ڪتاب جو نالو: عجيب وارتائون
مصنف: رسول ميمڻ
ڇپائيندڙ: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2020
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 24 مارچ 2020 ع
پڙهيو ويو: 455 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 107 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار رسول ميمڻ جي ڪھاڻين جو مجموعو آھي. امر اقبال لکي ٿو:

”لکڻ، رسول ميمڻ لاءِ لباس وانگر رهيو آهي، لکڻ رسول ميمڻ جي رُوح جي رياضت آهي، هُن دل جي حضور ۽ صدق سان جيڪو ڪجهه به لکيو آهي، اهو اسان سڀني لاءِ فخر جو سبب آهي، ادبي سماج ڏانهن رسول ميمڻ جو رويو به ڪمال انوکو رکيو آهي، هو ميلن جهميلن کان پري رهيو آهي، عُهدا، ڪرسيون ڪڏهن به سندس طلب جو حصو ناهن رهيون، صدارتون، شامون، ايوارڊ، اعزاز سندس مٿي جو سور ۽ خفت ناهن رهيا، هُن جو قلم ۽ هُن جي تنهائي ئي هُن جا دوست رهيا آهن ۽ هُن انهن سان دوستيءَ جو پورو پورو حق ادا ڪيو آهي.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سڀ حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • ڪھاڻيون

  • گهنٽي
  • عجيب وارتائون
  • هاڻي ٺيڪ آهي
  • عشق جو اظهار
  • عمر ۽ اڏوهي
  • پَرَ ڪٽيل شاهين
  • خوشخبري
  • غلط فهمي
  • رک
  • ارتقا
  • راز جي ڳالهه
  • تير جو نشان

  • سڀ حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو : عجيب وارتائون
    موضوع : ڪهاڻيون
    ليکڪ : رسول ميمڻ
    ڪمپوزنگ : خادم حسين جروار
    سال : 2020ع
    ڇپائيندڙ : ڊجيٽل پبلشنگ هائوس
    ٽنڊوالهيار
    0307-3157667
    ڊجيٽل ايڊيشن : 2020ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    books.sindhsalamat.com


    Ajeeb Warta’on

    Writen by : Rasool Memon
    Composed by : Khadim Hussain jarwar
    Year : 2020
    Published by: Digital Publishing House
    Tando Allahyar
    Jarwar1994@gmail.com


    ھيءُ ڪتاب ڊجيٽل ايڊيشن جي صورت ۾ محمد سليمان وساڻ، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ڪراچيءَ پاران پڌرو ڪيو.


    ارپنا

    اُن جي نالي
    جنهن کي مان
    سڃاڻيان نه ٿو


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”عجيب وارتائون“ اوهان اڳيان پيش آهي. ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار رسول ميمڻ جي ڪھاڻين جو مجموعو آھي. امر اقبال لکي ٿو:
    ”لکڻ، رسول ميمڻ لاءِ لباس وانگر رهيو آهي، لکڻ رسول ميمڻ جي رُوح جي رياضت آهي، هُن دل جي حضور ۽ صدق سان جيڪو ڪجهه به لکيو آهي، اهو اسان سڀني لاءِ فخر جو سبب آهي، ادبي سماج ڏانهن رسول ميمڻ جو رويو به ڪمال انوکو رکيو آهي، هو ميلن جهميلن کان پري رهيو آهي، عُهدا، ڪرسيون ڪڏهن به سندس طلب جو حصو ناهن رهيون، صدارتون، شامون، ايوارڊ، اعزاز سندس مٿي جو سور ۽ خفت ناهن رهيا، هُن جو قلم ۽ هُن جي تنهائي ئي هُن جا دوست رهيا آهن ۽ هُن انهن سان دوستيءَ جو پورو پورو حق ادا ڪيو آهي.“
    ھي ڪتاب ڪنھن بہ اداري پاران ڪتابي شڪل ۾ ڇپيل ناھي پر رسول ميمڻ صاحب قرب ڪري ڪمپوز ڪرائي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ آنلائين اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو آھي، جنھن لاءِ سندس ٿورائتا آھيون. ھن ڪتاب جي ڪمپوزنگ خادم حسين جروار ڪئي آھي. سنڌ سلامت ڪتاب گهر ذريعي اسان ڪوشش ڪئي آھي تہ سنڌي ادب ۽ سنڌي لکڻين کي انٽرنيٽ ذريعي سڄي دنيا جي سنڌين تائين پھچايون. ان سلسلي ۾ ڪيتري ڪاميابي ملي آھي ۽ اڳتي ڇا ۽ ڪيئن ڪرڻ گهرجي؟ ان لاءِ اوھان سڄڻن جي رھنمائي ۽ مدد جي ضرورت آھي.

    ساٿ سدائين قائم ..... سنڌ سلامت ساٿ سلامت



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ڪھاڻيون

    گهنٽي

    ڳوٺ ٻاهران جتي ڀوتار غوثل جي مينهن جو واڙو آهي، اتي ڪڏهن اسڪول هيو. اسڪول ۾ ڪل ملائي ستونجاهه شاگرد هيا ۽ هڪ هيڊ ماستر کانسواءِ پنج نائب ماستر، هڪ پٽيوالو الهه رکيو جنهن کي وڏيون مڇون هيون ۽ ننڍو منهن. ان جو ننڍو منهن وڏين مڇن ڪري ويڪرو نظر ايندو هيو. هيڊ ماستر جناح ڪيپ پائي قائداعظم جي فوٽوءَ هيٺان ائين ويٺل هوندو هيو، جيئن سندس سامهون ڪيمرا رکيل هجي.
    اهو اسڪول هيو، پر هاڻي مينهن جو واڙو آهي. جنهن ڪلاس ۾ ڪنڍي مينهن رانڀ ڪندي آهي، اتي ڪڏهن ماستر مجو رڙ ڪندو هيو. ماستر مجوءَ جي رڙ تي ٻارن جو مُٽ وهندو هيو ۽ هاڻي ڪنڊي مينهن رانڀ ڪري پاڻ مُٽيندي آهي.
    اسڪول بند نه ٿيو هيو پر کليل هيو. پهريون ٻار ايندا هيا ۽ هاڻي مينهون، سج لٿي کان اڳ جهنگ چري، واهه وهنجي، ڀوريون ڪاريون، کير جهنجهيل ڀٽاريون هلنديون هيون ته انهن جي اوهن مان کير ڇلڪڻ جو آواز ايندو هيو. ڀٽاريون موٽنديون هيون ته اسڪول ۾ رونق ٿي ويندي هئي. اتي هيڊ ماستر نه هيو پر هڪ سانُ هيو، جيڪو ڏنڊو کڻي گهمندو هيو. سانَ کي مٿي تي ٽوپي نه هئي، ٻه سڱ هيا. ڪلاس ۾ قائداعظم جي فوٽوءَ واري جاءِ خالي هئي ۽ اها جاءِ ڪور پُر نه ڪري سگهيو. ڇو جو پر ڪرڻ لئي، ڀوتار غوثل جي فوٽوءَ جي ضرورت هئي ۽ ڀوتار غوثل اتي ڀڳل الماڙيءَ ۾ هيڊ ماستر جي وساريل پراڻي جناح ڪيپ پائڻ نه پئي گهري ۽ ٻيو ته هن کي وڏين مڇن جي قرباني ڪنهن به صورت ۾ قبول نه هئي.
    جڏهن مينهن اسڪول سنڀاليو ته گهٽين ۾ رونق ٿي وئي. ٻار صبح شام ڪوڏي ڪوڏي کيڏندا هيا ۽ هڪ دفعي جڏهن ڏيٽي ڏڪر کيڏندي، هڪ ٻار ڏڪر هڻي، ٻي جي ٻانهن ڀڃي وڌي ته حڪيم هادن ٽي مهينا ڊوهه ڏئي، نم جا پن ٻڌڻ کانپوءِ افاقو ٿيندو نه ڏسي، کيس ميڊيڪل ڪاليج اسپتال وڃڻ جي صلاح ڏني. جتي سرجن سرڪاري اسپتال ۾ گهڻو مصروف هجڻ ڪري ٻار جي ٻانهن خراب ٿي وڃڻ ڪري وڍڻ جو مشورو ڏنو، جيڪو ٻار جي وڏن قبول ڪيو ۽ سرجن تڪڙ ۾ ان جي کٻي ٻانهن وڍڻ بجاءِ سڄي ٻانهن وڍي وڌي. خدا جو ڪرشمو ته ڏسو، غلطيءَ ۾ سڄي ٻانهن وڍجڻ کانپوءِ ڀڳل کٻي ٻانهن پنهنجو پاڻ ٺيڪ ٿي وئي.
    ماستر، ڀوتار جي ٻنين تي جهار هڪليندا هيا ۽ انهن کي پگهارون ملنديون هيون. باقي ننڍي منهن تي وڏين مڇن ڪري ويڪري منهن وارو پٽيوالو الهه رکيو گهر ڀيڙو ٿيڻ بجاءِ ڀوتار جي واڙي جو چوڪيدار ٿي ويو. اهو ڏينهن رات اسڪول جي واڙي ۾ هڪ ڇڳل کٽ تي آهليو پيو هوندو هيو ۽ ان کي ننڊ نه ايندي هئي. ان جي ننڊ نه اچڻ جو سبب اهو نه هيو ته ڪو بک يا عشق جو ماريل هيو، پر اها هڪ الڳ ڪهاڻي آهي، جيڪا مان توهان کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو.
    ٿيو ائين ته جڏهن اسڪول تي مينهن قبضو ڪيو ته انهن سان گڏ هڪ ڏاند به هيو. ڏاند به اهڙو جيئن موهن جي دڙي مان لڌل سڪي تي اُڪريل ڏاند جي نسل مان هجي. سگهارو ۽ ڳچي وٽان لڙڪندڙ چمڙي ڌرتيءَ کان ٽي انچ مٿي. پر چنگ کان خالي، الهه رکيي کي خيال آيو. ڏاند ته ڏاڍو سهڻو آهي پر چنگ کان سواءِ ان جي ڳچي ائين آهي جيئن مڇن کان سواءِ مرد.
    پٽيوالو الهه رکيو ڇڳل کٽ تان اٿيو ۽ هيڊ ماستر جي ڪمري ۾ ويو. هن ڀڳل الماڙي کولي، اها گهنٽي ڏٺي جيڪا هو ڏينهن ۾ چار دفعا وڄائيندو هيو. اسڪول هن جي گهنٽيءَ سان ئي ته هلندو هيو. صبح سان، اسيمبليءَ کانپوءِ ، رسيس ۾، رسيس بند ٿيڻ کانپوءِ ۽ موڪل مهل، هو گهنٽيءَ کي ورانڊي ۾ بيهي ائين وڄائيندو هيو جيئن وقت وڪڻندو هجي. اسڪول جو وقت جيڪو ٽڪر ٽڪر هيو. جيئن وڍيل ڏنڀرو.
    منڍيءَ وارو ٻه وچان ۽ پڇڙيءَ وارو حصو، سڀ ڪم هن جي گهنٽيءَ جي آواز تي ٿيندا هيا، هو ٻانهن ۾ ٻڌل واچ ۾ ڏسندو هيو. صبح جا اٺ، يارنهن، ساڍا يارنهن ۽ ٻه ٻار گوڙ ڪندا ميٽ سان ميساريل ڦٽيون کڻي هڪ ٻئي کي ڌڪا ڏيندا در کان ٻاهر نڪرندا هيا.
    پٽيوالي الهه رکيي کي اها گهنٽي ڏاڍي عزيز هئي، اهڙي عزيز جيئن ڪنهن مئل ماڻهوءَ جي سڪ، هو گهنٽي وڄائيندو هيو ڄڻ لاش سان ڳالهيون ڪندو هيو.
    هاڻي پتل جي گهنٽيءَ جو رنگ اهڙو ٿي ويو هيو جو ٽامي جي نظر ايندي هئي. اها وڄندي هئي ڄڻ روئندي هئي. گهنٽيءَ جي کل بند ٿي چڪي هئي. ڪڏهن وڄندي هئي ته کلندي هئي. ٻار به ڏاڍا حرڪتي هوندا هيا. انهن جون حرڪتون ڏسي گهنٽي کل ۾ ٽيبل تي اونڌي پئي هوندي هئي.
    هونئن ته اسڪولن ۾ گهنٽيون وڻن سان ٻڌل هونديون آهن يا ورانڊن ۾ ڪليءَ سان لڙڪيل هونديون آهن. پر الهه رکيي کي ڪا اهڙي گهنٽي نه ملي سگهي ۽ هن اها مولوي احمد کان اڌاري ورتي هئي. جيڪو رمضان ۾ پنهنجي هڪ طالب سان گڏ ڊالڊا جو دٻو کڙڪائي، اها گهنٽي زور سان وڄائيندو هيو ۽ هر هر وڏي آواز ۾ چوندو هيو.
    “اٿو مومنو روزا رکو.”
    ماڻهو مولوي احمد جي گوڙ تي اٿندا هيا ۽ مال کي گاهه کارائي سمهي پوندا هيا. مولوي احمد پٽيوالي الهه رکيي کي اها گهنٽي ان شرط تي ڏني ته ايندڙ رمضان تائين هو پنهنجي گهنٽيءَ جو بندوبست ڪندو نه ته ٻي صورت ۾ ماڻهو اسر جو اٿي نه سگهندا ۽ مال بکيو رهجي ويندو. جنهن ڏينهن مولوي احمد اها گهنٽي الهه رکيي حوالي ڪئي ته مولويءَ کي ٻيو رمضان نصيب نه ٿيو. اهو ان رات فوت ٿي ويو. ڳوٺ جي چڱن ماڻهن جو چوڻ ائين هيو ته مولوي احمد جو ساهه ان گهنٽيءَ ۾ هيو جيڪو پٽيوالو الهه رکيو قبض ڪري ويو.
    ڀوتار غوثل ڏاڍو نرم دل شخص هيو، ڪنهن کي مارڻ چاهيندو هيو ته پنهنجن هٿن سان نه ماريندو هيو. هن ڪڏهن ڪنهن کي جيل ۾ نه وجهايو پر پنهنجو جيل ٺهرايو. ڪنهن جي بي عزتي نه ڪندو هيو، بس ماڻهن وٽ مٿي ۽ ڏاڙهيءَ جي ڪوڙائڻ جيترا پئسا نه هوندا هيا، انهن جي مدد ڪندو هيو. هو ڪڏهن ڪنهن جو منهن ڪارو ڪري گڏهه تي چاڙهي ڳوٺ جي گهٽين ۾ اهو سوچي گهمرائيندو هيو ته جيئن ڳوٺاڻا احساس ڪمتريءَ ۾ مبتلا نه ٿين ۽ اهو سوچين ته ان سامهون ڪيڏا نه سهڻا نظر اچي رهيا آهن. ڀوتار غوثل کي جانورن تي ڏاڍي ڪهل ايندي هئي. ان سوچيو ته جانورن کي رلڻ بجاءِ اهڙيءَ جاءِ تي پناهه ڏجي جتي علم جي روشني ڦهليل هجي ۽ اهي اڌ انسان ٿي سگهن ۽ علم حاصل ڪندڙ ٻار اڌ جانور ٿي ڍورن جي احساس کان واقف ٿين ۽ انهن جي عزت ڪن.
    ڀوتار هڪ ڏينهن واڙي ۾ آيو ۽ ان مينهن تي نظر ڦيرائي، هن ڏٺو مينهن جي جسم ۾ گهڻو کير جمع ٿي وڄڻ ڪري انهن جو رنگ اڇو ٿي چڪو آهي. هن کي خوشي محسوس ٿي جڏهن پاڻ کي اتي بيٺل سانَ جهڙو محسوس ڪيائين. پر پوءِ اداس ٿي ويو ڇو جو ڏاند جي طبيعت ٺيڪ نه هئي. هن ڀرسان بيٺل پٽيوالي الهرکيي کي حڪم ڪيو ته
    “وڃ اها گهنٽي کڻي اچ جنهن ۾ روزا رکائيندڙ ۽ کولائيندڙ مولوي احمد جو روح آهي. اها ڏاند جي ڳچيءَ ۾ ٻڌ ته اهو وقت تي کائي پي سگهي.”
    پٽيوالو الهرکيو هيڊ ماستر جي ويران ڪمري ۾ ويو ۽ ان ڀڳل ڪٻٽ مان ميري ٽوپيءَ ڀرسان مٽيءَ ۾ اونڌي منهن پيل گهنٽيءَ ۾ هٿ وڌو ته اها وڄڻ لڳي. پٽيوالي ٻئي هٿ سان گهنٽيءَ کي روڪيو ۽ ڊڪندو ڀوتار وٽ آيو.
    “سائين گهنٽي حاضر آهي.”
    پوءِ اها گهنٽي هڪ رسيءَ سان ڏاند جي ڳچيءَ ۾ پئجي وئي ۽ ڏاند اٿي کڙو ٿيو. ڏاند رانڀ ڪئي ۽ ڀوتار غوثل سمجهيو ته هاڻي خير آهي.
    هن ويندي الهرکيي کي پٺيءَ جا ڌڪ هڻي، نصيحت ڪئي ته
    “ڏاند جو نه، گهنٽيءَ جو خيال ڪجانءِ، ڇو جو گهنٽي وڄندي معنا ڏاند جيئرو آهي.”
    اهو ڏينهن اهو شينهن الهرکيو هڪ رات به سمهي نه سگهيو. جڏهن به سمهندو هيو ته سڱ سان پٺي کنهندڙ ڏاند جي ڳچيءَ ۾ لڙڪندڙ گهنٽي هن جي ننڊ ڦٽائيندي هئي. ڏاند کي به ڄڻ ڪنڌ لوڏڻ ۾ مزو ايندو هيو. وڄندڙ گهنٽيءَ جا آواز ان جي ڪنن کي وڻندا هيا. گهنٽي ٻڌڻ کان پوءِ ڏاند ڏاڍو ڏنگو ٿي پيو هيو. اهڙو صحتمند ٿي پيو جو هر ڪنهن جي دل ان کي چورائڻ چاهيندي هئي. اهو ابتا سبتا ٽپا ڏيندو هيو، جيئن ڪو ٻار جنهن رسيس ۾ اسڪول ٻاهران بيٺل الياس ڇولن واري کان ڇولا وٺي، ساوا مرچ وجهي کاڌا هجن.
    ڏاند صفا ٻار ٿي پيو ۽ پٽيوالو الهرکيو ڇڳل کٽ تي سمهي پاسا ورائيندو هيو. ڏاند جي ڳچيءَ ۾ ٻڌل گهنٽي ان جي ننڊ ڦٽائيندي هئي.
    اهو هڪ رات سمهيو، ان جي اک اڃان مس لڳي ته ڏاند جي ڳچيءَ ۾ ٻڌل گهنٽيءَ جي آواز تي ڇرڪ ڀري جاڳي پيو. ڏاند جي ڳچيءَ ۾ ٻڌل گهنٽيءَ جي آواز مان ڪئي ٻار ظاهر ٿيا. انهن جا منهن ميرا ۽ وار اڻڀا هيا. سندن اگهاڙا پير جانورن جي کرن جهڙا هيا. اسڪول جو اڱڻ ٻارن سان ڀرجي ويو ۽ اسيمبلي شروع ٿي وئي. عربيءَ جي استاد تلاوت ڪئي ۽ پوءِ پنجين ڪلاس جي شاگرد عبدالغفار اها نعت پڙهي جيڪا هو اڪثر اسيمبليءَ ۾ ڳائيندو هيو.
    الهرکيو اڃان ڏسي ئي رهيو هيو ته هن کي ننڊ جو گيرٺ اچي ويو ۽ اک لڳي وئي. ڏاند سڱ سان پٺي کنهي ته گهنٽيءَ جي آواز تي وري الهرکيي جي اک کلي وئي. هن ڏٺو اسيمبلي ختم ٿي چڪي هئي. اوٺي ڪپڙن وارا ٻار جن کي جانورن جا کر هيا، اهي قطارن ۾ هلندا، هڪ ٻئي کي ڌڪا ڏيندا ڪلاسن ۾ وڃي رهيا هيا. اسڪول ۾ هر طرف گوڙ هيو ۽ پوءِ گوڙ جهڪو ٿي ويو ۽ الهرکيي کي گيرٺ اچي ويو. ڏاند ڪنڌ لوڏيو ته وري ڇرڪ ڀري جاڳي پيو. هن ڏٺو، هاري حضور بخش جو پٽ اڪبر علي ماستر محمد پناهه کي سبق ٻڌائي رهيو هيو.
    “نون ضبر ن، ڪا ضبر ڪ... ڪَنَ”
    “ڪا ضبر ڪ، نون ضبر ن... نَڪَ”
    ماستر محمد پناهه جنهن کي ماتا جا سينورا هيا، ٻار جو سبق ٻڌي ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويو. ان اڪبر عليءَ کي ڄنگهن کان وٺي ابتو جهليو ۽ پوءِ چيو “هاڻي پڙهه”
    اڪبر عليءَ سبق پڙهڻ شروع ڪيو.
    “نون زبر ن، ڪا زبر ڪ... نَڪَ”
    “ڪا زبر ڪ، نون زبر ن... ڪَنَ”
    ماستر محمد پناهه هن کي سڌو ڪندي نصيحت ڪئي.
    “تون هٿن تي هلندين ته ڪامياب ويندين، باقي پيرن تي هلي پنهنجو خانو خراب نه ڪجانءِ”
    پوءِ الهرکيي ڏٺو، ڏاند جي ڳچيءَ ۾ پيل گهنٽيءَ رسيس جو اعلان ڪيو. ٻار ڪلاسن کان ٻاهر نڪري بال سان سٽ ڪٽ راند کيڏڻ لڳا. هڪ ٻار بال ٻئي کي هنيو، اهو هيٺ ٿي ويو ۽ بال گسي اچي الهرکيي کي لڳو. هن بال هٿ ۾ کنيو ته سندس سامهون چوٿين ڪلاس ۾ پڙهندڙ خميسو اچي بيٺو.
    “چاچا الهرکيا بال ڏي” ان معصوم آواز ۾ چيو.
    الهرکيو عجب مان اکيون ڦوٽاري ان ڏانهن ڏسڻ لڳو ۽ پوءِ اهو ٻار وڏو ٿي ويو، کيس ٻٽ ٻڌل هئي ۽ هٿن ۾ ڪليشنڪوف، اڃان الهرکيو بال هٿ ۾ جهلي حيرت مان ڏسي ئي رهيو هيو ته خميسي ڪليشنڪوف سڌي ڪندي کيس رعب مان چيو.
    “اڙي ڏئين ٿو بال يا ڪيانءِ پورو”
    الهرکيي خوف مان بال پري ڦٽو ڪيو، هن ڏٺو اسڪول جي اڱڻ ۾ پريان ٻار جوا کيڏي رهيا هيا ۽ اتي ئي محمد بخش مڱڻهار جو پٽ عيدن چرس پي رهيو هيو. هڪ ٻار اسلاميات جي استاد جو کيسو ڪپي ويو، جنهن ۾ پنج سپاري پيل هئي.
    ماستر مجو ڏنڊو کڻي ٻاهر نڪتو ۽ ان رڙ ڪئي، سڀ ٻار ڏاند جي گهنٽيءَ ۾ گم ٿي ويا.
    پٽيوالي الهرکيي جي اک لڳي وئي، ان پهريون کونگهرو مس هنيو ته ڏاند اٿي بيٺو ۽ مٿي کي ائين ڌوڏڻ لڳو ڄڻ ٻارن کي سڏيندو هجي. ڏاند جي ڳچيِءَ ۾ گهنٽي کڙڪي ۽ الهرکيي جي اک کلي وئي. هن ڏٺو، ڏاند مست هاٿيءَ جيان ڪنڌ ڌوڻي رهيو هيو ۽ ٻار ٽپا ڏيندا هن جي ڳچيءَ تان هيٺ لهي رهيا هيا.
    رسيس ختم ٿي چڪي هئي سڀ ٻار ڪلاسن ۾ وڃي چڪا هيا، اوچتو اسڪول ۾ رڙيون پئجي ويون. هيڊ ماستر جي هٿ ۾ پنجين ڪلاس ۾ پڙهندڙ ممتاز جي هٿ جون ڪٽيل ٻه آڱريون هيون. ممتاز آرائين ڳوٺ ۾ رهندو هيو ۽ روز ايندو ويندو هيو. ان ڏينهن اسٽيشن تي ريل بريڪ هڻي جيئن هلي ته جهٽڪي سان ممتاز هيٺ ڪري پيو ۽ هن جي هٿ جون ٻه آڱريون ڪٽجي ويون. ممتاز ته اسپتال ڀيڙو ٿيو پر هن جي آڱرين جو جلوس ڪڍيو ويو. ڪنهن آڱريون آڻي هيڊ ماستر کي ڏنيون ۽ هيڊ ماستر آڱريون هٿ تي رکي هر ڪلاس ۾ ويو. ان ٻارن کي نصيحت ڪئي.
    “پيارا ٻارو! هي توهان جي دوست ممتاز جون آڱريون آهن. توهان ڏسو، ان جا ننهن ڪيڏا نه وڏا آهن. ننهن اندر مٽي ڀريل آهي. جيڪڏهن ننهن ڪٽيل نه هوندا ته توهان کي پيٽ جون بيماريون ٿينديون. کاڌو هضم نه ٿيندو، جنهن ڪري توهان جا جسم ڪمزور ٿيندا ۽ پوءِ ريل جي ٿوري جهٽڪي تي توهان هيٺ ڪري پوندا ۽ توهان جون آڱريون ڪٽجي وينديون.”
    هيڊ ماستر جي ڳالهه ٻڌي سڀ ٻار افسوس سان ڏندن سان ننهن ڇلڻ لڳا.
    ڏاند جي ڳچيءَ ۾ گهنٽي ٻڌڻ کان پوءِ پٽيوالي الهرکيي جي زندگي زهر ٿي چڪي هئي. هن جو سڪون ۽ آرام ختم ٿي چڪو هيو. اوجاڳا هن جو مقدر بنجي چڪا هيا. جيڪا گهنٽي ڪڏهن هو اسڪول جي ورانڊي ۾ بيهي وڄائيندو هيو. اها هاڻي ڏاند وڄائي رهيو هيو. هن جي قسمت ڍڳي کان به خراب هئي. هن سوچيو، هو ڀوتار غوثل وٽ ويندو ۽ عرض ڪندو ته
    “ ڏاند جي ڳچيءَ مان اها گهنٽي لاهي کيس واپس ڪئي وڃي، جيئن هو ان کي پراڻي الماڙيءَ ۾ بند ڪري سڪون سان سمهي سگهي، پر هن ۾ چوڻ جي جرت نه هئي. هو سمجهي رهيو هيو ته هن اهي لفظ چيا ته ڀوتار سندس پگهار بند ڪرائي ڇڏيندو ۽ هو قرضين کي منهن ڏيکارڻ لائق نه رهندو. هن چڱائي ان ۾ سمجهي ته گهنٽي ڀل ڏاند جي ڳچيءَ ۾ ٻڌل هجي ۽ وڄندي رهي جيئن سندس کيسي ۾ اهو ماچيس موجود رهي جنهن جي تيليءَ سان ٻيڙي ۽ گهر جو چلهو ٻاري سگهي.
    هڪ رات هن بيزار ٿي ڏاند جي ڳچيءَ مان گهنٽي لاهي هيڊ ماستر جي ويران ڪمري ۾ وڃي ڀڳل الماڙيءَ ۾ رکي ڇڏي. ان رات هو سڪون سان سمهي سگهيو. سوير هوڏانهن نظر ڪيائين کيس ڏاند نظر نه آيو. هو منجهي پيو. ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هن کي ڇا ڪرڻ گهرجي. هن سوچيو هو هڪ پٽيوالو آهي ۽ هن جو ڪم گهنٽي وڄائڻ آهي. پوءِ هيڊ ماستر جي ڪمري ۾ ويو ۽ ڀڳل الماڙيءَ مان گهنٽي ڪڍي ٻاهر آيو. هن ورانڊي ۾ بيهي زور سان گهنٽي وڄائڻ شروع ڪئي، پريان ٻار ڊوڙندا پئي آيا.


    عجيب وارتائون

    مون سان عجيب وارتائون ٿي رهيون آهن. لڳي ٿو ڪي غيبي قوتون آهن جيڪي منهنجي ارد گرد موجود آهن. جنن جيان ڪنهن به غيبي قوت ۾ ايمان نه آهي پر يقين نه ٿو اچي ته اهي لقاءَ پنهنجو پاڻ ڪيئن ٿا ٿين؟
    ڪمري ۾ هيس ڏٺم پکي جو بٽڻ بند هيو، مون کي ياد آهي جڏهن مان ڪمري ۾ داخل ٿيو هيس ته بٽڻ کوليو هيو. وري ائين ٿيو جو مان ڪمري مان نڪرڻ وقت بٽڻ بند ڪري ويو هيس، آيس ته بٽڻ کليل هيو.
    مان هڪ منجهيل ماڻهو آهيان عقيدن ۾ ايمان نه آهي پر اهو سڀ ڏسي لڳي ٿو، فطرت مون کي يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ته ڪي قوتون اهڙيون به آهن جيڪي توهان جي حواسن جي دائري ۾ نه آهن.
    ڪلهه جي ڳالهه آهي، مون پليٽ ۾ ماني رکي هئي، اها ڪو کائي ويو. ان کان اڳ ائين به ٿيو هيو جو مون ماني کاڌي هئي ۽ پليٽ ۾ ڏٺو ته ماني رکيل هئي.
    ڀلا اهڙي حرڪت ڪير ڪري سگهي ٿو؟ جيڪڏهن ڪا غيبي قوت آهي ته اها اهڙيون ٻاراڻيون حرڪتون ڇو ڪندي؟ مڙس ماڻهوءَ جيئن سامهون اچي ته کيس مڃان. منهنجو ايمان به پختو ٿئي، قبر به سنوارجي، قيامت ڪاري نه ٿئي ۽ جنت به ملي.
    شايد ڪاري ٻلي آهي، اوندهه ۾ نظر نه ٿي اچي يا اهڙو ڪوئو آهي جو پيرن جي کڙڪي تي گم ٿي وڃي ٿو. مان منجهيل ماڻهو، ڏاڍو منجهي پيو آهيان. غيب کي جانورن سان تشبيهه ڪيئن ڏئي سگهجي ٿي. ڪوئا ۽ ٻليون اهڙا ڪم نه ڪندا آهن.
    چانهه پيئڻ کان اڳ پاڻيءَ جو گلاس ڀري ٽيبل تي رکندو آهيان. ڪيترائي دفعا گلاس ڀرڻ کان اڳ، ڀريل گلاس ٽيبل تي رکيل هوندو آهي. هڪ دفعو سڄو گلاس ڀري ٽيبل تي رکيو، ٿوري دير کان پوءِ ڏٺم گلاس اڌ ڀريل هيو. ڀلا ڪير آهي جيڪو ائين مون مٿان مهربان ٿي سگهي ٿو؟ سندس من ۾ مون لاءِ ايڏو احساس آهي ڇو جو سوچيان ٿو ته ميرا ڪپڙا بدلايان، ٿوري دير کانپوءِ نظر ڪيان ٿو ته ڌوتل ڪپڙا پاتل آهن.
    روز رات جو ٽي دفعا اٿي ڏسڻ ويندو آهيان ته ٻاهريون در بند آهي. ڪيترائي دفعا کليل در پنهنجن هٿن سان بند ڪيو اٿم، ڏسڻ ويندو آهيان ته در کليو پيو آهي. هڪ دفعي ياد آيو ٻاهريون در بند نه ڪيو آهي، ڏٺم ته در بند هيو.
    توهان سمجهندا هوندا ته مان ڪنهن نفسياتي مرض ۾ ڦاٿل آهيان پر نفسيات تي ڪافي ڪتاب پڙهيا اٿم، جيڪڏهن ڪو خلل هجي ها ته اهو ائين حقيقت نه هجي ها. خلل حقيقت نه هوندو آهي، اهو وهم هوندو آهي پر مون سان جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو سڀ حقيقت آهي.
    هڪ دفعي ان غيبي قوت مون کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي. مون شگر جي گوري ڪڍي ٻاهر رکي، پاڻي ڀرڻ ويس ته گوري گم ٿي وئي. ٻئي گوري ڪڍي ٻاهر رکي، پاڻي ڀرڻ ويس ته وري گم ٿي وئي. چار گوريون گم ٿيون. پنجين مان هٿ ۾ جهلي پاڻيءَ سان اڳري ويس. ٿوري دير ۾ سڄو پگهرجي ويس، دل ائين هلڻ لڳي جيئن وقت کي تڪڙ هجي. جسم ڏڪيو پئي، چڪر آيو ۽ کٽ تي ڪري پيس. کارڪون کيسي ۾ رکندو آهيان جيئن شگر گهٽجي ته کائي سگهان. هٿ وجهي کيسي ۾ ڳولهيم، هڪ به کارڪ نه هئي. اٿي برنيءَ مان کنڊ کاڌم ۽ برنيءَ کي ڪڇ ۾ لڪائي ائين ليٽي پيس ته متان ڪو کسي نه وڃي.
    مان اهڙي غيب کي ڇا ڪندس جيڪو ساهه ڪڍي، عزرائيل به غيب جو اهڙو ئي قسم آهي، جيڪو ماڻهوءَ جي مرضيءَ بنا سندس ساهه ڪڍي هليو ويندو آهي. منهنجو عزرائيل ۾ يقين نه آهي پر ههڙا هاڃا ڏسي لڳي ٿو متان عزرائيل هجي.
    ڀلا ان کان وڌيڪ حيرت جي ڳالهه ڪهڙي ٿي سگهي ٿي جو مون رومانا جي ڏک ۾ ست ڏينهن شيوُ نه ڪئي، اڄ صبح سان اٿيس ته شيوُ ٿيل هئي ۽ جڏهن لِکڻ لاءِ پين کيم ان ۾ مس ڀريل هئي. مان هاڻي به فونٽين پين استعمال ڪندو آهيان. لکڻ کان اڳ مس ڀريندو آهيان، پر ائين لڳو پين ۾ مس پهريون ئي ڀريل آهي.
    مان ڪجهه ٻيو لِکڻ پئي چاهيو، پر الائي ڪيئن لکجي ويو.
    “رومانا کي ذهن مان ڪيئن ڪڍي سگهان ٿو؟”


    هاڻي ٺيڪ آهي

    مون کي وارث جو چهرو چڱيءَ طرح ياد آهي. هو وارن ۾ وچ تان سينڌ ڪڍندو هيو، سندس چپن تي ابابيل جي پرن جهڙي مُرڪ هوندي هئي. نوجوان هيو، ڳٽا رت سان ڀريل هوندا هيس. جسم متناسب ۽ قد ان عمارت جي ٻاهرين در جيترو، جيڪا ڳاڙهين سِرن واري ۽ ڏيڍ سئو سال پراڻي هئي. ان اندر سڪل ٻوڙا ۽ سڙيل وڻ هوندا هيا. ان عمارت کان پنج گهر پري وارث جو گهر هيو. گهر ڇا هيو ڄڻ جنت جي ڪچري مان ٺهيل هيو.
    وارث جي محبوبا، سجيلا جنهن سان عشق ۾ ان جهڙو ٿي ويو.
    وارث جهڙو هشاش بشاش ماڻهو مون نه ڏٺو، هو مست هرڻ هيو، جنهن جي دن مان ڪستوري هر شيءِ مهڪائي وجهندي هئي.
    دنيا ۾ بهار جي موسم ننڍي ٿي وئي آهي. هڪ ڏينهن ڄمي ٿو، ٻئي ڏينهن فوت. سردي اچي ٿي ۽ گرمي ائين اچي ٿي جو بهار هوا جي جهوٽي جيان گذري وڃي ٿو، پر وارث وٽ ٻه موسمون آيون. هڪ بهار، ٻئي خزان. هيڊي انب تي ڳاڙهو پٽو موسم جي مار لڳندو آهي ۽ وارث جي هيڊي منهن تي ڳاڙها ڳل ڏسي لڳندو هيو ڄڻ هن تي عشق تشدد ڪيو آهي. موسمون ڦري موٽن ٿيون. ماڻهو ڦري موٽندا نه آهن. ماڻهو بهار نه، اونهارو ئي صحي، جيڪر آرهڙ جيان موٽي پوي ها. وارث وٽ بهار جي موسم جو ڌاڪو هيو. هو جوان هيو ۽ وارن جي وچ تان سينڌ جا ٻئي ڪنارا پيار سان ٽمٽار هيا.
    مون ڏٺو هڪ ڏينهن هو لهڪارجي ويو. سڀ کان پهريون اثر سندس چال تي پيو. هو هلندو هيو ته پاڇو هن کان اڳ نڪري ويندو هيو، پوءِ اکيون ڏرا ڏئي ويون. ڳل، ڌوئڻ کانپوءِ اس ۾ پيل ڪپڙن جيان سڪي ويا. اهو سڀ هڪ لحظي ۾ نه ٿيو پر گجڻ کان بغير گونگي مينهن جي سنهين ڪڻين جيان ٿيو. اهڙو مينهن مسلسل وسندو آهي ته خاموشيءَ سان هر شيءِ وهائي ويندو آهي. وهائي ويندڙ شين ۾ اهي وهاڻا به شامل هوندا آهن جن جي ڪپهه ۾ اڪيلائين جي ڳوڙهن جي خوشبوءِ سمايل هوندي آهي. وقت جا گهڙيال ۽ قدمن جا بوٽ به شامل هوندا آهن. ڀتين ۾ لڳل تصويرون به لڙهي وينديون آهن، جن تصويرن اندر عمر ڄميل هوندي آهي. عمر تصويرن جي ميراث هوندي آهي. عمر کي بقا صرف تصويرن ۾ آهي. تصويرون ئي آهن جيڪي وقت روڪي سگهنديون آهن. الميو اهو آهي ته تصوير ماڻهوءَ جي ٿي سگهي ٿي. ماڻهو تصوير ٿي نه ٿو سگهي.
    وارث تصوير نه هيو. حقيقت هيو، تصوير هڪجهڙي رهي ٿي. حقيقت هڪجهڙي رهي نه ٿي سگهي. ماڻهو حقيقت آهي، ان ڪري اڄ آهي سڀاڻي نه آهي. وارث ڪلهه جوانيءَ جي ڳاڙهي جهنڊي جهڙو هيو پر اڄ گلدان ۾ پيل ڪالهوڪو گل، جيڪو روح جهڙي خوشبوءِ جي پرواز کان پوءِ پتيون پتيون، ڳوڙها ڳوڙها ٿي ڇڻي ويندو آهي.
    وارث دل جو حال گهٽ اوريندو هيو، مون کي ياد آهي، هن هڪ دفعي منهنجي هڪ جملي ۾ هڪ لفظ به نه ڳالهايو. اها ان وقت جي ڳالهه آهي جڏهن هو هشاش بشاش هيو.
    مون چيو هيو “شل سدائين خوش هجو”
    ۽ هو صرف مرڪيو هيو.
    هاڻي منهنجي دل چاهيو ته ان سان وري ڳالهايان، مون هڪ جملو ڳالهايو ۽ ان هڪ لفظ.
    مون پڇيو “ڪيئن آهيو؟”
    هن ڪمزور آواز ۾ چيو “بيمار”
    مون محسوس ڪيو وارث مري ويندو، ڇو جو جيڪڏهن هو نه ٻڌائي ها ته کيس ڏسي لڳي رهيو هيو، مو مرڻ وارو آهي. پوءِ روز هن کي دوائن جي ٿيلهي ساڻ هوندي هئي. هو آهستي هلندو گهر جي چانٺ تي پهچندو هيو. انسان گهر جي چانٺ کانسواءِ ڪا شيءِ اورانگهي نه ٿو سگهي. دنيا جي ڪا به حد اورانگهڻ ڪفر آهي، پوءِ اها سچ ئي ڇو نه هجي.
    منهنجي دل ۾ وارث لاءِ همدردي هئي، ڪيترا دفعا چاهيو ته جيڪر ان جي مدد ڪري سگهان پر شايد ان مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ کيس مدد جي ضرورت نه هئي. مون محسوس ڪيو، هاڻي هن جي جنازي کي ڪلهي ڏيڻ جي ضرورت پوندي. لڳندو هيو هو مئل آهي ۽ سندس جنازو پنهنجن ئي ڪلهن تي رکيل آهي. هو نوجوان هيو پر لڳي رهيو هيو اسي سالن جو اهڙو شخص هجي جيڪو پاڻيءَ سان ڀريل قبر جي کڏ ۾ ڪنڍي وجهي حياتيءَ جو شڪار ڪندو هجي. اها حيرت جي ڳالهه هئي ته وارث جي ڪنڍيءَ ۾ هڪ مئل مڇي ڦاٿي جنهن تي زندگيءَ جي ڏندن جا نشان هيا.
    هو مرڻ وارو هيو پر اوچتو هن ۾ زندگي موٽي آئي، اها عجب جهڙي ڳالهه هئي ته هن پنهنجي پاڇي کي مات ڏني. هو پاڇي جو اڳواڻ هيو ۽ پاڇو هن جي عمل جو منتظر، سندس چال مان محسوس ٿيو هن قدم ڪنهن رقاصا کان اوڌر تي ورتا هجن. منهن تي رت وري آيو جيئن ڏک جو بند ڀڄي پيو هجي. هو مرڪڻ لڳو ۽ سنها ابابيل هن جي ڪلهن تان اڏرڻ لڳا. هو موت جي در تان موٽيو هيو. ڪڏهن ڪنهن در تان موٽجي ته انڪري ناراض نه ٿجي، جو ڪڏهن در نه کلڻ ڪري گهڻين آفتن جا در بند ٿي ويندا آهن.
    مون ڏٺو وارث تي دوائن اثر ڪيو هيو. هو آهستي آهستي پنهنجي صحت طرف موٽيو جيئن وارث نابالغ چوزي جي يخني پي اوڳرائي ڏني هجي. هن سائو صوف کاڌو هجي، جنهن ڪري سندس جسم تي خوشيءَ جا گونچ ڦٽيا هجن. هو کليو ۽ شڪر ڪري روئي پيو.
    مون کي سندس بيماريءَ جيان صحت جو سبب معلوم نه ٿيو. اها خوشيءَ جي ڳالهه هئي ته وارث کي هاڻي اهو پراڻو ڪوٽ جسم تي سٺو لڳي رهيو هيو جيڪو ڪڏهن ائين ڍلو هيو جيئن ڪٻٽ ۾ لڙڪندو هجي.
    وارث خوش هيو، ان جي اکين ۾ چمڪ ۽ چپن تي مرڪ هئي. لڳو جيڪڏهن مان ان سان ڳالهايان ته ضرور ڳالهائيندو.
    ان دفعي مون هڪ لفظ ڳالهايو ۽ وارث جملي ۾ جواب ڏنو.
    “ٺيڪ؟” مون پڇيو.
    “ها” هن چيو “سجيلا هاڻي صحتمند آهي.”


    عشق جو اظهار

    منهنجي نظر ڪمزور نه آهي، نه ئي وهمي يا توهم پرست آهيان. هڪ صحتمند ۽ سيبتو شخص آهيان.
    اهو لقاءُ حيرت ۽ خوف جو سبب هيو جڏهن منهنجي کٻي هٿ پويان ڪاري تِرَ ڪنهن جيت جيان چرپر ڪئي. تر جيڪو کٻي هٿ جي پٺئين پاسي هيو، اوچتو هيڏانهن هوڏانهن چريو. اهڙو منظر ڏسي منهنجي جسم مان ڌرڙي نڪري وئي.
    سخت اونهاري جو ڏينهن هيو، گرمي ايڏي هئي جو لڳي پيو هر شيءِ سڙي ويندي. مان بستر تي ٽيڪ ڏئي ويٺل هيس. پکو هليو پئي پر پگهر جسم تان خشڪ ئي نه پئي ٿيو.
    مون ڏٺو گوڏي تي رکيل هٿ پويان ڪارو تِر چريو ۽ هيڏانهن هوڏانهن ڪنهن ننڍڙي جيت جيان تيزيءَ سان گهمڻ لڳو.
    اهو اهڙي پريشان ڪاري جيت جيان هيو جنهن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڪيڏانهن وڃي.
    منهنجا لڱ سُن ٿي ويا، خيال آيو ته سڄو هٿ کٻي هٿ تي چرپر ڪندڙ ڪاري جيت تي وهائي ڪڍان، سوچيم اهو تِر آهي، جيت نه آهي. وري سوچيم تِر آهي ته پوءِ جيت ۾ تبديل ڪيئن ٿيو؟
    مون سڄو هٿ کڻي گوڏي تي رکيل کٻي هٿ جي پٺ کي ڇُهيو. اهو تِر هيو، ساڪت تِر، هڪ هنڌ ڄميل، جنهن ۾ ڪا چرپر نه هئي.
    ان ڏينهن سوڀيا سان ملاقات ڪرڻي هئي. ملڻ جو واعدو هيو. گرمي به گهڻي هئي، رستو به ڏکيو هيو پر مون کي پڪ هئي ته سوڀيا سان ملاقات کان پوءِ موسم تبديل ٿي ويندي. اهو هڪ پارڪ هيو. جنهن جي وچ تي سينوريل ڍنڍ هئي. ڍنڍ جو پاڻي سدائين سائو هوندو هيو. ڪناري سان بيد مشڪ هيٺان هڪ بينچ هئي. اتي مون هر دفعي سوڀيا سان عشق جو اظهار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪڏهن عشق پهريون ٿيندو آهي ۽ اظهار پوءِ ڪرڻو پوندو آهي. سوڀيا سان عشق ڪندي مون ڪڏهن اهڙو اظهار نه ڪيو ۽ نه ئي سوڀيا ڪو اهڙو تاثر ڏنو ته ان جو مون سان عشق آهي پر ملاقاتن جي سلسلن ۾ ڪو اهڙو جذبو ضرور هيو جيڪو نه ملڻ ڪري هڪ بي چيني ۽ تانگهه جي صورت ۾ موجود هوندو هيو.
    منهنجي تصور ۾ سائي ڍنڍ ڪناري بينچ تي ويٺل سوڀيا مرڪي ۽ مون ڏٺو پگهر ۾ آلي هٿ پويان تِر ڪنهن جيت جيان هلندو منهنجي اگهاڙي ٻانهن تي چڙهي آيو. منهنجون نظرون جيت جي چرپر تي ٽڪيل هيون. اهو هيڏانهن هوڏانهن گهميو ٿي، وري چپ ڪري هڪ هنڌ بيهي ٿي رهيو، وري تيزيءَ مان گول ڦري هڪ هنڌ ڄمي ٿي ويو.
    ڄائي ڄم کان منهنجي جسم تي ٻيا به ڪيترائي تِر آهن. ڪي اهڙا تِر به هيا جيڪي مٽجي چڪا آهن. مون کي ياد آهي سڄي هٿ جي چيچ تي تِر هوندو هيو، جيڪو هاڻي نه آهي. کٻي کڙيءَ مٿان، دن ڀرسان، کاڏيءَ جي پاسي کان تِر هيا، جيڪي وقت سان مٽجي چڪا آهن. تِر جسم جا نقطا هوندا آهن، انهن ۾ شخصيتن جو مفهوم سمايل هوندو آهي، تِر مٽجي وڃن ته شخصيت جي معنا بدلجي ويندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو مان بي معنا ٿي پيو آهيان، ڪو ئي مون کي سمجهي نه سگهيو آهي. سوڀيا مون ڏي ائين ڏسندي آهي ڄڻ ڪو منجهيل جملو هجان جنهن ۾ نقطن جون غلطيون هجن.
    پگهر جسم مان وهي رهيو هيو ۽ کٻي هٿ جو تِر منهنجين نظرن اڳيان چرپر ڪري رهيو هيو.
    تِر ننڍي ڪاري جيت جيان ٻانهن تي آيو ۽ پوءِ ڏوري وٽ بيهي ڄڻ مون کي ڏسڻ لڳو. جيتن جون اکيون انڪري تيز هونديون آهن جو سنهيون هونديون آهن. شيءِ جيتري سنهي هوندي ايتري اندر ۾ پيهجي ويندي. نظرن کي به چهنب هوندي آهي. طوطي جي ڳاڙهي چهنب سائي مرچ ۾ گهري ويندي آهي.
    گرميءَ جو احساس وڌي ويو آهي، هن سال گرمي تمام گهڻي پئي آهي ۽ گذريل سال به ڪنهن ساڳيو جملو چيو هيو ته هن سال گرمي تمام گهڻي پئي آهي. موسمن جو اسان جي عيبن تي اثر آهي. گرمي اگهاڙو ڪري ٿي ۽ سردي ڍڪ ڍڪي ٿي.
    گرمي گهڻي آهي ۽ مان اڌ اگهاڙو آهيان. اڌ اگهاڙپ جو سبب اڌ اونهارو آهي. اميد ته گرمي نه وڌندي ۽ اڌ اگهاڙو هوندس. مون لاءِ گرمي مسئلو نه آهي، پر اهو خوف مسئلو آهي جيڪو ٻانهن تي گهمندڙ تِر ڪري پيدا ٿيو آهي.
    ڪارو تِر ڦڙتيلي جيت جيان گهمي، هڪ هنڌ بيهي وري گهمي رهيو هيو، ڄڻ هڪ هنڌ بيهي ڪجهه سنگهندو هجي. تِر هلندو منهنجي ڪلهي وٽ پهتو. مون ٽيڏي اک ڪري ڏٺو اهو ڪارو تِر ٽٻڪي جهڙو هيو جيڪو مون کي پريشان ڪري رهيو هيو. تِر مٿي چڙهي ڳچيءَ ڏي سُريو ته منهنجين نظرن کان اوجهل ٿي ويو. انسان پنهنجو ڪنڌ ڏسي نه سگهندو آهي ڇو جو ڪنڌ ٻين لاءِ هوندو آهي. خوبصورت ٻانهن لاءِ يا ڦاهيءَ لاءِ.
    مون هٿ هڻي ڪنڌ کي ڇُهيو ۽ پوءِ کٻي هٿ پويان ڏٺو، کٻي هٿ پويان منهنجو پيدائشي تِر نه هيو. جيت جيان مٿي چڙهي ڪنڌ وٽ پهتل تِر کي ڏسڻ لاءِ آئيني جي ضرورت پئي، مان ٽپو ڏئي اٿيس ۽ آئيني اڳيان بيٺس. مون ڏٺو ته ڪنڌ اڳيان کٻي پاسي ڳچيءَ وٽ موجود هيو. مون ان کي مهٽيو. هر هر آڱر هڻي محسوس ڪيو. اهو جيت نه هيو، تِر هيو، مون لاءِ حيرت جي ڳالهه هئي ته هٿ پويان هڪ تِر جيت جيان هلندو ڳچيءَ جي کاٻي پاسي پهچي ڄمي ويو هيو.
    ان ڏينهن جڏهن سائي ڍنڍ ڪناري بيد مشڪ هيٺان رکيل بينچ تي سوڀيا مون سان گڏ ويٺل هئي ته اوچتو منهنجي نظر سندس ڪنڌ جي کٻي پاسي ڳچيءَ تي پئي، ڇرڪ نڪري ويو، ڇو جو کيس اتي تِر هوندو هيو، جيڪو نه هيو. اهو تِر منهنجين نظرن جو مرڪز هيو. ڳچيءَ جو خوبصورت تِر جنهن کي ڏسي سوچيندو هيس ته ڪڏهن ان کي چُمندس. مون پريشان ٿي سوڀيا کان پڇيو.
    “سوڀيا تنهنجي ڳچيءَ جو تِر ڪيڏانهن ويو؟”
    سوڀيا مون ڏانهن پيار مان ڏٺو ۽ پوءِ کٻو هٿ ڏيکاريندي چيو.
    “خبر نه آهي اهو تِر ڳچيءَ وٽان هلندو کٻي هٿ پويان ڪيئن پهتو؟”


    عمر ۽ اڏوهي

    عمارتن جي عمر انسانن کان وڏي هوندي آهي. اها ٽماڙ عمارت جيڪا هڪ ڪچي جاءِ هئي، ان جي ورانڊن جا پاوا قلعي جي ڀت جهڙا ٿلها هيا. ورانڊي اندر ڪوٺيون هيون جن ۾ ايڏي ته اوندهه هوندي هئي جو خبر نه پوندي هئي ٻاهر ڏينهن آهي يا رات. ورانڊي اڳيان ڪشادو پڌر هيو ۽ پڌر ۾ وڏي نم هئي. نم جي ڇانوَ ۾ کٽون پيل هونديون هيون ۽ ٻار ڏار ۾ پيل پينگهه ۾ لڏندا هيا.
    جاءِ ايڏي پراڻي نه هئي. ويهه سال اڳ جڏهن اهو گهراڻو لڏي آيو هيو ته جاءِ جا بنياد پيا هيا. وڏي ٻوڏ آئي هئي. ڳوٺ ٻڏيو ته هيءُ گهراڻو وري واپس نه وريو. شهر آيو ته شهر جو ٿي ويو.
    رازق ڏنو شهر آيو ته ڄڻ پوڙهائپ پاڻ سان گڏ کڻي آيو. ڳوٺ ۾ ٽڙندو هيو. شهر اچڻ کان پوءِ ڪو مائجي ڪراڙو ٿي ويو. گهراڻي جو وڏو هيو، سندس ٻئي پٽ ماستري ڪندا هيا ۽ پوٽا پڙهندا هيا. پاڻ کٽ تي ويهي حقو ڇڪيندو هيو. ڪڏهن ڪو آيو ويو ته اوطاق ۾ ويهي ان سان ڪچهري ڪندو هيو.
    وڌندڙ عمر سان رازق ڏني کي جاءِ جو فڪر وڌندو ويو. هو چوندو هيو.
    “جاءِ نه هوندي ته ٻچا ڪيئن ڪندا، ڪٿي دربدر ٿيندا؟”
    جاءِ جي اوني جو سبب اڏوهي هوندي هئي.
    رازق ڏني جي عمر چڙهي هلي هئي. وڏو وقت ڳوٺ ۾ ٻارنهن ايڪڙ زمين جي سنڀال ڪئي هيائين ۽ ان کوهه جي رکوالي ڪئي هيائين جنهن اڳيان اٺ ايڪڙ زمين گوگڙن ۽ گجرن سان ڀريل هوندي هئي. ڏاند ڦرندا هيا ۽ پاڻي نيسر مان وهندو ٻنيءَ ۾ ڇوڙ ڪندو هيو. زمين ڳاڙها گوگڙو ڏيندي هئي، ڳاڙهيون گجرون ۽ ڳاڙها ٽماٽا. هر شيءِ ڳاڙهي هوندي هئي، ويندي کوهه تي ڦٽندڙ باک تائين جيڪا ڪڏهن نيري نه ٿي.
    شهر اچڻ کانپوءِ رازق ڏني محسوس ڪيو، هو جواني ڳوٺ وساري آيو آهي. ويسرو وڃايل عمر جي پهرين نشاني آهي. وقت جي واءُ ۾ رازق ڏنو سڀ وساري ويٺو هيو. هن کي صرف جاءِ ياد هئي. ٽماڙ ڪچي جاءِ جنهن جون ڀتيون ڪکن واري بنهه ۽ مٽيءَ جي پلستر سان ايڏيون ته ٿلهيون هيون جو ڀاڪر ۾ نه اچن. هو حقو ڇڪيندي اوچتو اٿندو هيو ۽ پوءِ جاءِ جو جائزو وٺندو هيو. هن کي ڊگهي لٺ ساڻ هوندي هئي، ڪٿي به اڏوهيءَ جو اڀريل لنگهه ڏسندو هيو ته لٺ سڌي ڪري ان کي کوٽڻ شروع ڪندو هيو، کوٽي کوٽي لنگهه صاف ڪندو هيو ۽ پوءِ چوندو هيو.
    “اڏوهي کائي وئي” ۽ سوچيندو هيو “ٻچن جو ڇا ٿيندو؟”
    هو لٺ کڻي سڄيءَ جاءِ ۾ پيو ڦرندو هيو، سندس نظرون ڇت، ڀتين، درين، دروازن ۽ چوکاٽن ۾ اڏوهيءَ جي اڀارن اندر پيون گهمنديون هيون. هن هڪ ٻن سان صلاح به ڪئي ته “ان اڏوهيءَ جو ڪهڙو حل آهي؟”
    ماڻهن کيس دلجاءِ ڏني “ڪا ڳالهه نه آهي رزاق ڏنا، اها اڏوهي ڇا ڪندي ديال کي، اڏوهيءَ جا ڏند ڀڃي پون!”
    رازق ڏنو خوش ٿي کلندو هيو ته سندس ڏند نه هوندا هيا. هن جا ٽهڪ نم جي ڪرندڙ ڏارن جي ٽڙڪن جهڙا هوندا هيا ۽ خوشي جواب ڏئي ويل جوانيءَ جهڙي، نم جا ڏار ڀُتا ٿي ويا هيا. اهڙو ڪيڙو لڳو هون جو ٿوري تيز واءُ تي ٽڙڪا ڏئي هيٺ ڪرندا هيا. پڌر ۾ بيٺل نم ۾ ٽڙڪا ٿيندا هيا ته هيٺ بيٺل ٻار ائين ڀڄي ويندا هيا جيئن وڻ سيٽي وڄائي هجي ۽ پوءِ ڏار هيٺ اچي ڪرندو هيو ته ڌٻڪي تي جاءِ جا بنياد لڏي ويندا هيا.
    رازق ڏنو ماڻهن جي ڳالهين مان ڪڏهن مطمئن نه ٿيو. وقت سان اهو گهاءُ وڌندو ويو ته جاءِ ڪرڻ واري آهي. اڏوهي ڪاٺ کائيندي ۽ جاءِ پٽ تي ڦهڪو ڪندي.
    جاءِ ايڏي پراڻي نه هئي، ديال جا دريون ۽ دروازا هيا، ڇت ۾ ٻٽا ڇهتير ۽ نم جون ڪاٺيون پيل هيون، انهن مٿان ڪانن واريون پترون ائين ڏسبيون هيون جيئن اهي ٽيڪ ڏئي مزي سان ماٺ ڪري ويٺل هجن. اڏوهيءَ جو اڀار ڪٿي ڇت جي مضبوط ٻٽن ڇهتيرن مٿان سنهو سَپَ جي نشان جيان وڪڙ ڏئي ويندڙ هيو. ڪٿي اڏوهيءَ جو اڀار ڀت جي ڪکن واري پلستر تان ٿيندو چوکٽ ۾ پئي گم ٿيو ته ڪٿي اهڙو اڀار حوض جي پوسل واري هنڌ کان مٿي ڀت ٽپي ڪاٺن وارين پترن ڏانهن پئي ويو.
    رازق ڏني وسان نه گهٽايو، هن وٽ هوندا ئي ٻه ڪم هيا، هڪ حقو ڇڪڻ، ٻيو ڊگهي لٺ سان اڏوهيءَ جا پيرا ڊاهڻ، پٽن به سمجهايس. “بابا اهڙي ڳالهه نه آهي. جاءِ کي ڪو جوکو نه آهي. اها اڏوهي ڪجهه نه ڪندي.”
    پر پوڙهي کي اهڙو اڇي خفت جاڳيو جو ان وهم مان نڪتو ئي نه ٿي ته، اڏوهي جاءِ کي نقصان رسائيندي، لٺ سڌي ڪري ڇت ۾ هڻندو هيو.
    “او هيءَ ٿي” هو چوندو هيو “نڪر ته باهه ڏئي نه ساڙيانءِ”
    ڏينهون ڏينهن رازق ڏني جي طبيعت پوئتي پوندي وئي، هيڻون ٿي ويو، سڌو گهمي نه سگهندو هيو. چيلهه چٻي ٿي ويس. قداور مڙس هيو، ڪڏهن گهر ايندو هيو ته چوکٽ وٽ هيٺ نوڙي پوءِ ورانگهه وجهندو هيو، هاڻي سندس نڪتل ڪٻ ۽ چوکٽ ۾ وڏو فاصلو هيو. ڪڙندڙ طبيعت کي ڏسندو هيو ته ڪاوڙ مان لٺ کڻي جاءِ جو جائزو وٺندو هيو ۽ پوءِ ڀتين، چوکاٽن، درين، دروازن، ڇت ۽ پترن کي جهلي بيٺل ڇهتيرن کي پيو کوٽيندو هيو.
    هڪ دفعي هن گاسليٽ جي بوتل کنئي ۽ ان مان ڪپڙو ٻوڙي لٺ کي ويڙهيو. لٺ مٿي ڪري اڏوهيءَ جا اڀار ڊاهيا ته گاسليٽ ڇت مان هيٺ ٽمڻ لڳو. وڏي ننهن کيس سمجهايو.
    “چاچا ڪو نقصان نه ٿي پوي.”
    هن ڪاوڙ مان ننهن کي ڏٺو ۽ چيو “چري توکي ڪهڙي خبر، جاءِ ڪري ته پوءِ خبر پوندئي، سکڻي لٺ اڏوهيءَ تي اثر نه ٿي ڪري اها گاسليٽ تي مرندي.”
    ان ڏينهن کان پوءِ رازق ڏنو لٺ سان گڏ گاسليٽ جي بوتل ۽ ڪپڙو ساڻ کڻندو هيو. هو جتي به اڏوهيءَ جو اڀار ڏسندو هيو ته لٺ کي ڪپڙو ويڙهي، گاسليٽ سان پسائي پوءِ ڪاٺ تي مهٽيندو هيو. سڄي گهر ۾ گاسليٽ جي بوءِ ٿي وئي. باهه لڳڻ جو خطرو ٿي ويو. ائين ڪرڻ سان سندس دل مطمئن ٿيندي هئي ته هوءِ ڪجهه ڪري رهيو آهي. نه ڪندو هيو ته کيس بي چيني محسوس ٿيندي هئي، لڳندو هيو هن کي ڪجهه ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن نه ڪيو ته جاءِ گهڻا ڏينهن نه هلندي.
    رازق ڏنو جاءِ کي اڏوهيءَ کان بچائيندي صفا معزور ٿي ويو. کٽ تان اٿڻ جهڙو نه رهيو. ڪٻ ڪڍي حقو ڇڪيندو هيو ته هر ٻاڦ تي کنگهي سمهي پوندو هيو. نيٺ هڪ ڏينهن هن ڏٺو، جاءِ اڏوهيءَ کان پاڪ ٿي وئي آهي. ڪٿي به اڏوهيءَ جو اڀريل نشان نه آهي. دريون، دروازا، چوکٽون، ڇهتير، پترون، بنهه ۽ مٽيءَ سان پلستر ڪيل ٿلهيون ڀتيون، ڪٿي به اڏوهيءَ جو نشان نه آهي. اهو ڏسي خوش ٿيو پر جاءِ جي ڪنڊ ڪڙڇ ڳولهيائين، هو پاڻ ڪٿي به موجود نه هيو.


    پَرَ ڪٽيل شاهين

    شاهين عبدالجبار، جو نالو ڊگهو انڪري هيو، جو نالي ۾ سندس پيءُ ساڻ هيو، هونءَ ورهيه ٿيا اهو گذاري ويو هيو. ماءُ جيئري هئي ۽ اها ائين جيئري هئي جيئن مئل هجي.
    ماڻهو مري به جيئرو رهندو آهي ۽ جيئرو رهي به مري ويندو آهي. روح بنا جسم جيئرو رهي سگهي ٿو ۽ جسم بنا روح مري سگهي ٿو. جسم جو روح سان ڪو واسطو نه آهي. روح اهڙو بزرگ آهي جنهن جي ڏاڙهي ڪڏهن اڇي نه ٿي ٿئي.
    شاهين عبدالجبار ان ريل گاڏيءَ جيان هئي جنهن ۾ عبدالجبار جون لڳل بوگيون خالي هيون، هن وٽ نالي کانسواءِ ڪجهه نه هيو، ڪا نالي واري به نه هئي جو نالي جو ڪمائي. نالي جو اهي ڪمائيندا آهن، جن جو نالو وڪامندو آهي، نالو انڪري وڪامبو آهي جو اهي پاڻ وڪاميل هوندا آهن.
    پاڻ پڙهي، ڀاءُ سندس ايتري مدد ڪئي جو زال کان چوريءَ ڪجهه پئسا ڪڏهن هن کي ڏيندو هيو، ڀاءُ اهڙو چور هيو جيڪو پنهنجا پئسا چوري ڪندو هيو. ان جي زال اهڙو سپاهي هئي جنهن کيس ڪڏهن پڪڙيو ته ٽي مهينا “قيد تنهائي” جي سزا ڏني، ڀاءُ شريف هيو. ان ۾ وڌيڪ قيد ڪاٽڻ جي همت نه هئي. انڪري چوري ڪرڻ ڇڏي ڏني.
    کيس ڪا خبر نه هئي ته وڏڙن اهو نالو ڇو رکيو آهي. شاهين ڪو سٺو نالو ته نه هيو. سٺو نالو اهو هوندو آهي جيڪو اڏامي نه سگهي. نالو اڏامندو ته ماڻهو نالي پويان ڪيئن اڏامندو؟ انڪري نالو ۽ ماڻهو الڳ ٿي ويندا. نالو عرش تي هوندو ۽ ماڻهو فرش تي. شاهين جا پَرَ ايڏا ته وڏا هوندا آهن جو لڳندو آهي، پکي نه آهي پر پکين جو خوف آهي ڇو جو خوف ئي آهي جيڪو دنيا جي آسمان تي پَرَ کولي اڏامي ٿو ۽ ان جا پر ايڏا وڏا آهن جو پرن جي پاڇي ۾ هر ڪو زندگي ائين گذاري ٿو جيئن خوف ان کي جيئڻ تي مجبور ڪندو هجي.
    شاهين پڙهي پنهنجي پيرن تي بيٺي، پر هن جا پير زمين تي نه هيا، پيرن کي زمين جو سهارو ڏيڻ لاءِ زمين خريد ڪرڻي پوي ٿي. زمين اناج نه آهي جو بازار ۾ ملي، انڪري زمين خريد ڪرڻ لاءِ اناج کائي محنت ڪرڻي پوي ٿي. اناج خريدڻ لاءِ پاڻ وڪڻڻو پوي ٿو. پاڻ وڪڻڻ لاءِ پنهنجا خريدار ڳولهڻا پون ٿا. جڏهن ڪو خريد ڪري ٿو ته انسان پنهنجو نه ٿو رهي. پيرن هيٺان زمين پنهنجي ۽ مٿان پير پرايا ٿي وڃن ٿا.
    شاهين جو ڪو خريدار نه هيو، عزت جا خريدار هزارين، ذلت جو خريدار انسان پاڻ هوندو آهي. شاهين ايڏي شرميلي هئي جو سندس روح کي رئو ويڙهيل هوندو هيو. هوءَ پاڻ ۾ ائين لڪندي هئي جو هن جي شخصيت، شخصيت اندر شخصيت... شخصيت اندر شخصيت... ۽ شخصيت اندر شخصيت... هئي.
    هوءَ پنهنجي شخصيت ۾ موت کائي گم ٿي ويندي هئي، سندس شخصيت جو انت ڪٿي به نه هيو.
    هن جي ڳالهائڻ ۾ ججهڪ هئي، هٻڪندي هئي ۽ ائين نروس ٿي ويندي هئي جيئن باهه تيز هوا ۾ وسي ٻرندي آهي. هن جي اڀرندڙ جواني اهڙو بهار هئي جنهن ۾ املتاس جا وڻ هيا. نه گلاب هيا، نه رابيل، نه ٻيا ٻوٽا، نه ٻيا وڻ، هن جي جوانيءَ املتاس جيان هيڊا گل ڏنا. املتاس جا گل لڙڪندا آهن. هن لاءِ اهڙو تصور شرم جهڙو هيو پر وڻندڙ هيو. هوءَ محسوس ڪندي هئي ماڻهن جا منهن الڳ ٿي سندس ڪلهن، چيلهه ۽ هيٺ هن سان گڏ هلن ٿا. اهو ئي سبب هيو جو هن ڪڏهن پاڻ کي رئي کان الڳ نه ڪيو.
    ڳالهائڻ وقت کيس لڳندو هيو، جسم جو رت ڳٽن ۾ ڀرجي ويو هجي ۽ هن جا ڳٽا نظرن جو محور هجن.
    شاهين عبدالجبار کي نوڪريءَ جي سخت ضرورت هئي، کيس ڊگري هئي، تعليم نه هئي، ڊگري ملي ويندي آهي، تعليم نه ملندي آهي، شاگرد يونيورسٽين جو ڪچرو هوندا آهن. ٻهارو ڏئي صاف ڪبو آهي جيئن گهڻو ڪچرو نه ٿئي ۽ نئين ڪچري کي جاءِ ملي سگهي.
    شاهين ايم اي ڪئي، هن کي اهڙي محمد عليءَ جي ضرورت هئي جيڪو کيس سهارو ڏئي، ڀل اهو جناح نه هجي پر شادي به ملڪ ٺاهڻ کان گهٽ نه آهي. نڪاح قرارداد آهي ۽ گهر ملڪ.
    هن نوڪريءَ لاءِ ڪيترن ئي دفترن ۾ درخواستون ڏنيون پر کيس نوڪري نه ملي. اهو سڀ سندس شخصيت ڪري هيو. شرم سٺي شيءِ آهي پر دنيا بي شرم ماڻهن کي پسند ڪري ٿي. ماڻهو بهادر تڏهن ليکبو آهي جڏهن ان وٽ شرم نه هجي. دنيا جا سڀ موقعا بهادرن لاءِ آهن ۽ اهڙو بهادر جنهن ۾ اگهاڙي ٿيڻ جي جريت هجي، دنيا ان جا انگ چُمي ٿي.
    هوءَ ڪڏهن مايوس ٿي ۽ ڪڏهن پراميد، کيس پڪ هئي ته نوڪري نه ملندي ۽ ڪڏهن نااميد ٿي سوچيندي هئي ته نوڪري ضرور ملندي، سندس ماءُ جو پيٽ ان ڪري به عزيز هيو جو ان پيٽ کيس پيدا ڪيو هيو. جيڪو پيدا ڪري ان کي بکيو رکڻ مناسب نه آهي .ماءُ جو پيٽ بکيو هيو. اهو سوچي هن خدا کي ياد ڪيو، جيڪو پيدا نه ڪندو آهي، اهو لاپرواهه هوندو آهي ۽ ان کي ياد ڪرڻ جو سبب، ان جو وسري وڃڻ هوندو آهي.
    شاهين جڏهن درخواست کڻي سرڪاري اداري جي سيڪريٽريءَ وٽ پهتي ته سيڪريٽري مصروف هيو، ٻاهر در وٽ سيڪريٽريءَ جو سيڪريٽري ويٺل هيو، هوءَ ان سان ملي، سيڪريٽريءَ جو سيڪريٽري سٺو ماڻهو هيو ڇو جو شاهين ٻڌو هيو ته ان اداري جو سيڪريٽري تمام سٺو ماڻهو آهي ۽ اهو ئي سبب هيو جو در ٻاهران ويٺل سيڪريٽريءَ جو سيڪريٽري به سٺو ماڻهو هيو. سٺي ماڻهوءَ چوڌاري سٺا ماڻهو گڏ ٿيندا آهن ڇو جو ماکيءَ جي مکين ۾ ڪڏهن گند واري مک نظر نه ايندي آهي ۽ گند واريون مکيون جيڪڏهن ماکي ٺاهڻ شروع ڪن ته اهڙي ماکي بيمارين کان شفا نه، پر تندرستيءَ کان شفا ڏيندي، جيئن سڀ مکيون ساڳيون نه آهن ائين سڀ انسان ساڳيا نه آهن.
    در ٻاهران ويٺل سيڪريٽريءَ هن کي عزت سان ويهاريو ۽ درخواست وٺي اندر موڪلي، جڏهن سيڪريٽري فارغ ٿيو ته هوءَ اندر وئي، اها وڏي آفيس هئي، آفيس وڏي هجي ته آفيس ۾ ويٺل آفيسر به وڏو نظر ايندو آهي. هن ڏٺو، ان وڏي، پردن، صوفن ۽ ڪرسين سان سينگاريل آفيس ۾ ٽيبل پويان ڦرندڙ ڪرسيءَ تي هڪ فرينچ ڪٽ ڏاڙهيءَ وارو شخص ويٺل هيو. کاڏيءَ تي بيٺل ڏاڙهيءَ سان وات چوڌاري وريل مڇون ڄڻ ٻانهون ٻاهر ڪڍي هٿن سان ڏاڙهيءَ کي جهلي بيٺل هيون.
    “اچو... اچو” هن ڪرسيءَ تان ٿورو اٿندي چيو “شايد توهان مس شاهين آهيو، مون توهان جي سي وي ۽ درخواست ڏٺي آهي. مون کي حيرت آهي ته توهان کي اڃان تائين نوڪري ڇو نه ملي آهي؟”
    هو مسلسل ڳالهائي رهيو هيو، شاهين پاڻ کي رئي ۾ ويڙهي سيڙهي هن اڳيان ائين ويٺل هئي جيئن کيس سيءُ ٿيندو هجي.
    “نوڪري توهان جو حق آهي، توهان کي ضرور ملندي”
    ٿوري دير کان پوءِ سيڪريٽري وري ڳالهايو “مان ڪوشش ڪندس ته اهو حق توهان کي ضرور ملي”
    هڪ وڏي آفيسر جي واتان اهڙا لفظ ٻڌي شاهين جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا، هوءَ روئڻهارڪي ٿي وئي.
    “سر... توهان جي مهرباني” هن جهيڻي ۽ ڏڪندڙ آواز ۾ چيو “مان تمام غريب آهيان، پيءُ ننڍپڻ ۾ گذاري ويو. هڪ پوڙهي ماءُ آهي، ٻيو ڪو سهارو نه آهي.” ايترو چئي چپ ٿي وئي ۽ وري ڳالهايو. “سر توهان جي مهرباني جو توهان منهنجو ايڏو خيال ڪيو، منهنجي مسئلي کي سمجهيو ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو.”
    شاهين ڳالهائيندي محسوس ڪري رهي هئي ته هوءَ خبر نه آهي، ڇا ڳالهائي رهي آهي، سندس روئڻهارڪو ۽ ڏڪندڙ آواز ايڏو ته جهيڻو هيو جو هن جي پنهنجن ڪنن تائين مشڪل سان پهچي رهيو هيو.
    سيڪريٽريءَ وري همدرديءَ جو اظهار ڪيو.
    “مون کان جيترو ٿيندو ڪندس، مون کي پڪ آهي، اوهان کي نوڪري ضروري ملندي، مان درخواست فارورڊ ڪيان ٿو، هفتي کان پوءِ مٿان ٿي مون وٽ ايندي، جيڪڏهن ڪم ٿي ويو ته نوڪريءَ جو آرڊر تيار هوندو.”
    شاهين جي چپن تي مرڪ اچي وئي، هن اهڙو ايماندار ۽ همدرد آفيسر ڪڏهن نه ڏٺو هيو، اهو فرشتو هيو، هڪ نيڪ دل ۽ سٺي سيرت وارو آفيسر جيڪو شاهين جي دل ۾ گهر ڪري ويو. شاهين شرمايو ۽ رئي سان پاڻ ويڙهڻ جي ڪوشش ڪئي.
    “سر مان هڪ هفتي کانپوءِ ايندس” هن چيو ۽ سيڪريٽريءَ هن سامهون درخواست تي هڪ وڏو نوٽ لکيو ۽ چيو “توهان بي فڪر ٿي هليا وڃو، هيءُ ڪم مون تي ڇڏي ڏيو”
    هن سي ويءَ سميت درخواست ٽيبل جي خاني ۾ وڌي ۽ شاهين آفيس مان نڪري آئي.
    سيڪريٽري ايڏو مهربان هيو جو شاهين جي جسم ۾ سمائجي ويو. شاهين محسوس ڪيو، سيڪريٽري هن سان گڏ هلي رهيو آهي. هن بس کي هٿ ڏنو آهي ته هو به هن سان گڏ چڙهيو آهي. ڀرسان واري سيٽ تي ويٺو آهي ۽ بس مان هن سان گڏ هيٺ لٿو آهي، هن هٿ منهن ڌوتو آهي ته اهو سامهون آئيني۾ نظر آيو آهي، هوءَ مرڪندي رهي ۽ شرمائيندي رهي، کيس گهر ۾ رکيل ان خالي ڪرسيءَ کان شرم محسوس ٿيو جنهن تي ڄڻ سيڪريٽري ويٺل هجي، هوءَ واش روم ۾ وئي، سيڪريٽري سامهون بيٺل هيو، هن جو ڪنڌ هيٺ ٿي ويو ۽ هيٺ ڪنڌ ڪري کلندي رهي.
    سيڪريٽري هن جي دل ۾ وڪڙ هڻي ويٺل هيو، ان جو ٽڪنڊو منهن، ويڪري چمڪندڙ پيشاني، فرينچ ڪٽ ڏاڙهي ۽ مٿين چپ کان هيٺ لهندڙ مڇون، اهو مهربان ماڻهو هيو، همدردي، همدرديءَ کي جنم ڏئي ٿي، سيڪريٽريءَ بابت هوءَ جيئن سوچيندي وئي اهو هن ۾ شامل ٿيندو ويو، ان حد تائين جو هوءَ بي وس ٿي وئي ۽ سيڪريٽريءَ جي تصور جي ٻانهن ۾ ڪري پئي.
    هڪ هفتو هن ائين مرڪندي ۽ شرمائيندي گذاريو، هفتي کانپوءِ هن سيڪريٽريءَ جي آفيس جو رخ ڪيو. سڄي واٽ مرڪ هن جي چپن سان ائين چُهٽيل هئي جيئن مرڪ چپن جو زيور هجي. هن رئي ۾ پاڻ کي محفوظ ڪيو ۽ ان سوچ کان ته هوءَ سيڪريٽريءَ سان ڪيئن ڳالهائيندي سندس ڄنگهون لرزڻ لڳيون. هوءَ آفيس ٻاهران ويٺل سيڪريٽريءَ جي سيڪريٽريءَ وٽ آئي ۽ ان کان سيڪريٽريءَ جي باري ۾ پڇيائين. سيڪريٽريءَ جي سيڪريٽريءَ کيس ٻڌايو ته
    “صاحب اسلام آباد ويل آهي، ڪجهه فائيل پاڻ سان گڏ کڻي ويو آهي. ايندڙ هفتي ايندو”
    “منهنجي درخواست؟” هوءَ ايترو چئي سگهي.
    “ٿي سگهي ٿو، صاحب پاڻ سان گڏ کڻي ويو هجي”
    شاهين جي اندر جو در کلي ويو، هن ٿڌو ساهه کنيو ۽ خوشيءَ جي لهر پيرن کان مٿي چڙهي وئي.
    “مهرباني” هن چيو “ايندڙ هفتي ايندس”
    هوءَ ٻاهر نڪتي ته ڄڻ آفيس مان سيڪريٽري به هن سان گڏ نڪتو، هڪ مرڪندڙ وڏي دل وارو مهربان شخص، گهر اچي شاهين واش روم ۾ وئي، سندس دل چاهيو هوءَ پنهنجو سڀ ڪجهه کولي سيڪريٽريءَ کي ڏيکاري.
    ان رات سيڪريٽري هن سان بستر تي ستو، هوءَ شرمائي هيٺ ڪنڌ ڪري مرڪي رهي هئي، هن ان کي سٿرن وچ ۾ محسوس ڪيو. هوءَ اٿي، شرم ۽ ڪاوڙ کان، هڪ پڇتاءُ سندس ذهن ۾ جاڳي پيو، هن ان کي وسارڻ جي ڪوشش ڪئي، مرحوم پيءُ کي ياد ڪيو. جنهن جي اڇي ڏاڙهي هوءَ ڏسي نه سگهي ڇو جو اهو جوانيءَ ۾ گذاري ويو. اها ڏاڙهي فرينچ ڪٽ ڏاڙهيءَ ۾ تبديل ٿي وئي، هن ڪنڌ ٻئي طرف موڙي ڇڏيو. هن اهي ٽافيون ياد ڪيون جيڪي کيس پيءُ وٺي ڏيندو هيو. انهن جو کٽو ذائقو ۽ ڀاءُ جي بي رخي جنهن کان هوءَ ماءُ سميت وسري وئي هئي ۽ ماءُ جيڪا اپاهج بنجي ماضيءَ کي سيني لڳائي کٽ تي ليٽيل هئي.
    سيڪريٽري ڪجهه وقت لاءِ سندس ذهن مان نڪري ويو، وري ان جون چڱايون ياد آيون ته اهو سامهون مرڪڻ لڳو، پکي مان، گهڙيال مان، ڪرسين، ميزن، پيتين، ڇت، درين، دروازن، صابڻ، آئيني ۽ هر شيءِ مان سيڪريٽري ڏسي رهيو هيو.
    اهو پورو هفتو هن جي هڪ رات به سيڪريٽريءَ کانسواءِ نه گذري، عضوي جي آلاڻ ڌوئي ٿڪجي پئي، هوءَ خوف کان ڏڪڻ لڳي، هڪ هفتي کانپوءِ هوءَ رواني ٿي. آفيس آئي ته تمام گهڻي رش هئي، سمجهيائين ته سيڪريٽري اسلام آباد کان موٽيو آهي، سيڪريٽريءَ جي سيڪريٽريءَ هن کي ڪرسي خالي ڪرائي ڏني ۽ چيو “انتظار ڪريو، ماڻهو نڪرن ته اندر موڪليان ٿو.”
    هوءَ ويهي رهي، سندس جسم ڏڪڻ لڳو، سوچڻ لڳي ڪهڙين نظرن سان سيڪريٽريءَ سان اکيون ملائيندي، هوءَ ڪيترا دفعا ان اڳيان اگهاڙي ٿي چڪي آهي.
    ٿوري دير کان پوءِ ان سامهون پهتي ته هن جو چهرو ڏسي سيڪريٽريءَ ڄڻ سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪئي، پوءِ اوچتو ڪرسيءَ تان ٿورو اٿيو ۽ چيائين “اچو ويهو ويهو”
    هوءَ هن سامهون ڪرسيءَ تي ويٺي ۽ سيڪريٽريءَ کي ياد آيو، ان سي ويءَ سان گڏ درخواست ڏني هئي.
    “مان توهان جي درخواست تي نوٽ هڻي رکيو آهي، توهان فڪر نه ڪيو ڪجهه وقت ٻيو به لڳندو، توهان جو ڪم ٿي ويندو.”
    هن ٽيبل جي خاني ۾ درخواست ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اها اتي پيل ڪاغذن ۾ گم ٿي وئي هئي. هو ٿورو شرمسار ٿيو ۽ ٽيبل جو خانو بند ڪري ڪورو ڪاغذ کڻي شاهين کي ڏيندي چيائين “هي وٺو، ٻيهر درخواست لکي ڏيو ته وري ٿو ڪوشش ڪيان.”
    هن بي دليءَ مان ڪورو ڪاغذ ورتو ۽ آفيس مان نڪري واش روم ۾ وئي، هن کي اوڪارا آيا، ٿوري الٽي ڪئي.
    وات ڌوئي، ڪوري ڪاغذ سان اگهيو ۽ وري اوڪارا آيا کيس لڳو هوءَ پيٽ سان ٿي وئي آهي.


    خوشخبري

    چون ٿا اُڻويهه سوَ ٻاونجاهه واري ٻوڏ ڪا ايڏي خوفائتي هئي جو ان سمورا ماڻهو لوڙهي اچي شهرن ۾ اڇلايا. سکر جو شهر ڪو ايڏو وڏو نه هيو. مٿي ٽڪر تي آبادي هئي ۽ هيٺ پوکون ٿينديون هيون. جتي اي سيڪشن ٿاڻو آهي، اتي جهاڙين ۾ ماڻهو فارغ ٿيندا هيا. مهراڻ مرڪز وٽ وڏي ميدان ۾ شهر جا فقير رلهيون وڇائي سمهيل هوندا هيا. گهنٽا گهر ائين ڏسبو هيو جيئن شطرنج جو وزير ۽ مٿان معصوم شاهه جو منارو ڪنهن بادشاهه جيان بيٺل هوندو هيو.
    شهر ڇا هيو، رات جي ماني کائي ٻه وکون کڻ ته ختم، اُڻويهه سوَ ٻاونجاهه جي ٻوڏ، ماڻهن جي ٻوڏ هئي جنهن شهر جو رخ ڪيو. گهنٽا گهر هر ڪلاڪ کان پوءِ ايڏو ته زور سان گهنڊ وڄائيندو هيو جو شهر ۾ پڙاڏو پيدا ٿيندو هيو. هر گهنڊ سان هڪ گهر ٺهندو هيو. جڏهن ٻارنهن گهنڊ وڄندا هيا ته شهر ۾ ٻارنهن گهر ٺهي تيار ٿيندا هيا. پوءِ گهر ايڏا ته تيزيءَ سان ٺهيا جو گهنڊ انهن جو ساٿ ڏئي نه سگهيو. هڪ ڏينهن گهڙيال ڀڄي پيو صرف ڪانٽا ڦرندا هيا، اهو گهنڊ هڻي نه سگهندو هيو.
    اسان جو ڪٽنب به ان ٻوڏ کان پوءِ شهر آيو، سٺ سال گذري چڪا آهن، ميمڻ محلو اڃان ٺهي رهيو آهي. ننڍي هوندي کان مان اهو محلو ٺهندي ڏسي رهيو آهيان. ڪڏهن پترون ڏنل هونديون هيون. پوءِ ڪچين سرن واريون جايون، اهي ڊٿيون ته ٽيئرن گاڊرن واريون پڪسريون جايون، وري اهي ڊٿيون ته آر سي سي جايون. هاڻي آر سي سي جاين کي پير لڳل آهن. اهي روز رات جو پنڌ ڪري اڳتي سري اينديون آهن. ٽيهه فٽ ويڪريون گهٽيون ڏهه فٽ بچيون آهن. ماڻهن جو لنگهڻ ڏکيو ٿي ويو آهي. مون کي خوف ورايو آهي ته متان بشيرآباد جي شيخن وارو حشر نه ٿي جو اتان جي گهٽين مان جنازو نڪري نه سگهندو آهي. جڏهن اتي ڪو مرندو آهي ته پهرين کٽ ٽيڙي ڪري مليٽري روڊ وٽ رکندا آهن ۽ پوءِ جنازي کي ڪلهي تي رکي کٽ تي سمهاريندا آهن.
    شهر اچي بابي سُٽَ جو ڪاروبار ڪيو، ڪاروبار ڄمي هليو ته اسان سڀ شهري ٿي وياسين. ڳوٺ ۾ ڏاڏي اميدان اڪيلي رهجي وئي. ڏاڏي اميدان کي ڪا اولاد نه هئي. بابو ڄايو ته سندس امڙ گذاري وئي. ڏاڏي اميدان بابي کي پاليو هيو. اسان شهر آياسين ته ڏاڏي اميدان کي ان اميد تي ڳوٺ ڇڏي آياسين ته ٻوڏ جا اثر جيئن ختم ٿيا ته واپس موٽنداسين، پر ڏاڏي اميدان جون رهيل اميدون خاڪ ۾ ملي ويون. ڳوٺ ۾ اسان جي ڪل ملڪيت اها جاءِ جنهن ۾ ڏاڏي اميدان رهيل هئي، ويهه جريب زمين ۽ هڪ کوهه هيو. شهر اچڻ کان پوءِ زمين ۽ کوهه وڪامي ويا، اها جاءِ بچي جنهن ۾ ڏاڏي اميدان اسان جي واپسيءَ جو انتظار ڪري مايوس ٿي وئي ۽ هڪ ڏينهن ان تي اڌرنگي جو حملو ٿيو.
    اسان سڀ ڳوٺ وياسين، مون ڏٺو خانداني جاءِ ۽ ڏاڏي اميدان جو ساڳيو حال هيو. ڏاڏي اميدان اڌرنگي ۾ مبتلا هئي ۽ جاءِ جو سڄو رنگ لهي ويو هيو. جاءِ ڏاڏي اميدان کان وڌيڪ ڪراڙي ٿي چڪي هئي، ڏاڏي اميدان جي چهري جا گهنج وڌي چڪا هيا ۽ جاءِ ۾ ڏار ائين ڏسجي رهيا هيا جيئن سوڪهڙي ۾ ڌرتي ڏرا ڏئي وئي هجي.
    بابي ڏاڏيءَ جي پيرن تي هٿ رکيا ۽ کيسي مان ڪجهه پئسا ڪڍي کيس ڏنا. مان هن کي ڀاڪر پاتو ۽ ڏٺم ان جون اکيون آليون ٿي ويون. هوءَ مون کي ڪٽنب جي سڀني ٻارن کان وڌيڪ چاهيندي هئي. بابي امان بخش نالي هڪ جوان کي ڏاڏيءَ جي تيمارداريءَ لاءِ مقرر ڪيو. اسان شهر موٽي آياسون. امام بخش هر ڏهين پندرهين ڏينهن شهر اچي ڏاڏيءَ جي حال کان واقف ڪندو هيو ۽ بابو ڪجهه پئسا ڏئي کيس روانو ڪندو هيو.
    امام بخش جڏهن به ڳوٺ کان شهر ايندو هيو ته سٺي خبر کڻي نه ايندو هيو. اهو بيمار ڏاڏيءَ جا سور ائين بيان ڪندو هيو جو بابو ڏک ۾ وٺجي ويندو هيو، کيس ڳوڙها اچي ويندا هيا ۽ ڪلهي تي رکيل پوتڙي سان اکيون اگهندو هيو. بابو ڏاڏيءَ جا ڏک ۽ سور دل جي گهرائين سان محسوس ڪندو هيو. ان کان ڏاڏيءَ جي اهڙي حالت ٻڌي نه ويندي هئي. اهو ڪڏهن سُڏڪي به پوندو هيو ۽ امام بخش کي جڏهن به شهر ۾ ايندي ڏسندو هيو ته سمجهي ويندو هيو، خير جي خبر نه آهي. دراصل بابي جي دل ۾ ڏاڏي اميدان لاءِ وڏي عزت هئي. هن وٽ ان عورت جو مقام ماءُ جهڙو هيو. ويم دوران جڏهن سندس امڙ گذاري وئي هئي ته ڏاڏي اميدان بابي کي هنج ۾ کڻي پنهنجو کير ته پيئاري نه سگهي هئي پر کيس اهڙي ٻڪريءَ جو کير پيئاريو هيو جنهن جو ليلو ڄمڻ کانپوءِ ستت ڪسجي ويو هيو. ٻڪريءَ جو کير به اهڙو ئي ذائقي دار هوندو آهي جهڙو ليلي جو گوشت. جيڪڏهن ڪو شريف ماڻهو ڪنهن ٻڪريءَ جي ليلي جو گوشت کائي، مٿان ساڳي ٻڪريءَ جو کير پئي ته سندس اندر ۾ سڄي عمر ليلو جيئرو هوندو آهي.
    ڏاڏي اميدان رب کي عرض ڪيو هيو “مالڪ ويم وارين جي مرڻ کان پوءِ انهن جا ٿڻ ساوا ڪر جيڪي ٻار کي ڇاتيءَ لائين ٿيون.”
    ڏاڏي اميدان جا ٿڻ ته ساوا نه ٿيا پر ليلي جي ڪسجڻ کانپوءِ ٻڪريءَ جا ٿڻ ساوا هيا.
    بابو جڏهن پنجن سالن جو هيو ته ان ڏاڏي اميدان کي مٿي ۾ ڦوڙ هنيو هيو. تڏهن پئسي جي ڏيتي ليتيءَ جو رواج نه هيو. ڪا شيءِ خريد ڪرڻي هوندي هئي ته دڪاندار جنس بدلي جنس وٺندا هيا، جنهن کي “ٽويو” چيو ويندو هيو. ننڍي هوندي بابو نان ڪتايون ڏاڍي شوق سان کائيندو هيو. نان ڪتائي کائڻ لئي کيس دڪاندار کي ڪجهه ڪڻڪ ٽويو ڏيڻي پوندي هئي. هو نان ڪتائي کائڻ لاءِ هر هر ڏاڏيءَ مٿان اچي بيهندو هيو.
    “امان ٽويو ڏي”
    ڏاڏي هن کي ڏينهن ۾ ٻه ٽي دفعا ٽويو ڏيندي هئي، پر غربت ڪري گهر ۾ ايڏي ڪڻڪ نه هوندي هئي جو کيس ڏئي سگهي. ان هڪ دفعي جيئن انڪار ڪيو ته بابي ڦوڙ کڻي کيس مٿي ۾ وهائي ڪڍيو. ڏاڏيءَ جي نرڙ تي اهڙو نشان هوندو هيو جيئن چپ مرڪندا هجن.
    اڌ رنگي کان اڳ جڏهن ڳوٺ وڃڻ ٿيندو هيو ته ڏاڏي مون کي کٽ تي ڀرسان ويهاري هڪ چاڌي رکندي هئي. چاڏيءَ کي نوڙيءَ سان ڪپڙو ويڙهيل هوندو هيو. ڏاڏي نوڙي ائين کوليندي هئي جيئن چاڏيءَ ۾ ڪو نانگ پيل هجي ۽ نانگ جا ڪرتب ڏيکارڻ چاهيندي هجي، پر جڏهن اها نوڙي ڇوڙي ڪپڙو هٽائيندي هئي ته ان ۾ اڇا کير جهڙا پتاشا پيل هوندا هيا. هوءَ مون کي پتاشو ڏئي چوندي هئي “کائي ڏس، اهي پتاشا توکان ڪڏهن ڪونه وسرندا.”
    انهن پتاشن کي پاسي کان پکيءَ جهڙي چهنب هوندي هئي، اهي پتاشا اڄ به منهنجين يادن ۾ پر هڻن ٿا.
    ڳوٺ ڇڏڻ کان پهريون بابي ڏاڏيءَ کي چيو هيو “اسان سان شهر هل، گڏ موٽنداسين.”
    ڏاڏيءَ مرڪندي چيو هيو “ڳوٺ نه ڇڏيندس، ٻوڏن جا رخ شهرن ڏانهن هوندا آهن.”
    ڏاڏي شهر نه آئي، ڳوٺ ۾ اڪيلي هجي وئي، اڌرنگي کانپوءِ شهر آڻڻ تي ڪجهه عورتن اهو اعتراض ڪيو ته سندس تيمارداري ڪير ڪندو؟ امام بخش جڏهن به شهر ايندو هيو ته بابي کي چوندو هيو “مائي اميدان کي هڪ هنڌ سمهڻ ڪري زخم ٿي ويا آهن. حڪيم هادن ان جو علاج ڪري رهيو آهي. وڌيڪ جيڪا رب جي مرضي.”
    ڳالهه ٻڌي بابي کي ڏک ٿيندو هيو، هو ڪجهه پئسا امام بخش کي ڏئي ڳوٺ روانو ڪندو هيو، هڪ دفعي امام بخش آيو، ٻڌايائين “مائي اميدان جي زخمن ۾ روڳ ڀرجي ويو آهي، زخم ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندا پيا وڃن.”
    بابي ٻڌو ۽ ان جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا، هن ڪجهه نه ڳالهايو، رقم ڪڍي امام بخش کي ڏني ۽ امام بخش روانو ٿي ويو. بابو غمگين رهڻ لڳو، ان دوران بابو ڏاڏيءَ جي سارسنڀال لهڻ ڳوٺ به ويو. هن ڏٺو ڏاڏيءَ جي حالت خراب ٿي چڪي هئي. ان ڳالهائڻ چاهيو پئي پر لفظ سندس وات مان نه پئي نڪتا، بابو حڪيم هادن جي مطب تي ويو ۽ پاڻ سان گڏ وٺي آيو. حڪيم هادن ڏاڏيءَ جو معائنو ڪيو. کيس مور جو کنڀ منهن تي ڦيرائيو ۽ پيرن جي تيرن تي مطب جي تالي واري چاٻيءَ سان ڪتڪتائيون ڏنيون. ڏاڏي بي سڌ پيل هئي، حڪيم هادن جي منهن تي مايوسيءَ جا تاثر اڀريا، ان لاشعوري طور ڪنڌ ڌوڻي “نه نه” ڪئي. پوءِ چيو “مائيءَ جو حال نه آهي.”
    ائين چئي سوچن ۾ ٻڏي ويو ۽ وري چيائين “هڪڙو علاج آهي.”
    “ڪهڙو؟” بابي اتاولو ٿي پڇيو.
    “مائيءَ جي جسم مان ڏيڍ پاءُ گوشت ڪڍي، ڳائي قيمي ۾ ملائي ڪاري ٻليءَ کي کارايو وڃي.”
    حڪيم هادم جيئن ئي چيو ٻڌي بابي جو ڇرڪ نڪري ويو.
    “ڏاڍو ڏکيو علاج ٿا ٻڌايو.” بابي چيو.
    حڪيم هادن مور جو کنڀ کڻي ان کي ڦوڪ ڏني ۽ واپس ويندي چيو “جيڪا توهان جي مرضي، باقي ان جو آخري علاج اهو ئي آهي.”
    حڪيم هادن هليو ويو، بابو شهر موٽي آيو. شهر اچڻ کان اڳ ان امام بخش کي چيو “جيڪڏهن ٻيو ڪو حيلو نه هلي ته حڪيم جي صلاح تي عمل ڪري کيس اجازت ڏجانءِ ته جيئن وڻيس تيئن ڪري.”
    ڪجهه ڏينهن کانپوءِ امام بخش شهر آيو، سندس منهن لٿل هيو. ان بابي کي ڏاڍا دکدائڪ تفصيل ٻڌايا.
    “مائيءَ جي جسم مان ڏيڍ پاءُ گوشت نڪرڻ کانپوءِ ان جي جسم جون کڏون اٽي سان ڀريل آهن. اها روئڻ ۽ ڳوڙهن ڳاڙڻ جي قابل نه رهي آهي. مون سندس ڇاتيءَ تي ڪن رکي ٻڌو، اندران روئڻ جو آواز اچي رهيو هيو. منهنجي خيال ۾ مائيءَ تي ڪنهن آسيب جو اثر آهي.”
    اهڙي خوفائتي خبر ٻڌڻ کانپوءِ بابي جي حالت خراب ٿي وئي. سندس منهن پيلو ٿي ويو ۽ هن ڀت کي هٿ ڏنا جيئن کيس مٿي کي چڪر ايندا هجن. هو چپ ڪري کٽ تي ويهي رهيو ۽ امام بخش سندس ڀرسان ويهي ڳالهائڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو. بابي پاڻيءَ جو گلاس پيتو ۽ سامت ۾ آيو ته پئسا ڏئي امام بخش کي صرف ايترو چئي سگهيو
    “واپس وڃ ۽ مائيءَ جو خيال رک”
    امام بخش هليو ويو ۽ بابو بيمار ٿي پيو. هن پاڻ کي ڄڻ ڏاڏيءَ جي هنج ۾ سمهيل محسوس ڪيو. جيڪا بي انتها گرم هئي ۽ ان جي جسم ۾ کڏون هيون جن ۾ ڀريل نرم اٽو بي جان هيو. بابي کي سيءُ محسوس ٿيو. اهو سخت گرميءَ ۾ ائين ڏڪڻ لڳو جيئن اندر جي خوف سيءَ جي روپ ۾ حملو ڪيو هجي. مون ڪوشش ڪئي ته امام بخش جڏهن ڳوٺ کان اچي ته کيس بابي سان ملاقات کان روڪيان ڇو جو اهو ڪڏهن به خوشيءَ جي خبر کڻي نه آيو هيو. ان سدائين بدبختي ۽ نااميديءَ جون خبرون ٻڌايون هيون.
    پر هڪ ڏينهن هو خوشخبري کڻي آيو، اها سرءُ جي سانجهي هئي جڏهن امام بخش ڪمهلو شهر پهتو. بابو کٽ تي مايوس ليٽيل هيو. سندس اکيون ڇت ۾ ڪوريئڙي جي ڄار تي ڄميل هيون. امام بخش بابي مٿان اچي بيٺو ۽ ان کيس اها خوشخبري ٻڌائي، خوشخبري ٻڌڻ شرط بابو روئڻ لڳو.
    هو ٻه چار ڏينهن رُنو ۽ پوءِ صفا ٺيڪ ٿي ويو.


    غلط فهمي

    اڃان ڇا بدليو هيو؟ شايد ڪجهه به نه! سڀ ساڳيو ته هيو، پر لڳي رهيو هيو ڄڻ وقت اثر وڃائي ويٺو آهي. وقت واءُ جيان وڻن جا پن ئي ڇاڻي سگهي ٿو ۽ پن پيدا ٿيندي دير ئي نه ٿا ڪن، موسم بدلجي ٿي، وڻ گهاٽا ٿي گُل ڏين ٿا ۽ خوشبوءِ مري ويل وقت تي ٽهڪ ڏئي ٿي.
    ڊاڪٽر دلشاد جو به ڇا بگڙيو هيو؟ پندرهن سال ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهائيندي به اها ئي ڇوڪري هئي جيڪا ساڳي ڪلاس روم جي اڳين سيٽ تي پروفيسر ڪريم جو ليڪچر ٻڌندي هئي. اهي ساڳيا ڪلاس رومز هيا جتي هن ڪڏهن شاگرديءَ واري زماني ۾ ليلا، مديحا ۽ فرحانا سان گڏ ويهندي گذاريا. اهي ڪلاس رومز جن ۾ پوئين سيٽ تي وحيد ويٺل هوندو هيو. جڏهن دلين ۾ پيار جاڳندو آهي ته ساهه ساهن کي ڳولهي لهندا آهن. ان ڪلاس روم ۾ الڳ ويهندي به انهن جا ساهه سينن مان نڪري هڪ ٻئي کي ڳولهي لهندا هيا.
    پر وحيد هن جو نه ٿي سگهيو. جي بي ڀاٽيا جي اڪيلي ڌيءَ سان شاديءَ کان پوءِ کيس ڪينيڊين شهريت ملي وئي ۽ گريجيوئيشن ڪري هليو ويو. دلشاد ائين اڪيلي رهجي وئي جيئن يونيفلور جو ٻوٽو جيڪو موسم ۾ هڪ گل ڏيندو آهي. پندرهن سال گذري ويا. وقت ڊاڪٽر دلشاد تي انڪري اثرانداز نه ٿيو، جو اڃان ڪنواري هئي. اڻ ڇهيل شيون گهٽ ميريون ٿينديون آهن. اهي شيون جلدي چُڙنديون آهن جيڪي استعمال ٿينديون آهن. ڀاڪر انسان جو ساهه ڪڍي وجهندا آهن ۽ چُميون برباد ڪري وجهنديون آهن. وڇوڙي جي باهه ۾ انسان جلي وري ٺهي پوندو آهي ۽ ٺهي، جلي وري ٺهي پوندو آهي. وڇوڙو انڪري امرتا بخشي ٿو جو وري ملڻ جي حسرت ماڻهوءَ کي مرڻ نه ٿي ڏئي. وقت دلشاد جو ايترو بگاڙي سگهيو جو هاڻي هوءَ ساڳي ميڊيڪل ڪاليج ۾ اسسٽنٽ پروفيسر هئي، پر هن جي ايناٽاميءَ ۾ ڪو فرق نه آيو هيو. ساڳيو سڊول جسم، تيز تکا نقش، من ۾ پيهي ويندڙ اکڙين جون نوڪون، هن جي نڪ جي چوٽيءَ تي پراسرار چمڪ هوندي هئي. چپن تي سمنڊ جي گهميل هوا ڪري اڻ چکيل لوڻاٺو ذائقو پري کان محسوس ٿيندو هيو. هن جو حسن اهڙو جادو هيو جو ڏسڻ سان وجود وڃائجي گم ٿي وڃي.
    دلشاد جا جذبا جوان هيا، سندس سينڌ ۾ صرف هڪ اڇو وار اها گواهي ڏئي رهيو هيو ته هن جا باقي وار ڪارا آهن. هن جي جسم جي بوءِ ڪڏهن کيس پاڻ کي مدهوش ڪري وجهندي هئي. انگڙائيءَ ۾ حسرتن جا ڏار ٽڙڪاٽ ڏئي هيٺ ڪرندا هيا ۽ اوٻاسين ۾ سانجهيءَ کانپوءِ ڦهلجندڙ انڌيرن جي اڪيلائين جو احساس هيو. هن جي دل اهڙو قبرستان هئي جنهن جي ڪنڊ ۾ صرف هڪ قبر هئي ۽ ان قبر ۾ وحيد جو لاش ماضيءَ جي اڏرندڙ ڌوڙ ۾ مٽجي نقش وڃائي ويٺو هيو. هن وٽ پاڇولن کانسواءِ ڪجهه نه هيو ۽ اهي پاڇولا حياتيءَ جي شام ۾ لهندڙ سج اڳيان ڊگها ٿي کنڊرن جي ڪرندڙ ڀتين تي چڙهندا دفن پئي ٿيندا ويا. وحيد هن کان ائين وسري چڪو هيو جيئن ڪورس جي ڪتاب مان ياد ڪيل غير ضروري شعر.
    گذريل هڪ مهيني کان کيس اسسٽنٽ پروفيسر لقمان وڻي رهيو هيو. هن لاءِ لقمان ائين هيو جيئن ڪو روزائتو سانجهيءَ جي آذان کان اڳ ڀُل ۾ پاڻي پي ويٺو هجي. وحيد جي وڇوڙي کانپوءِ هن قسم کنيو هيو ته ڪڏهن شادي نه ڪندي پر کيس محسوس ٿي رهيو هيو ته اهو قسم ٽوڙڻو پوندو. ڊاڪٽر لقمان هڪ عاليشان انسان هيو. اهڙو عاليشان جيئن بس هلندي ڪو نظارو پاڻ ڏانهن متوجهه ڪندو آهي. جبلن جي قطارن پويان نظر ايندڙ ڪو قداور جبل يا هڪ وڻ جيڪو بيابان جو اڪيلو وڻ هوندو آهي.
    ڊاڪٽر لقمان ائين هشاش بشاش هوندو هيو جيئن قدرت هن ۾ روز تازو روح ڦوڪيندي هجي. هڪ اهڙو اڻ ڇهيل انسان جنهن جي وجود تي آڱرين جا نشان نه هجن. هو دلشاد جي وجود تي ائين ورندو ويو جيئن ڍنڍ ڪناري بيٺل بڙ جو پاڇو گلابي ڪنولن کي ڍڪيندو وڃي ۽ ڪنول ٻوٽجي سرهاڻ کي قابو ڪندا وڃن. دلشاد محسوس ڪيو هن جي وجود ۾ ڦهليل بوءِ بدلجي چڪي آهي، اها اهڙي آهي جيئن لقمان جي ڀر ۾ ويهندي محسوس ڪندي آهي. لقمان خوش لباس هجڻ سان گڏ خوش طبيعت به هيو. ڪاليج ميوزم ٻاهران سيمنٽ جي ڄارين واري ٽيريس ۾ جتي ست رنگي بيگن ويلا جا نازڪ گل هوا جي هلڪي جهوٽي تي ڇڻي ڪرندا هيا. ان ٽيريس ۾ ايناٽامي ڊيپارٽمينٽ جا اڪثر استاد ليڪچر مان واندا ٿي چانهه جي ڪوپ مان سِپ ڀري هڪ ٻئي کي لطيفا ٻڌائيندا هيا. سڀ کان وڌيڪ لطيفا لقمان ئي ٻڌائيندو هيو. هر طرف ٽهڪ ئي ٽهڪ هوندا هيا. بيگن ويلا جي ست رنگي گلن تي اڏامندڙ پوپٽ ٽهڪن تي ٽهي پنهنجو توازن برقرار رکي نه سگهندا هيا.
    لقمان جي خوشمزاجيءَ مان دلشاد اندازو لڳائڻ جي ڪوشش ڪندي هئي ته اهو اڃان ڪنوارو آهي. اهڙو اڻ ڇهيل جنهن جي چپن ڪڏهن چپن جو سواد نه ورتو هجي. ان جي آڱرين ڪڏهن جسم جي لڪيرن جو تعاقب نه ڪيو هجي. ان جي هٿن ڪڏهن اڀارن جي سلسلن کي عبور نه ڪيو هجي. دلشاد ڊيپارٽمينٽ جي ٻين ڊاڪٽرن کان ڳالهين ئي ڳالهين ۾ ان ڳالهه جو اندازو لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڇا واقعي ئي لقمان ڪنوارو آهي؟ عمر جي ان حصي ۾ اڃان کيس شاديءَ جو خيال ڇو ڪونه آيو آهي؟ هوءَ ڊيپارٽمينٽ جي ڪنهن به استاد جي ڳالهين مان اهو اندازو نه لڳائي سگهي ته لقمان جي ذاتي زندگي ڪيئن آهي. ڊاڪٽر لقمان جي ذاتي زندگيءَ جي باري ۾ ڪنهن کي ڪا خبر نه هئي. هو ان ميڊيڪل ڪاليج ۾ هڪ سال پهريون آيو هيو، ان کان اڳ هو هڪ پرائيويٽ ميڊيڪل ڪاليج سان لاڳاپيل هيو. ان هوادار ٽيريس ۾ واندڪائيءَ وقت ٿيل انهن ڪچهرين ۾ لقمان کل ڀوڳ جي حدن اندر ئي محدود رهيو. لطيفن ۽ چرچن جو هڪ طوفان جنهن ۾ ٽهڪن جا واچوڙا هر ڏک ۽ پيڙا کي پاڙن کان پٽي اڏاريندا هليا ويندا هيا. هوءَ گهڻا دفعا لقمان کي ويجهو به وئي، محسوس ڪيائين لقمان جي من ۾ اهو نه آهي جيڪو هن جي من ۾. هوءَ تصور ئي تصور ۾ پنهنجي دل لقمان کي ڏئي ويٺي هئي. لقمان هن کي عزت جي نظرن سان ڏسندو هيو، کيس ڀر ۾ ويهاري دلچسپ ڳالهيون ڪندو هيو. هن هڪ دفعي دلشاد جي نيڻن جي تعريف ڪئي، پر ان ۾ پيار جو اشارو نه هيو. دلشاد دٻيل لفظن ۾ چيو.
    “گل جي تعريف موسم جي تعريف هوندي آهي، پر پيار اهڙو گل آهي، جيڪو پنهنجي موسم پاڻ پيدا ڪري ٿو.”
    لقمان هن جي اهڙي هجت تي ٽهڪ ڏئي کنگهيو، پوءِ هن پاڻ سنڀاليو ۽ کيس جهنگ ۾ لڳل باهه کانپوءِ بچيل شينهن ۽ جهرڪيءَ وارو لطيفو ٻڌائي ايڏو ته کلايو جو هن لاءِ هٿن ۾ جهليل چانهه جو ڪوپ سنڀالڻ ڏکيو ٿي ويو. هوءَ ٽهڪ ڏئي کلندي رهي، کيس ڪکين وٽ محسوس ٿيو جيئن لقمان چيلهه چوڌاري ٻانهن ورائي ايڏو ته قابو ڪيو هجي جو ڪنهن اڀرندڙ درد کان هيٺيون ڌڙ جڪڙجندو پيو وڃي. سامت ۾ آئي، سوچيائين هوءَ لقمان کان پڇي ته “ڇا هو واقعي ئي ڪنوارو آهي؟” پر چئي نه سگهي ۽ تڪڙ ۾ پڇيائين
    “ڊاڪٽر لقمان توهان جي هشاش بشاش، پر مزاح ۽ خوش لباسيءَ جو سبب ڪهڙو آهي؟”
    هن جي سوال تي لقمان ائين چپ ٿي ويو جيئن حقيقت هن مٿان حاوي ٿي وئي هجي. هن جا ٽهڪ لوهه جا ذرا بنجي پٽ تي ڪري پيا هجن. لباس تار تار ٿي جسم تي لڙڪندو هجي. هو صحرا ۾ رلندڙ اهڙو فقير هجي جنهن جي هٿ ۾ جهليل ڪشڪول خوشين جي خيرات پنندي ڪنهن سنڍ عورت جي ٻچيدانيءَ جيان خالي هجي. هن دلشاد کي ڪو جواب نه ڏنو. ان کان اڳ جو سندس اکيون درد ۾ وهنجي ٻاهر نڪرن، هو ايترو چئي سگهيو.
    “دلشاد ڪڏهن ڏک انسان کي مسخرو بنائي وجهندا آهن. ڪڏهن ڀوڳنائون جيئڻ جو اهڙو رستو ڏيکارينديون آهن جو انسان مصنوعي ٽهڪن جي مينهن ۾ ڇٽيءَ کان بغير تفريح ڪندو آهي. درد ناٽڪن جا نوان در کوليندو آهي ۽ المين جو ردعمل انسان کي بدلائي وجهندو آهي.”
    پوءِ لقمان وهي آيل ڳوڙهن کي هٿ هڻي صاف ڪيو ۽ ڳالهه جاري رکي.
    دلشاد حيرت سان هن جي اداس منهن ڏانهن ڏسندي رهي. ان پهريون دفعو محسوس ڪيو. جنهن جبل تي ڳاڙها گل ڦٽندا هيا، اهو جوالا مکيءَ جيان ڦاٽي پيو هجي ۽ لائو هر شيءِ کي وهائيندو پاڻ سان گڏ کڻي ويندو هجي.
    “مون زندگيءَ ۾ گهڻا ڏک ڏٺا آهن.” لقمان چيو “اڳ ائين نه هيس جيئن هاڻي آهيان. هڪ خاموش طبيعت اڪيلائي پسند انسان هيس. ٽهڪ منهنجي مجبوري آهن. جيڪڏهن نه کلندس ته مري ويندس. ٻه سال اڳ منهنجو پٽ گذاري ويو. ان جي موت کان پوءِ ٻيو ڪو چارو نه هيو ته پاڻ کي تبديل ڪيان، ٽهڪ ڏيان، درد لڪائڻ لاءِ خوبصورت لباس پائيان، مان پٽ جي موت کان پوءِ مسخرو ٿي چڪو آهيان.”
    دلشاد ٻڌو ۽ کيس وجود ۾ ڏک جي لهر پيرن وٽ پيدا ٿي مٿي چڙهي وئي. اها جسم اورانگهي سندس دماغ تي چڙهي ڳلي وٽ اٽڪي پئي. هوءَ نسورو روئڻ لڳي. اکين جي اٿل کي رئي سان لڪائڻ جي ڪوشش ڪيائين. ڊاڪٽر لقمان جي الميي تي کيس ڏاڍو ڏک ٿيو. هو شادي شده هيو.


    رک

    جڏهن لطيف ڏني ڪاغذن کي باهه ڏني ته هو مٿان ٽيريس ۾ بيٺل هيو. جيئن شينهن کي گوشت وڻندو آهي تيئن باهه کي ڪاغذ وڻندا آهن.
    باهه لڳڻ کان پوءِ رک ٿيڻ ۾ دير ئي نه لڳي، دونهون اڏاميو جيڪو وڪڙ ڏيندو لفظ لفظ ٿي هوا ۾ ائين تحليل ٿي ويو جيئن ڪاغذن جا لفظ موت جي انتظار ۾ هيا. دونهون مري ويل لفظن جو روح هيو.
    گذريل ويهن سالن کان الماڙيءَ جو خانو ، پراڻو سائي رنگ جو ڦاٽل ٿيلهو، بريف ڪيس جنهن جو هٿيو ڀڳل هيو ۽ شاپنگ بيگ جيڪو سلائي مشين جي ٽراليءَ جي هيٺين خاني ۾ پيل هيو، سڀ ڪاغذن ۽ فائيلن سان ڀرجي چڪا هيا.
    هن جي طبيعت به ڪاغذن جيان وکريل هئي. سليقو سکيو ئي نه هيو. جيڪا شيءِ هٿ آئي اڇلائي ڇڏيندو هيو. سڀ کان سولو الماڙيءَ جو خانو هيو جنهن کي کولي، ڪاغذ، خط، وزيٽنگ ڪارڊ، فوٽو اسٽيٽ ٿيل ڪاپيون ۽ ٻيا سامان جن ۾ پينون، سڪا، کونئر جون دٻيون، ٺپا، پنچ مشين، پِنون، چاٻيون ۽ اسٽيل جا ڪوڪا شامل هوندا هيا وجهي ڇڏيندو هيو.
    ويهن سالن کانپوءِ آخر اهڙو وقت آيو جو هن جي گهر ۾ ڪاغذن لاءِ جاءِ نه بچي، هن مجبور ٿي سڀ ڪاغذ ڪٺا ڪيا ۽ اهو سوچي الڳ ڪيا ته هو غير ضروري ڪاغذ لطيف ڏني حوالي ڪندو جيئن انهن کي باهه ڏئي فاني دنيا ۾ فنا ڪري سگهي. هن ڪاغذ ڪٺا ڪيا ۽ پوءِ چونڊ شروع ڪئي. سڀ ڪاغذ ملي چڪا هيا، ضروري ڪاغذ ۽ غير ضروري ڪاغذ، وقت ضروري ڪاغذن کي غير ضروري بنائي وجهندو آهي ۽ غير ضروري ڪاغذ ضروري ٿي پوندا آهن.
    هن جي زندگيءَ ۾ ڪڏهن جيڪي ڪاغذ ضروري هيا اهي هاڻي غير ضروري ٿي چڪا هيا ۽ جيڪي غير ضروري هيا انهن کي هاڻي قدر جي نظرن سان ڏسي رهيو هيو. هن جڏهن الماڙيءَ جي خاني مان، سائي رنگ جي پراڻي ٿيلهي مان، هٿئي ڀڳل بريف ڪيس مان، سلائي مشين جي ٽراليءَ جي هيٺين خاني ۾ شاپنگ بيگ مان، ڪاغذ ۽ فائيل ڪڍي گڏ ڪيا ته ڄڻ فرش تي گند جو ڍير لڳي ويو. هن ڪاغذ چونڊي ٻن هڙن ۾ بند ڪيا ته ٿوري دير کانپوءِ جڏهن لطيف ڏنو غير ضروري ڪاغذ ساڙي موٽندو ته هو ضروري ڪاغذن واري هڙ کولي سليقي سان ان بريف ڪيس ۾ وجهي رکندو جنهن جو هٿيو هو هڪ نه هڪ ڏينهن ان ڊکڻ کان ضرور ٺهرائيندو جيڪو ٽائون جي مک دروازي وٽ گهرن جا در ٺاهي انٽرلاڪ جي ٽن چاٻين مان هڪ چاٻي چورن حوالي ڪندو آهي. لطيف ڏني ٻاهر وڃي جڏهن هڙ کولي ڪاغذن کي ساڙڻ لاءِ کيسي مان ماچيس ڪڍي تيلي دکائي ته سڀ کان پهريون ان سگريٽ کي باهه ڏني جيڪو سندس وات ۾ جهليل هيو، پوءِ هن تيليءَ کي ڦٽو ڪيو. تيلي ڪاغذن مٿان ڪري، بندو خدا کي ڳولهيندو آهي ۽ تيلي ڪاغذن کي. جڏهن باهه ڀڙڪو ڏنو ته اهو سانجهيءَ جو وقت هيو. اولهه پاسي شفق جو رنگ سج جي سڙڻ ڪري هيو.
    سڀ سڙي ويو، پراڻا ڪاغذ، خط، وزيٽنگ ڪارڊز ۽ ڪجهه فوٽو جيڪي رنگين نه هيا، ان ڪيمرا جا نڪتل هيا جيڪا فوٽ پاٿ تي هاٿي جي سونڊ جيان رکيل هوندي هئي ۽ ان ۾ هڪ همراهه چيلهه تائين اندر وڃي سامهون ويٺل جو پينسل سان فوٽو ٺاهي ٻاهر نڪرندو هيو. مري ويل ماڻهن جا رهجي ويل فوٽو ائين لڳندا آهن ڄڻ واقعي ئي مري ويا هجن.
    لطيف ڏني جي وات ۾ جهليل سگريٽ جو دونهون ڪاغذن جي ٿڌي ٿي وڃڻ کانپوءِ گهڻي دير هو مٿي ٽيريس ۾ بيهي محسوس ڪندو رهيو. جڏهن لطيف ڏنو هٿ ڇنڊي هليو ويو ته هو هيٺ لهي آيو ۽ ڪپڙا ڇنڊڻ لڳو ڇو جو اهي پراڻن ڪاغذن جي ڊس ۾ ميرا ٿي چڪا هيا. هن هٿ نه ڇنڊيا جيڪي ويڻين تائين ميرا هيا ڄڻ انهن تي دستانا چڙهيل هجن جيڪي هن مٽيءَ کان بچاءَ لاءِ هٿن تي چاڙهيا هجن.
    جڏهن هو رک مٿان بيٺل هيو ته شفق اوندهه ۾ تبديل ٿي رهيو هيو. سانوڻ جي مند پري هئي پر ضروري نه آهي ته ڪوئل سانوڻ ۾ ٻولي، ڇو جو اها ان وقت ٻولي رهي هئي جڏهن هو سڙيل ڪاغذن جي رک تي بيٺل هيو، هلڪي هوا تي اڃان به ڪا چڻنگ اڏامي سندس سٿڻ جي پانچي کي باهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي.
    اها رک نه هئي، هن جو ماضي هيو، ماضي ائين هوندو آهي ڄڻ رک، جيڪڏهن رک نه هجي ته ماضي کوٽي نه سگهبو آهي. ماضيءَ کي کوٽڻ لاءِ رک هجڻ ضروري آهي ۽ هن آڏو رک هئي. ڪڏهن انسان جو قدر ان جي مرڻ کان پوءِ ٿيندو آهي جيئن هن کي ڪاغذن جو قدر انهن جي سڙڻ کان پوءِ ٿي رهيو هيو. هن رک ۾ ڏٺو، اتي سڀ سڙي ويل ڪاغذ هڪ جهڙا هيا، رسو سڙي وڃي ته وڪڙ ڏسي لڳندو آهي اها رسي جي رک آهي، ڪاغذن جي رک ۾ لفظن جا وڪڙ محفوظ نه رهندا آهن.
    لفظن جا وڪڙ يادن ۾ سمائجي مغز ۾ محفوظ هوندا آهن ۽ هاڻي سڙي وڃڻ کانپوءِ انهن جو دونهون هن جي دماغ مان نڪري رهيو هيو. هن ياد ڪيو، اها اڇن لفافن جي رک هئي، گلابي لفافن جي رک هئي، نيرن لفافن جي رک هئي، ڪارن لفافن جي رک هئي، ان ۾ اهي سڀ نظم سڙيل هيا جيڪي فريدا جي وڇوڙي کان پوءِ بي اثر ٿي ويا. اهي ڪهاڻيون سمايل هيون جيڪي هن فريدا کان پوءِ ڪنهن کي ٻڌائڻ نه پئي چاهيون. هو شاعر يا ڪهاڻيڪار ته نه هيو پر کيس ٻڌائڻ لاءِ شاعري ۽ ڪهاڻين کانسواءِ ڪجهه نه هيو. هن فريدا کي خط لکيا ۽ لکندي هو ان حد تائين ليکڪ ٿي سگهيو ته فريدا ڏي خط لکي سگهي. خط لکڻ جي حسرت ۾ هن ڪيترا خط ڦاڙي ڇڏيا، نيٺ هن ڏي ٽي خط لکيا، جن جو چئن خطن ۾ جواب مليو، انهن خطن جا رنگ هن جي پيار ڪهاڻيءَ سان ملندڙ هيا. اڇي لفافي وارو خط جنهن ۾ پيار جو پهريون اظهار هيو.
    پوءِ گلابي لفافي وارو خط جنهن ۾ دعوت هئي ته ان وقت ملاقات ڪري جنهن وقت مينهن نه وسندو هجي ڇو جو ملاقات لاءِ دير سان پهچڻ جو سبب موسم هوندي آهي. هن فريدا سان پهرين ملاقات هڪ باغ ۾ ڪئي، جتي بيد مشڪ جا وڻ ائين بيٺل هيا جيئن انهن پنهنجي اهميت وڌائڻ لاءِ ڪنهن ٻئي وڻ کي اڀرڻ جي اجازت نه ڏني هجي، سڀ وڻ بيد مشڪ جا وڻ هيا ۽ گلن جا ٻوٽا سدا بهار کانسواءِ سڀ سڙيل هيا. هن فريدا سان پيار جو اظهار ڪيو پوءِ اڇو لفافو مليو جنهن ۾ فريدا پيار جو اقرار ڪيو. هو خوش ٿيو ۽ لفافو چمي الماڙيءَ جي ان خاني ۾ وجهي ڇڏيو جتي اڃان ڪاغذ ڪٺا ٿي رهيا هيا، خانو ائين خالي هيو جيئن جاڳڻ کانپوءِ دل، ڇو جو سمهڻ کان پوءِ دل خوابن ۾ ورهائجي ويندي آهي.
    اوندهه ڦهلجي رهي هئي، وقت سان رک ۽ رات ۾ ٿورو فرق رهجي ويو هيو. رک رات کان وڌيڪ ڪاري هئي ۽ رات رک کان وڌيڪ سرمئي، ڪٿان ڪوئل ڪوڪ ڪئي ۽ هن جي دل مان سٽ نڪتي.
    رک ۾ سڀ رنگ هڪ رنگ ۾ تبديل ٿي چڪا هيا، کيس سمجهه ۾ نه پئي آيو ته سالن کان جيڪي سڀ وسري چڪو هيو، اهو رک ڏسڻ سان ڇو ياد اچي رهيو هيو. ڪاغذ هوا ۾ اڏرندا آهن ۽ هوا رک ۾ اڏرندي آهي. دنيا ۾ سڀ کان هلڪي شيءِ هوا آهي ۽ ڪائنات ۾ سڀ کان هلڪي شيءِ يادون. يادن ۾ چنڊ سمائجي سگهي ٿو ۽ هوا ۾ ان جي حاصل ڪرڻ جي حسرت.
    هو فريدا ڏي خط لکندي ليکڪ ٿي پيو هيو، هن فريدا کي ياد ڪري هڪ نظم لکيو هيو جيڪو هن کي ياد نه هيو، ذهن تي زور ڏنائين ۽ ورجهايائين.
    “مان قبرستان آهيان
    جتي تنهنجي ياد جا
    نانگ گهمن ٿا
    هٿ جي لڪير جا
    چانڊوڪين ۾
    نانگ گهمن ٿا.”
    ورجهائيندي محسوس ڪيائين کيس صحيح ياد نه آيو، ان جو وزن ائين نه هيو، هن پندرهن سال پهريون اهو نظم لکيو هيو ۽ ٻه دفعا پڙهيو هيو، سوچيندي وري ذهن تي زور ڏنائين.
    “تون ۽ مان نه آهيون
    پر پاڇن جا
    نانگ گهمن ٿا
    “نه” شايد... لاشن جا
    نانگ گهمن ٿا.”
    “نه” غلط بلڪل غلط
    هن گلابي لفافي ملڻ کان اڳ ان جي جواب جي ڪوشش ۾ هڪ نظم لکيو هيو، جيڪو کيس ياد نه هيو، هن رک ۾ اکيون وڌيون اتي اوندهه کانسواءِ ڪجهه نه هيو، سندس اکيون اهو ڪاغذ ڳولهڻ لڳيون جيڪو فريدا ڏي موڪلي نه سگهيو. هن کي فريدا جون اکيون ياد آيون جن ۾ رک ڀريل هئي ۽ رک جي ڪجل ڌارائن ۾ لفظ پڙهيا.
    “ٻارهين بجي ملياسين
    تو چيو “اچ زندگيءَ جو
    سفر شروع ڪيون.”
    مون “ها” ڪئي
    ۽ پوءِ
    هڪ وڳو.”
    ڪوڪي ۾ لڳل گهڙيال ئي نئين زندگي شروع ڪري سگهندو آهي. انسان جي زندگيءَ جا ڪانٽا انتها تي پهچي موت جو گهنڊ وڄائين ٿا، هو فريدا سان نئين زندگي شروع ڪري پئي سگهيو پر نه ڪرڻ جو سبب ڪارو لفافو هيو، جنهن کيس اها ڪهاڻي لکڻ تي مجبور ڪيو ته هڪ جاءِ ۾ عاشق رهندو هيو ۽ ٻئيءَ جاءِ ۾ محبوب، ٻن جاين جي وچ واري وٿيءَ ۾ نانگ رهندو هيو. اهي ڀت اورانگهي نه سگهندا هيا، نانگ انهن لاءِ وڇوڙي جو سبب هيو.
    رات گهري ٿي چڪي هئي، ڪاغذن جي رک ۾ جڏهن ڪا چڻنگ نه بچي ته هن جي دل مان هڪ چڻنگ اڏامي پڇڙ تاري جيان هيٺ ڪري، کيس رک سان پيار ٿي ويو. اها رک هن جي زندگيءَ جو سرمايو هئي. هن رک ۾ هٿ وڌا، رک فريدا جي وارن جهڙي نرم هئي، هن رک کي اکين تي رکيو ۽ پوءِ منهن تي ملي ڇڏيو. هو روئڻ لڳو. سندس من پڇتاءَ ۽ ڏک سان ڀرجي آيو.
    هو روئندو ڪمري ۾ آيو. اتي ٻئي هڙ پيل هئي، هڙ کي اهو سوچي کوليائين ته ضروري ڪاغذ ان بريف ڪيس ۾ وجهي رکي سگهي جنهن جو هٿيو ڀڳل هيو. هن جيئن ئي هڙ کي کوليو ته ڏسي هن کان ذري گهٽ رڙ نڪري وئي. ان هڙ ۾ سڀ محفوظ هيا. اهي سڀ غير ضروري ڪاغذ جيڪي ساڙڻ لاءِ هن لطيف ڏني کي چيو هيو. لطيف ڏني اها هڙ نه ساڙي هئي، پر غلطيءَ سان ٻي هڙ ساڙي هئي جنهن ۾ جائداد جا ڪاغذ، ڊگريون، مارڪ سرٽيفڪيٽ، پاسپورٽ، ڊرائيونگ لائسنس ۽ انشورنس جا ڪاغذ شامل هيا.


    ارتقا

    ارتقا

    (نثري نظم ڪهاڻي)
    نئين صنف


    تن ڏينهن هو ڪجهه نه هيو
    ڌرتيءَ ۾ داخل ٿيو
    گاهه کائي وڻ هيٺان ستل هوندو هيو
    بي عقل هيو ۽ ڏاڍو خوش هيو
    هن وٽ نه سوچ هئي ۽ نه لوچ
    نه هن وٽ قلم هيو نه ڪتاب
    نه نظريو نه انقلاب
    ۽ هو ڍڳي ۾ تبديل ٿي ويو
    پوءِ هن جا مالڪ جاڳيا، وارث آيا
    هن جي ذهن ڪم ڪيو
    جبرئيل آيا، عزرائيل آيا
    ڪنهن جبرئيل جو کنڀ پٽي
    کوپڙيءَ جي رت ۾ ٻوڙيو
    ۽ پڪل مٽيءَ جي پهرين لوح لکي
    ڪنهن لوهه گرم ڪري سنڌاڻ تي رکي
    ڌڪ هنيون ۽ زنجيرن جون ڪڙيون
    وايو منڊل ۾ ڪنهن آفت جي
    در تي دستڪ جيان کڙڪيون
    هن کي ڳچيءَ ۾ ڪاٺ جو طوق وجهي
    ڊوڙايو ويو
    ۽ هو گڏهه ۾ تبديل ٿي ويو
    وقت جي انقلاب هن تي
    سونا سنج وڌا ۽ چانديءَ جو لگام ڏنو
    هن تي حڪمرانن سواري ڪئي
    ۽ هن حڪمرانن کي فتح سان همڪنار ڪيو
    هو حق جي راهه ۾ وڙهيو
    ۽ ڪئي ڀيرا ناحق مئو
    بهادري ۽ شجاعت جا تمغا
    هن جي سيني تي کپيل تيرن جيان
    سجايا ويا
    هو سپاهين جي هيٺان ڊوڙيو
    قاصدن جي هيٺان ڊوڙيو
    هر شڪست جو، فتح جو رازدان رهيو.
    هن زرهه پاتل بادشاهن کي
    پٺيءَ تي ويهاري اڳيان پير کڻي
    هڻڪار ڪري دشمن کي للڪاريو
    ۽ هو گهوڙي ۾ تبديل ٿي ويو
    هو ڌرتيءَ جي لاهن چاڙهن تي
    پنهنجيون اڳيون ٽنگون زور سان هڻي
    هڻڪار ڪندو بي لگام آنڌي ۽ طوفان جيان
    پيو ڊوڙندو هيو.
    هڪ ڏينهن هن ڪنڌ کڻي
    آسمان ڏانهن ڏٺو
    هن چنڊ ڏٺو، تارا ڏٺا
    لهندڙ اڀرندڙ سج ڏٺو
    سندس من ۾ اڏرڻ جي
    چاهت جاڳي.
    اڇي ناسي جهڙ کي ڇهڻ جي
    حسرت جاڳي.
    هو تيز ڊوڙيو، ٽپا ڏيندو
    ڀڄندو ويو.
    اڏرڻ جي آس ۾ هن کي
    پر نڪري آيا.
    ۽ هو پکيءَ ۾ تبديل ٿي ويو.
    عرش ۾ ڏامندي
    هن آسمانن جا راز هٿ ڪيا
    چنڊ کي ويجهڙائيءَ کان جاچيو
    تارن جا طور طريقا پرکيا
    سج کي سمهندي جاڳندي ڏٺو
    وشال نيرو اڀ هن اڳيان
    ڪنهن زهر پيتل اگهاڙي عورت جي
    جسم جيان هيو.
    جنهن جا ٿڻ هيٺ هوا ۾
    لڙڪي رهيا هيا.
    هن هر شيءِ کي جاچيو
    هو پر هڻندو، اڏرندو
    پري وڃي هڪ نقطي ۾
    تبديل ٿي پي ويو.
    هو ڳاڙهي سج اڳيان ظاهر ٿي
    اڳتي وڌندو.
    ائين پئي نروار ٿيو جو
    سج هن پويان ڍڪجي پئي ويو
    هڪ ڏينهن
    هو ڳاڙهي سج پويان اڏامندو
    سمنڊ ۾ لهندو
    هيٺ پاڻيءَ ۾ ڪري گم ٿي ويو
    ۽ مڇيءَ ۾ تبديل ٿي ويو.
    هن پهريون دفعو سمنڊ جي
    کاري پاڻيءَ کي چکيو
    ۽ پوءِ هن جي جسم جو رت
    کاري پاڻيءَ ۾ تبديل ٿي ويو.
    هو رُنو ۽ ڳوڙهن کي چَکيو
    هن جي اکين ۾ کارو پاڻي هيو.
    هو سمنڊ جي سطح تي تريو
    ۽ هو هيٺ اونهاين ۾
    هليو ويو.
    هن اونهائين کي
    عقل ۾ قيد ڪيو
    هن کي بي انت بحر جو
    ڪٿي انت نظر نه آيو.
    هن عقل سان اونهائين جي
    گهري کوجنا ڪئي
    ۽ نيٺ هڪ ڏينهن
    سندس من ۾ حسرت جاڳي
    هو ڇو نه اهي سڀ راز عيان ڪري؟
    ڇو نه لڪيل کي نروار ڪري؟
    ڇو نه اونهائين جون ڳالهيون عام ڪري؟
    ڇو نه ڳالهائي ۽ ماٺ کي مات ڏئي؟
    ڳالهائڻ جي حسرت ۾
    هن جي زبان چرڻ لڳي
    ۽ ڳلو هوا سان ڦوڪجي ويو.
    ۽ هو ڏيڏر ۾ تبديل ٿي ويو.
    ڌرتيءَ تي ٽپا ڏئي
    هو “ٽان ٽان” ڪرڻ لڳو
    هن کي ڪنهن ٻڌو
    ڪنهن نه ٻڌو
    جنهن ٻڌو فلسفي ٿي پيو
    تاريخدان ٿي پيو، سائنسدان ٿي پيو
    جنهن نه ٻڌو، ڪافر ٿيو.
    جڏهن جهنگ ۾
    هن جي “ٽان ٽان” مشهور ٿي
    ته هن کي ڦوڪيل ڳلي کان جهلي
    وقت جي درٻار ۾ آندو ويو
    وقت جي شينهن اُلر ڪري
    هن مٿان چنبو سڌو ڪيو
    هن جي “ٽان ٽان” بند ٿي وئي
    ۽ هو گدڙ ۾ تبديل ٿي ويو.
    هن هٿ ادب جا ٻڌي
    بادشاهه کي عرض ڪيو
    “مون کي جي ماريندي
    ته پوءِ سج نه اڀرندو”
    وقت جي شينهن نرڙ ۾
    گهنڊ وجهي هن کي ڏٺو
    “اهو وري ڪيئن” ان چيو
    “جان جي امان پايان
    ته عرض ڪيان” گدڙ چيو
    وقت جي بادشاهه سوچيو
    “توکي جان جي امان ڏني
    پر ان راز تان پردو کڻ” ان چيو
    “اي وقت جا بادشاهه”
    هن ادب مان هٿ ٻڌي عرض ڪيو
    “مئي پڄاڻان منهنجي لاءِ
    جهڙو سج اڀري
    ڄڻ تهڙو نه اڀري
    مئي کي ڪهڙي ڪل
    ڏينهن جي، رات جي”
    وقت جو بادشاهه کليو
    ۽ هو لومڙ ۾ تبديل ٿي ويو.
    هن جو عقل جاڳيو ۽ دل
    ٿي پئي بزدل
    دنيا جو هر مفاد
    ٿي پيو هن جو مفاد
    هڪ ڏينهن هو سير ڪندو
    ڪنهن ڍنڍ ڪناري پهتو.
    ڪنهن هرڻيءَ اتي پاڻي پئي پيتو
    هرڻيءَ کي پاڻي پيئندو ڏسي
    لومڙ هن جي ويجهو آيو
    ۽ چيائينس
    “ٻڌو آهي تون مونکي پر پٺ
    گاريون ٿي ڏيندي وتين”
    لومڙ جي ڳالهه ٻڌي
    هرڻيءَ گهوتو کاڌو
    “ڪهڙيون ٿو ڳالهيون ڪرين
    اي لومڙ بادشاهه”
    هرڻيءَ هڏڪي ڀريندي چيو
    “منهنجو مٿو خراب ٿيو آهي
    جو تو جهڙي معتبر کي
    پرپٺ گاريون ڏيندس.”
    لومڙ ٿورو لڄي ٿيو.
    پر من ۾ هيس ته هو
    ڪيئن شڪار ڪري
    هرڻي حلال ڪري
    “اڙي او هرڻي
    هڪ ته ڏئين گاريون”
    لومڙ جذبات ۾ اچي
    تيز ڳالهائيندي چيو
    “ٻيو مٿان ڳالهائين ڪوڙ
    مون وٽ شاهديون
    آهن موجود ته تون مونکي
    پرپٺ گاريون ٿي ڏيندي وتين”
    هرڻي ويچاريءَ جا
    هوش اڏامي ويا.
    “نه لومڙ بادشاهه
    مان مسڪين اهڙي جرئت
    ڪيئن ٿي ڪري سگهان
    جو توکي گاريون ڏيان”
    لومڙ وٺي وات ڦاڙيو ڏند ڪڍيا
    “ڀلا جي تون گاريون نه ڏنيون هونديون
    ته تنهنجي پيءُ ته ضرور ڏنيون هونديون”
    هن چيو
    ۽ هرڻيءَ تي حملو ڪيو.
    ۽ هو بگهڙ ۾ تبديل ٿي ويو.
    پوءِ هن ڌرتيءَ تي
    نوڪدار پٿر ڳولهي
    ڀالو ايجاد ڪيو،
    ۽ هو جانورن پويان ڊوڙيو.
    هن پٿر رڳڙي باهه ٻاري
    ۽ سمنڊ ڪناري لوڻ ميڙي.
    ڀڳل نمڪين گوشت کاڌو
    هن پيٽ تي هٿ ڦيري اوڳرائي ڏني.
    ۽ پهاڙ جي ڪنهن گمنام غار ۾
    غم کان پاڪ ننڊون ڪيون.
    هن سياري جي سرد راتين ۾
    ڪک پن گڏ ڪري جسم کي گرمي پهچائي
    هو چوڏهينءَ جي چنڊ کي ڏسي
    اداس ٿي ويو.
    هن ڏک ۽ اڪيلائيءَ مان اونايون ڪيون
    پوءِ هڪ ڏينهن هو عشق ۾ مبتلا ٿي پيو
    ۽ هو ڪتي ۾ تبديل ٿي ويو.
    هن پنهنجي وفاداريءَ جو
    يقين ڏياريو.
    ۽ ڪنهن پيار مان هن کي ڳچيءَ ۾
    پٽو چاڙهيو.
    هاڻي هو حسن جو چوڪيدار هيو
    راتيون جاڳيو ۽ ڀونڪيو.
    هن جي ڀونڪ تي ملائڪ ڀڳا
    چور ڀڳا ۽ شريف ويجهو نه آيا
    هو در ٻاهران دڪي تي
    ستل هوندو هيو
    ۽ رقيبن جون مکيون
    هن کي تنگ ڪنديون هيون
    هو هڏو کائيندو هيو
    ۽ پنهنجي جسم جو ماس
    ڄڀ ڪڍي چٽيندو هيو.
    جن ڏينهن هو ڌوٻڻ جو هيو
    نه گهر جو هيو نه گهاٽ جو هيو
    عشق هن کي
    گهٽيءَ گهٽيءَ رولايو.
    ڪيترن هن تي پٿر وسايا
    پر هو نه مڙيو.
    هن هر دفعي ڀونڪي
    پنهنجيءَ وفا جو يقين ڏياريو.
    هڪ ڏينهن محبوب کي هن تي
    رحم آيو
    سڏي پاڻ وٽ ويهاري
    هن کي گرم کير پيئاريائين
    پيار مان مٿي تي هٿ ڦيري
    هن کي ڳچيءَ ۾ ٻانهون وجهي
    منهن تي چمي ڏنائين
    هن جي جنس جاڳي پئي
    ۽ هو ڀولي ۾ تبديل ٿي ويو.
    پوءِ هن ٻچا پيدا ڪيا
    هن کي نر ڄايا ۽
    ماديون پيدا ڪيون
    هن گوشت کاڌو ۽ گاهه کاڌو
    هن چراگاهه ۾ دل ڏاريندڙ
    رڙيون ڪري سيني تي ڌڪ هڻي
    ماديءَ کي مغلوب ڪيو
    هن وٽ ڪا تفريح نه هئي
    بس اها مادي هئي.
    هن هر ٺاهيو ۽ ڪڻڪ پوکي
    پوري ڌرتي هن جي ملڪيت هئي
    پوءِ هن جي ٻچن ڪڻڪ کاڌي
    ۽ اهي جلدي جوان ٿيا.
    هڪ ڏينهن
    ٻه نر هڪ ماديءَ تي وڙهيا.
    هو وچ ۾ پيو
    انهن کي ڇڏايو.
    پر اهي نه مڙيا،
    ماديءَ تي موهت ٿي نيٺ
    هڪ نر ٻئي کي قتل ڪيو.
    ۽ ان جو لاش ڪلهي تي رکي رولايو.
    هن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو
    ته هو لاش کي ڪيڏانهن ڪري
    پوءِ هن ڏٺو
    ٻه ڪانءَ پاڻ ۾ وڙهيا
    ۽ هڪ ٻئي کي ماري مٽي ۾ دفنايو.
    پوءِ ان قاتل ڀولي جي ذهن ۾
    ڪانءَ جو عقل آيو.
    ۽ هو انسان ۾ تبديل ٿي ويو.


    راز جي ڳالهه

    راز جي ڳالهه

    (نثري نظم ڪهاڻي)
    نئين صنف


    بس هلي پئي،
    وڻ ۽ روڊ،
    پوئتي ڊڪندا پئي ويا.
    مان خيالن ۾ گم
    بس ۾ دکندڙ ڪنهن
    سگريٽ جي دونهي جيان
    اڏريس پئي
    دکيس پئي.
    بند دريءَ جي شيشي جيان
    ڪو راز گهٽيل
    سيني ۾ ڦاٿل
    مان منجهيل
    گريبان کان جهليل
    ڪئي سوال
    ڪئي مونجهارا
    يادن جا ڪوريئڙا
    ڄار جهڙا ڄارا
    ۽ هلندڙ بس هيٺان
    ڌرتي رهڙندي پئي وئي
    سرڪندي پئي وئي
    ڪو آيو اوچتو
    ڀر ۾ پيل خالي سيٽ تي
    ويٺو ڪنهن اڪابر جيان
    پيغمبر جيان
    ان جي اکين ۾ نور هيو
    ان جي چانديءَ جهڙي
    امن جي جهنڊي جهڙي
    اڇي ڏاڙهيءَ ۾
    سون جهڙي سچائيءَ جو
    ڦٽندڙ ٻور هيو.
    مون ڪنڌ ورائي
    ان کي چيو “اي عالم
    توکان پڇڻي آهي
    ڪاراز جي ڳالهه
    ڪنهن ٽٽل ساز جي ڳالهه
    مان مائوف، مان منجهيل
    مان ٿڪيل مان ڪنجهيل
    وقت وڌو آ الجهائي
    ڇا تون سگهندين سلجهائي؟
    ان راز کي
    غيبي آواز کي؟”
    چيو ان “ها مونکي جلد ٻڌاءِ
    ۽ مونجهارن مان ڇوٽڪارو پاءِ”
    پوءِ مون پڇي ان کان
    اها راز جي ڳالهه
    ان وڏي غور سان ٻڌو
    ۽ پوءِ بس جي ڇت کي گهوريو
    “ها مان سڀ ڄاڻان ٿو
    مان سڀ سڃاڻان ٿو
    ۽ توکي ٻڌائڻ چاهيان ٿو!”
    ان چيو
    “پر اي دوست دير ٿي وئي
    منهنجي منزل اچي وئي
    مان وڃڻ چاهيان ٿو
    بس مان لهڻ چاهيان ٿو.”
    پوءِ اهو اٿيو
    ۽ بس بيهاري هيٺ لهي ويو.
    مان منجهيل مان مايوس
    ڏسندو رهجي ويس
    ان شخص کي
    جيڪو نه سگهيو ٻڌائي
    اهو راز مون بدبخت کي
    پر بس هلندي رهي
    ۽ ڀرسان پيل خالي سيٽ
    ڪنهن ڀوت جيان
    مونڏي ڏسندي رهي.
    ڪنهن سمي ڪو چڙهيو
    ۽ وائڙن جيان ڏسندو
    ان سيٽ ڀر ۾ آيو
    هو ويٺو.
    ۽ مون ان کي ڏٺو
    ان جي نرڙ ۾ هيا هزارين گهنج
    سوچون اڏريون پئي
    ان جي آس پاس
    رستي جي ڌوڙ جيان
    ان جون اکيون لال
    ڄڻ جاڳندي ٿيا سال
    مون ڪئي همت هڪ دفعو وري
    ۽ پئي اٿلي دل چري
    مون پڇي ان کان راز جي ڳالهه
    ۽ وئي رڪجي ان جي آڱرين ۾ اٽڪيل
    مڻين جي مالهه
    ان ڏٺو اجنبين جيان مون ڏي
    ۽ پوءِ هيڏي هوڏي.
    مان ڪيو هڪ دفعو وري
    ايلاز ان عقلمند کي
    “کول ان راز کي رمز کي”
    ان ڪيون بند ڪيون ۽
    سوچن ۾ ٻڏي ويو
    تجسس ۽ اميد مان
    منهنجو من لڏي ويو
    پوءِ کوليون ان اکيون
    ۽ شانت ٿي چيو
    “مان ڄاڻان ٿو ان راز کي
    ان ٽٽل ساز جي آواز کي
    توکي ٻڌائڻ چاهيان ٿو
    ڪري ظاهر.
    جيڪو آهي اندر ۾
    ڪڍي ٻاهر”
    ان کان اڳ جو هو چپ چوري
    ڳالهه کي سوري
    بس بيٺي هڪ جهٽڪي سان
    ۽ ان چيو
    “پر اي دوست منهنجي منزل
    اچي وئي”
    ۽ ڳالهه
    اڌ ۾ رهجي وئي
    هو اٿيو پنهنجي سيٽ تان
    ۽ ڏٺو مون ڏانهن ڏک مان
    “افسوس مان توکي نه ٻڌائي سگهيس
    تنهنجي من جي اڻ تڻ نه گهٽائي سگهيس
    منهنجو سفر پورو ٿيو.”
    پوءِ هو هليو ويو
    مان ڏسندو رهجي ويس
    هٿ مليندو رهجي ويس
    بس وري هلڻ لڳي
    ۽ منزل ڏانهن وڌڻ لڳي
    مان مايوس
    مان منجهيل
    دريءَ کان ٻاهر ڏسندو رهيس
    پوئتي ڊڪندڙ نظارا
    پسندو رهيس.
    ڪا گهڙي گذري
    ته وري ڪو ويٺل هو
    مون ڀرسان
    ۽ مان ڏسڻ لڳس
    ان کي عجب مان
    نوراني چهري وارو شخص
    هو اهو شانت خاموش
    عقلمند باهوش
    مان ڏسندو رهيس ان کي
    ۽ ان ڏٺو رحم جي
    نگاهن سان مون ڏي
    مون کنگهيو ۽ ڳالهايو
    “اي دانشمند جيڪر تون
    ٻڌائين کولي هڪ راز
    جيڪو آهي
    ڄڻ الهامي آواز”
    پوءِ مون ان کي ٻڌايو
    ۽ ڄڻ ان کي سمجهه ۾ آيو
    ان لوڏيو ڪنڌ کي
    ۽ ڪئي هلڪي “ها”
    ۽ چيو مون “ڇا”
    “مان ڄاڻان ٿو
    مان سڃاڻان ٿو
    مون اها ڳوٽ ڀڳي
    ڳالهه دل سان لڳي
    هاڻي ٻڌ
    هر لفظ کي هئين سان هنڊاءِ
    ۽ مونجهارن مان ڇوٽڪارو پاءِ”
    ان اڃا چپ چوريا پئي
    ته بس کي جهٽڪو لڳو
    پوئتي ڊوڙندڙ وقت رڪجي ويو
    بس بيٺي ۽ ان چيو
    “معاف ڪجانءِ دوست
    منهنجي منزل اچي وئي
    توسان گهاريل ويل
    لنگهي وئي.
    منهنجو وقت ٿيو پورو
    مان نه ٿو ويهي سگهان ٿورو
    مان هلان ٿو
    بس مان هيٺ لهان ٿو
    پوءِ اهو تڪڙ مان
    لهي ويو بس مان
    مان ڏسندو رهجي ويس
    ڄڻ پٿر بڻجي ويس.
    مان منجهيل مان حيران
    پيڙا ۾ ڦاٿل پريشان
    سوچيندو رهيس
    پور پليندو رهيس
    ڪو ته ڳولهي ڳجهه کي
    ڪو ته پروڙي راز کي
    پوءِ بس هلندي رهي
    ۽ بيهندي رهي
    ڪئي لٿا
    ڪئي چڙهيا
    قلم وارا ڪتابن وارا
    شرابن وارا ڪبابن وارا
    تيز نظرن وارا
    دماغن وارا
    عقلمند، هوشمند
    منصف، مصنف
    لکاري، پڄاري
    وڏيرا، هاري
    سرمائيدار، مزدور
    حافظ، بي نور
    ملان، موالي
    حالي، احوالي
    ڪنهن نه ٻڌايو
    ان ڳالهه کي ڳجهه کي
    سڀني جي منزل اچي وئي
    وقت جي واري سڀ جي مٺ مان
    وهي وئي.
    پر مان اڪيلو گذاريندو رهيس وقت ۽ ويلو
    پڪاريندو رهيس
    منزل طرف وڌندو رهيس
    بس هلندي رهي
    روڊ کي پوئتي ڌڪيندي رهي
    مان مايوس
    ڪنڌ هيٺ ڪري
    ۽ ڪڏهن مٿي ڪري
    ڏسندو رهيس پري
    هيڏي هوڏي
    اڳتي پوئتي
    من ڪو سلجهائي
    مون الجهليل کي
    منجهيل کي
    ۽ بس ڀڄندي رهي
    خاموشي سيٽين جيان
    ڪنن ۾ وڄندي رهي
    ايتري ۾ ظاهر ٿيو ڪوئي
    ڀرسان پيل سيٽ تي
    ويٺو سوئي.
    وار ان جا وکريل
    گهنج منهن ۾ پيل
    ميرا ڦاٽل ڪپڙا
    ليڙون ليڙون لٽا
    اکيون ڳاڙهيون
    جن کي ڏسي مون ڏانهن
    ان هر هر ٿي ڦاڙيون
    صفا ڀوت
    مٽيءَ ۾ ڀڀوت
    ڏسڻ لڳو مون مايوس کي
    عجب مان
    ۽ لوڏڻ لڳو ڪنڌ
    ڪنهن سبب مان
    مان هيس چپ
    پر اکين ۾ اٽڪيل سوال
    مون نه ڳالهايو ان سان
    سوچيم ڇا فائدو
    ڳجهه جي ڳالهه سلڻ ڪنهن سان
    پر ان چيو مون کي
    “مان ڄاڻان ان ڳجهه کي
    ۽ ٻڌائڻ چاهيان ٿو توکي
    راز جيڪو توکي ڪنهن نه ٻڌايو
    ڪنهن نه سڻايو”
    مون ڏٺو ان ڏي تجسس مان
    “ها تون کول ان ڳجهه کي
    ان راز کي، ان رمز کي
    جيڪا آهي سبب مون لاءِ
    مايوسيءَ جو مونجهاري جو”
    ان چيو “ها... ته پوءِ ٻڌ”
    ان کان اڳ جو اهو چپ چوري
    ڳالهه کي سوري
    بس کي بريڪ لڳو
    گاڏي رڪجي وئي
    مون ڏٺو منهنجي منزل اچي وئي
    “افسوس... صد افسوس”
    مون چيو “منهنجو وقت ٿيو پورو
    مون کي آهي وڃڻو
    هيٺ ڌرتيءَ تي آهي لهڻو
    پوءِ مان اٿيس
    ۽ هيٺ لهي ويس
    اهو وکريل وارن وارو
    ميرن ڪپڙن وارو
    ڏسندو رهجي ويو حسرت مان
    ڦاٽل اکين سان
    حيرت مان.


    تير جو نشان

    ڳوٺ ڏي ويندڙ ڪچو رستو جيڪو پير جي پڌر وٽ ٿي کٽو، ان کان ٿورو اڳتي ايندڙ عمارت جي مٿاهين منزل تي پارٽيءَ جي آفيس هئي. آفيس ڇا هئي؟ هڪ پراڻي ڇڳل ڪرسي، ميري ميز، ٻه ڀڳل ٻانهن واريون بينچون، ڳوٺ جا واندا ۽ بيروزگار نوجوان اتي ويهي ٻيڙيون ڇڪيندا هيا ۽ سياست تي سمجهه کان ٻاهر ابتا سبتا بحث ڪندا هيا. ڪڏهن لطيف سامهون ڇڳل ڪرسيءَ تي ويهي ڳالهائيندو هيو ته ان کي هر هر پاسا ورائڻا پوندا هيا. انهن غريبن وٽ ايترا پئسا نه هيا جو ڪرسي واڻائي سگهن يا ڀڳل بينچن جي مرمت ڪرائي سگهن. آفيس هيٺان ڏاڪڻ وٽ ڪاٺ جو هڪ ٽرنگو تيز لڳل هوندو هيو، جنهن تي لکيل هوندو هيو “آفيس مٿي آهي.”
    ڳوٺ به ڇا هيو ڪل ملائي پنجويهه گهر هيا جيڪي ڄڻ جهان کان ڪٽيل هيا. اها آفيس لطيف جي قائم ڪيل هئي ۽ سڀ ڳوٺ وارا لطيف کي عزت جي نظرن سان ڏسندا هيا.
    لطيف پارٽيءَ جو پراڻو ڪارڪن هيو. جڏهن ڀٽو صاحب اقتدار ۾ هيو ته هن اٺ درجا پڙهي اسڪول ڇڏي ڏنو. اهو انڪري ته هاءِ اسڪول هن جي پهچ کان پري هيو. هڪ غريب هاريءَ جو پٽ هجڻ ڪري کيس ايترا پئسا نه هيا جو پري وڃي تعليم حاصل ڪري سگهي، هو ننڍڙي ڳوٺ جو سڀ کان وڌيڪ پڙهيل شخص هيو.
    ڀٽو صاحب جڏهن نئين ديري اچي کليل ڪچهري ڪندو هيو ته هو ڳوٺ جا مسئلا هڪ سادي ڪاغذ تي لکي ماڻهن جي هجوم ۾ بيهندو هيو. ڀٽو صاحب پاڻ پنهنجي هٿن سان ماڻهن کان درخواستون وٺي سيڪريٽريءَ کي ڏيندو هيو. هن کي خوشي ٿيندي هئي ڀٽي صاحب پنهنجن هٿن سان سندس درخواست ورتي آهي. هو ڀٽي صاحب جو مداح هيو ۽ تن ڏينهن پارٽيءَ ۾ هڪ ڪارڪن جي حيثيت سان شامل ٿيو.
    ڀٽي جي اقتدار کان پوءِ هن ضياءَ جي ڏينهن ۾ ڦٽڪا کاڌا ۽ ٻه مهينا جيل ويو. ايم آر ڊيءَ جي تحريڪ ۾ هڪ گولي سندس ٻانهن کي ڇُهندي زخمي ڪري وئي. هو ٻانهن ڏيکاري چوندو هيو “هيءُ نشان ڪنهن بيماريءَ کان بچاءَ جي ٽُڪي جو نه، پر گوليءَ جو آهي. جيڪڏهن بيماريءَ کان بچاءَ جو ٽڪو لڳندو آهي ماڻهو بيماريءَ کان پاڪ ٿي ويندو آهي ۽ هيءُ گوليءَ جو نشان ان ڳالهه جي گواهي آهي ته مان هاڻي گولين کان پاڪ ٿي چڪو آهيان، اهي هاڻي اثر نه ڪنديون.”
    لطيف پارٽيءَ جو سچو ڪارڪن هيو، هو وڏن ليڊرن جي پجيرن پويان ائين ڊڪندو هيو جيئن اڏامندڙ ڌوڙ ۾ کيس تازگيءَ جو احساس ٿيندو هجي.
    هن ڳوٺ ۾ اها آفيس بينظير جي شهادت کانپوءِ قائم ڪئي هئي. شهادت کان پوءِ ٽي مهينا بينظير جي مزار تي ويهي ڳوڙها ڳاڙيا هيا. جڏهن سامت ۾ آيو ته گهر جا ٽپڙ وڪڻي ان ڪچي رستي واري عمارت مٿان آفيس کولي، هن امام بخش ڊکڻ کان ديال جي ڪاٺ مان هڪ تير ٺهرائي ٽي رنگ ڀرايا ۽ اهو تير جيڪو پارٽيءَ جو نشان هيو اهڙيءَ جاءِ تي هڻڻ چاهيو جيئن سڀني جي نظرن سامهون هجي. ڳوٺ جي هڪ بزرگ لعل محمد کيس صلاح ڏني ته اهو هيٺ ڏاڪڻ وٽ لڳڻ گهرجي، ان جا ٻه فائدا ٿيندا. هڪ ته اهو پارٽيءَ جو نشان هوندو، ٻيو ته ان تير جي نوڪ اشارو ڪندي ته “آفيس مٿي آهي.”
    لطيف کي اها صلاح سٺي لڳي ڇو جو نه ته آفيس جو ڏس ڏيڻ لاءِ هن کي الڳ بورڊ ٺهرائڻو پوي ها ۽ بورڊ ٺهرائڻ جيترا پئسا هن وٽ نه هيا. هن ساڳي تير تي اهو لکرائي ته “آفيس مٿي آهي.” هيٺ ڏاڪڻ وٽ هڻائي ڇڏيو. اهي غريب ڳوٺاڻان جن وٽ کائڻ لاءِ ڪجهه نه هيو اهي پنهنجن اڳواڻن جا ڏک ونڊي کائيندا هيا. اليڪشن جي ڏينهن ۾ ڪڏهن ڪو اڳواڻ ڳوٺ ايندو هيو ته کين ڪوڙا دلاسا ڏئي گم ٿي ويندو هيو.
    لطيف ڳوٺ جا مسئلا درخواستن جي ڪفن ۾ ويڙهي اڳواڻن جي دفترن ۾ پوري ايندو هيو، نه اتي ڪڏهن ڪو اسڪول ٺهيو، نه روڊ پڪو ٿيو ۽ نه ڪنهن کي نوڪري ملي. اهي ڳوٺاڻا پوءِ به ووٽ ساڳي پارٽيءَ کي ڏيندا هيا. سندن سيني ۾ ڪڏهن پارٽيءَ لاءِ عزت گهٽ نه ٿي.
    عمر جي آخري ڏينهن ۾ لطيف جڏهن به آفيس ايندو هيو ته ڪاٺ جي تير تي نظر پوڻ سان کيس لڳندو هيو هر شيءِ پراڻي ٿي چڪي آهي. تير جو رنگ اس ۽ مينهن ۾ هلڪو ٿي اڍڙي چڪو هيو ۽ رنگ جي وٿين مان ڪاٺ ڪنهن پوڙهي جي گهنجن جيان ڏسبو هيو. اتي سائي ۽ ڳاڙهي رنگ جي روَ بچي هئي باقي ڪاري رنگ جي جهلڪ ۾ وڏو سوڳ سمايل هوندو هيو. لطيف ڏاڪڻ چڙهي مٿي ويندو هيو ته سندس ڏڪندڙ ڄنگهون جسم جو وزن جهلي نه سگهنديون هيون. هن جي پهچڻ سان اتي ويٺل اٿي کيس سهارو ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا هيا ۽ هو ڪنهن ڊٿل عمارت جيان ڇڳل ڪرسيءَ تي ڪِري پوندو هيو. آفيس جي ڀتين تي شهيدن جا فوٽو ائين لڳل هوندا هيا جيئن انهن مان تازو رت وهي ڀت تي رڙهندو هجي.
    لطيف جي ڪيترن ڪوششن باوجود انهن ڳوٺاڻن جو آواز ڳوٺ جي سرحدن کان پار پهچي نه سگهيو. هڪ دفعي مرڪزي آفيس جو عهديدار ڳوٺ جي دوري تي آيو ۽ ان ڏهه هزار روپيا آفيس جي مرمت لاءِ ڏيڻ جو واعدو ڪيو پر اهڙي امداد گهڻو وقت گذرڻ کانپوءِ به ڳوٺ نه پهتي.
    نيٺ لطيف گذاري ويو. هن جي جنازي ۾ ڳوٺ وارن کانسواءِ ڪو به شريڪ نه ٿيو. لطيف جو موت ڳوٺ وارن لاءِ الميو هيو، انهن جو محبوب اڳواڻ دنيا مان موڪلائي ويو هيو. انهن جي دل ۾ لطيف لاءِ عقيدت ۽ پيار هيو. سندن خواهش هئي ته هو پنهنجي ان اڳواڻ کي سٺي طريقي دفنائي سگهن. لطيف جي مڙهه کي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. غريب ڳوٺاڻن وٽ ايترا پئسا نه هيا جو سندس قبر کي پڪو ڪرائي مٿان قطبو لڳرائي سگهن. ٻي ڪا واهه نه ڏسي ڳوٺاڻن آفيس هيٺان ڏاڪڻ وٽ لڳل ڪاٺ جو تير پٽي، ان کي سڌو ڪري قبر تي کوڙي ڇڏيو. تير تي لکيل هيو.
    “آفيس مٿي آهي.”




    (مرڪزي خيال ورتل)


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 901
    ڪتابن جو مشاهدو: 2770727
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 710844
    2020 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ