوندان نه هئي. انهن جو بيمار پٽ نه هيو. پر نانگن جون خالي اڱڻ ۾ پاتل يادين جون لڪيرون هيون.
    قبيلي تي وبائي حملي جي اثر کانپوءِ به اتان جون حالتون بدلجي نه سگهيون، ماڻهون سوا گز سج هيٺان ٿوهر چٻاڙي رهيا هيا ۽ اٻريل کارو پاڻي پي رهيا هيا. انهن عبادتگاهه وڃڻ ڇڏي ڏنو هيو. رب ۾ انهن جو عقيدو ختم ٿي چڪو هيو. هڪ ڏينهن پيشوا عبادتگاهه جو در بند ڪري ماڻهن وٽ آيو. پگهر ۾ ٻڏل بدبودار ماڻهو هن چوڌاري ڪٺا ٿي ويا “ان کانسواءِ ڪو به چارو نه آهي ته هتان هلي ڪنهن اهڙي هنڌ آباد ٿجي، جتي تناور اَڪ جي ڏانڊين مان وهندڙ کير جي جاءِ تي جانورن جو کير هجي ۽ باهه تي اٻريل ٿوهر بدران ڪيساوڙي جون خوشبودار پاڙون هجن.” پيشوا چيو.
    سڀني هن جي ڳالهين کي غور سان ٻڌو ۽ پوءِ هڪ ڏينهن اتان جا سڀ رهاڪو هليا ويا، چونئرا ويران ٿي ويا، تيز هلندڙ لڪ ۾ عبادتگاهه جا منارا ڊهي هيٺ ڪري پيا، ٿوهر گهاٽا ٿي ويا، ڀٽن تي ڪساوڙي جون پاڙون چونڊڻ وارو ڪو به نه بچيو، کوهه جو کارو پاڻي اٻرندو ڪنارن کي اچي لڳو، جانورن جا ڍانچا اس ۾ خشڪ ٿي ويا ۽ ڳجهون هزارين ميل پري اڏامي ويون.
    گهڻن ڏينهن کانپوءِ اتي ڪوئلي جهڙن ڪارن ماڻهن جو هڪ ٻيو قبيلو اچي پهتو، اهي پريان ڌوڙ ۾ سهڪندا پئي آيا، انهن جي جسم تي ماس نه هيو. اهي هڏا وان پڃرا ڏسجي رهيا هيا. انهن جون اکيون ڏرا ڏئي ويل هيون ۽ انهن جا ڏند ٻاهر نڪتل هيا. ائين پئي لڳو ڄڻ انهن گهڻي عرصي کان ڪجهه نه کاڌو هجي. قافلي ۾ شامل عورتن جي هنج ۾ بک ۽ اڃ کان مري ويل معصوم ٻارڙن جا لاش هيا. اهي جڏهن اتي پهتا ته سڀ اٻرندڙ کوهه جي کاري پاڻيءَ تي اچي ڪريا. انهن پنهنجن ڪمزور ڪارن ڪلهن ۾ واڍ وجهي کوهه مان پاڻي ڇڪي ٻاهر ڪڍيو. انهن پنهنجي اڃ اجهائي ۽ کاري پاڻيءَ جا ڇنڊا منهن کي هنيا، جڏهن سامت ۾ آيا ته چوڌاري ڏٺائون. چونئرا خالي پيل هيا ۽ ڊهي ويل عبادتگاهه جو در بند هيو. انهن اتي چونئرا وسايا ۽ عبادتگاهه جو در کولي ان جي مرمت ڪئي، اهي ڀٽن تي ويا ۽ ڪيساوڙو چونڊي ان مان ماني پچائي، ڪنڊيدار ٿوهر ڇلي باهه تي ٽهڪائي وڏي مزي سان کاڌو، هو ڏاڍا خوش هيا، هڪ ڏينهن اهي عبادتگاهه ۾ ويا ۽ انهن سجدو ڪري رب جا ٿورا مڃيا.
    “شڪر آهي تنهنجو اي رب... تون اسان کي ان لائق سمجهيو، اسان جون دعائون قبول ڪيون ۽ اسان جا ڏينهن بدلايا، ڪساوڙو ڏنو، ڳردار ٿوهر ڏنو ۽ پيئڻ لاءِ ٽهڪندڙ پاڻي ڏنو، ڌرتيءَ تي ڀلا ان کان وڌيڪ ڪهڙي جنت ٿي سگهي ٿي.”


    زندگي وڄ جو چمڪو

    اها هڪ اونهاري جي گرم رات هئي. هو پنهنجي ڪمري ۾ ڪتابن تان مٽي صاف ڪري، هر ڪتاب کي کولي، ان کي جاچي وري بند ڪري رهيو هيو. شيلف ۾ رکيل ڪتابن جي ترتيب، هن ڏٺي ۽ مرڪيو. اها ترتيب ڪيئن ته هوندي آهي جيئن جنگ جي ميدان ۾ ڪو لشڪر جنهن ۾ پنهنجا ۽ دشمن فوج جا سپاهي هڪ ترتيب سان قطارون ٺاهي بيٺا هوندا آهن. صفون آهن دشمنن جون، دوستن جون، ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ۽ انهن اڳيان ميدان صاف آهي. اتي صرف هو موجود آهي. هن جو وجود جنهن ۾ اهي سڀ تير ۽ تلوارون سمائڻا آهن. يا شايد هو انهن صفن جو ترتيب ڏيندڙ سپهه سالار آهي. طاقت ور بي جان ڪتاب جيڪي جاڳي رهيا آهن.
    ڊاڪٽر سوچيندو، مرڪندو، انهن جي اندر کي چيري پڙهندو بند ڪندو ويو. ٻاهران گهنٽي وڳي، هو ويو ۽ واپس اچي پنهنجو ننڍڙو ڪاري رنگ جو ٿيلهو کڻي دروازي ڏانهن وڌي ويو، گهر ۾ موجود ڀاتين هن کي ويندي ڏٺو “ايمرجنسي ڪال” انهن دل ۾ سوچيو ۽ سڀ ائين هيو جيئن هوندو آهي.
    گهر جي گهنٽي هن سان ڳالهائيندي آهي، ان ۾ سمايل سڏ هو محسوس ڪندو آهي. اهو دوست آهي، مائٽ آهي، فقير آهي، ڪنهن مصيبت جو ماريل مريض آهي. گهنٽي جي. سُر ۾ هو هر آواز کي سڃاڻندو آهي.
    گهنٽي وڳي ته ان مان هڪ آهه نڪتي، هڪ دانهن، هڪ سڏڪو ۽ هو ڪجهه دير بعد اُهي آهون ٻڌي رهيو هيو هڪ ڪکائين گهر جي اڱڻ مان. گهر جيڪو بي ترتيب سوڙهين گهٽين اندر ائين هيو جيئن ڪنهن وڏي گٽر جي پائيپ ۾ وهندڙ تيز گندي پاڻيءَ بي ترتيب سوڙهين گهٽين اندر ائين هيو جيئن ڪنهن وڏي اڳيان رڪاوٽ بنجي ڪو پٿر اچي ويو هجي. رستا نڙگهٽ جيان هيا ۽ گهر جيڪو کوٽي سڪي جيان ڪنهن نڙيءَ ۾ ڦاٿل هيو. آهون چهبڪن جيان ان گهر جي اگهاڙين ڀتين تي ٿي وسيون.
    ميرو پردو هٽائي هن کي آندو ويو ۽ ان کان اڳ جو هڪ پيلي بلب اڳيان بيهي سئيءَ ۾ دوا وجهي ان کي تيار ڪري عورت هڪ رڙ ڪئي ۽ هڪ زندگيءَ کي جنم ڏنو.
    هن ڏٺو هڪ ننڍڙو ڪارو وجود آهستي پنهنجا هٿ هلائي رهيو هيو. ان جي وات ۽ نڪ مان اڇي گج ٻاهر نڪري رهي هئي. ٻار جا چپ نيرا ٿي رهيا هيا، ان جون ٻانهون ۽ ڄنگهون مڙي رهيون هيون. هن ٻار کي اونڌو ڪري ان جي پٺيءَ تي ٿڦڪا هنيا. ان جي نڪ ۽ وات مان گج صاف ڪئي. ان جي وات ۾ ڦوڪون ڏنيون. اڱڻ ۾ سمهيل ننڍڙي وجود ٿوريون اکيون کوليون. ان هيٺ ڏٺو پوءِ پاسي ڏانهن ۽ ائين ان جو اکيون گهمنديون مٿي هليون ويون. چنڊ، ستارا ۽ رات. ان جون اکيون ڦرنديون بند ٿي ويون. چپن جي نيراڻ وڌي وئي ۽ پوءِ ان جون وڪڙ کائيندڙ ڄنگون ۽ هٿ سڌا ٿي ويا. هو ڍرو ٿي آرام ۾ اچي ويو. جسم ڄمي ويو ۽ هر حرڪت پٿر ۾ تبديل ٿي ساڪت ٿي وئي. زندگي تخليق ٿي، اها گذري ۽ گذاري وئي. ڪجهه ساعتون ڪجهه گهڙيون، مينهن جي پاڻيءَ ۾ پيدا ٿيندڙ ڦوٽي کان به گهٽ وقت، شهاب ثاقب جيئن عرش ۾ پيدا ٿيندڙ هڪ چڻنگ ۽ اها چڻنگ ڪيڏانهن وئي. هڪ ننڍڙو ڪارو وجود، نرم پٿر جو وجود. پيرن کي محسوس ٿيندڙ گرميءَ ۾ رجندڙ روڊ جو ڏامبر، وقت جيڪو ان جي اکين جي کلڻ سان پيدا ٿيو ۽ بند ٿيڻ سان فنا ٿيو. وقت جيڪو ڪجهه به نه آهي، زندگيءَ جي سفر جو اولڙو آهي. چڻنگ جيان دکيو ۽ وساميو. آهه جيان اڀريو ۽ لٿو. ڪنن کي بند ڪيو ڇا ڪنهن آهه ڏٺي آهي؟ ڪجهه نه آهي بس اکين کولڻ سان پيدا ٿي پيو آهي.
    هو نڪتو ۽ ٿڪيل قدمن سان سوچيندو ڳوٺ ٻاهران واهه جي ڪپ تي ٺهيل جهوپڙيءَ نما ڪاٺ جي ٺهيل هوٽل ۾ اچي ويٺو. مينهن شروع ٿي چڪو هيو ۽ هن اتي ڪجهه گهڙيون گهارڻ مناسب سمجهيون. مينهن جا ڦڙا هوٽل جي شيشن مٿان ڪري هن ڏانهن چمڪندڙ گول اکين سان حيرت مان نهارڻ لڳا. اکيون ٻه معصوم اکيون جيڪي شيشي مٿان موجود بوندن جيان ٿي چمڪيون. هن جو دماغ ٻه اکيون هيون. هن جا عضوا هن جون سوچيون ٻن اکين ۾ تبديل ٿي ويا. اکيون جيڪي گول ڦري ويون، هيٺ، پاسي ۽ مٿي ۽ وري واپس اچي ٻوٽجي ويون. وڄ جو چمڪاٽ ٿيو ۽ هن اکيون پٽي نهاريو. روشني پيدا ٿي ۽ وري اوندهه اچي وئي.
    هن چانهه جي ڪوپ مان ڳيت ڏئي ڍڪ اندر ۾ اوتيو، هن محسوس ڪيو ڪنهن خوف کان هن ڳيت ڏني هجي ۽ خوف هن جي اندر ۾ داخل ٿي رڳن ۾ گردش ڪرڻ شروع ڪري ڏني هجي. هن کي مينهن جون بوندون نهاري رهيون هيون. هزارين تازا ڄاول ٻار ٻاهران شيشي تي پنهنجا نرڙ ۽ ڳل رکي هن کي چمڪندڙ اکين سان نهاري رهيا هيا. اکيون جيڪي وڄ ۾ چمڪي رهيون هيون. اکيون جيڪي وڄ جي چمڪي سان جاڳي ۽ ٻوٽجي رهيون هيون. اکيون جيڪي کن پل لاءِ وايو منڊل ۾ جاچي رهيون هيون.
    اکيون جن ۾ موجود هر شيءِ سمائجي وئي. انهن ۾ اندر قيد ٿي وئي، ڌرتيءَ کي ڇهندڙ ننڍڙي آڱر، هوا کي محسوس ڪندڙ چمڙي، ساهه لاءِ جدوجهد ڪندڙ نڙي ۽ اکيون جن ۾ قيد ٿيل عڪس ڄمي ويا، ديوارن ۾ دفن ٿي ويا. پٿر سان ملي پٿر ٿي ويا.
    پٿر تي ٺهيل جيوت جا عڪس جيڪي ڪائنات ۾ امر ٿي ويا اڻ مٽ ٿي ويا.
    “اي زندگي تون ڇا آهين؟” هن سوچيو ۽ وڄ جو چمڪاٽ ٿيو. گجڻ جو گوڙ ٿيو. زندگي روشنيءَ جيئن جاڳي ۽ گجڻ جيئن گوڙ مچائي اجهامي وئي. کن پل جو سوجهرو ۽ وري اوندهه جو راڄ. اوندهه جنهن پويان ڪائنات لڪيل آهي. ڪائنات وڄ جي چمڪي ۾ به آهي ته اماس ۾ به. زندگي روشني آهي ۽ وقت روشنيءَ ۾ سفر ڪري ٿو. زندگي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين جاڳ جو سفر آهي، ٻرندڙ ڪاٺيءَ مان ٽڙڪو ڏئي اڀرندڙ چڻنگ جو سفر آهي.
    انڌيارو جنهن کي ٻه ڇيڙا نه آهن جنهن جو ڪو به انت نه آهي انڌيارو جنهن جي ڪاري چادر ۾ هر شيءِ ويڙهيل آهي. رئي سان منهن ڍڪي گوندر ۾ ويٺل بيواهه آهي. سانت آهي. ننڊ آهي. ننڊ ۽ اوندهه ۾ اربها صدين جو سفر اک ڇنڀ آهي. ننڊ ۾ سَمي جو ڪو به ڪاٿو نه آهي. ماپ جو ڪو به مقدار نه آهي.
    وقت موجود زندگيءَ سان لاڳو آهي. روشني جيڪا وڄ جي چمڪي مان پئدا ٿي ۽ وڄ جنهن جي چمڪڻ جو وقت مقرر آهي ۽ پوءِ اوندهه جنهن کي رهڻو آهي، جيڪا موجود آهي، جيڪا حقيقت آهي.
    هو سوچيندو رهيو، ايتري ننڍڙي زندگي، جيوت جو مختصر سفر، ٻوسٽ ۾ بيٺل حواسن کي هوا جي تازي جهوٽي ڇهيو ۽ پري هليو ويو. هيءُ ڇا ٿي ويو؟ اهو ڪير هو؟ ائين ڇو ٿيو؟ حواس بدحواس ٿي ويو. حواس جيڪو پس گردائيءَ مان جاڳي ٿو. حواس جيڪو جيوت جي بقاءَ لاءِ جدوجهد مان شعور وٺي ٿو. حواس جيڪو عقل جي رهنمائي ڪري ٿو. عقل جيڪو رولاڪ پکيءَ جيان اڏامي ٿو. حدن کي تجاوز ڪري ٿو. عقل جيڪو سمجهه جي چيلهه ۾ رسو وجهي تيز ڊوڙي ٿو ۽ ان کي گهلي آنڊا ڪڍي ماري ٿو. عقل جيڪو حواسن کان ٻاهر ڌڪا هڻي ٿو ۽ ڌُڪا جيڪي تيرن جيان پنهنجن نشانن کي ڳولهي هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪي ڪڏهن لڳي به پون ٿا ته مستقبل جي رڙ نڪري وڃي ٿي.
    حواس جيڪي روشنيءَ جي روح سان جاڳيا، روشني جيڪا سيني مان لنگهي پٺيءَ مان پار ٿي وئي. زندگي درد جيان جاڳي، ڪنجهي ۽ ان هٿ پير هنيا، حواس جن محسوس ڪيو. ننڍڙا توانا احساس، انهن ڇا محسوس ڪيو.
    هو منجهي پيو ۽ چانهه جي ڪوپ مان سپ ڀري ٻاهر نهاريو. اوندهه ۽ مينهن جي بوندن جي ڪرڻ جو آواز، اوندهه ۾ ڏسڻ جا حواس اکين ۾ قيد آهن. پر بوندن جو احساس؟ شايد عقل ان احساس کان پهريون آشنا آهي. بوندن جي ڪِرڻ جو آواز اوندهه ۾ ڪجهه نه ڏسندڙ اکين کي ڏسڻ جي سگهه ڏئي ٿو. عقل احساس جي دائري ۾ رهنمائي ڪري ٿو.
    هن اڳيان وڄ چمڪي، زندگي ظاهر ٿي ۽ اجهامي وئي. شيشي تي چنبڙيل بوندون اکيون ڦاڙي ڏسي رهيون هيون. ننڍڙيون گول اکيون، انهن ڇا محسوس ڪيو؟ هن جي تصور جي دائري ۾ اهڙو ڪو به عڪس نه هيو جنهن جي معيار تي هو انهن اکين جي پيدا ٿيندڙ احساس کي سمائي سگهي. ان جي زندگي، ان جا حواس جن ڪائنات کي اک ڇنڀ ۾ ڏٺو، ان جي حواسن هر عڪس کي، آواز کي، ڇهاءَ کي، ڇا محسوس ڪيو. مٿان بيٺل چنڊ کي، تارن کي، هوا کي، ماءُ جي هٿن مان نڪرندڙ پيار جي لهرن کي، اهو سڀ ان لاءِ ڇا هيو؟ چنڊ، ان جي پيلاڻ، ان جي گولائي، روشني، ستارن جا اکين ۾ لهندڙ ڪرڻا، رات جي وڻ مان اوندهه جا ڇڻندڙ پن. ان ڇا محسوس ڪيو؟ ان جا ڇا احساس هيا؟
    هن جي دماغ جون رڳون ڌنوڻ لڳيون، وڄ چمڪي ۽ اجهامي. هن وڻ ڏٺا. ڌرتيءَ تي بيٺل دٻن ۾ پاڻيءَ جا ڦوٽا ڏٺا. هوا ۾ لڏندڙ گل ڏٺا ۽ شيشي تي چمڪندڙ بوندون ڏٺيون. هن وڻن بابت سوچيو، وڻ بلند آهن. ساوا آهن. حواسن کي وصف ڏيڻ لاءِ عڪسن کي الفاظ ڏنا ويا آهن. مون کي ڪنهن سائي رنگ ڏانهن اشارو ڪري ٻڌايو ته سائو آهي. ڌرتيءَ کان مٿي اڀرندڙ عڪس کي اوچائيءَ جو نالو ڏنو ويو، ائين گلاب کي سامهون رکي چيو ويو ته ڳاڙهو آهي. ڀلا پيدائشي انڌي انسان کي رنگن جي ڪهڙي ڄاڻ، ان صرف اونداهه جي ڪاراڻ کي ئي محسوس ڪيو هوندو. پيدائشي ٻوڙو جنهن جي ڪنن جي پردن سان آواز ٽڪرائجي گونجيا ئي نه آهن ته ان جي زبان کي آوازن جي ڪهڙي ڄاڻ. پر ان ڇا محسوس ڪيو. ان ٻار جي ڦرندڙ اکين چنڊ تي پيرا ٺاهيا. انهن اکين چنڊ کي ڪيئن ڏٺو. نه ان جي حواسن کي ان عڪس جي پيلاڻ جي، نه گولائيءَ جي ۽ نه روشنيءَ جي لفاظيءَ جو علم هيو. انهن اکين چنڊ کي ڪيئن محسوس ڪيو ۽ ستارا روشنيءَ جا ساڪت ٽٻڪا. ان جي حواسن اهي ڪيئن پنهنجي ذهن ۾ قيد ڪيا. رات جي ڪاراڻ جنهن لاءِ نون پيدا ٿيندڙ حواسن لاءِ ڪو به نالو نه آهي. بس هڪ غير وضاحتي احساس آهي. انهن گول ڦرندڙ اکين وايو منڊل ۾ لفظن بنا حواسن تي پيدا ٿيندڙ عڪسن کي ڪيئن محسوس ڪيو. هن چانهه جو ڍڪ ڀريو ۽ شيشي ٻاهران نهارڻ چاهيو. اوندهه جو احساس ۽ شيشي تي وهندڙ پاڻيءَ جي بوندن جو احساس. بوندون اکيون آهن ۽ اکيون ڳوڙهن جيان وهي رهيون آهن. هن پنهنجيون اکيون بند ڪيون ۽ چنڊ کي مٿان بيٺل تصور ڪيو. ٻه نيون پيدا ٿيل اکيون گول ڦري ويون. آهه ڪيڏو نه وڻندڙ عڪس آهي. اهو بي نانءُ عڪس. هن تصور ڪيو ۽ سوچيو اهو عڪس ان حالت ۾ سڀ کان افضل آهي. حواسن ۾ قيد ٿيندڙ عڪس جنهن جو ڪو به نانءُ نه آهي، نه رنگ آهي، نه روشني، نه گولائي، اهو جيئن آهي تيئن آهي. نالي کان پاڪ، گمنام، صرف منهنجو تصور ان کي محسوس ڪندڙ. ڪيڏي نه وڏائي آهي ان ۾، اوندهه، ڪاراڻ سڀ لفظ غلافن ۾ قيد آهن. رات کي لفظ ڏيڻ بنا محسوس ڪرڻ جو مزو، ستارا اوندهه مان هيٺ ڪري رهيا آهن. روشن ٽٻڪا، ڪنهن نانءَ بنا بلڪل نوان لڳي رهيا آهن. جسم کي محسوس ٿيندڙ هوا، نه ٿنداڻ کي الفاظ آهن ۽ نه ئي ڪوساڻ کان ذهن آشنا آهي، بس هڪ خوبصورت ڇهاءُ آهي. جسم تي ڦرندڙ ماءُ جي هٿن جي ڇهاءُ کي واضح ڪرڻ لاءِ ڪي به لفظ نه آهن. آهه، اهو ڪيڏو نه نئون احساس آهي، اهو سڀ مون لاءِ آهي، خاص مون لاءِ!
    هن تصور ڪيو، آسمان مان مينهن بدران الفاظ عڪسن مان ڇڻي ڌرتيءَ تي ڪري رهيا آهن. هر عڪس ڌوپجي نئون ٿي ويو آهي. حواس هڪ نئين ڪائنات سان آشنا ٿي رهيا آهن. ڪجهه نه هوندي سڀ ڪجهه موجود آهي. ماحول ۾ تازگي آهي. نوان احساس اڀري رهيا آهن. نظر هر شيءِ کي وري غور سان جاچڻ شروع ڪيو آهي. هو منهن جي مٿان ۽ قدمن هيٺان ڇا آهي. هيءُ آس پاس، هو ڊوڙندڙ، گهمندڙ، سمهندڙ، مرندڙ سڀ آهي، سڀ نه آهي، لفظ احساس کي روپ ڏين ٿا. لفظن بنا احساس نوان ٿي پيا آهن. هن چنڊ جو تصور ڪيو. ان جي گولائي، پيلاڻ، روشني عرش تان ڇڻي هيٺ اچي هن جي قدمن ۾ ڪريا. مٿي ڇا بچيو؟ هن ڏٺو، ڪجهه به نه! چنڊ غائب ٿي ويو. هڪ نئين شيءِ جو ظهور ٿيو. هڪ شيءِ جيڪا حقيقت آهي. جنهن جي تخليق هاڻي ٿي آهي. مان ان کي مرندڙ اکين ۽ ذهن سان تصور ڪرڻ چاهيان ٿو. هن سوچيو، هن تصور جي گهرائيءَ ۾ وڃڻ چاهيو. ٻه اکيون گول ڦري ويون. هن کي مونجهه محسوس ٿيڻ لڳي، ڪيڏانهن ويو اهو عڪس، اهو احساس، هوا جي جهوٽي ۽ ماءُ جي هٿن جو جسم تي ڇهاءُ. عمر هن جو تصور پراڻو ڪري ڇڏيو هيو. تازو جنم وٺندڙ ذهن نوان احساس ۽ الفاظن بنا عڪس، هن سوچيو ۽ ڄڻ چريو ٿي پيو. درد کان مٿو هيٺ ڍرڪي پيس. وڄ چمڪي، روشني هرشيءِ کي باهه لڳائي هڪ ڪنڊ کان ٻئيءَ ڪنڊ تائين ڊوڙندي هلي وئي. هن چانهه جو ڪوپ کنيو ۽ ڍڪ ڀريو.
    ٻار جنهن ماءُ جي پيٽ کان قبر جي پيٽ تائين سفر ڪيو. زندگي صدين تي مشتمل ۽ ڦهليل ڄڻ ننڊ ۾ خواب جيان جاڳ. خواب جيڪي زندگيءَ جي علامت آهن. موت خوابن بنا ننڊ آهي. عڪس وصفن بنا خواب ۾ خوابن جهڙا آهن. زندگي ڊيڄاريندڙ خواب جو ڇرڪ، ڇرڪ هڪ ڌماڪو، جنهن کان ذهن اکين جون دريون کولي جاڳيو، هن ڏٺو ۽ وري گِهل جي طوفان ۾ ويڙهجي اوندهه جي کوهه ۾ هيٺ لهندو ويو.
    زندگي ننڊ ۾ ڀريل ڇرڪ، وايو منڊل جا ڊيڄاريندڙ اثرات، جيڪي آهي ڪجهه نه آهي، اهو ڏسڻ سان جڙي ٿو. جيڪي آهي ان کي حواس تخليق ڪن ٿا. روشنيءَ جو وجود اک کلڻ سان آهي. اوندهه اک جي بند ڪرڻ سان آهي. اسرارن جا سڀ اثرات حواسن سان ٺهن ٿا. جيڪو جتي آهي اهو منهنجي ڏسڻ سان موجود آهي. ڪائنات نه آهي، ڪائنات منهنجا حواس آهن. چنڊ، بي نانءُ چنڊ، پيلاڻ کان سواءِ، گولاڻ کان سواءِ، ٻه ننڍڙيون ڦرندڙ ۽ مرندڙ اکيون ڏسن ٿيون. ڏسڻ سان سامهون ڪجهه نروار ٿيو آهي جڏهن ته اهو ڪجهه نه آهي. ڌرتي جنهن کي ننڍڙي آڱر ڇهي ٿي اها ڪجهه نه آهي ڇهڻ سان تخليق ٿي آهي. وايو منڊل جا سڀ اثر جاڳ جو ردعمل آهن. آواز کليل ڪنن مان ٺهي ٿو. آواز جنهن کي نه بوءِ آهي نه جسم نه ذائقو. ڀرسان روئندڙ ماءُ جو آواز، سڏڪن جو اثر ٻڌڻ سان آهي، جيڪي آهي هئڻ سان آهي. سڀ ذهن ۾ آهي ٻاهر ڪجهه نه آهي. هر شيءِ ۾ موجود، وجود ئي وجود. وجود وڄ. جيان چمڪي عڪسن کي روشنيءَ جو روپ ڏئي ٻاهر اڇلي ٿو. وجود جيڪو اوندهه ۾ ڇرڪ ڀري ٿو. چوڌاري اوندهه آهي ڪجهه نه آهي. جيڪي آهي تجلي آهي. روح بادل جهڙو مادو آهي. وڄ زندگي آهي چمڪو آهي. تخليق ذهن ۾ آهي. رنگ اکين ۾ آهن. رنگ جن کي نانءُ مليو ۽ انڊلٺ جي ترتيب ۾ تبديل ٿيا. نانءُ ۽ لفظن بنا انهن اکين رنگن کي ڇا نانءُ ڏنو.
    هو سوچيندو ويو ۽ هن جي ذهن ۾ بي چينيءَ جا سرڪندڙ نانگ مٿي ۾ ڏنگ هڻڻ لڳا. درد کان هن جي جسم مان ڌرڙيون ٿي نڪتيون.
    هو هلندي هلندي ڄڻ واٽ وڃائي ويٺو. وائڙن جيان چوواٽي تي بيهي هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳو. وڄ چمڪي ته هن ڪنڌ ڌوڻي اکيون مهٽيون. شيشي تي ڄميل بوندون بي جان اکين جيان سڪي رهيون هيون. مينهن بند ٿي چڪو هيو، هن ڪوپ مان چانهه جو آخري ڍڪ ڀري ڪائونٽر تي پئسا ڏنا ۽ جيئن ئي واپس مڙيو ته سامهون لڳل آئيني ۾ هن کي پنهنجو منهن نظر آيو. جهور پوڙهو ميڻ بتيءَ جي پيلي باهه ۾ ٻرندڙ گهنجيل چهرو، هو ڏسي کليو، سندس وات ۾ پاسن وارا ڏند ڀڳل هيا. هن پنهنجو بئگ سنڀاليو ۽ واپس هلڻ شروع ڪيو. پرڀات کان پهريون جڏهن هو گهر پهتو ته هن جي عمر چوهتر سال ٿي چڪي هئي.
    هوا تيز هئي ۽ آسمان صاف هيو. رستن جي آلاڻ برسات جي تاريخ بنجي وئي. هو ٿڪيل قدمن سان گهر ۾ داخل ٿيو ته اڱڻ ۾ اڃان به چانڊوڪي هئي. اهڙي ئي چانڊوڪي جنهن چانڊوڪيءَ ۾ هو گهر کان ٻاهر نڪتو هيو. وقت ڪجهه نه آهي بس حياتيءَ جو سفر آهي. ڪائنات وجود سان وجود ۾ اچي ٿي ۽ وجود جي فنا سان فنا ٿئي ٿي. هن سوچيو وقت چنڊ جيان ساڪت آهي ۽ وجود اڀري ۽ غروب ٿئي ٿو. وقت پٿر جيان بيٺل آهي وجود حياتيءَ جي صورت ۾ گذري ٿو. زندگي اک آهي ۽ حياتي اک ڇنڀ، آيو ۽ ويو ٻه ڳنڍيل لفظ آهن. فاصلو دورين کي ملائيندڙ زنجير آهي. اڱڻ جي چانڊوڪيءَ ۾ بيهي هن محسوس ڪيو هو آيو نه آهي، ڄڻ وڃي رهيو آهي. هن ڏڪندڙ ڄنگهن کي محسوس ڪيو ٿڪاوٽ کان هن جو جسم ٽٽي رهيو هيو. منهن تي هٿ ڦيري گهنجن کي محسوس ڪيو. ڏاڙهيءَ کي هٿ ۾ وٺي ان جي اڇاڻ طرف ڏٺو. هيءُ ڇا؟ هن جي ذهن ۾ سوال اڀريو. ڇا زندگي تصور ۾ گذري وئي؟ ڇا هو ويو ۽ ايڏو وقت ويو؟ نه هو ته اتي ئي بيٺو آهي. وڃڻ جي تياري ڪندي هو وقت مٿان گذري ويو. هو اتي ئي بيهي سوچيندو رهيو ۽ پوءِ اوچتو هيٺ ڪري پيو. گهر وارا ڊوڙندا هن مٿان آيا. هن جو هڪ هٿن سيني تي هيو ۽ ٻيو ڌرتيءَ کي ڇهي رهيو هيو. هن جون اکيون گول ڦري ويون. آواز هن جي ڪنن سان ٽڪرايا ۽ هن مٿي ڪاراڻ ڏٺي چمڪندڙ ستارا ڏٺا ۽ چنڊ ڏٺو. هن جون اکيون واپس مڙي بند ٿي ويون. جسم ڍلو ٿي ويو. هن کن پل ۾ اهو ڪجهه محسوس ڪيو جنهن لاءِ سڄي زندگي پتوڙيندو رهيو. پر اهو سڀ هو ڪنهن کي ٻڌائي نه سگهيو.


    زندگيءَ جو گڙ

    مايوس ماڻهو:
    ڪو مايوس ماڻهو رلهي وڇائي پٽ تي ليٽيل هيو. ان کي لڳي رهيو هيو، هو هڪ اهڙي چوسول تي بيٺل آهي، جتان ويندڙ رستا اڳيان بند آهن. هو ڏاڍو منجهيل هيو. هن کي پنهنجين ناڪامين جو سبب نظر نه پئي آيو. هن ڪيترا دفعا خواب ۾ ڏٺو هيو، هلندو ڪاميابيءَ کي ڳولهيندو قسمت جي در تي اچي بيٺو آهي. قسمت جو در بند آهي ۽ کلڻ وارو آهي. قسمت جي در اندر زندگيءَ جو ذائقيدار ڳڙ آهي، جنهن کي حاصل ڪري هو ڪڏهن بک نه مرندو ۽ هڪ ڊگهي حياتيءَ جو مالڪ بڻجي دنيا ۾ جيئندو. پر هن اڳيان قسمت جو در نه کليو ۽ ڪاميابين کي ڳولهيندي ٿڪجي پيو.

    ڪوريئڙي جو ڄار:
    جڏهن هو رلهي وڇائي پٽ تي ليٽيل هيو ته ڪو ڪوريئڙو هلندو مٿي چڙهي هن جي منهن وٽ آيو ۽ نڪ ۾ گهڙي اندر هليو ويو. هو گهڻو کنگهيو ۽ نڇون ڏنائين. آڱر نڪ ۾ وجهي گول ڦيرايائين. پر ٿيو ڪجهه به ڪين، ڪوريئڙو هن جي نڪ ۾ مٿي چڙهي مغز وٽ پهتو ۽ اتي ڄار اڻڻ لڳو. اهو سنهي تند ڪڍي ڪنهن ماهر ڪاريگر جيان ويو اڻندو ۽ ڄار ٺاهيندو. ماڻهو بي چين ٿي ويو ۽ جيئن ڄار ان جي دماغ ۾ اڻبو ويو هن جو ذهن تيزيءَ سان ڪم ڪرڻ لڳو. هو سوچيندو ويو. هن جي سوچن جا رستا کلندا ويا.

    هن سوچيو:
    هو هڪ باز آهي ۽ ڪبوترن جا آکيرا تاڙي رهيو آهي. جيڪر ڪو ڪبوتر اڏامي اوچائيءَ تي اچي ۽ هو گهت هڻي ان کي کنڀڙاٽين کان جهلي ماس ۾ نوڪدار چهنب وجهي پٽي کائي کنڀن کي هوا ۾ وکيري ڇڏي ته اهي هيٺ دنيا مٿان گلن جيان وسي پون، پر هن کي ته قسمت جي دروازي جي ڳولها هئي. قسمت جو دروازو جنهن پويان زندگيءَ جو مزيدار ڳڙ هن جو انتظار ڪري رهيو هيو. جنهن کي کائي دنيا جو مزو ماڻڻ پئي چاهيو. ڇا هن جي اهڙي ڪرتوت سان قسمت جو دروازو نظر اچي ويندو ۽ ان جا تاڪ کلي پوندا؟ ڇا هو ڪبوتر ماري انهن کي کائي پيٽ ڀري من کي امن ۽ سڪون ڏئي سگهندو؟ هن کي انهن سوالن جا ڪي به جواب سمجهه ۾ نه آيا. ڪوريئڙو هن جي مغز ۾ ڄار اڻندو ويو ۽ هو سوچيندو ويو.

    پوءِ سوچيو:
    هو هڪ نانگ آهي ۽ گرڻ پکيءَ جا آنا اڳري رهيو آهي. آنا هن جي پيٽ ۾ هضم نه ٿي رهيا آهن. اهي هن جي بک نه ماري رهيا آهن. انهن جي پاڻياٺ هن جي اندر جي اڃ نه اجهائي رهي آهي. اهي کائڻ باوجود به بکايل آهي. هو ڪاوڙ ۽ ڪروڌ مان گرم واريءَ تي رڙهندو اڳتي وڌي رهيو آهي. کيس من ۾ اها باهه آهي ته ڪو جانور نظر اچي ته ان کي ڏنگي پنهنجي انا کي سڪون پهچائي سگهي. کيس پري پري تائين سڃ نظر اچي رهي آهي. جيئن جانور هن جي اچڻ جو ٻڌي پٽ خالي ڪري ڏور ڀڄي ويا هجن. سندس من چاهيو ته پاڻ کي ڏنگي خودڪشي ڪري، پوءِ سوچيائين نانگ زهر کائي مري نه سگهندا آهن. هن کي جيئرو رهڻو آهي ۽ قسمت جي دروازي جي ڳولها ڪرڻي آهي، جنهن اندر هڪ نئين زندگي آهي. هڪ نئون پيغام آهي ۽ اتي زندگيءَ جو ڳڙ ميسر آهي جيڪو حياتيءَ لاءِ ضرور آهي. ڪوريئڙو ڄار اڻندو ويو ۽ هو سوچيندو ويو.

    وري سوچيو:
    هو هڪ شينهن آهي ۽ ٻيلي ۾ بي ڌڙڪ گهمي هرڻ ماري رهيو آهي. هرڻ تيز ڊڪندي ٽپا ڏئي ڪاغذن جيان هوا ۾ اڏامي رهيا آهن ۽ هو مضبوط چنبن سان انهن کي پڪڙي مروڙي رهيو آهي. ڇا هو هرڻ جو گوشت کائي قسمت جو در ڳولهي سگهندو؟ هرڻ جي رت ۾ شرافت جي بوءِ آهي. ان جو زخمي گوشت عزت جيان بيڪار آهي. هن کي ته زندگيءَ جي ڳڙ جي ڳولها آهي جنهن کي کائي هو جيئرو رهي سگهي. هن جي جدوجهد جو مقصد ته هڪ مٺو ذائقو آهي جنهن کي ڳولهيندي هو ٿڪجي چڪو آهي.

    سوچيو ۽ سوچيو:
    هو هڪ ڍڳو آهي جنهن کي مضبوط سڱ آهن. هن جي سوچ هڪ فرلانگ تائين محدود آهي. عقل کان وانجهيل آهي ۽ دماغ مائوف آهي. هن جا سڱ بيڪار ۽ مڏا آهن. هو موهن جي دڙي جي ڏاند گاڏي ڇڪيندي عمر وڃائي ويٺو آهي ۽ هڪ ڏينهن ڪاتيءَ هيٺان اچي بي گناهه ماريو ويندو. هن سوچيو، شرافت سٺي شيءِ نه آهي. دنيا جون سڀ مصيبتون اٻوجهه لئي آهن. جڏهن دنيا جا مظلوم ظالم جو روپ اختيار ڪن ٿا ته امن ڳولهي لهن ٿا. هو ڍڳو بڻجي ڪڏهن به قسمت جو در ڳولهي نه ٿو سگهي. قسمت جو در جنهن اندر اچ وڃ آهي، کاڄ آهي، خوراڪ آهي ۽ زندگيءَ جو مٺو ڳڙ آهي. جنهن جو ذائقو سوچي هن جي وات ۾ پاڻي ڀرجي آيو. ڪوريئڙو هن جي مغز ۾ ڄار اڻندو رهيو.

    هو سوچيندو ويو:
    هو هڪ ٿوهر آهي جنهن جي جسم تي وار سخت ڪنڊن ۾ تبديل ٿي چڪا آهن. هو هڪ اهڙو ٿوهر آهي جيڪو وچ بيابان ۾ واريءَ جي دڙي تي بيٺل آهي. ان ٿوهر جون لامون هن جي عضون جهڙيون آهن. اتي ڄنگهون آهن. ٻانهون آهن ۽ هڪ منڍي آهي، جيڪا ڌڙ تي رکيل آهي. پاڻيءَ جي اڻاٺ جو هن مٿان ڪو اثر نه ٿي رهيو آهي. هو پريان بيٺل هرڻ جي اک ۾ نظر ايندڙ رڃ اندر هڪ سرسبز مجسمي جيان بيٺل آهي. هن جي وجود تي اڀريل ڪنڊن جي خوف کان ڪاريهر پاسو ڪري رڙهي رهيا آهن. سندس مٿان اڏرندڙ ڳجهه جون بي آب اکيون صبح جي نيراڻ ۾ هن جي جسم تي ماڪ جون چمڪندڙ بوندون ڏسي رهيون آهن. هو دنيا جو نرڄو ۽ نفرت لائق ٻوٽو آهي. جنهن حالتن سان بغاوت ڪري پاڻ کي هڪ سخت گير شڪل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. يا هو ڪنهن شهيد جو مجسمو آهي. جنهن جي وجود ۾ لڳل هزارين تيز ڪنڊن ۾ تبديل ٿي چڪا آهن. هن جون ٻانهون عرش ڏي بلند ٿيل آهن ۽ کليل هٿن سان خدا کان معافي وٺي پنهنجي بگڙيل وجود جي شڪايت ڪري رهيو آهي. هن سوچيو جيڪڏهن ٿوهر آهي ته پوءِ قسمت جو در ڪيئن کڙڪائي سگهندو؟ هو هلڻ کان معذور ۽ نفرت لائق آهي. هن جي وجود جا ڪنڊا مخلوق کي ڊيڄاري رهيا آهن، ڪو به هن ويجهو اچڻ پسند نه ڪري رهيو آهي. هو واريءَ جي دڙي اندر ڄميل آهي. وک هن جي وس ۾ نه آهي. جڏهن هو چُري نه ٿو سگهي ته آخر اڳتي وڌي قسمت جو در کڙڪائي زندگيءَ جو مٺو ڳڙ ڪيئن حاصل ڪري سگهندو؟
    زندگيءَ جي مٺي ڳڙ کي ياد ڪري هن جي وات ۾ وري پاڻي ڀرجي آيو. هو سوچيندو رهيو ۽ ڪوريئڙو ڄار اڻندو رهيو. هن جو مغز مڇي جيان هيو. جيڪا ڦٿڪي ساهه کڻي رهي هئي.

    نيٺ ڇا ٿيو؟:
    هو هڪ انڌي ۾ تبديل ٿي ويو جنهن کي هر شيءِ واضح نظر اچي رهي هئي. هو ڪاري رات جيان هيو جنهن ۾ چڻنگ دکي رهي هئي. هڪ نارنگي چڻنگ جنهن ۾ هر شيءِ ٻري رهي هئي. هن کي لٺ رستو ٻڌائي رهي هئي. رستو جنهن جي پاسن کان ٽپا ڏيندڙ بکايل ٽانڊاڻن جي پيٽ ۾ بک جي باهه ٻري رهي هئي. هو هڪ انڌو هيو جيڪو ڏسي رهيو هيو. جنهن لٺ سهاري هلي رهيو هيو اها لٺ هن کي هٿ کان جهلي اڳتي گهلي رهي هئي. رستو جيڪو قسمت جي در تي کٽي رهيو هيو. جنهن در پويان زندگيءَ جو ڳڙ هيو. حياتيءَ جو پيغام هيو، هو اوندهه ۾ ڏسندو لٺ سهاري اڳتي وڌندو رهيو. هن محسوس ڪيو جيئن رات جي اوندهه ۾ عرش جو ٽٽل تارو آهي ۽ چڻنگ جيان دکندو تيزيءَ سان هيٺ ڪري رهيو آهي.
    “اي لٺ” هن لٺ سان ڳالهايو “قسمت جو در اڃان گهڻو پري آهي؟ زندگيءَ جو ڳڙ اڃان ڪيترو ڏور آهي؟”
    لٺ جيڪا هن کي هٿ کان وٺي اڳتي ڌڪي رهي هئي ان چيو.
    “سامهون جتي ستارا پاڻ ۾ ملي مختلف شڪليون ٺاهي رهيا آهن. اتي قسمت جو در آهي.”
    لٺ جي ڳالهه تي هن پري اوندهه ۾ ڏٺو، اتي هر طرف ستارا چمڪي رهيا هيا. اتي ستارن جا شينهن هيا، وڇون هيا، ڪتيون هيون، ٽيڙو هيا ۽ سمجهه ۾ نه ايندڙ عجيب شڪلين وارا عڪس هيا. اهو سوچي ته سندس منزل ويجهي آهي هو مرڪيو.
    “اي لٺ” هن چيو “ڇا قسمت مون لئي در کولي انتطار ۾ هوندي يا اڃان انتظار ڪرائيندي؟”
    لٺ تي هن جي مظلوميت ۽ التجا جو ڪو اثر نه ٿيو. لٺ ڏاڍي سخت هئي.
    “پهچائڻ منهنجو ڪم آهي.” ان چيو “باقي تنهنجي قسمت”
    لٺ تيزيءَ سان هلندي هن کي گهليندي جڏهن در ٻاهران پهتي ته اهو بند هيو. انڌي کي اهو ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيو.
    “اي لٺ” هن چيو “ڇا منهنجي قسمت خراب آهي، جو در منهنجي پهچڻ تي نه کليو آهي؟”
    لٺ مغروريءَ مان ٽهڪ ڏنو.
    “قسمت جا در ماڻهن لاءِ نه کلندا آهن پر قسمت ماڻهن جا در کوليندي آهي.”
    لٺ جي ڳالهه هن کي سمجهه ۾ نه آئي، هن اڳتي وڌي ڏٺو، قسمت جو در ڏاڍو مضبوط ۽ لوهه جو هيو. سندس من چاهيو ته هو ان سان مٿو ٽڪرائي.
    “اي لٺ” هن وري پڇيو “مون کي ٻڌاءِ مان زندگيءَ جو ڳڙ ڪيئن حاصل ڪري سگهان ٿو؟ ان در اندر ڪيئن داخل ٿي سگهان ٿو؟”
    “ان لاءِ توکي ڏاڍو ننڍو ٿيڻو پوندو” لٺ چيو.
    “اهو ڪيئن؟” هن پڇيو.
    “هو ڏس” لٺ هن کي اشارو ڪندي چيو “بند دروازي ۾ چاٻيءَ جو سوراخ. توکي ايترو ننڍو ٿيڻو پوندو جيئن ان سوراخ ۾ داخل ٿي تون اندر پهچي سگهين.”
    لٺ جي چوڻ تي هن ڪوشش ڪئي ۽ هو ننڍو ٿي هڪ جيت ۾ تبديل ٿي ويو. پنهنجن نازڪ ڄنگهن سان هلندو مٿي در تي چڙهيو ۽ چاٻيءَ واري سوراخ مان ٽپي اندر هليو ويو. جڏهن ٻئي پاسي پهتو ته وري ڪڏهن ماڻهو نه ٿي سگهيو. هو جيت هيو. هڪ ننڍڙو پٽ تي ڪريل چانور جي داڻي کان ٿورڙو ڊگهو ۽ ڪڻڪ جي داڻي کان ٿورڙو ٿلهو. هو رڙهندو اڳتي وڌيو ۽ زندگيءَ جو ڳڙ ڳولهڻ لڳو. هن کي زندگيءَ جو ڳڙ ڪٿي نظر نه آيو. هو مايوس ٿي ويو، هن حياتيءَ ۾ پهريون دفعو رب کي ياد ڪيو. ان ننڍڙي جيت جون اکيون پاڻيءَ سان ڀرجي ويون. هن ڪنڌ مٿي ڪري جيئن رب کي ٻاڏايو ته هن ڏٺو سندس مٿان ڳڙ ڪوريئڙي جي تند ۾ لڙڪي رهيو هيو.
    “اي رب” هن چيو “مون کي کنڀ ڏي جيئن مٿي پهچي اهو ڳڙ کائي سگهان.”
    هو رب کي پڪارڻ لڳو ۽ ڳوڙها هن جي اکين مان وهي هيٺ ڪرڻ لڳا. رب هن جي دعا قبول ڪئي ۽ کيس کنڀ نڪري آيا، هو مک ۾ تبديل ٿي ويو. اڏاڻو ۽ وڃي ڪوريئڙي جي تند ۾ لڙڪندڙ ڳڙ کي چنبڙيو.
    ڪوريئڙو هن جي مغز ۾ ڄار مڪمل ڪري چڪو هيو.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 870
    ڪتابن جو مشاهدو: 2451111
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 627236
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ