ڪتاب جو نالو: کُليل دَري
مصنف: رسول ميمڻ
ڇپائيندڙ: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2020
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 21 اپريل 2020 ع
پڙهيو ويو: 608 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 178 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
. ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار رسول ميمڻ جي ڪھاڻين جو مجموعو آھي. خليق ٻگهيو ھڪ ھنڌ لکي ٿو:
”رسول ميمڻ جي ڪهاڻين ۾ عجيب مزي جھڙيون ڳالھيون آهن، جنھن کي اسان “فئنٽسي” چئون ٿا. سريئلسٽڪ تخليقڪارن جيان رسول ميمڻ جي ڪھاڻين ۾ انساني حياتيءَ جي مختلف اسرارن، غيبن يا ڳجهن کي دريافت ڪرڻ جي ڪوشش نظر اچي ٿي، جنهن کي ادبي اصطلاح ۾ “Mystery” چيو وڃي ٿو. ويريسٽڪ سرئيلسٽڪ اسٽائيل ۾ هو پڙهندڙ کي خوابيدہ دنيا ڏانهن مدعو ڪري ٿو. خوابن جي تضادن کي خوبصورتيءَ سان عڪس بند ڪري ٿو ۽ سلوا ڊور ڊالي جيان ڦٽل تصورن کي بہ فئنسٽي انداز ۾ پينٽ ڪري ٿو، جيئن پڙهندڙ تحت الشعور مان فيضياب ٿي سگهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سڀ حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • ڪهاڻيون

  • موت کان پوءِ لکيل ڪهاڻي
  • خوشيءَ جي ڳالهه
  • ڊميون
  • ٻاجهه ۽ ٻاجهر
  • ڊفينس ايڪسپو
  • کُليل دَري
  • سرد خانو
  • سائڪياٽرڪ وارڊ جو ڪتو
  • گٽر تي ويٺل ڀڳوان
  • ڏاند جون اکيون، گهوڙي جا ڪن
  • گواهه جيڪو مجرم هيو!
  • هڪ ڪامريڊ جو موت
  • مئل ڪير آهي؟

  • سڀ حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو : کُليل دَري
    موضوع : ڪهاڻيون
    ليکڪ : رسول ميمڻ
    ڪمپوزنگ : خادم حسين جروار
    سال : 2020ع
    ڇپائيندڙ : ڊجيٽل پبلشنگ هائوس
    ٽنڊوالهيار
    0307-3157667
    ڊجيٽل ايڊيشن : 2020ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    books.sindhsalamat.com



    Kholiyal Dari

    Writen by : Rasool Memon
    Composed by : Khadim Hussain jarwar
    Year : 2020
    Published by: Digital Publishing House
    Tando Allahyar
    Jarwar1994@gmail.com


    ھيءُ ڪتاب ڊجيٽل ايڊيشن جي صورت ۾ محمد سليمان وساڻ، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ڪراچيءَ پاران پڌرو ڪيو.


    ارپنا

    ڳوٺ ڏانهن ويندڙ
    پيچري جي پاسي
    اُن ويران ۽ خشڪ کوهه جي نالي
    جنهن ۾ ڳوٺاڻا
    مُئل اُٺ اُڇليندا هيا


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”کُليل دري“ اوهان اڳيان پيش آهي. ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار رسول ميمڻ جي ڪھاڻين جو مجموعو آھي. خليق ٻگهيو ھڪ ھنڌ لکي ٿو:
    ”رسول ميمڻ جي ڪهاڻين ۾ عجيب مزي جھڙيون ڳالھيون آهن، جنھن کي اسان “فئنٽسي” چئون ٿا. سريئلسٽڪ تخليقڪارن جيان رسول ميمڻ جي ڪھاڻين ۾ انساني حياتيءَ جي مختلف اسرارن، غيبن يا ڳجهن کي دريافت ڪرڻ جي ڪوشش نظر اچي ٿي، جنهن کي ادبي اصطلاح ۾ “Mystery” چيو وڃي ٿو. ويريسٽڪ سرئيلسٽڪ اسٽائيل ۾ هو پڙهندڙ کي خوابيدہ دنيا ڏانهن مدعو ڪري ٿو. خوابن جي تضادن کي خوبصورتيءَ سان عڪس بند ڪري ٿو ۽ سلوا ڊور ڊالي جيان ڦٽل تصورن کي بہ فئنسٽي انداز ۾ پينٽ ڪري ٿو، جيئن پڙهندڙ تحت الشعور مان فيضياب ٿي سگهي. رسول ميمڻ جون اڪثر ڪھاڻيون پڙهندي آئون اهو محسوس ڪندو آهيان تہ ڄڻ آئون ڪي خواب ڏسي رهيو آهيان ۽ انھن خوابن ۾ منهنجا ماضيءَ جا تضاد ۽ مونجهارا آهن ۽ ڪي خوبصورت خواهشون آهن، جن کي زماني جي ستم ظريفيءَ ۽ رسمن جي شدت دٻائي ڇڏيو هو ۽ ڪھاڻيون پڙهندي، محسوس ٿيندو آهي تہ مختلف تضادن وارا تصور پنهنجي تحت الشعور مان ورق ورق ڪڍي اُٿلائي رهيو آهيان ۽ ائين منهنجي لاشعور مان ”تصورن جو بارُ“ هلڪو ٿي رهيو آهي.
    ھي ڪتاب ڪنھن بہ اداري پاران ڪتابي شڪل ۾ ڇپيل ناھي پر رسول ميمڻ صاحب قرب ڪري ڪمپوز ڪرائي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ آنلائين اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو آھي، جنھن لاءِ سندس ٿورائتا آھيون. ھن ڪتاب جي ڪمپوزنگ خادم حسين جروار ڪئي آھي. سنڌ سلامت ڪتاب گهر ذريعي اسان ڪوشش ڪئي آھي تہ سنڌي ادب ۽ سنڌي لکڻين کي انٽرنيٽ ذريعي سڄي دنيا جي سنڌين تائين پھچايون. ان سلسلي ۾ ڪيتري ڪاميابي ملي آھي ۽ اڳتي ڇا ۽ ڪيئن ڪرڻ گهرجي؟ ان لاءِ اوھان سڄڻن جي رھنمائي ۽ مدد جي ضرورت آھي.

    ساٿ سدائين قائم ..... سنڌ سلامت ساٿ سلامت



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ڪهاڻيون

    موت کان پوءِ لکيل ڪهاڻي

    توهان شايد يقين نه ڪريو، پر سچ ٿو چوان، اها ستاويهه جنوريءَ جي سرد رات هئي جڏهن منهنجو موت ٿيو. مان مري چڪو آهيان. منهنجي مرڻ جو سبب ان رات ڪالاپل وٽ ٿيل حادثو هيو. ان حادثي جو سبب لزا هئي.
    شايد خدا جي قدرت هئي، منهنجو مقدر يا ڪو آسيب. مون جڏهن به ڪو ڊرائيور رکيو ته ساڻس عجيب ويڌن ٿي. اهو گاڏي هلائيندو هيو ته مان ان سان اڳين سيٽ تي ويٺل هوندو هيس. ان جي ڀڪ ۾ ويهي، سامهون ۽ پاسن کان لڳل شيشن ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڏسندو رهيو هيس. ٿورو به غافل ٿيندو هيس ته گاڏي ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ويندي هئي، وري جڏهن ڌيان سان شيشن ۾ ڏسڻ لڳندو هيس ته ڄڻ گاڏي ڊرائيور جي ڪنٽرول ۾ اچي ويندي هئي. مونکي محسو ٿيندو هيو، ڊرائيور کي اکيون نه آهن اهو منهنجي اکين سان ڏسي رهيو آهي.
    مون گذريل ڪجهه سالن اندر ڪئي ڊرائيور تبديل ڪيا. سڀني سان ساڳي ويڌن ٿي. انهن وٽ تصديق ٿيل ڊرائيونگ لائسنسز هيا. کين گاڏي هلائڻ جو تجربو هيو، پر پوءِ به اهي غلطي ڪري ويهندا هيا.
    لزا کي روڊن تي ڳولهيندي جڏهن به اکيون هٽائيندو هيس ته ڊرائيور انڌو ٿي ويندو هيو. مان ننڍپڻ کان ڏاڍو حساس ۽ ڊنل رهيو آهيان. ننڍي هوندي سئي هڻائڻ ۾ خوف محسوس ٿيندو هيو. پنجن سالن جو هيس ته اڻويهن سالن جي اها ويڪسينيٽر وڻندي هئي جنهن جي ڪاري پيٽيءَ ۾ کير جهڙي اڇي ڪپهه اندر هڪ شفاف سئي ويڙهيل هوندي هئي. ان جو معصوم چهرو نور سان ڀريل هوندو هيو. جڏهن ٽڪا هڻڻ گهر ۾ داخل ٿيندي هئي ته مان رنڌڻي ۾ لڪي پوندو هيس. مون کي گهلي ان سامهون آڻيندا هيا، شرم کان اکيون هيٺ هونديون هيون. جڏهن ٻانهن وٽان قميص مٿي ڪندا هيا ته منهنجو ڪمزور ڏورو ائين هوندو هيو ڄڻ هڏي تي کل چڙهيل هجي. اها احتياط سان سئي هڻندي هئي ۽ مان محسوس ڪندو هيس سئي لڳڻ کان سئي هڻائڻ جو احساس وڌيڪ ڀوائتو آهي. مان اصل کان غمگين ۽ اداس رهيو آهيان، مونکي ان اداسيءَ جو سبب ڪڏهن سمجهه ۾ نه آيو. منهنجو پيءُهڪ ارڏو ۽ بي باڪ شخص هيو. ماءُ هڪ مسڪين ۽ ٻاجهاري عورت هئي. منهنجي طبيعت تي ماءُ جو اثر هيو. ڪڏهن محسوس ٿيندو هيو. منهنجي چهري مٿان ماءُ جو چهرو چڙهيل آهي. مان هڪ حساس دل عورت آهيان.
    مون کي ڊرائيور ان ڪري رکڻو پيو جو گاڏي هلائي نه سگهندو هيس. مون کي ڊپ ٿيندو هيو. مون وٽ خود اعتماديءَ جي ڪمي هئي. هڪ ٻه دفعا ڪوشش ڪئي هئي ته گاڏي هلايان پر پيشانيءَ تي پگهر اچي ويو، چپ سڪي ويا ۽ گلو خشڪ ٿي ويو هيو. محسوس ڪيو هيم گاڏي قابوءَ مان نڪري ويندي ۽ ڪنهن وڏي نقصان ۾ پئجي ويندس.
    لزا سان منهنجي محبت ايڏي پراڻي نه هئي، پر محسوس ٿيندو هيو اها مون سان هرپل رهي هجي، ان وقت کان جڏهن مان اڃان کيس ڏٺو به نه هيو، لڳندو هيم ڪا اهڙي خوبصورت ڇوڪري آهي جيڪا ڪٿي منهنجي انتظار ۾ آهي. لزا نيپئر روڊ جي آخري سِري تي جتي وڪٽوريا بيهنديون آهن، پٿر جي پراڻي عمارت ۾ رهندي هئي. ان عمارت جو هر پٿر دونهي ۾ ڪارو ٿي چڪو هيو، سندس تعلق اهڙي گهراڻي سان هيو جيڪو مغلن جي دور کان اتي آباد هيو، جنهن عمارت ۾ ڪنهن وقت هڪ رات جي ڪچن ڌاڳن سان پڪا راڳ ڳائي محفلون مچايون وينديون هيون. لزا ان ڪاري پٿر جي عمارت جي هڪ سوَ ستٽيهين نسل جو تخم هئي. بلڪل مختلف، هڪ يونيورسٽي گرل جيڪا سوشيالاجيءَ جي شاگرد هئي. لزا وٽ پنهنجيون سوچون هيون. پنهنجا احساس هيا. مون کيس يقين ڏياريو.
    “لزا پيار اڳيان معاشري ۾ ڪنهن به ڪلاس جي ڪا اهميت نه آهي. پيار ڪنهن به تفريق بنا هر سوسائٽيءَ ۾ موجود رهي سگهي ٿو.”
    لزا پنهنجين آڱرين کي مهٽڻ لڳي، سندس وڌيل ننهن ائين هيا جيئن آڱرين جي سِرن تي چنڊ چڙهيل هجن.
    هن چيو “مان محبت ڪري به، انڪري نه ٿي ڪري سگهان جو محبت هڪ بي نانءُ شيءِ آهي.”
    “پر لزا” مون چيو “توکانسواءِ زندگي ائين هوندي جيئن يادن بنا سوچون”
    لزا هلي وئي. لزا جنهن مون کي پنهنجا چپ ان شرط تي چمڻ ڏنا هيا ته مان چُمين جي قيمت عيوض ڪنهن به پيار جو ڍونگ ڪري کيس متاثر ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪندس. ضروري نه آهي ڪنهن به ڀاڪر کان پوءِ اهو روائتي جملو ورجهائجي جنهن جو مطلب آهي. “توسان پيار ڪيان ٿو.” لزا کري عورت هئي.
    ان پيار کي ايترو سستو نه سمجهيو هيو جو هڪ ڀاڪر عيوض خريد ڪري سگهجي. هڪ دفعي لزا چيو هيو “همبستري مانيءَ ڳڀو آهي. ڇو جو اهي سڀ ضرورت جي دائري ۾ اچن ٿا.”
    مون کيس سمجهايو هيو “لزا پيار چڻنگ آهي، چڻنگ دکي، دکائيندي آهي، تون پيار کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪر”
    مون کي هاڻي اهي ڀاڪر ياد آهن جيڪي لزا کي پاتا، هوءَ يونيورسٽي ڇڏي هلي وئي. مان کيس ڳولهيندو رهيس. کارا در کان مٺو در، دربدر، نيٽي جيٽي، بندر ڪيٽي، چورنگيون، چاڪيواڙا، ڪياماڙي، پٽيل پاڙا، گلشن ملير، مائي ڪولاچي، پوري ڪراچي، روڊ سان بيٺل هر خوبصورت عورت ڏسندو هيس ته متان لزا نه هجي. گاڏي هلندي جڏهن به پري منهن ڪري نهاريندو هيس ته گاڏي ڊرائيور جي قابوءَ مان نڪري ويندي هئي.
    مون پنهنجي موت کان ٽي مهينا پهريون ڊرائيور بدلايو هيو. الهرکيي کي ڊرائيور رکيو هيم. الهرکيي کي اکين جي چڪاس لاءِ ڊاڪٽر وٽ وٺي ويم، ڊاڪٽر الهرکيي جون اکيون تپاسيون ۽ چيو “الهرکيي جون اکيون بلڪل ٺيڪ آهن، اهو اوري ۽ پري صحيح ڏسي سگهي ٿو.”
    الهرکيي به ٻڌايو “اجايو وهم ٿا ڪريو، مون ويهه سال روڊن تي گاڏي هلائي آهي. ڪڏهن به تِر جيترو نقصان نه ٿيو.”
    مون کي اعتبار نه آيو. مون الهرکيي کي هڪ ڪاري بورڊ اڳيان ويهاريو ۽ چاڪ سان بورڊ تي ٽبڪو هڻي پڇيو “الهرکيا توکي اڳيان ڇا ٿو نظر اچي؟”
    “سائين ٽبڪو ٿو نظر اچي” الهرکيي جواب ڏنو.
    مون کيس ڪاوڙ مان ڏٺو ۽ چيو “ڇڙو ٽبڪو ٿو نظر اچي، باقي هيڏو وڏو ڪارو بورڊ نظر نه ٿو اچي؟”
    الهرکيو صفا وسامجي ويو ۽ وائڙن جيان مون ڏانهن ڏسڻ لڳو، دراصل مون اهو الهرکيي سان ڄاڻي واڻي مذاق ڪيو هيو جيئن کيس ڏسڻ جو قدر ٿئي. مون کي پڪ هئي ته الهرکيو بلڪل ٺيڪ آهي. اهو چڱيءَ طرح ڏسي سگهي ٿو، پر جڏهن ان گاڏي هلائي ته سڀ ڪوڙ ثابت ٿيو.
    مان ان سان اڳين سيٽ تي ويٺل هيس. گاڏي صفورا چورنگيءَ کان يونيورسٽي روڊ تي آئي ته موسميات وٽ مون نظرون هٽائي جيئن فٽ پاٿ تي بيٺل هڪ لزا جهڙي عورت کي ڏسڻ شروع ڪيو ته گاڏي الهرکيي جي هٿن مان نڪري وئي.
    “ڏٺئي” مون ڪاوڙ مان چيو “ائين ئي ٿيو جنهن جو مون کي شڪ هيو.”
    الهرکيو گگ مگ ٿي ويو.
    “صاحب يقين ڪر” هن چيو “مون سان زندگيءَ ۾ ائين ڪڏهن نه ٿيو.”
    هڪ دفعي جڏهن بندر روڊ تي وڃڻو هيو. گاڏي جيل چورنگيءَ وٽ پهتي. بهادر آباد ويندڙ روڊ وٽ مونکي لزا جهڙي عورت نظر آئي، جيئن ڪنڌ ورائي ڏٺم. الهرکيي کان هينڊل تين هٽيءَ واري روڊ طرف مڙي ويو. مون ڪنڌ سڌو ڪري رڙ ڪئي. “اڙي الهرکيا، ايڏانهن ڪيڏانهن؟”
    منهنجيءَ رڙ تي الهرکيي کي هوش اچي ويو ۽ ان گاڏي گرومندر واري رستي کان ڦيري نمائش چورنگيءَ تي آندي.
    ٿي سگهي ٿو توهان منهنجيءَ ڳالهه کي ڪوڙ سمجهندا هجو. پر مان لزا جو قسم کڻي چوان ٿو ته اهو سڀ سچ آهي. مون زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪوڙ نه ڳالهايو آهي. مون کي ڪا خبر نه آهي ته ڪوڙ ڇا ٿيندو آهي. ننڍي هوندي جڏهن سڀ ٻار اسڪول ۾ ڪوڙ ڳالهائيندا هيا ته مون سچ ڳالهائي ماسترن جون مارون کاڌيون ۽ جڏهن هاڻي مان دنيا ۾ موجود نه آهيان. توهان کي ٻڌائيندو هلان ته مرڻ کان اڳ سچ ڳالهائڻ عيوض مون کي نوڪريءَ مان چار دفعا اهو چئي ڪڍيو ويو ته “تون جاهل ۽ نڪمو آهين، تنهنجي ڪري سڄي آفيس جو ماحول خراب ٿي ويو آهي.”
    مان ڇا ڪيان؟ سچ ڳالهائڻ منهنجي عادت هئي، ائين جيئن نماز پڙهڻ ڪنهن جي عادت هوندي آهي. مان عادت جي ڳالهه ڪريان ٿو، عبادت جي نه. عادت ۽ عبادت ۾ فرق آهي.
    اها ستاويهه جنوريءَ جي سرد رات هئي جڏهن مان الهرکيي سان ڊفينس وڃي رهيو هيس. الهرکيو گاڏي هلائي رهيو هيو ۽ منهنجيون نظرون شيشن ۾ کتل هيون. گاڏي روڊ تي شرراٽ ڪندي پئي وئي. هر طرف سڃ جو احساس هيو. روڊن تي گاڏيون گهٽ هيون. مان بت بڻيو سيٽ تي ويٺو هيس ۽ پٿر جهڙين سخت اکين سان ڪنڌ هڪ هنڌ ڪري ڏسي رهيو هيس. گاڏي جڏهن ڪالاپل وٽ پهتي ته اوچتو ويراني ۾ هڪ عورت بيٺل نظر آئي. ڪراچيءَ جي ويران روڊن ۽ پلين تي رات جو اڪثر وشيائون بيٺل هونديون هيون، جيڪي گاڏيءَ کي هٿ ڏئي ان ۾ چڙهي پونديون هيون، مون غور سان ڏٺو، اها لزا هئي، سندس چپن تي تيز سرخي لڳل هئي. ناسي وار ڪلهن تي لڙڪي رهيا هيا. ڪپڙا تنگ هجڻ ڪري جسم جو هر انگ نمايان هيو. گاڏي جيئن ويجهو پهتي ته ان بازاري عورت جيان هٿ ڏئي چپ گول ڪري چُمي هوا ۾ اڇلائي، مان ڪنڌ ورائي ان کي ڏسندو رهيس، گهڙي نه گذري ته ڌماڪو ٿيو، گاڏي ٽڪرائجي وئي، الهرکيو بچي ويو، مان مري ويس.


    خوشيءَ جي ڳالهه

    جناح اسپتال جي ڊاڪٽر اڪرم هن کي بائپولر سائڪوسس جو مريض قرار ڏنو. کيس چيو ته “ان بيماريءَ جو سبب زندگيءَ جا حادثا آهن، جيڪي وقت بروقت ٿيندا آيا. انهن حادثن جو ئي سبب آهي جو هن کي کِل ۽ روئڻ جا دورا پئجي رهيا آهن.”
    ڊاڪٽر کيس صلاح ڏني ته “هو تفريح ڪري، سٺا ڪتاب پڙهي، دوستن سان گڏ رهي، پراڻا فلمي گانا نه ٻڌي، اهو فل سوٽ جيڪو پندرهن سال پهريون، بيوفا مديحا جي شاديءَ ۾ پائي ويو هيو، باهه ڏئي ساڙي ڇڏي. هر سال ڪمري کي نئون رنگ ڪرائي ۽ ڪوشش ڪري روز ڏاڙهي ڪوڙي، خدا ۾ يقين کي پختي ڪرڻ لاءِ ڏاڙهون کائي ۽ سوچي ته ان ۾ داڻا ڪيئن سمايل آهن.”
    ڊاڪٽر اڪرم هن کي چئن قسمن جون گوريون لکي ڏنيون ۽ چيو ته “انهن مان هڪ قسم جون صبح، ٻئي قسم جون منجهند، ٽئين قسم جون رات ۽ چوٿين قسم جون تڏهن کائي جڏهن کيس خدشو هجي ته کل جو دورو اڻٽر ٿي ويو آهي ۽ اهو ڪنهن وقت به حاوي ٿي سگهي ٿو.”
    گذريل ڪجهه سالن کان هن سان عجيب ويڌن هئي، طبيعت ۾ سانت کانپوءِ اوچتو کِل جو دورو ٿي پيو. کِل جو ختم نه ٿيندڙ دورو جيڪو شروع ٿي ٿيو ته رڪجڻ جو نانءُ نه پئي ورتو. ان خوف کان ته ماڻهو کيس چريو نه سمجهن هو اها سڃاڻپ ڪندو هيو ته جڏهن کيس کِل جو دورو پوڻ وارو هوندو هيو، هو ڀڄندو واش روم ۾ ويندو هيو ۽ اتي ڪموڊ تي ويهي کِل جو انتظار ڪندو هيو. جيئن ئي کيس کِل جو دورو پوندو هيو ته هو ضابطي کان ٻاهر نڪري ويندو هيو. هڪ دفعي هو مسلسل هڪ ڪلاڪ واش روم ۾ کلندو رهيو. ٻاهران هر حاجتمند در کڙڪائي هليو پئي ويو. جڏهن هڪ حاجتمند در کڙڪايو ۽ اندران کيس کِل جو آواز آيو ته ان سمجهيو شايد اندر ويٺل هن کي چريو ٿو سمجهي، ان ڪاوڙ مان در کي لت هنئين. اندر کِل بند ٿي وئي. در کي لڳندڙ لت ڪري هن جي وجود جو شيشو ڀڄي پيو ۽ کِل نڪري وئي.
    ماڻهو کيس چريو نه سمجهندا هيا ڇو جو هن چريائپ کي لڪائڻ لاءِ هڪ سياڻپ ڪئي هئي. اها سياڻپ اها هئي ته هو اڳ ۾ ئي ٻئي کي چريو چئي ڇڏيندو هيو.
    هڪ دفعي باس جي سس گذاري وئي، آفيس وارن سان گڏ جڏهن باس سان تعزيت ڪري رهيو هيو ته هن کي کِل اچي وئي. هن شڪر ڪيو ته اها کِل هئي، کِل جو دورو نه هيو، ماڻهو کِل برداشت ڪري سگهي ٿو، کِل جو دورو دل جي دوري کان گهڻو مختلف نه آهي. ڇو جو ٻنهي ۾ ساهه منجهندو آهي. کِل جي دوري ۾ ٻاهر ساهه منجهندو آهي ۽ دل جي دوري ۾ اندر ساهه منجهندو آهي. هن شڪر ڪيو باس اکيون ٻوٽي دعا گهري رهيو هيو. اکيون کولي دعا گهري ها ته هن جي نوڪري سلامت نه هجي ها. ٻاهر نڪري هن جي هڪ ساٿيءَ سوال ڪيو.
    “تعزيت وقت دعا گهرندي هو ڇو کليو؟”
    هن وراڻيو “دراصل مان روئڻ پئي چاهيو، پر روئڻ جي حسرت وڌي وڃي ته اها کل ۾ تبديل ٿي ويندي آهي.”
    ڳالهه تي هن جو ساٿي مرڪيو، ڇو جو ماڻهو مرڪندو تڏهن آهي جڏهن کيس نه کِلڻو هوندو آهي، نه روئڻو.
    هن ڊاڪٽر اڪرم جي صلاحن تي عمل ڪيو. هڪ مزاحيا فلم ڏٺي ۽ صفا نه کليو. هن اهو فل سوٽ جيڪو پندرهن سال پهريون مديحا جي شاديءَ ۾ پاتو هيو ان کي هڪ خالي پلاٽ ۾ باهه ڏئي ساڙيو ته کيس دونهي مان بيوفائيءَ جي بوءِ آئي. فل سوٽ جي کيسي مان اهو آخري الوداعي خط ڪڍڻ هن کان وسري ويو، جنهن ۾ اهو لکيل هيو ته “معاف ڪجانءِ پياري مان فل سوٽ، بغير ٽاءِ جي انڪري پائي آيس ته منهنجو اهڙو عمل گواهي ڏئي ته اها جاءِ ڳچيءَ چوڌاري اڃان به خالي آهي جتي تنهنجين ٻانهن کي ٽاءِ جيان ڪنڌ جي حصار ۾ ويڙهي نه سگهيس.”
    هو خط کيسي ۾ اهو سوچي وجهي آيو هيو ته جڏهن مديحا بند لفافو وٺندي ته هو کيس اهو الوداعي لفافو ڏيندو ۽ هوءَ پڙهي پڪ ڪندي ته مان هاڻي صفا هٿ کڻي ويو آهيان. ڇو جو مون کيس ٽاءِ سان تشبيهه ڏئي ان کي سوٽي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي. الوداع مديحا، حسرت هوندي ته قيامت کانپوءِ جنت ۾ ملنداسين. جتي مون کي تنهنجي ضرورت محسوس نه ٿيندي. ڇو جو اتي سڀ خواهشون انڪري فنا ٿيل هونديون جو خواهشن کان پهريون هر حسرت جو پورائو ٿي ويندو. مهرباني ڪري ستر حورن جو ذڪر پنهنجي ذهن ۾ نه آڻجانءِ.
    هو کِلي ٿو ۽ کِل دوري ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي. هن جي وات جون ڄاڙيون ڪتي جي ڄاڙين ۾ تبديل ٿي چڪيون آهن، ڪوشش ڪري ٿو “هڪل” ڏئي کِل کي روڪي سگهي. ڄاڙيون هن جي وس نه آهن. کِل جون لهرون پيرن وٽان پيدا ٿي، مٿي جسم تي چڙهنديون، ڄاڙين وٽ اچن ٿيون ۽ کِل جي صورت ۾ خارج ٿين ٿيون. وري ٻيون لهرون اڀرن ٿيون... وري ٻيون لهرون... ۽ وري ٻيون لهرون.
    اندر ئي اندر سوچي ٿو “ڌوڙ پئي آهي ڊاڪٽر اڪرم کي”
    چڱو ٿيو اهو آچر جو ڏينهن هيو ۽ ايڏي شدت سان کِل جو دورو پيو هيو. جيڪڏهن موڪل جو ڏينهن نه هجي ها ته کيس وڏي خواريءَ کي منهن ڏيڻو پوي ها. آفيس ۾ ڪير کِلي ها مرڪندڙ چهرن جي سامهون.
    ان آچر واري ڏينهن جڏهن کل جو دورو بند ئي نه پئي ٿيو ته کيس محسوس ٿيو. ڇڙو هو نه کلندو هجي پر هن جي تصور ۾ سڀ کلندا هجن. ٽائپسٽ هڪڙو، جيڪو صفا هلڪڙو هيو، گهمندو هيو، لڳندو هيو جادوءَ جي ننڍي ڪوٽ ۾ سنهڙو ماڻهو اڏرندو هجي. ڊسپيچر محمد بخش جنهن ٽهڪ پئي ڏنا ته پنا پئي اڏريا. پٽيوالو محمد قائم، جيڪو پنهنجي ان ڳالهه تي قائم هيو ته “صاحب چانهه اهڙي پيئاريندو مانءِ جو گهرواري وسري ويندئي.”
    هو کِلي کِلي سوچي ٿو، ڀلا گهرواريءَ جو چانهه سان ڪهڙو تعلق؟ ان جو تعلق مڙس سان هوندو آهي ۽ مڙس چانهه انڪري پيئندو آهي جيئن گهرواريءَ سان تعلق برقرار رهي. ڪير سمجهائي پٽيوالي قائم کي، جنهن هڪ دفعي آفيس جي ڀت تي بيڪار اکرن ۾ اهو لکي هنيو ته “نماز قائم ڪيو.”
    هو کِلندو رهيو ۽ دل ۾ ڊاڪٽر اڪرم کي لعنت ملامت ڪندو رهيو ته شايد غلط دوائون لکي ڏنيون ۽ انهن جو سائيڊ افيڪٽ ٿيو جو هن جي کِل وڌي وئي. هن اهي چوٿين قسم جون گوريون به کاڌيون هيون جيڪي ڊاڪٽر اڪرم ان تنبيهه سان ڏنيون هيون ته جڏهن کيس کِل جو دورو پوڻ محسوس ٿئي ته اڳ ۾ ئي کائي ڇڏي. اهي گوريون کائڻ کانپوءِ کيس محسوس ٿيو. گلابي رنگ جون گوريون آنڊي ۾ وڃي اتان سڄي جسم ۾ گلابي رنگ جيان ڦهلجي ويون آهن. هن کي لڳو ڏک جو منحوس چهرو گلابي رنگ جو رئو پائي پلنگ تي ڪنوار جي روپ ۾ ويٺل آهي. زندگيءَ ۾ پهريون دفعو هن جي شادي ٿي آهي، ڇو جو هو ڪنوارو هيو ۽ مديحا جي بيوفائيءَ کانپوءِ کدڙو ٿي چڪو هيو. هن جا خصيا اهڙا ته نرم ٿي چڪا هيا جيئن اکين جا ٻه ڳوڙها لڙڪندا هجن.
    هن پاڻي پيئڻ جي ڪوشش ڪئي پر پاڻي پي نه سگهيو، کيس سانجهيءَ تائين کِل جو دورو مسلسل هلندو رهيو، هو منجهند جي ماني کائي نه سگهيو. رات ٿي وئي ۽ رنڌڻيءَ جي ڪنيءَ مان ڪوآواز آيو.
    هو ڪنڊن پاسن، پڌر ۽ رنڌڻي کان واش روم، هڪ ڀت کان ٻئي ڀت، ڪمري کان ڪمري، بستري ۾ ليٽي ۽ وهاڻن ۾ منهن لڪائي ايڏو ته کِليو جو کِل کان هن جي وهندڙ ڳوڙهن ۾ چادرون ائين آليون ٿي ويون جيئن هن انهن تي پيڙائن سان ريپ ڪيو هجي.
    هن سوچيو، کِل جي دوري مان جان ڪيئن ڇڏائجي، اهو سوچي هن زندگيءَ جا ڏک ياد ڪرڻ شروع ڪيا. ڀوڳنائون، ذلتون، ملامتون جيڪي کيس زندگيءَ ۾ نصيب ٿيا.
    درد جو سبب صرف مديحا ئي ته نه هئي. مديحا درد جو ننڍو مثال هئي. مديحا سان مشابهه ڪيتريون بيوفائيون زندگيءَ جي راهن تي وار کولي بيٺل هيون. هن ياد ڪيو، سندس زندگي ڏکن سان ائين ڀريل هئي جيئن پاڻيءَ جي دلي ۾ وڌيڪ جاءِ نه هجي. ننڍي هوندي سندس ماءُ مري وئي ته گهر جي اڱڻ ۾ لڳل ناز بوءِ جون ڏانڊيون وڏيون ٿي ويون. مٿان بيٺل نم سڄو ٻور ڇاڻي ڇڏيو. کٽ تي پيل جنازي ڀرسان پڃري اندر طوطو بيقراريءَ مان هيڏانهن هوڏانهن وکون کڻي رهيو هيو، جيئن اهو به دري کلڻ جي انتظار ۾ هجي ۽ اڏامي ويل پاڇي پويان اڏرڻ جي جستجوءَ ۾ هجي. جيڪر هو به ماءُ سان گڏ مري سگهي ها، هن جي پيءُ ٽن مهينن اندر ٻي شادي ڪئي. هن ياد ڪيو. پيءُ جي لڳندڙ ٿڦن ڪري ڳٽن وٽ سنهين سئين جو احساس، اکين ۾ ڳوڙها، وات مان اڏرندڙ ٿڪ، يتيميءَ جو احساس، ماٽيلي ماءُ کجيءَ جي ٿڙ جهڙي هوندي آهي. پيءُ کي ياد ڪري هو کِل ۾ ٻڏي ويو، سندس پيءُ چپ مٿي ڪري مڇن جو جائزو وٺندو هيو، دنيا عجيب تماشو آهي. هر ماڻهوءَ جو قد ننڍو ۽ مٿو وڏو آهي.
    هو کِلندو رهيو۽ کِل جي دوري ڪٿي به ڪو رڪجڻ جو اشارو نه پئي ڏنو. ماڻهوءَ جا درد دفتر جا پنا آهن، درد اهڙي باهه آهي جنهن ۾ زندگيءَ جا ڪارا چٺا سڙن ٿا. درد اسان جي وجود جا فائيل صاف ڪري ٿو جيئن انهن ۾ پڇتاءَ جو غير قانوني مواد نه هجي، پر دردن جي رک هر شيءِ کي ڪارو ڪري ڇڏي ٿي. درد آسيب آهي جيڪو ماڻهوءَ ۾ سمائجي ٽهڪ ڏئي ٿو.
    سٺو ٿئي ها ننڍي هوندي سوٽ سان شادي ڪري ڇڏي ها، گهٽ ۾ گهٽ مديحا جو منهن ته ڏسڻو نه پوي ها. هن جي مٿي تي ڪڏهن ڪنهن شفقت جو هٿ نه ڦيريو جنهن ڪري سندس وار سدائين وکريل هيا. ماما ننڍي هوندي دفن ٿي ويا. چاچا جهڙا هيا تهڙا نه هيا، ڇو جو اهي سندس پيءُ جا ڀائر هيا، خيراتي اسڪول ۾ پڙهندي کيس محرومين جو احساس ايڏو ته وڌي ويو جو فيصلو ڪيائين ته ڪا به شيءِ خيرات ۾ نه گهرندو ۽ کسي وٺندو. هن ۾ هوڏ اچي وئي. اندر جي ان احساس کان ته جيڪي آهي کسجي نه وڃي. هن ۾ حسد، ساڙ ۽ بغض جنم ورتو.
    جڏهن يارهن سالن جو هيو ته کيس جنسي تشدد جو نشانو بنايو ويو. هن وٽ نفرتن جا انبار هيا. کيس وس نه پڄندو هيو، ڇو جو خدا هن کي ماڻهو ٺاهيو. جيڪڏهن بگهڙ ٺاهي ها ته هو ڪنهن به ماڻهوءَ جي رڍ کي نه بخشي ها.
    هو جڏهن هاڻي يارهين گريڊ جو هيو ته سندس ڪمائي ڪنهن وڏي آفيسر کان گهٽ نه هئي. هن کي بدلو وٺڻو هيو ۽ جام رشوت وٺي رهيو هيو. هو ذرا ذرا هيو ۽ هڪ هڙ ۾ ٻڌي پاڻ کي کڻي هلي رهيو هيو.
    وري مديحا کي ياد ڪري هن جي کِل انڪري وڌي وئي جو ياد نه ڪرڻ باوجود اها هر هر ياد اچي رهي هئي. هر ڏک جي ياد کانپوءِ ڪهڙو ضرور هيو مديحا جي تذڪري جو؟ هو سمجهي نه سگهيو ته آخر مديحا جو مثال ڏک جي هر چوڻيءَ ۾ ڇو موجود هيو؟ جڏهن ته مديحا واقعي ئي ڏک جو هڪ ننڍڙو مثال هئي. ان جي جسم جا تر هو پيٽ تي ڪوِلين جيان گهمندي محسوس ڪري ٿو. کيس ڪتڪتائيون اچن ٿيون. کِلي کِلي پلنگ تي ڪِري پوي ٿو.
    “يا خدا پناهه” هو چوي ٿو “توبهه ڪئي.”
    ٻيا درد ياد ڪري ٿو، درد اثر وڃائي ويٺا آهن. نه کِل رڪجي ٿي، نه ڳوڙها اچن ٿا. نه ڏک محسوس ٿئي ٿو. نه اداسي ڇائنجي ٿي.
    لک ٿورا سائين محمد پنهل جا، جنهن يتيم سمجهي اوطاق تي نوڪر رکيس، ايندڙ ويندڙ جي خدمت چاڪري ڪري پڙهي پيو. محمد پنهل هر سال يارهينءَ تي واڙي ۾ مينهن جو کير ورهائيندو هيو ۽ اڄ هن کي يارهين گريڊ جي نوڪري هئي، هو ننڍي آفيس جو نوڪر هيو پر سندس ڪمائي وڏي هئي. ڊاڪٽر اڪرم جي چوڻ تي هن جيڪو فل سوٽ ساڙيو هيو. اهو موساجيءَ کان پنجويهن هزارن ۾ سبرائيو هيو. موساجيءَ هن کي ڏهين جو نوٽ واپس ڪندي چيو هيو “هي ڏهه روپيا نه سمجهجانءِ، پر ڏهه عهد ناما سمجهي ان ڳالهه تي عمل ڪجانءِ ته ايندڙ سال به سياري ۾ موساجيءَ کان فل سوٽ سبائڻو آهي.”
    هن اهو چئي ڏهه روپيا وٺڻ کان انڪار ڪيو ته “بيوفا مديحائن جي شادي هڪ دفعو ٿيندي آهي، هر سال ٿئي ها ته بيوفائي پنهنجو نالو بدلائي وجهي ها.”
    هن کي موساجيءَ تي ڏاڍي کِل آئي، جنهن مذاق ۾ کيس پنهنجي عصا اولاري هئي.
    اسر جي آذانن کان اڳ ڪڪڙن ٻانگ ڏني، سج اڀرڻ کان اڳ کيس من ۾ ڏک جي باک ڦٽي، سڀ ڏک بند دروازو ٽوڙي اندر داخل ٿي ويا. هن جي کِل ختم ٿي وئي ۽ روئڻ شروع ڪيو. روئي روئي ساڻو ٿي پيو. سوچيائين هڪ بلا مان جان ڇڏايم، ٻي بلا چنبڙي پئي.
    کيس روئڻ جو دورو پئجي ويو، دل ۾ چيائين
    “رستن، روڊن ۽ گهٽين مان روئندو آفيس ڪيئن ويندو؟”
    هو زار قطار روئندو رهيو، سوچيائين ڇو نه زندگيءَ ۾ خوشيءَ جون گهڙيون ياد ڪيان، جيئن روئڻ رڪجي سگهي.
    اهو سوچي زندگيءَ تي نظر ڪيائين، کيس خوشيءَ جي ڪا به ڳالهه نظر نه آئي.


    ڊميون

    ڊميون ماڻهو کان خوبصورت هيون، دوڪان جي دروازي وٽ ساڄي پاسي بيٺل ڊميون جن کي ڪپڙا پارائي قطار ۾ بيهاريو ويو هيو. ڊميون دروازي کان شروع ٿي دوڪان جي آخر تائين ڄڻ اکيون واٽ ۾ وڇائي گراهڪن جي انتظار ۾ هونديون هيون. بازار مان لنگهيندڙ ماڻهو ڊمين کي پاتل ڪپڙن جي بيهڪ ڏسي ڄڻ دوڪان ۾ ڇڪجي ايندا هيا. دخل تي ويٺل سيلزمين انهن کي ويهڻ جي صلاح ڪندا هيا ۽ گراهڪ ڊمين کي ڏسي پسند جي ڪپڙن جي چونڊ ڪندا هيا. سيلز مين انهن کي ڪپڙا ڏيکاري اگهه ٻڌائيندا هيا ته گراهڪن جا هوش اڏامي ويندا هيا.
    “ايڏا مهانگا!” اهي چوندا هيا.
    “ٻاهران جو ڪپڙو آهي، سلائي هتي ٿيل آهي.” سيلزمين وري ڳالهه چوريندي. اڳتي چوندو هيو “توهان به ٻڌايو گهڻا ڏيندءُ؟”
    گراهڪ منجهي پوندو هيو.
    “پنج سئو روپيا” اهو سوچي ڪجهه دير کان پوءِ چوندو هيو.
    “چڱو ڇهه سئو ڏيو... کڻو”
    “نه پنج سئو پورا”
    “چڱو ٺيڪ آهي، ڏيو”
    گراهڪ پئسا ڏئي، مرڪندو ڊمين کي ڏسندو دوڪان تان هيٺ لهي هليو ويندو هيو. ڪاروبار ۾ ڊمين جو وڏو ڪردار هيو.
    منظور به ان دوڪان جو سيلزمين هيو. ساڍا پنج فوٽ قد ۽ ڀريل جسم، سندس اداس ويڪرو منهن، سنهين مڇن ڪري مرڪندڙ لڳندو هيو، گهٽ ڳالهائيندو هيو. شهر ۾ نئون آيو هيو. بي اي پاس ڪئي هيائين. ڳوٺ ۾ نوڪريءَ لاءِ گهڻو ڊوڙيو، هڪ ايجنٽ کي پئسا به ڏنائين، اهو کائي ويو. وڏيري کان وٺي ايم پي اي ۽ ايم اين اي سان مليو. درخواستون ڏنائين، ڪجهه نه ٿيو. ذهين نوجوان هيو، کيس ملڪ جي حالتن جي سٺي ڄاڻ هئي، اخبار شوق سان پڙهندو هيو، سياسي گفتگو ڌيان سان ٻڌندو هيو. بيروزگار هوندي به مايوس نه هيو، کيس پڪ هئي ته هڪ ڏينهن سرڪاري نوڪري ضرور ملندي، جيسين ڪا سٺي نوڪري ملي هن سوچيو شهر وڃي ڪوشش ڪري، ماڻهن سان ملي ۽ ڪو روزگار حاصل ڪري، اهو سوچي هو شهر آيو، کيس ٻي ڪا نوڪري ته نه ملي پر هو هڪ بوهريءَ جي دوڪان تي ملازم ٿي ويو. روز ٻارهن ڪلاڪ محنت ڪندو هيو ۽ بوهري مهيني ۾ اٺ هزار پگهار ڏيندو هيو. جنهن ۾ منجهند جي ماني به شامل هئي.
    منظور کي دوڪان ۾ بيٺل ڊميون ڏاڍيون وڻنديون هيون، هر ڊميءَ جو پنهنجو شان هيو. انهن جا ٻاهر نڪتل سينا ۽ ٻانهن جا ڏورا، خوبصورت ڪنڌ، ڪٽيل سهڻا وار ۽ گورا چمڪندڙ منهن، ڊمين جي جسم تي ڪپڙا پاتل هوندا هيا. ڪنهن کي شيرواني، ڪنهن کي قميص شلوار، ڪنهن کي واسڪوٽي، ڪنهن کي ڪوٽ ۽ ٽاءِ، ڪنهن کي سِلم ٽي شرٽ ۽ ڪنهن کي جناح ڪيپ پاتل هوندي هئي.
    واندڪائيِءَ ۾ منظور هر ڊميءَ ڏانهن غور سان ڏسندو هيو، هو محسوس ڪندو هيو، ڪاروبار ڊميون هلائي رهيون آهن، جيڪڏهن ڊميون نه هجن ته ماڻهو متاثر نه ٿين. ڊميون آهن ته ڪاروبار آهي. دوڪان ۾ رونق آهي. ڪڏهن هن کي لڳندو هيو، ڊميون ساهه کڻن ٿيون ۽ چپ چورين ٿيون، بوهري سيٺ انهن جو خدمتگذار آهي، روز انهن جي صفائي ڪرائي کين نوان ڪپڙا پارائي ٿو ۽ ڪاروبار هلي ٿو.
    شهر جون حالتون خراب ته هيون پر ايڏيون نه، جيڏيون اوچتو ٿي ويون، روز ٻارنهن کان ويهه ماڻهو ٽارگيٽ ڪلنگ جو نشانو ٿيڻ لڳا، دوڪانن تي ڀتي جون پرچيون اچڻ لڳيون، هر پرچيءَ ۾ گولي ويڙهيل هوندي هئي ۽ هڪ پيغام ته “ڀتو ڏيو يا گولي کائو” ٻه ڏينهن اڳ ساڳي بازار جو هڪ سيٺ گوليءَ جو کاڄ ٿي ويو، ان ڀتو نه ڏنو ۽ کيس دوڪان تي اچي گوليون هڻي ويا. بازار ۾ خوف ڇانيل هيو. ماڻهن گهرن کان نڪرن ڇڏي ڏنو هيو. ڪاروبار ويهجي ويو. لکين روپين جو نقصان ٿيڻ لڳو. بوهري سيٺ دوڪان جي ڪائونٽر تي هيٺ ڪنڌ ڪري ويٺل هوندو هيو ۽ منظور ٻين سيلزمين سان گڏ دخل تي ويهي سامهون بيٺل ڊمين جي مرڪندڙ چهرن کي ڏسندو هيو. حالتون ڪهڙيون به هجن ڊميون مرڪنديون هيون، انهن جا چهرا چمڪندا هيا.
    بازار ۾ جتي ڪروڙين روپين جو ڪاروبار هلندو هيو، اتي هزارن جو به نه هيو، بوهري سيٺ جا خرچ وڌي ويا. ان جي سنهڙي جسم جي شيرواني ڍلي ٿي وئي، کيس ان ڏينهن ڪرنگهي ۾ سور جي سٽ اڀري جنهن ڏينهن پرچي آئي ۽ ان ۾ گولي ويڙهيل هئي. پورا ٻه لک گهريا ويا هيا، نه ته گولي.
    بازار وارن فيصلو ڪيو ته اهي ڀتو نه ڏيندا، ڇو جو کين ڀتي جيتري اپت نه آهي، انهن هڙتال جو سڏ ڏنو، پر ٿيو ڪجهه به نه، ڪو چڱو مڙس يا حڪومت جو نمائندو انهن سان ملڻ نه آيو.
    دهشتگردن کين ڌمڪي ڏني “جيڪڏهن انهن وڌيڪ گوڙ ڪيو ته دوڪانن کي باهه ڏني ويندي.”
    نيٺ ٿيو به ائين، هڪ ڏينهن دهشت گرد بازار ۾ داخل ٿيا، اهي پنجن موٽرسائيڪلن تي ڏهه ڄڻا هيا. لهڻ شرط فائرنگ ڪري بازار ۾ بيٺل ڪجهه ماڻهن کي زخمي ڪري وڌو، جيڪي ڦتڪڻ لڳا. انهن ڪيميڪل ڪڍي هڪ دوڪان ۾ اڇلايو، دوڪان کي باهه وڪوڙي وئي. ماڻهن دوڪان بند ڪرڻ شروع ڪري ڏنا. ڀاڄ پئي، شٽر هيٺ ڪرڻ جا آواز گولين جي آوازن سان ملي هڪ ٿي ويا. بوهري سيٺ به تڪڙ ۾ دوڪان بند ڪرايو. سڀ سيلزمين ٻاهر نڪتا، شٽر هيٺ ٿي ويو پر منظور اندر رهجي ويو. منطور دڪان اندر اسٽور ۾ وڳن جي لسٽ ٺاهي رهيو هيو، جيسين هو ٻاهر نڪري کيس تالو هڻي هليا ويا. اهو ڪنهن کي ياد نه آيو. هر ڪنهن کي پنهنجي سِر جي لڳي، اڳتي هلي سنڀاليائون ته منظور نه هيو پر واپس ورڻ جي انهن ۾ همت نه هئي. دهشتگرد ڏينهن ڏٺي دوڪان ساڙي رهيا هيا. انهن وٽ جديد اصلحو هيو، ڪنهن کي انهن سامهون وڄڻ جي جرئت نه هئي. دوڪان سڙندا رهيا ۽ منظور بند دوڪان ۾ ڊمين سامهون ويهي پنهنجي سڙڻ جو انتظار ڪندو رهيو. منظور محسوس ڪيو، هن جي هٿ ۾ سرڪاري نوڪريءَ بجاءِ رحم جي درخواست آهي ۽ هو ڊمين سامهون حياتيءَ جي خيرات گهري ٿو. ڊميون جن کي شيروانيون پاتل هيون. واسڪوٽيون پاتل هيون، قميصون ۽ شلوارون پاتل هيون. فل سوٽ، ٽائيون ۽ ٽوپيون پاتل هيون. بازار کي باهه وڪوڙيندي وئي. دوڪان سڙندا ويا ۽ منظور محسوس ڪيو، دونهون بند شٽر هيٺان اچي دوڪان ۾ ڦهلجي ويو آهي. دوڪان سڙڻ وارو هيو ۽ دوڪان ۾ بيٺل ڊمين ۾ ساهه پئجي ويو. منظور انهن مان هڪ ڊميءَ وٽ آيو ۽ دانهن ڏنائين.
    “اي شيرواني پائي بيٺل ڊگهي قد وارا مون کي بچاءِ”
    سڀ ڊميون کِلڻ لڳيون ۽ انهن جا ٽهڪ ڦهليل دونهي ۾ ائين گونجڻ لڳا جيئن ڪنهن فحش لطيفو ٻڌايو هجي، ڄڻ سڀ ڊميون جيئريون ٿي پيون هيون. هڪ ڊميءَ ڳالهايو.
    “سڀ ٺيڪ آهي... امن آهي... آشتي آهي.”
    ٻي ڊميءَ چيو.
    “ڪجهه نه آهي، اجايو گوڙ آهي، واويلا آهي.”
    منظور سوچيو شايد ڊميون سچ چئي رهيون آهن پر محسوس ڪيو دونهي سان گڏ باهه جون چڻگون به اندر اچي رهيون آهن. هن واسڪوٽي پاتل ڊميءَ کي پڪاريو.
    “ڀائي رحم ڪر، منهنجي حياتي بخش.”
    ڊميون وري کِلڻ لڳيون ۽ انهن جا ٽهڪ چڻگن جيان دوڪان ۾ ڦهلجي ويا.
    “ڪجهه نه آهي... اجايو وهم نه ڪر... وهاڻي کي ٺيڪ ڏئي سمهي پئو.”
    منظور خوف کان ڏڪندو اهڙي ڊميءَ وٽ آيو جنهن کي شلوار قميص پاتل هئي.
    “مرشد ڪرم ڪر، نه ته مان مسڪين مفت ۾ مري ويندس.”
    هن جي ڳالهه تي ڊميون وري کِليون ۽ انهن جا ٽهڪ دونهي ۾ کنگهندڙ منظور جي کنگهه سان ملي هڪ ٿي ويا.
    “مان هر مسڪين سان گڏ آهيان، پريشان نه ٿيءُ، اهڙي ڪا ڳالهه نه آهي.”
    هڪ ڊميءَ ڳالهه پوري ڪئي ته ٻي ڳالهايو “اسان پنهنجيون ذميواريون سمجهون ٿا.”
    منظور وڌندڙ باهه ڏسي بي چين ٿي ويو ۽ پاڻيءَ بنا مڇي جيان ڦتڪڻ لڳو.
    “ڪيئن پريشان نه ٿيان، باهه وڪوڙي وئي آهي ۽ توهان چئو ٿا ته ماٺ ڪري ويهان.”
    پوءِ هو اڳتي وڌي ڪوٽ ۽ ٽاءِ پائي بيٺل ڊميءَ وٽ آيو ۽ ان کي عرض ڪيائين “وڏا صاحب تون فرياد ٻڌ، باهه مان ٻاهر ڪڍ.”
    وڏي صاحب سڀ کان وڏا ٽهڪ ڏنا.
    “مان وٽ اهڙين ڳالهين لاءِ وقت نه آهي، ڇو جو ٻيا گهڻا مسئلا آهن، تون درخواست سِلم شرٽ واري کي ڏي ۽ هليو وڃ.”
    منظور باهه ۾ ڀڄندو سِلم شرٽ واري وٽ آيو ۽ چيائين
    “اي رحمدل ڪامورا منهنجي فرياد تي غور ڪر”
    ان کان اڳ جو ڪاموري جي ڊمي ٽهڪ ڏئي، ڀرسان بيٺل ڊمي جنهن جي شڪل گهرو وزير جي چهري سان ملندڙ هئي ان چيو “ڇو پريشان ٿيو آهين، امن امان جي صورتحال ايڏي خراب ته نه آهي جيتري گذريل حڪومت ۾ هئي.”
    باهه وڌندي وئي ۽ هر شيءِ سڙندي وئي. بوهري سيٺ جو ڪائونٽر سڙي ويو. ڪپڙا سڙهڻ لڳا ۽ دخل چوڌاري باهه ڀڙڪڻ لڳي. منظور حياتيءَ مان مايوس ٿي ويو. هو باهه سان ڀريل دوڪان ۾ ڊوڙون پائڻ لڳو. ڊميون سڙنديون رهيون ۽ ٽهڪ ڏينديون رهيون. سڙي خاڪ ٿي وڃڻ کان اڳ منظور سوچيو، هن جو موت هڪ انسان جو موت هوندو، ڇو جو انسان، انسان آهي ۽ ڊميون، ڊميون آهن.


    ٻاجهه ۽ ٻاجهر

    چوماسي جي پهرين وسڪاري سان هر ڪاهجي ويا هيا، ٻج ڇٽجي چڪو هيو، ٻج نپائڻ لاءِ ٻيو وسڪارو ضروري هيو، هر ڪنهن جون اکيون آسمان ۾ هيون، جهڙ جهيرون جهيرون لنگهيو پئي، بوند جو نانءُ نشان نه هيو.
    اڌڙوٽ ميگهو بي حال ٿي چڪو هيو، کيس کائڻ لاءِ ڪجهه نه هيو، گنديءَ ۾ ٻاجهر جا ايترا داڻا به نه بچيا جو اڱڻ ۾ پکين اڳيان اڇلي روحن کي راضي ڪري سگهي. غريب جو پيٽ بک جي قبر آهي. اهڙي قبر جنهن جي مٽي استحصال ۽ ناانصافيءَ جي سم ۽ ڪلر ۾ هيٺ ويٺل هوندي آهي ۽ غريبن جا پيٽ پٺيءَ سان لڳل هوندا آهن. پهرين وسڪاري سان چڱو مينهن وٺو، ڀٽن تان پاڻي رڙهندو ترائين ۾ داخل ٿيو ته ٿر ائين ڏسجڻ لڳو جيئن سمنڊ جو سئوٽ هجي، ڀاءُ انڪري نه ته مٺي ۽ کاري ۾ فرق هوندو آهي. رشتا ڪهڙا به هجن انهن ۾ ذائقو هوندو آهي پر دوستي بي ذائقي ٿي چڪي آهي. “ڏڪر ۾ ڀائر ڏور، سوڪهڙي ۾ ڪهڙا سئوٽ” نٻيل ميگهي سوچيو “مينهن بنا دوستن جون دليون مرگهه جي نڙيءَ جيان خشڪ ٿي چڪيون آهن.”
    اونڌي لڪ پويان هڪ آڙيءَ اڏامندي ان ڍنڍ ۾ گهت هنئين جيڪا سُڪي چڪي هئي. رُڃ مرگهه لاءِ مخصوص نه آهي. پاڻي منهن موڙيندو آهي ۽ ڍنڍ رسي ويندي آهي. اونڌي لڪ واري ڍنڍ پَٽَ ۾ تبديل ٿي چڪي هئي. پهرين وسڪاري سان ڀاڪر پائي بيٺل ڀٽن وچ ۾ اها ڍنڍ ڏاڍي محفوظ پئي ڏٺي، پوءِ جيسين ٻيو وسڪارو ٿئي پاڻي ائين غائب ٿي ويو جيئن هلندڙ هوا قدرت جو منتر پڙهي شوڪاريو هجي.
    ميگهي هر نه هلايو هيو ڄڻ پنهنجو بدن چيريو هيو، ڊگهيون پور وڇوٽ زخمن جون لڪيرون، پوءِ پاڻي نه سڪيو ڄڻ رت سڪي ويو. اڻڀي مٽيءَ ۾ ليٽيل ٻاجهر جا ٻج، ڌرتيءَ ۾ انسان دفن ٿي ڳوڙهن جي ريج سان ڦٽي پوي ته ان کان وڌيڪ فطرت ۽ موسم جي ڪهڙي چڱائي؟ دفن ٿيل انسان ڪنهن ريج سان ٻج جيان نروار نه ٿو ٿئي ۽ ٻج بنا ريج جي دفن ٿيل انسان ٿي وڃي ٿو.
    ميگهي آسمان ڏي منهن ڪندي چيو “ٻاجهارا ٻاجهه ڪر، ٻاجهر ڏي.”
    رب اميدن جو ٻيو نانءُ آهي، آسرا سڀ کان وڏا سهارا آهن، هڪ ڦڙو اناج اپائي ٿو، ٻيو ڦڙو انسان نپائي ٿو. آڙيون ابر آسري، تاڙا تنوارين، آڙيون ۽ تاڙا وطن ۾ ويهي ابر جو آسرو ڪندا آهن، پر ماڻهو مال ڪاهي هليا ويندا آهن. سوڪهڙي ۽ ساوڪ ۾ پرچڻ ۽ رسڻ جو فرق آهي.
    ميگهي جون اکيون ڏرا ڏئي ويون ۽ ڏرن ۾ ڳاڙهيون رڳون وڪڙ ڏئي ويٺل نانگ جيان ٿي ويون. ميگهو روئندو نه هيو، ڇو جو کيس پاڻي ضايع ڪرڻ جي عادت نه هئي. نديءَ ڪناري ويٺل ماڻهو ڍئو ڪري پيئندا آهن ۽ دل کولي روئندا آهن. روئڻ مانيءَ جيان سڀ جي نصيب ۾ نه آهي. ٿر مان لڏپلاڻ شروع ٿي ته ڌرتي ڌوڙ جي جهڙ سان ڍڪجي وئي. مٿان جهڙ وسي ته انسان جون اکيون ڌوپجنديون آهن، ڌرتيءَ جي جهڙ ۾ انسان انڌو ٿي ويندو آهي، ڍورن جي ڳچيءَ ۾ وڄندڙ چنگ گواهي ڏيندا آهن ته ساڌ جي خاموشيءَ جو سبب گونگو انصاف آهي.
    ماڻهو ڪڻو ڪڻو ٿي وڇڙجي ويا، ماڻهوءَ جي موجودگيءَ جو نشان ڇيڻو آهي ۽ ڇيڻي تي گوشت پچي ٿو. ڇيڻو رک ٿي سگهي ٿو، رک ڇيڻو نه ٿي سگهي ٿي. جڏهن ماڻهو هليا ويندا آهن ته رک ۽ ڪک بچندا آهن، رک اڏامي ويندي آهي ۽ ڪک اڏامي اک ڳولهيندا آهن. ميگهي کي اڃان آسرو هيو. اُڀ ۾ ناسي ڳيرا جهڙ جو روپ ڌاري اڏري رهيا هيا. هو قدرت مان مايوس نه ٿيو هيو، کيس پڪ هئي ته ٻيو وسڪارو ضرور ٿيندو ۽ فصل نسري کيس بک کان پناهه ڏيندو.
    ڪيترا ڏينهن لنگهي ويا، مينهن نه وٺو ۽ ميگهي جو پيٽ غائب ٿي ويو، دنيا جادو آهي، انسان ٻڌي ٿو پر ان جا ڪن نه آهن. ڏسي ٿو پر اکيون نه آهن. سوچي ٿو پر دماغ نه آهن. هو هجومن ۾ اڪيلو آهي، اڄ آهي، سڀاڻي نه آهي. منٽن ۾ پيدا ٿي پوي ٿو، سيڪنڊن ۾ مري وڃي ٿو. خوشيون ڏکن ۾ تبديل ٿين ٿيون، وقت سان ڏک وسري وڃن ٿا. پيٽ ظاهر آهن ۽ پيٽ غائب ٿي وڃن ٿا.
    ماڻهو مٽي آهي ۽ مٽي، مٽيءَ کي ڳولهي ٿي، زندگي ۽ ماڻهوءَ ۾ مقابلو آهي، جيئرو ماڻهوءَ مٽيءَ کان بچڻ لئي جتن ڪري ٿو پر مٽي غالب ٿي وڃي ٿي. ميگهي جو بدن جيئري مٽيءَ سان ڍڪجي چڪو هيو. هن وٽ ايترو پاڻي نه هيو جو بدن ڌوئي سگهي. هو ابر آسري کيڙيل ٻنيءَ ۾ سمهندو هيو ۽ آسمان کي ائين ڏسندو هيو جيئن ستارا بوندن ۾ تبديل ٿي ويا هجن ۽ اهي ڪڻين جو روپ ڌاري ڌرتيءَ تي ڪري پوندا، هن جي پيٽ جي کڏ مٽيءَ سان ڀرجي چڪي هئي جنهن ۾ ٻاجهر جا داڻا سمايل هيا.
    ڪيترن ڏينهن کانپوءِ مينهن نه وٺو ۽ ميگهي مايوس ٿي چونئري جو رخ ڪيو. پاٿاريءَ تي آهلي ان لنڊيءَ جيان ڦتڪڻ لڳو جنهن کي پهريون ڌڪ لڳو هجي، پوءِ سانت ٿي چونئري جي ڇت ۾ اکيون وجهي ويهي رهيو. ڇت جي جهيرين مان سج جا ڪرڻا ائين اچي رهيا هيا ڄڻ ڏينهن ڳڀا ڳڀا ٿي هيٺ ڪرندو هجي.
    ديوين جا وڻ اس ۾ سڙي ساوا ٿين ٿا پر آرهڙ انسان جو پاڻي ڪڍي ڇڏي ٿو، گرمي ڪانءَ لاءِ حيرت جو سبب هوندي آهي، ان جو وات ڦاٽي ويندو آهي.
    چونئري جي ڪنڊ ۾ سمهندي ميگهي جو بدن پگهر سان شل ٿي ويو، هن جي پيٽ جي کڏ ۾ پيل مٽي سيراب ٿي وئي. هو ڪيترا ڏينهن بي سڌ ليٽيل رهيو. هڪ رات هن خواب ڏٺو، آسمان ۾ جهڙ جو ڪو نانءُ نشان نه آهي. تيز تپندڙ سج هيٺان ڌرتي پگهرجي وئي آهي. ڌرتيءَ جو پگهر ننڍن آبشارن جي صورت ۾ هڪ نديءَ جو روپ ڌاري پلٽجي پيو آهي. هر طرف پاڻي ئي پاڻي آهي. ماڻهو ڏاڍا خوش آهن. پوءِ ڌرتيءَ جي پگهر تي ڇٽيل ٻج نسرجي پيو آهي، هر طرف ساوا سِلا نڪري، هلڪي هوا تي لڏي رهيا آهن.
    ميگهي جي اک کلي ته هن بکايل پيٽ تي هٿ ڦيريو، سندس حيرت جي حد نه رهي. هن ڏٺو پيٽ جي کڏ ۾ مٽيءَ اندر رهجي ويل ٻاجهر جا داڻا هن جي جسم مان وهندڙ پگهر تي ڦٽي پيا هيا.


    ڊفينس ايڪسپو

    يونيورسٽي روڊ اوچتو بند ٿي ويو، هڪ پاسو ته پهريون ئي بند هيو، ٻيو پاسو به بند ڪيو ويو.
    وزيراعظم کي ڊفينس ايڪسپو جو افتتاح ڪرڻو هيو، ٿورو پري ايڪسپو سينٽر ۾ دنيا جا ڪجهه سربراهه ۽ ايلچي ڪٺا ٿيا هيا، جن ۾ گهڻو ڪري عرب ۽ آفريڪي ملڪن جا معتبر هيا. اڳيان يورپ ۽ آمريڪا مان آيل اصلحي جا واپاري پڻ ويٺل هيا. چين جا چڱا مڙس وڏي فخر سان ڇاتيون ڪڍي بيٺل هيا ڇو جو اها اصلحي جي نمائش انهن جي تعاون کانسواءِ ممڪن نه هئي.
    نمائش ۾ مک در وٽ ڊگها ميزائيل آسمان طرف اشارو ڪري رهيا هيا ۽ آسمان ۾ اڏامندڙ هليون هيٺ ڏسي ميزائيلن کي دعا ڪري رهيون هيون ته انهن جي صدقي کين ڪڏهن گوشت نصيب ٿيندو.
    اندر ٽينڪون، آبدوز، بڪتربند گاڏيون ۽ جهاز بيٺل هيا، صفا اندر گنيون، بم گولا، پيراشوٽ، بلٽ پروف ٽوپلا، گوليون ۽ هڪ هنڌ ايٽم بم جو ماڊل ان جي فارمولا سان گڏ رکيل هيو. فارمولا ايڏو ته ڏکيو هيو جو آئنسٽائن جي هڪ شاگرد جي شاگرد کي انڪري سمجهه ۾ نه آيو جو ان سوچيو ته جيڪڏهن اهو فارمولا سمجهه ۾ اچي ويو ته دماغ ڦاٽي پوندو.
    جڏهن وزيراعظم پهتو ته ان سربراهن ۽ ايلچين سان گڏ نمائش جو دورو ڪيو. کيس خوشي ٿي ته ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي، اسان جي ملڪ جي سربراهن کي نمائش مان خبر پوندي آهي ته ملڪ ڪيتري ترقي ڪئي آهي.
    سڀ سربراهه ۽ ايلچي ڪٺا ٿيا ۽ پوءِ اصلحي جي خريداري شروع ٿي وئي. اصلحي جي نيلام لاءِ سنڌ حڪومت تعاون ڪندي پنهنجو مشهور کارادر جو ڪلن ڪاٺياواڙي موڪليو هيو، جيڪو ڪٽيانا اسپتال پويان مڇي مارڪيٽ جي ڀرسان رهندو هيو. وفاق سنڌ حڪومت کي خط لکي اهڙي بروڪر لاءِ چيو هيو جنهن جو آواز بجلي بند ٿيڻ جي صورت ۾ لائوڊ کانسواءِ ٻڌجي سگهي. اهو ممڪن ته نه هيو جو ايڏن خاص مهمانن جي موجودگيءَ ۾ بجلي بند ٿي سگهي پر پوءِ به شهر ۾ ڀتاخور موجود هيا، جيڪي اصلحي جي ڪاروبار ۾ پڻ ٻين ڪاروبارن جيان ڀتي وصول ڪرڻ جي چڪر ۾ هيا ۽ ڪي الڪيٽرڪ انهن سان انڪري تعاون ڪري پئي سگهي ته تعاون نه ڪرڻ جي صورت ۾ کين ڀتي جي رقم پاڻ ڏيڻي پوي ها.
    حڪومت بچاءَ جو صرف هڪ ئي رستو ڳولهي لهندي آهي ته ماڻهن جا رستا ڪيئن بند ڪيا وڃن. پان جي گرڙيءَ کي رت سمجهي رستو بند ڪيو ويندو آهي. هڪ ڀيري مرحوما گلشن ٻائيءَ جي ڦاٽل ٿيلهي ۾ سندس ننهن گهر ڇڏڻ کان اڳ طلاق نامي جا ڪاغذ وجهي هيٺ روڊ تي اڇلايو ته ٽاور چوڌاري ٽريفڪ بند ٿي وئي. بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي گهرايو ويو. ايڏي سانت ڇائنجي وئي جو جڏهن اسڪواڊ وارن ٿيلهي کي ڪنايو ته ڀرسان اڪبر گجراتيءَ جي بند پيل گهڙيالن جي دوڪان مان “ٽڪ ٽڪ” جو آواز اچي رهيو هيو. ٿيلهي چوڌاري واريءَ جون ٻوريون رکي جڏهن تباهه ڪيو ويو ته ڪاغذن سان گڏ اڪبر گجراتيءَ جي دوڪان جا سڀ گهڙيال اڏامي ويا.
    ڪراچيءَ جي روڊن تي هلندڙ ٽريفڪ سيلاب جيان آهي. حڪومت سيلابن کي ڪنٽرول نه ڪري سگهي آهي پر ٽريفڪ جو رخ ائين موڙيندي آهي جو هر ڪنهن کي پڪ ٿي ويندي آهي ته برابر حڪومت نالي ڪا شيءِ آهي جيڪا ملڪ هلائي ٿي.
    نمائش چورنگيءَ جو نالو غلط آهي، ڇو جو مون اتي ڪڏهن ڪا نمائش نه ڏٺي آهي، نمائشون ايڪسپو سينٽر ۾ لڳنديون آهن، پوءِ اها اصلحي جي نمائش هجي يا ڪا ٻي نمائش، نمائش چورنگيءَ جو نالو فرمائش چورنگي هجڻ گهرجي ڇو جو سدائين بند هوندي آهي. ڪڏهن ڌرڻو، ڪڏهن جلوس، ڪڏهن جنازو رکي احتجاج ڪيو ويندو آهي. هر ڪو فرمائش ڪندو آهي ته اسان کي انصاف جو پراڻو راڳ ٻڌايو وڃي. ڪراچي عجيب شهر آهي. اهو ائين نه هيو جيئن آهي ۽ شايد ائين نه ٿيندو جيئن هيو. هر واقعي جو نوٽيس ورتو ويندو آهي ۽ وزيراعليٰ جي آفيس نوٽيسن سان ڀرجي وئي آهي جنهن ڪري هن نوان نوٽ ڏئي نئين آفيس جو ٺيڪو ڏنو آهي، جتي ويهي وري نوٽيس وٺندو.
    اهو ڏينهن عذاب کان گهٽ نه هيو جنهن ڏينهن ڊفينس ايڪسپو ۾ وزيراعظم جي اچڻ ڪري اوچتو روڊ بند ٿي ويو. سموري ٽريفڪ بيت المڪرم پويان گهٽين ۾ ڪاهي پئي ۽ گهٽيون گاڏين سان ڀرجي ويون. هيڏانهن گاڏيون، هوڏانهن گاڏيون، ڀرسان، سامهون، پاسن کان موٽرسائيڪلون جهلي بيٺل، هيلمٽ هيٺان نظر نه ايندڙ چهرن وارا چتائي ڏسندڙ ماڻهو، گاڏيون ائين چري رهيون هيون جيئن مخلوق ڪويلين ۾ تبديل ٿي وئي هجي. آفيس وارا، روزگار سان لڳل، روزگار ڳولهيندڙ، کيسا ڪٽيندڙ، منڍيون ڪپيندڙ، مسافر جن جا مثانا پيشاب سان ڀريل هوندا آهن، ايمبولنسون، درد کان چنگهندڙ مريض، ڳورهاريون عورتون جن جا ڦر سور کان هر هر اچي موٽي پئي ويا ته ٻاهر ٽريفڪ بند آهي.
    ڏيڏر جهڙا آواز ڪڍندڙ رڪشا چنگچيون، دونهون ڇڏيندڙ موٽرسائيڪلون، پيٽرول سان ڀريل ٽينڪرن وارا ۽ پاڻيءَ جا ڀريل ٽينڪرن وارا هڪ ٻئي کي نفرت مان ڏسي اڳ نڪرڻ لاءِ رستا ڳولهيندي ذري گهٽ گاڏين سان پئي گسيا.
    “هلا ٿي لوفر” رڪشي واري بس واري کي چيو “هڪ منٽ صبر نه ٿو ڪرين ته ٿورو پاسي ٿيان پويان ايمبولنس ۾ بيمار پيو آهي.”
    “بڪواس بند ڪر” بس واري چيو “پاسي ڪيئن ٿيان! هيڏانهن ٽيڪسيءَ واري کي تڪڙ آهي.” پوءِ ان ڪاوڙ مان نسوار ڪڍي ٻاهر ڦٽي ڪئي جيڪا پويان هڪ ٺوڙهي تي ڪري، ان مٿي ڏٺو وڻ تي ڪانءَ ويٺل هيا.
    هر طرف زوڪٽ هيا ۽ دونهون هيو.
    ڊفينس ايڪسپو ۾ جڏهن سڀ رهنماءَ ۽ ايلچي ڪرسين تي ويٺا ته اصلحي جو نيلام شروع ٿي ويو. ڪلن ڪاٺيا واڙي سوٽ بوٽ ۾ ائين پئي ڏٺو ڄڻ اصلحي جون فيڪٽريون هن جي ذاتي ملڪيت هجن. کيس انگريزي زبان تي اهڙو عبور حاصل هيو جو ڳالهائيندو هيو ته صرف ڪاٺياواڙي سمجهندا هيا، حيرت جي ڳالهه هئي هن جڏهن ڳالهائڻ شروع ڪيو ته عربن ۽ آفريڪين کي سمجهڻ ۾ ڪا ڏکيائي نه ٿي پر انگريزن جا ڪن کڙا ٿي ويا.
    سڀ کان پهريون هڪ ميزائيل وڪري لاءِ پيش ڪيو ويو، ڪلن ڪاٺياواڙيءَ ڳالهايو ته سندس کٻي پاسي نڙيءَ جون رڳون ظاهر ٿيون.
    “حضور هيءُ ميزائيل ٽي سئو ڪلوميٽرن تائين مار ڪري سگهي ٿو. ايٽمي اصلحو هن جي وچين خاني ۾ وجهي ڇڏيو ۽ ٻه خانا خالي ڇڏي ڏيو. جڏهن ڦاٽندو ته ٻه خانا تباهه ٿي ويندا.”
    سڀني تاڙيون وڄايون ۽ پوءِ واڪ شروع ٿي ويو.
    “ٽي هزار ڊالر” هڪ آفريڪيءَ چيو.
    “چار هزار ڊالر” ٻئي آفريڪيءَ چيو.
    “پنج هزار ڊالر” هڪ عرب چيو.
    ميزائيل جي قيمت پندرهن هزار ڊالرن کان مٿي ڪنهن به واڪ نه ڏنو، ڪلن ڪاٺياواڙيءَ جو منهن لهي ويو.
    “حضور هن تي لاڳت ئي پنجاهه هزار ڊالر آئي آهي ته اهو پندرهن هزار ڊالرن ۾ ڪيئن ڏينداسين؟”
    “پنجويهه هزار ڊالر” هڪ عرب ڪاٺياواڙيءَ جو مان رکندي واڪ کي اڳتي وڌائيندي چيو.
    واڪ هلندي وري پنجويهه هزار ڊالرن کان اڳتي وڌي نه سگهيو، ايڪسپو جي انتظاميه مايوس ٿي وئي.
    “افسوس... افسوس” ٽريفڪ ۾ ڦاٿل هڪ ايمبولينس اندر مريض گذاري ويو، هر ڪو گاڏيون بند ڪري هيٺ لٿو. اهو اڌ عمر جو شخص هيو جنهن کي دل جو دورو پيو هيو. ايمرجنسيءَ ۾ ان کي اسپتال نيو پئي ويو ته ٽريفڪ ۾ ڦاسي ان دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو.
    ايڪسپو سينٽر ۾ هڪ جهاز وڪري لاءِ پيش ڪيو ويو.
    “حضور هن جهاز جي خوبي اها آهي ته جيڪڏهن فضا ۾ ان جو پيٽرول ختم ٿي وڃي ته ڳاڙهو بٽڻ دٻايو، ان جا پر پکيءَ وانگر حرڪت ڪندا. اهو ڪنهن شاهين جيان اڏامندو سلامتيءَ سان لهندو، ان صورت ۾ ته علائقي ۾ پهاڙ نه هجن، نه ته توهان کي خبر هوندي ته شاهين جو بسيرو چٽانن تي هوندو آهي ۽ جبلن تي لهڻ ڪري پائلٽ کي هيٺ لهڻ ۾ ڏکيائپ ٿيندي، ان ڪري اهو اهڙن ملڪن لاءِ موزون آهي جتي جبل نه آهن.”
    سڀني تاڙيون وڄايون ۽ پوءِ واڪ شروع ٿي ويو.
    “ٻه هزار ڊالر” هڪ آفريڪيءَ چيو.
    “چار هزار ڊالر” هڪ ٻئي آفريڪيءَ چيو.
    وچ ۾ ڪلن ڪاٺياواڙيءَ ڳالهايو. “ٿورو واڪ وڌايو، هيءُ جهاز آهي، رانديڪو نه”
    هن جي ڳالهه تي سڀني ٽهڪ ڏنا، هڪ عرب واڪ اهڙي انداز ۾ ڏنو ڄڻ امداد ڏيڻ چاهي هجي، ان چيو “چار نه ڇهه هزار ڊالر”
    واڪ هلندي ست هزار ڊالرن کان مٿي نه پهتو. ايڪسپو جي انتظاميه وري مايوس ٿي وئي.
    “افسوس... افسوس” ٽريفڪ ۾ ڦاٿل هڪ بس اندر ساهه گهٽجڻ سبب هڪ پوڙهو گذاري ويو. پوڙهي جي لاش کي ٻاهر ڪڍي فٽ پاٿ تي بيٺل موٽرسائيڪلن وارن کي هٽائي سمهاريو ويو. پريان ايڌيءَ جي ايمبولنس مان ڊرائيور چادر کڻي لٿو ۽ لاش مٿان وڌي ته سڀ حيران ٿي ويا. چادر تي “ڇيپا” جو نالو لکيل هيو.
    “اهو ڪيئن؟” هڪ شخص ٽيسٽي سپاري وات ۾ وجهندي سوال ڪيو “ايمبولنس ايڌيءَ جي چادر ڇيپا جي!”
    “ها” ڊرائيور چيو “ڇو جو ڇيپا ايڌيءَ سان دوستيءَ جو قسم کڻي ايمبولنس سان چادر مٽائي آهي. اسان ان کي هڪ ايمبولنس ڏني ۽ ان چادر. اها ساڳي چادر آهي جيڪا مون پوڙهي جي لاش تي وڌي.”
    پوءِ ڊرائيور ٽيسٽي سپاريءَ جي فرمائش ڪئي ۽ چيو “ٽيسٽي کائي حاجي عبدالرزاق ٽيسٽيءَ جي اخلاقي مدد ڪيو، جنهن توهان لاءِ وات جي ڪينسر جي اسپتال ٺهرائي آهي.”
    سڀني ٽيسٽي کاڌي کين دل سان گڏ دماغي سڪون مليو.
    ايڪسپو سينٽر ۾ عربن مٿي سان ٻڌل نوڙ کي سوڙهو ڪيو ڇو جو واڪ ڏئي کين مٿي ۾ سور پئجي ويو هيو. ڪارن هر هر اڇا ڏند ڪڍي ڪافيءَ لاءِ پئي چيو ۽ گورن جا مٿا ڳورا ٿي ويا. ڪلن ڪاٺياواڙيءَ مجبور ٿي اعلان ڪيو.
    “هاءِ ٽي”
    سڀ هال ۾ اهڙا بسڪوٽ کائي رهيا هيا جيڪي هڪ ڪمپنيءَ موقعي جي مناسبت سان تيار ڪيا هيا. هر بسڪوٽ تي نمائش ۾ وڪري لاءِ موجود اصلحي جي تصوير هئي. هڪ عرب بسڪٽ تي تصوير ڏسي ڪلن ڪاٺياواڙيءَ کان پڇيو.
    “هيءَ ڪڏهن ٿا وڪري لاءِ پيش ڪيو؟”
    ڪلن ڪاٺياواڙيءَ ان جي هٿ مان بسڪٽ کسي وات ۾ وجهي چٻاڙيندي چيو “معاف ڪجو، اها تصوير غلط ڇپجي وئي آهي.”
    هاءِ ٽيءَ کانپوءِ هر ڪو تازو توانو ٿي وري ڪرسيءَ تي ويٺو ته هڪ ٽينڪ نيلاميءَ لاءِ پيش ڪئي وئي.
    “حضور هيءَ اهڙي ٽينڪ آهي، جنهن سان توهان گولا اڇلائيندا اڳتي وڌندا وڃو، پويان هڪ سپاهيءَ کي ڪڻڪ جو ٻج ڏئي ويهاري ڇڏيو، اڳيان بربادي پويان آبادي ٿيندي ويندي، توهان ملڪ فتح ڪري موٽندا ته هر طرف ساوڪ هوندي، پر هيءَ ٽينڪ وٺڻ کانپوءِ هڪ نقصان ٿيندو، ٽيڪٽرن جا ڪارخانا بند ٿي ويندا.”
    سڀني تاڙيون وڄايون ۽ هڪ عرب واڪ ڏنو. “ٽي هزار ڊالر”
    “ساڍا ٽي هزار ڊالر” هڪ آفريڪيءَ چيو.
    “چار هزار ڊالر” عرب چيو.
    “ساڍا چار هزار ڊالر” ٻئي آفريڪيءَ چيو.
    واڪ هلندو ڇهن هزار ڊالرن کان اڳتي وڌي نه سگهيو. انتظاميا جا منهن لهي ويا.
    “افسوس... افسوس” ڦاٿل ٽريفڪ ۾ اڃ ۽ گرميءَ کان ماڻهو ڇتا ٿي پيا. هڪ سوزڪيءَ جو ڪار کي رهڙو اچي ويو. هيٺ لٿا ۽ هڪ ٻئي کي موچڙن سان سجائي ڇڏيائون. هڪ سلجهيل ماڻهوءَ خشڪ چپن تي زبان ڦيريندي چيو “هيءُ آهي اسان جي ملڪ جو حال برداشت موڪلائي وئي آهي.”
    “اڙي بابا پاسو ڏيو” هڪ ايمبولنس واري پريان رڙيون شروع ڪيون” مائيءَ جي طبيعت ڏاڍي خراب آهي.”
    ٽريفڪ ۾ ڦاٿل شرمسار ٿيا.
    “رستو هجي ته ڏيون” هڪ ڪار واري اسٽرنگ تي مٿو رکي ڏک مان چيو.
    ايڪسپو سينٽر ۾ هڪ جهاز ڪيرائڻ واري گن پيش ڪئي وئي، جنهن جو نالو “الٽ پلٽ” هيو. ڪلن ڪاٺياواڙيءَ ڳلي تي زور ڏئي مائيڪ ۾ آهستي ڳالهائيندي چيو “حضور هيءَ جهاز ڪيرائڻ واري گن، جهازن ڪيرائڻ سان گڏ حڪومت به ڪيرائي وجهندي آهي. جيڪڏهن دشمن جو تختو اونڌو ڪرڻو هجي ته سڀ کان پهريون ان جا جهاز اونڌا ڪيو. جيڪڏهن جهاز اونڌو نه ٿيندو آهي ته هيءَ گن پاڻ اونڌي ٿي ويندي آهي. مٿان پائلٽ کي ائين نظر ايندي آهي جيئن ڪنهن جهاز ان کي پهريون ئي اونڌو ڪري ڇڏيو هجي، انڪري اها دشمن جي جهازن کان محفوظ رهندي. جڏهن دشمن جا جهاز پري هليا ويندا ته وري سڌي ٿي ويندي، انڪري گن جو نالو الٽ پلٽ رکيو ويو آهي.
    سڀني تاڙيون وڄايون ۽ پوءِ واڪ شروع ٿي ويو.
    “ٻه هزار ڊالر” هڪ آفريڪيءَ چيو.
    “اڍائي هزار ڊالر” پهريون دفعو هڪ اهڙي شخص واڪ ڏنو جنهن کي ڪو سڃاڻي نه پيو. غور سان ڏٺائون، اهو هڪ افغاني هيو، انتظاميه ٿرٿلي ۾ اچي وئي. گارڊ آيا ۽ ان افغانيءَ کي کڻي ٻاهر ڦٽو ڪيائون. انتظاميه حڪومت کي اپيل ڪئي ته گن جو نالو تبديل ڪيو وڃي.
    هر ڪو سامت ۾ آيو ته هڪ عرب واڪ وڌايو.
    “ڏيڍ هزار ڊالر”
    سڀني ٽهڪ ڏنا، ڪلن ڪاٺياواڙيءَ ان کي ٽونڪيو “ٻه هزار ڊالر ته پهريون ئي واڪ لڳي چڪو آهي، ڏيڍ هزار ڊالر ڪيئن؟”
    عرب نوڙ سوٽيو ۽ چيو “معاف ڪجو اڍائي هزار ڊالر”
    “ٽي هزار ڊالر” هڪ ٻئي عرب چيو.
    واڪ هلندي چئن هزار ڊالرن کان اڳتي وڌي نه سگهيو. انتظاميه جا منهن لهي ويا.
    “افسوس... افسوس” ٽريفڪ ۾ ڦاٿل هڪ ڪار اندر گولي لڳل زخمي گذاري ويو، هر طرف ماڻهو شوڪارا ڀري پريشانيءَ جو پگهر اگهڻ لڳا. جڏهن ايڪسپو سينٽر ۾ مانجهاندو هلي رهيو هيو ته چنگچيءَ جي سائلنسر مان “گڙ گڙ” جا آواز ڄڻ ٽريفڪ ۾ ڦاٿل ماڻهن جي پيٽ مان اچي رهيا هيا. بيت المڪرم پويان ويڪريون گهٽيون ايڏيون ته سوڙهيون ٿي ويون جو روهڙي ۽ شڪارپور جون گهٽيون وڏيون ۽ ويڪريون محسوس ٿيڻ لڳيون. بس ۾ ويٺل هڪ پوڙهو کنگهه ۾ مچي ويو.
    “اڙي مان سهڪي جو مريض آهيان.” ان چيو “دري بند ڪيو دونهون ٿو اچي، مٽي ٿي اچي.”
    هڪ شخص بس جي دري بند ڪئي ته ٻين رڙيون ڪيون “دري کول هوا اچي” هڪ کنڊي ڪاوڙ مان ڏند ڪرٽيندي چيو “گرمي ته ڏس” مانجهاندي کانپوءِ ايڪسپو سينٽر ۾ وري نيلام شروع ٿي ويو.
    انتظاميه جڏهن ڏٺو ڪو به اصلحي وٺڻ لاءِ تيار نه آهي ته اهي مايوس ٿي ويا، ڪلن ڪاٺياواڙيءَ کي ڪنڊ ۾ وٺي ڳيرن مارڻ واري بندوق ڏنائون، هو بندوق کڻي آيو ۽ چيائين.
    “حضور هيءَ بندوق صرف ڳيرا ماري سگهي ٿي، جيڪڏهن توهان ڪانوَن جي حڪومت چاهيون ٿا ته ان ملڪ جا ڳيرا ماريو.”
    پوءِ واڪ شروع ٿي ويو.
    “سو ڊالر” هڪ آفريڪيءَ چيو.
    “ٻه سئو ڊالر” هڪ عرب چيو.
    “ٽي سئو ڊالر” ٻئي عرب چيو.
    “ساڍا ٽي سئو ڊالر” آفريڪيءَ چيو.
    اوچتو پهريون دفعو هڪ آمريڪيءَ واڪ ڏنو. “هڪ ارب ڊالر”
    تاڙيون وڃي ويون.
    “مبارڪون... مبارڪون” ڦاٿل ٽريفڪ ۾ ايمبولنس اندر هڪ عورت کي پٽ ڄايو.
    موٽرسائيڪل پويان ويٺل هڪ ٽارگيٽ ڪلر پستول ڪڍي خوشيءَ مان هوائي فائرنگ شروع ڪئي.


    کُليل دَري

    دَري کُليل هئي،
    هوا بند نه هئي.
    گرمي هئي پر هن ٿڌا ساهه پئي کنيا، دريءَ وٽ اچي هن آسمان جو جائزو ورتو. جهڙ بنا آسمان ڏاڍو پري نظر ايندو آهي. جهڙ نه هوندو آهي ته وڇوڙن جا فاصلا وڌي ويندا آهن.
    رات جو دريءَ ٻاهران ستارا چنڊ جو تابوت کڻي ماتم ڪندي لنگهيندا هيا، هر چوڏهينءَ رات اوندهه ڪارو ويس ڌوئندي آهي. مايوسين ۽ اميدن ۾ اسر ۽ سانجهيءَ جهڙو فرق آهي. جڏهن سوجهرو ۽ اوندهه هڪٻئي ۾ وچڙيل هوندا آهن، اهي رات کي جنم ڏيندا آهن يا ڏينهن کي، پر هن لاءِ رات وڏي معنا رکندي هئي. هو ايندو هيو يا نه ايندو هيو. رات جنهن جي پيٽ ۾ پيل ڪيڙا خاموشيءَ جو رت چوسي رهيا هيا.
    اولهه جي دري ان لاءِ هئي، هو ايندو هيو، ان ننڍڙي گهر جي هر ڪنڊ ۾ اوندهه اندر دفن ٿيل يادن جا هڏا نوسيندو هيو. دريءَ کان سمنڊ ايڏو پري هيو جيئن ساڳي چهري ۾ ٻن اکين جو فاصلو، ويجهو هوندي هڪ اک ٻئي اک ڏسي نه سگهندي آهي. سمنڊ نظر نه پئي آيو پر هلندڙ هوا ۾ سمنڊ جو تاثير سئو ميلن تائين سمايل هيو.
    جڏهن رات ايندي هئي ته هوءَ ڪمري جي ڪنڊ وٺي ويهندي هئي، ٻاهرين در جا پراڻا تاڪ لڏندا هيا. بند ڪڙو، وات ڏنل هٿ جيان دانهن جي انتظار ۾ هوندو هيو. اڱڻ جنهن ۾ اڪيلو نم جو وڻ هيو ۽ هيٺ نم جا ڇڻيل هيڊا پن، نم ۾ ويٺل نوريئڙا جيڪي سج لهڻ سان انڌا ٿي ويندا هيا ۽ ٻاهرين ڀت تي ويٺل ٻلي جنهن جون اکيون رات اچڻ تي چمڪي پونديون هيون. هڪ دالو جنهن جا ڇهتير لڳل اڏوهيءَ کان ڪمزور هيا. دماغ کي يادن جي اڏوهي ڪاٺ سمجهي کائي ٿي. دالي جا ڇهتير بکايل جي جسم جهڙا هيا، جن تي اڏوهيءَ جون رڳون ڀريل هيون. دالي ۾ هڪ کٽ هئي، جهن تي هنڌ وڇايل هيو ۽ وهاڻو، جنهن تي سمهندي ڪنهن کي وقت ٿيو. ڄاري لڳل بلب ان توريءَ جيان لڙڪي رهيو هيو جيڪا ول ۾ وسري وئي هجي.
    اندر ڪمري ۾ هوءَ هئي ۽ اوندهه. اکيون انتظار ۾ گول ۽ وڏيون ٿي وينديون آهن. هن جون اکيون گول وڏيون هيون ۽ چپن تي پراسرار مرڪ، مرڪ انڪري ته هو اچي چڪو هيو.
    واش روم جو در کليو ۽ بند ٿيو. هن جو شرم کان منهن ڪاري اوندهه ۾ ڳاڙهو ٿي ويو. نلڪي مان پاڻي ڪري رهيو هيو ۽ ٽيپو ٽيپو سندس من ۾ سوراخ ڪري ويو. هو هٿ ڌوئيندو آهي هن سوچيو ٽوال سان هٿ نه اگهندو آهي، آلن هٿن سان کائيندو آهي، ٻاهر رنڌڻي ڀرسان کيس ساهن جو آواز آيو. اڱڻ ۾ ڇڻيل پنن جي رهڙجڻ سان سارنگيءَ جو آواز اڀريو. ڪمري جي ڪنڊ ۾ مرڪندي سندس اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا.
    “اڙي اَمنو، هن زور سان چيو “اهو کاڌو کائي ڇڏجانءِ”
    چپ ٿي وئي ۽ ٿوري دير کان پوءِ خاموشيءَ ۾ هن جو آواز وري اڀريو.
    “صوف وٺي نه سگهيس” هن چيو ۽ ٿوري دير کان پوءِ وضاحت ڪندي چيو “ڳاڙها نه هيا، هيڊا صوف انڪري نه ورتم ته هيڊو رنگ ڏسي مون کي خوف ورائي ويندو آهي.”
    رنڌڻي ۾ برتن ڪرڻ جو آواز ٿيو، هن کان ٽهڪ نڪري ويو.
    “اها تنهنجي پراڻي عادت آهي” ڪنڊ ۾ ويٺل عورت وري ڳالهايو “رنڌڻي ۾ ڪا به شيءِ ڳولهيندي برتن ضرور ڪرائين.” هوءَ کِلي ۽ اوندهه ۾ ٽهڪ ٽڪر ٽڪر ٿي فرش تي ڪِري پيا. هوءَ ڪمري جي ڪنڊ ۾ ان جي هر حرڪت محسوس ڪرڻ لڳي. سڪل پنن تي هلڻ ڪري قدمن جا آواز، پردن جو سُرڪڻ، دروازن جو کڙڪڻ، انهن ڪاغذن جو ڦڙڪڻ جن تي اڃان ڪجهه نه لکيو ويو هيو.
    هوءَ ڪمري جي ڪنڊ ۾ ان جي اندر اچڻ جي انتظار ۾ ويٺل هئي پر دستور موجب هو اندر نه آيو ۽ ٻاهر چڪر هڻي هر شيءِ هيٺ مٿي ڪندو رهيو، کيس لڳو ماچيس کڙڪي رهيو آهي، پوءِ گسندڙ تيليءَ جو آواز ٻري پيو. هن ڪنن ۾ باهه محسوس ڪئي.
    “اڙي اَمنو بند ڪر” هن چيو ۽ پوءِ سڏڪا ڀري رُني ته اوندهه جي سمنڊ ۾ طوفان اچي ويو، ڏک جون ڇوليون اکين جي ڪنارن تي اچي ڳوڙهن ۾ ٻڏي ويون.
    “اڙي اَمنو باهه نه ٻار” هن وري چيو “منهنجو اندر خاڪ ٿي چڪو آهي.”
    هوءَ اوندهه ۾ روئندي رهي ۽ ٻاهر دري کڙڪندي رهي.
    جڏهن کڙڪائڻ وارا نه رهن ته بند دروازا پنهنجو ڪڙو پاڻ کڙڪائيندا آهن. ان گهر جو در بند هوندو هيو ۽ اولهه واري دري ڪڏهن بند نه ٿي. خاموشيءَ ۾ راز سمايل هوندو آهي ۽ اوندهه ۾ تجسس، پر هن وٽ راز جي ڪا معنا نه هئي ۽ تجسس اوندهه ۾ گم ٿي ويل پاڇو، هن کي پڪ هئي ته سڀ راز عيان ٿي خاموشيءَ ۾ تبديل ٿين ٿا. اولهه واري دري سمنڊ کان پري هئي. سمنڊ جو پاڻي هوا بنجي شهر جي ڀتين سان ٽڪرائبو هيو ته شهر جي ڀتين تي اڀرندڙ سينور سان گڏ گل ڦٽي پوندا هيا ۽ ڪڏهن پاڙون هيٺ لڙڪي راهه لنگهيندڙن جا ڪلها ڇهنديون هيون. ڪائنات سمنڊ آهي ۽ سمنڊ ۾ سوين سمونڊ، ڪهڪشائن جي سمنڊ کان وٺي، پاڻيءَ جي سمنڊ تائين ۽ پاڻيءَ جي سمنڊ ڪناري کان شروع ٿيندڙ هوا جي سمنڊ تائين، ڏکن، پيڙائن، وهمن، وسوسن ۽ صدمن جي سمنڊ کان اڳتي، ڏاهپ، سچائي، ڪوڙ ۽ سزائن جي سمنڊن کان، هڪ سمنڊ ٻئي سمنڊ ۾ ٻڏل آهي، هر سمنڊ ڪناري انسان ڪنڍي وجهي ويٺل آهي ۽ ان ڪنڍيءَ ۾ پاڻ ڦاٿل آهي.
    هن جو گهر به سمنڊ هيو، جنهن جي اولهه واري دريءَ مان هر ڇوليءَ کانپوءِ يادون اڇل ڏئي ٻاهر پئي ڪريون. هو ايندو هيو ۽ ماربل جون پليٽون ڪنڊن کي ڇهندڙ آڱرين جيان ڏڪڻ لڳنديون هيون. هن کي خبر هئي ته ان کي ماربل جون پليٽون انڪري وڻنديون آهن جو انهن ۾ کاڌو گيهه کانسواءِ چمڪندو آهي.
    نه انسان اڪيلو آيو آهي، نه اڪيلو ويندو، اهو ڄمڻ سان پنهنجي ڪائنات گڏ کڻي اچي ٿو ۽ وڃڻ مهل واپس کڻي وڃي ٿو، پر هن جي ڪائنات ڪمرو هيو ۽ دنيا اوندهه. هن لاءِ اوندهه کان وڏو خزانو نه هيو. اوندهه سندس اکين جو نور هئي.
    هن ڀرسان پردي سرڪڻ جو آواز ٿيو، ٽهڪ گونجيا، هن کي خبر نه پئي اهي ٽهڪ هن جا هيا يا ان جا، پوءِ پرهه ڦٽيءَ کان اڳ کيس وڇوڙي جو احساس ٿيو، سڏڪن جا آواز اڀريا. هن کي ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو. سڏڪا هن جا هيا، يا ان جا. در بي جان هيو، ڪڙو کڙڪندو رهيو. ٽيپو ٽيپو ڪرندڙ پاڻيءَ جو آواز، اسٽيل جو بي وس رڙهندڙ گلاس. قدمن هيٺان بي جان سرڪندڙ هيڊا نم جا پن، بالٽيءَ ۾ بيٺل گونگو پاڻي، تِڏ جو سمجهه ۾ نه ايندڙ آواز ۽ ٻانگ ڏيندڙ پرڀات.
    “اڙي امنو رات اڃان باقي آهي.” هوءَ وجد ۾ اچي وئي، وار کولي ڪمري جي ڪنڊ کان نڪري دالي ۾ آئي، اوندهه ۾ سوجهري جي ملاوٽ ٿي چڪي هئي. باک جي نيري هجڻ جو سبب رات جي ڳچيءَ تي ڏينهن جي آڱرين جا نشان آهن. پرهه ڦٽيءَ کانپوءِ ڏينهن ڦٽو ته هو نه هيو.
    “اڙي امنو ڪاڏي وئين؟” هوءَ اولهه واري دريءَ وٽ اچي بيهي رهي. مٿي ڏٺائين، نيري آسمان ۾ ناسي جهڙ، هيڊي چنڊ کي ڳولهي رهيو هيو.
    پوءِ ٻئي رات هو نه آيو، هوءَ ڪمري جي ڪنڊ ۾ اوندهه اندر ان جو انتظار ڪندي رهي. نه پردا لڏيا، نه ٿانءَ ڪريا، نه نم جا پيلا پن ڪنهن جي قدمن هيٺان اچي سرڪيا، نه دروازن چيڪٽ ڪيا، نه ڪڙن جي کڙڪڻ جو آواز ٿيو.
    دَري کُليل هئي،
    هوا بند هئي.


    سرد خانو

    ماڙيپور روڊ گذريل پندرهن ڏينهن کان بند هيو. نيٽو سپلاءِ روڪڻ لاءِ آءِ سي سي برج وٽ ڌرڻو هنيو ويو هيو. حڪومت جي نمائندن پهچي بند بريف ڪيس کولي ڌرڻي تي ويٺلن ۾ نڪل ۽ ريوڙيون ورهايا ته ڌرڻو ختم ٿي ويو. ٽريفڪ هلي ته روڊ تي ايڏا ٽينڪر ڪٺا ٿي ويا جو رستو جام ٿي ويو. روڊ ٽپڻ جي جاءِ نه هئي.
    کڏا مارڪيٽ جو منظور هنگورو جيڪو مڇر ڪالونيءَ ۾ جهينگا پيڪ ڪندو هيو. صبح جو سوير گهران نڪري ان ننڍڙي فيڪٽريءَ ۾ پهچندو هيو، جيڪا سمنڊ ڪناري گند جي ڍير مٿان هئي. ڪڏهن سمنڊ جو ڪنارو گل ٻائيءَ جي ان ٽرڪ اڏي کي ڇُهندو هيو جيڪو مورڙي مير بحر جي قبرستان ڀڪ ۾ آهي، پوءِ سڄي شهر جو گند ڪچرو گڏين ۾ ڀري سمنڊ ڪناري اڇلايو ويو. سمنڊ ڪچري ۾ ٻڏي ويو. ڪنارو اڳتي وڌندو ويو ۽ سمنڊ پوئتي ڌڪبو ويو. لينڊ مافيا سمنڊ کي ڪچري ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.
    مڇر ڪالوني سمنڊ ڪناري گند جو ڍير آهي، فيڪٽريءَ ۾ جهينگا پيڪ ٿيڻ کان اڳ گند تي وڇايل چادرن مٿان اس ۾ خشڪ ڪيا ويندا آهن. گند ۽ جهينگن جي بوءِ کان ماڙيپور روڊ تان لنگهيندڙن جو مٿو ڦاٽڻ لڳندو آهي. منظور هنگوري کي فيڪٽري پهچڻ ۽ گهر موٽڻ لاءِ ماڙيپور روڊ ٻه دفعا ٽپڻو پوندو هيو.
    ڌرڻو ختم ٿيڻ کانپوءِ ماڙيپور روڊ ڪيترا ڏينهن مسلسل ايندڙ ويندڙ ڪنٽينرن سان ڀريل رهيو. ڪياماڙي بندرگاهه تي اصلحي ۽ راشن جا ڍير لڳي ويا هيا. افغانستان ۾ نيٽو فوجين ۽ بندوقن جا پيٽ خالي ٿي چڪا هيا. انسان گولي کائي سگهي ٿو بندوقون ماني نه کائينديون آهن. جنگ ۾ جهاز بم نه ڪيرائيندا آهن ته پاڻ ڪرندا آهن. وقت جي تقاضا آهي، اصلحو ۽ راشن هڪ ٻئي جي بک مٽائي سگهن ٿا.
    روڊ جي ٻنهي پاسن کان ٽپڻ جي جاءِ نه بچي، آگرا تاج اڳيان سگنل وٽ بيٺل سپاهيءَ ڀڄي جان بچائي. ان ٽريفڪ کي روڪڻ لاءِ هر هر هٿ پئي کنيا پر کيس ڪنهن به ڌيان نه پئي ڏنو.
    سامان سان ڀريل ٽرالا، ڪنٽينر، ٽرڪون، واٽر ٽينڪر، ڪارون ۽ موٽرسائيڪلون، جنهن کي جتان وٿي پئي ملي اوڏانهن پئي لور ڪئي. اهڙي صورتحال ڏسي، سپاهيءَ بهتري ان ۾ سمجهي ته “دعا” هوٽل تي ويهي دودپتي پي وقت گذاري. “دعا” هوٽل مٿان ٻه وڏا هٿ ٺهيل آهن، جيڪي دعا جي انداز ۾ کنيل آهن. ماڻهو دعا گهري گهري ٿڪجي پيا آهن ۽ هاڻي مايوس ٿي انهن سيمنٽ جا هٿ ٺهرائي ڪوٺن تي رکائي ڇڏيا آهن.
    منظور هنگوري کي صبح جي وقت روڊ ٽپندي گهٽ تڪليف ٿيندي هئي پر شام جو ٽريفڪ وڌي وڃڻ ڪري هن لاءِ روڊ ٽپڻ عذاب ٿي ويندو هيو.
    چار سئو روپيا ڏهاڙي هو انڪري سٺي سمجهندو هيو جو شهر ۾ بي روزگاري عروج تي هئي، هن جي عمر جا ڪيترا نوجوان آءِ سي سي سگنل وٽ جام ٿي ويل ٽريفڪ ۾ گاڏين مان ڦر ڪندا هيا پر هو هڪ محنت ڪش هيو، اها ٻي ڳالهه هئي ته هن جي جسم ۾ جهينگن جي بوءِ ڪري سندس زال پري ڀڄندي هئي ۽ ٻارن فيڪٽريءَ جي مالڪ کان تحفي ۾ مليل پيڪٽ کولي انهن ۾ موجود جهينگن جو ٻوڙ نه کاڌو ۽ مجبور ٿي هن کي اهي پيڪٽ پاڙيسري اسماعيل اسماعيليءَ کي ڏيڻا پيا، جيڪو جهينگا شوق سان کائيندو هيو ڇو جو ان مرغين جي واپاريءَ کي ڪڪڙين جو گوشت نه وڻندو هيو.
    ڪراچيءَ ۾ گرمي گهٽ هوندي آهي پر پگهر وڌيڪ ايندا آهن. جڏهن گهڻا پگهر اچن ته احساس ٿيندو آهي تمام گهڻي گرمي آهي.
    منظور هنگوري کي به محسوس ٿي رهيو هيو هبس وڌي ويو آهي. هن زندگيءَ ۾ ڪڏهن ائرڪنڊيشن جو مزو نه ورتو هيو. ڪڏهن هڪ رات به ائرڪنڊيشن ۾ سمهڻ نصيب نه ٿيو هيو. هو جهينگن واري سيٺ جي ائرڪنڊيشن آفيس ۾ ڏهاڙي وٺڻ ويندو هيو ته ڄڻ جسم ۾ ساهه موٽي ايندو هيو، کيس خواهش هئي ته ڪڏهن پئسا گڏ ڪري ڪياماڙيءَ جي جيڪسن مارڪيٽ ويندو ۽ ڪنهن ڪٻاڙيءَ کان ڀڳل جهاز جي مرمت ٿيل ائرڪنڊيشن وٺي ايندو پر اهڙي حسرت ڪڏهن پوري نه ٿي.
    گرميءَ ماڻهن کي ڇتو ڪري وڌو هيو، روڊ تي ٽريفڪ جو دٻاءُ عروج تي هيو. منظور هنگورو همت ڪري هلندڙ ٽريفڪ ۾ گهري پوندو هيو ۽ پوءِ تيز رفتار گاڏين جي رخ کي سڃاڻي اڳتي پوئتي ٿي روڊ ٽپي ويندو هيو. ٽرالي مان منهن ڪڍي ڪڏهن ڪو کيس گار ڏئي چوندو هيو.
    “او گهر کان بيزار... خيال ڪر، رهڙجي ويندين.”
    هو اوڏانهن ڌيان نه ڏيندو هيو، هن جو ڌيان ايندڙ ويندڙ گاڏين ڏانهن هوندو هيو، کيس خبر هئي ته هن جيڪڏهن وچ روڊ تي گارين ڏانهن ڌيان ڏنو ته بي ڌيانيءَ ۾ ڪا تيز رفتار گاڏي مٿان چڙهي ويندي.
    هڪ دفعي هو روڊ ٽپي رهيو هيو ته منجهي پيو. نه اڳيان رستو پئي مليس، نه پوئتي موٽڻ جي گنجائش هئي هن ٿوري وٿي ڏسي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي ته تيز رفتار ڪار هن کي بچائيندي هڪ ڪنٽينر سان گسندي هلي وئي. ڪار واري هن کي ڪچي گار ڏني، هو خوف کان وٺي ڀڳو ۽ جان جي پرواهه نه ڪندي مرندي بچندي وڃي روڊ جي ٻي ڀر پهتو، منظور هنگوري کي خبر هئي ته زندگي ان جو نالو آهي. اها نه خراب آهي نه سٺي، بس اها زندگي آهي.
    هو تيز اس ۾ خشڪ ٿيندڙ جهينگن جو جائزو وٺندو هيو ۽ پوءِ گند جي ڍير تي ٺهيل فيڪٽريءَ ۾ پيڪ ڪندو هيو. شام جو واپسيءَ ۾ روڊ ٽپندي ايندڙ ويندڙ گاڏين سان ٽڪرائجڻ کان بچندي گاريون کائيندي گهر موٽندو هيو، جتي سندس ڪو نه ڪو ٻار بيمار هوندو هيو. جيئن نديءَ ڪناري مٽيءَ ۾ سانپي جهڙا ڪيڙا آهن. ڪياماڙيءَ کان لياريءَ تائين گندي پاڻي پيئڻ ڪري ماڻهن جا پيٽ ڪيڙن جون نرسريون بنجي چڪا آهن. منظور هنگوري جي ٻارن کي پيٽ ۾ ڪيڙا هيا. هو خواب ۾ ڏسندو هيو سڀ انسان ڪيڙن ۾ تبديل ٿي چڪا آهن.
    جڏهن هن جي ڌيءَ کي مدي جو بخار ٿيو ته کيس فيڪٽريءَ ۾ ڪم ڪندي گرمي ۽ بوءِ جو احساس وڌي ويو. بي دليءَ سان ڪم پئي ڪيائين. سڄو ڌيان گهر ڏانهن هيس، ڏهه ڏينهن ٿي ويا هيا، ڪا به دوا اثر نه ڏيکاري رهي هئي، سندس ڌيءَ ڏاڍي ڪمزور ٿي چڪي هئي. هن کي محسوس ٿي رهيو هيو ته ان جي زندگيءَ جو ڏيئو اجهامڻ وارو آهي. جڏهن شام ٿي ته هن جي دل به سج جيان ٻڏڻ لڳي. هو اهو سوچي فيڪٽريءَ مان نڪتو ته ڪجهه بچايل رقم مان ان کي شهر جي وڏي ڊاڪٽر کي ڏيکاريندو. هو هلندو ماڙي پور روڊ تي آيو ته تيز رفتار ٽريفڪ هن جو رستو روڪي بيهي رهي. هن وٽ وقت نه هيو، کيس جلدي پهچي ڌيءَ جي علاج جو بندوبست ڪرڻو هيو، هن هلندڙ ٽريفڪ ۾ گهت هنئي. موٽرسائيڪل وارو هينڊل ڦيرائي زوڪٽ ڪندي نڪري ويو. ان ويندي وڏي آواز ۾ گار ڏيندي چيو “هلا ٿي... انڌا، بيغرت”
    ڪنٽينر واري رفتار گهٽ ڪندي کيس گهٽ وڌ ڳالهايو.
    “اڙي او آپگهاتي بمبار... خيال ڪر”
    ڪار واري هن کي ٽونڪيو “گهر کان ايڏو بيزار آهين ته سامهون سمنڊ ٿي، اتي وڃي مر”
    هو ڪنهن به ڳالهه جي پرواهه ڪرڻ بنا اڳتي وڌندو ويو ۽ پوءِ نيٽو جي هڪ وڏي اصلحي سان ڀريل ڪنٽينر هيٺان اچي چيڀاٽجي ويو، هن جو لاش وچ روڊ تي پيل هيو. لاش ڏسي هر ڪنهن جي دل ۾ همدردي جاڳي پئي.
    “اڙي ويچارو”
    “اڙي غريب مظلوم ماڻهو”
    ٽريفڪ آهستي ٿي وئي.
    “خبردار اڳيان لاش پيو آهي...ڌيان سان” هڪ ڪنٽينر مان ڊگهي ڏاڙهيءَ واري چيو.
    “لاش جي حرمت جو خيال ڪيو” سزوڪيءَ ۾ ويٺل ڊرائيور چيو “مذهب لاش جي توهين جي اجازت نه ٿو ڏي”
    لاش وچ روڊ تي پيل هيو، ٽريفڪ لاش جي احترام ۾ کيس بچائيندي پاسن کان وڏي احتياط سان پئي هلي.
    ٿوري دير ۾ کارا در وٽان ايڌيءَ جي ايمبولنس آئي، لاش ايمبولنس ۾ وڌو ويو.
    منظور هنگوري جي لاش اها پوري رات سرد خاني جي ائرڪنڊيشن ۾ گذاري.


    سائڪياٽرڪ وارڊ جو ڪتو

    ٻانهون ڇاتي
    اکيون وار
    ڳاڙهي ڪاتي
    اڇو ڪارو ڀورو ناسي
    جاڳ ننڊ
    انتظار اوٻاسي
    رات مينهن
    ڪارو وڇون
    نانگ شينهن
    حياتي مماتي
    حوران دوزخ
    سڀ مسئلا نفسياتي
    لياري جنرل چرين جي وارڊ ۾ مريضن کان وڌيڪ ڪتا داخل آهن، ڪتا ڏند ڪڍي کِلن ٿا ۽ هڪ ٻئي کي مستيءَ مان هلڪا چڪ پائي ٽپا ڏين ٿا. وارڊ ۾ گهمندڙ ٻليون ڪتن کان ٽهن ٿيون ۽ ڪتا انهن پويان ائين ڊڪن ٿا جيئن رانديگر فٽ بال پويان ڀڄندا آهن.
    قطار ۾ پيل بسترن تي ميرين چادرن مٿان غليظ ڦاٽل ڪپڙن ۾ مريض ائين ڏسجي رهيا آهن، جيئن گند جا ڍير باهه ڏئي ساڙڻ کان اڳ ڪٺا ڪيا ويا هجن. سڀ مريض مٿي ڇت کي ڏسي جاڳي رهيا آهن. ناراض نرس وارڊ ۾ داخل ٿئي ٿي ته سڀ مريض ٽپو ڏئي اٿن ٿا ۽ ان طرف هٿ ڊگها ڪن ٿا.
    “سڪون جي گوري... هڪ ٻئي سڪون جي گوري.” اهي ڪنڌ ڏڪائي ائين عرض ڪن ٿا جيئن اها انهن کي نه ملي ته آڪسيجن ختم ٿي ويندي.
    سامهون ڀت تي هيڊي بلب وٽ هيڊي ڪِرڙي اُڏرندڙ جيت چوڌاري ڦري ٿي. يحيٰ بستري تان ٽپو ڏئي اٿي ٿو ۽ پادر ان کي وهائي ڪڍي ٿو. ڪِرڙي مري وڃي ٿي، ان جو پڇ ڦتڪي ٿو. سڀ ڦتڪندڙ پڇ مٿان ڪٺا ٿي تاڙيون وڄائين ٿا. نرس زور سان رڙ ڪري ٿي.
    “چپ...” اها مريضن کي بستري ڏانهن اشارو ڪري چئي ٿي “وڃو پنهنجي جاءِ تي... گهڻو گوڙ نه ڪيو.”
    ڀرسان آئسوليشن وارڊ ۾ شيزو فرينيا جو مريض موسيٰ ليٽيل آهي. چوڪيدار ان جي سخت نگراني ڪري ٿو. موسيٰ جنهن جي عمر ٻٽيهه سال آهي. اهو گذريل سورهن سالن کان هڪ رات به نه سمهيو آهي. دنيا جون سڀ دوائون هن مٿان آزمايون ويون آهن پر ڪنهن دوا هن کي سڪون نه ڏنو. پروفيسر جڏهن صبح جو رائونڊ ڪندي هن مٿان ايندو آهي ته هميشه هڪ ئي جملو چوندو آهي “جنهن ڏينهن هن کي ننڊ آئي، هيءُ ٺيڪ ٿي ويندو.”
    موسيٰ کي دنيا جي هر شيءِ خراب نظر ايندي آهي، هو ننڊ کي به خراب سمجهندو آهي. موسيٰ کي دنيا جي هر شيءِ دشمن لڳندي آهي ۽ هو ڊاڪٽر کي سڀ کان وڏو دشمن سمجهندو آهي. خوف ۾ مبتلا هجڻ ڪري هن جون اکيون ڦاٽي طوطي جيان گول ٿي ويون آهن. هن کي پنهنجو نڪ طوطي جي چهنب جهڙو محسوس ٿيندو آهي. موسيٰ سوچيندو آهي. هو لِي مارڪيٽ جي اڪبر پٺاڻ کان اوڌر تي ڇُري وٺندو ۽ نرس جو پيٽ اڳٺ وٽان ڪٽي ان جا آنڊا ڳچيءَ ۾ پائي نچندو. موسيٰ جن ڏسندو آهي، هن جي ڪنن ۾ سيٽيون وڄنديون آهن ۽ پوءِ ڪوئي هن جي ڪن وٽ اچي ڳالهائيندو آهي. ڪاوڙ مان هن جو منهن ڳاڙهو ٺڪر جهڙو ٿي ويندو آهي.
    “نه ويندين...” هو رڙ ڪري بستري تي اٿي ويهندو آهي “نه ڇڏيندو مانءِ...”
    گِڦ هن جي وات جي ڪنارن کان صابڻ جي گج جيان وهي هيٺ ڪرندي آهي پوءِ رجب هن کي ڪلهن کان جهلي بستري تي ڪيريندو آهي ۽ موسيٰ کي لڳندو آهي نرس پريان وڇونءَ جيان پُڇ مٿي ڪري ڊڪندي هن مٿان آئي هجي، ڪنهن هن جي ٻانهن کي پڪڙي سڌو ڪيو هجي ۽ نرس پنهنجي پڇ جي ڏنگ سان هن جي رڳ ۾ زهر اوتيو هجي.
    موسيٰ روئندو آهي ۽ جڏهن کلندو آهي ته هن جا ڳوڙها وهندا آهن. هو ڪنوارو آهي ۽ هٿ هوا ۾ کڻي ماءُ کي سڏيندو آهي. ماءُ هن کي هڪ مهينو پهريون وارڊ ۾ ڇڏي وئي ۽ پوءِ واپس نه آئي.
    سائڪيا ٽرڪ وارڊ هڪ ٽڪنڊي جيان آهي، جنهن جي ٻن ڪُنڊن تي مرداڻو ۽ زنانو وارڊ آهي ۽ وچ واري ڪنڊ تي آئسوليشن وارڊ آهي جنهن ۾ خطرناڪ مريض ڪڙي نگرانيءَ ۾ رکيا ويندا آهن. ٽڪنڊي ٻاهران هڪ پوروڇوٽ لڪير ۾ پروفيسر، ڊاڪٽرن ۽ نرسن جون آفيسون آهن. پروفيسر منجهند جو يارهين وڳي ايندو آهي ۽ رائونڊ ڪري هليو ويندو آهي. باقي ڊاڪٽر ڪاٺ جا ٺهيل آهن. جيڪي ڪاٺ جي ڪرسين تي ڪوڪن سان لڳل هوندا آهن. نرس جو ڪمرو ميري پاڻيءَ جي تلاءَ جهڙو آهي جنهن ۾ اهي اڇين بدڪن جيان ترنديون آهن. وارڊ جو چوڪيدار جيڪو اونهاري ۾ سياري جا ۽ سياري ۾ اونهاري جا ڪپڙا پائيندو آهي، مرگهيءَ جو مريض آهي، هن کي پَني تي لکيل درخواست کيسي ۾ پيل هوندي آهي. جيڪا هو اڳواٽ انچارج ڊاڪٽر اڳيان رکي چوندو آهي.
    “جيئن ته هڪ ڏينهن کان پوءِ مون کي مرگهيءَ جو دورو پوڻ وارو آهي تنهن ڪري اڳواٽ منهنجي موڪل منظور ڪئي وڃي.”
    چوڪيدار جو چهرو پيلو آهي، هن جي کٻي واڇ ميڻ جيان رجي هيٺ وهندي محسوس ٿيندي آهي.
    پروفيسر جيڪو ڪنهن وقت باڪسر هيو اهو وارڊ ۾ ايندي ائين لڳندو آهي ڄڻ هو آکاڙي ۾ ايندو هجي. هو ٺينگ ڏئي هلندو آهي ۽ ان جا ڪلها ائين هيٺ مٿي ٿيندا آهن جيئن هو مڪون هوا ۾ لهرائيندو هجي. وارڊ ۾ ملاقات وقت هر ايندڙ ويندڙ جو وات ڳٽڪي سان ڳاڙهو هوندو آهي. وارڊ جون ڀتيون ڳاڙهن نشانن سان ڀريل آهن ڪتا انهن کي سنگهي هر هر ڄنگهه مٿي ڪندا آهن.
    مينيا جو مريض جيڪو نوجوان شاعر آهي اهو هر هر جونئر ڊاڪٽر جي ڪمري ۾ داخل ٿئي ٿو. جونئر ڊاڪٽر ان جي اهڙي حرڪت تي ناراض ٿيڻ بدران کِلي ٿو.
    “ڊاڪٽر منهنجي نرس سان شادي ڪراءِ.” اهو عرض ڪري ٿو.
    “اڙي بابا نرس ڪا منهنجي کيسي ۾ پئي آهي؟” جونئر ڊاڪٽر مزاحيا انداز ۾ چئي ٿو. “اهڙي ڳالهه هجي ها ته نرس سان پهريون مان شادي نه ڪيان ها.”
    آفيس ۾ موجود سڀ ٽهڪ ڏئي کلن ٿا.
    “ڊاڪٽر نرس مونکي وڻي ٿي.” نوجوان مينيا جو مريض ڪاوڙ ۾ جذباتي ٿيندي چوي ٿو “مان ان سان شادي ضرور ڪندس. جيئن ته مان ٻن ڏينهن کان پوءِ ملڪ جو صدر ٿيڻ وارو آهيان ۽ فوج منهنجي ڪنٽرول ۾ هوندي، سڀ کان پهريون مان توکي مارائيندس ۽ تنهنجي آفيس تي قبضو ڪري ان نرس سان شادي ڪندس. توکي خبر نه آهي ته مان ڪيڏو وڏو ماڻهو آهيان. جڏهن حڪومت حوالي ٿيندي ته منهنجو نوڪر صحت جو وزير هوندو ۽ پوءِ مان ان جي ڪتي کان توکي چڪ پارائيندس. مان چوانءِ ٿو ڊاڪٽر پوءِ رڙيون نه ڪجانءِ... مون کي نرس وڻي ٿي.”
    پيلي منهن وارو چوڪيدار ڀڄندو اچي ٿو ۽ هن کي ٻانهن کان پڪڙي وارڊ ۾ گهلي وڃي ٿو.
    سائڪيا ٽرڪ وارڊ ۾ ڏينهن رات سڪون جي گورين جو مينهن وسندو آهي. ڳاڙهيون، هيڊيون، سايون، اڇيون ۽ ناسي گوريون ڇت مان چوني جيان ڇڻنديون آهن. ڳاڙهي دوا سان ڀريل سيون هوا ۾ مڇرن جيان اڏامنديون آهن. مريض اکيون کولي ننڊ جو انتظار ڪندا آهن اتي ننڊ ڪنهن خواب ۾ به نه ڏٺي آهي.
    شام جو جڏهن نرس ننڊ جون گوريون ورهائيندي آهي ته مينيا جو مريض گوري وٺي کٽمڙي جيان چوسيندو آهي ۽ نرس جي اکين جي تعريف ڪندو آهي. نرس ڪاوڙ مان پير زمين تي هڻي هن کي ڇڻڀيندي آهي، ميري فرش تان ڌوڙ اڏامندي آهي. ڀرسان بيڊ تي سمهيل ڊپريشن جي مريض لاوارث پوڙهي کي ڄڻ سهڪي جو دورو پوندو آهي ۽ اهو کنگهه ۾ مچي ويندو آهي. مينيا جو مريض هٿن مان نڪري ويندو آهي. اهو نرس کان ناراض ٿي ان کان انتقام وٺڻ لئي پنهنجو تازو نظم ٻڌائيندو آهي.
    ڪارو ڪانءُ
    مٿان ڪري
    “ڪان ڪان”
    اڇي بدڪ
    هيٺ ڪري
    “بڪ بڪان بڪ بڪان”
    پروفيسر ڏينهن جو يارهين وڳي سڀ کان پهريون موسيٰ مٿان ايندو آهي. ميڊيڪل آفيسر فائيل کڻي ان پويان ائين بيٺل هوندو آهي جيئن اهو پروفيسر جي چوڻ تي موسيٰ جا گناهه فائيل ۾ نوٽ ڪندو هجي.
    “بابا ننڊ آئي؟ ماني وڻي ٿي؟... سڪون محسوس ڪرين ٿو؟”
    پروفيسر هر دفعي ساڳيان سوال ورجهائيندو آهي.
    شيزو فرينيا جي مريض موسيٰ جي منهن تي ڪي به تاثر نه آهن.
    “ان ملان کي سمجهانءِ” موسيٰ پوءِ ڏڪندڙ چپن سان چوي ٿو.
    “روز اچي منهنجي جنازي نماز ٿو پڙهي... اهو ڊسپينسريءَ وارو ملان.”
    موسيٰ جي وات مان گِڦ وهي ٿي. ڊاڪٽر پراڻيون دوائون ڪٽرائي نيون لکائي ٿو. پوءِ هو زناني وارڊ ۾ ان مريض عورت وٽ اچي بيهي ٿو جنهن کي چُپ جي بيماري آهي. جنهن ڊاڪٽر سان ڪڏهن هڪ لفظ به نه ڳالهايو آهي. ڊاڪٽر جي هر سوال تي اها خاموشي ۽ حيرت مان ان ڏانهن نهاريندي آهي ۽ ان جي نوجوان ڌيءَ جنهن جا اڻڀا وار ڇلن جيان هن جي ڪلهن تي ڪريل آهن، اها هاءِ گهوڙا ڪري سڄي وارڊ کي مٿي تي کڻي ٿي.
    “اڙي ڊاڪٽر ڪجهه ڪر... منهنجي ماءُ مري ويندي.” اها هر هر سٿرن تي ڌڪ هڻي چوي ٿي. “اڙي اسان يتيم ٿي وينداسين... منهنجي ماءُ جي حالت ڏاڍي خراب آهي... اڙي اها مري ويندي.”
    مريض عورت حيرت مان ڪڏهن ڌيءَ ڏي ته ڪڏهن ڊاڪٽر ڏي نهاري ٿي.
    ڊاڪٽر وڏي آواز ۾ نسخو لکرائي ٿو ۽ پوءِ وارڊ جي مختلف مريضن وٽان ٿيندو. هو مينيا جي مريض نوجوان شاعر مٿان اچي ٿو.
    “ڪهڙو حال آهي بابا؟ ننڊ اچي ٿي؟ ماني وڻي ٿي؟ سڪون محسوس ڪرين ٿو؟”
    مينيا جو مريض پروفيسر جي منهن ڏي ڏسي کِلي ٿو.
    “ڊاڪٽر منهنجي نرس سان شادي ڪراءِ” هو چئي ٿو ۽ پوءِ جذباتي ٿي اٿي بيهي ٿو. “ڊاڪٽر صاحب شايد توکي خبر آهي ته مان وقت جو ولي آهيان. منهنجي اندر ۾ اهو سڀ موجود آهي جنهن کي تون ٻاهر ڳولهين ٿو. مان جڏهن ڪنڌ ورائي ڪلهي وٽان ڏسندو آهيان ته هيٺ سيني اندر سڀ نظر ايندو آهي. ٻاهر اوندهه آهي اندر اجرو آهي. خدا جو قسم آهي خدا ڪونهي سڀ مان آهيان... مون کي نرس وڻي ٿي.”
    پروفيسر پويان بيٺل جونئر کي ڪجهه دوائون لکرائي ٿو ۽ ڪجهه ڪٽائي ٿو. پروفيسر رائونڊ ڪندو دروازي وٽ پيل آخري مريض وٽ پهچي ٿو ۽ پوءِ هو گهت هڻي گم ٿي وڃي ٿو. وارڊ ۾ ڪتن جو ميلو مچي وڃي ٿو. ٻليون پنهنجا ڪرتب ڏيکارڻ لڳن ٿيون. ٻليءَ جي پڇ تي لت اچي ٿي ۽ سور کان ڪتو ڀونڪي ٿو. گهنڊڙي وارن وارا ڪجهه نوجوان وارڊ ۾ داخل ٿين ٿا ۽ آفيس ۾ وڃي جونئر ڊاڪٽر جي مٿي تي پستول رکن ٿا.
    “موبائيل ڪڍ” هڪ چوي ٿو. “نه ته گولي دماغ مان پار ٿي ويندئي”
    ڊاڪٽر گهٻرائجي موبائيل انهن حوالي ڪري ٿو ۽ انهن جي وڃڻ کانپوءِ ڪم ۾ ائين مصروف ٿي وڃي ٿو جيئن ڪجهه ٿيو ئي نه هجي. دوائن جي ڪمپنيءَ جي نمائندن کي ڪارا ٿيلها هٿ ۾ ائين جهليل هوندا آهن. جيئن اهي ڪنهن شيديءَ جي ڪٽيل منڍيءَ کي گهنڊڙي وارن کان جهلي بيٺا هجن. اهي پروفيسر جي آفيس ٻاهران پنهنجي واري جو انتظار ڪندا آهن. پروفيسر پاڻ کي مصروف ڏيکارڻ لاءِ انهن کي دير سان آفيس ۾ گهرائيندو آهي. اهي پروفيسر کي ڀوربن جو پيڪيج ڏيندا آهن ۽ پروفيسر هر ٻن مهينن کان پوءِ اتي وڃي تازو توانو ٿي ايندو آهي. پروفيسر پنهنجي پرائيوٽ ڪلينڪ تي انهن ڪمپنين جون دوائون ايڏي ته تعداد ۾ لکندو آهي جو اسٽور وارا پئسا وٺندي چريا ٿي پوندا آهن.
    هڪ وڏي ڪمپنيءَ هن دفعي پروفيسر کي فرانس جو پيڪيج ڏنو ۽ طئي ٿيو ته واپسيءَ ۾ هو گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪروڙ جون دوائون لکي ڪمپنيءَ کي فائدو پهچائيندو. پروفيسر ان ڏينهن کان سفر جي تيارين ۾ لڳي ويو. هن حڪومت کي هڪ مهيني جي موڪل لاءِ درخواست لکي ۽ ڄاڻايو ته فرانس ۾ سائڪياٽرڪ ڪانفرنس آهي جنهن لاءِ هن کي جيترو جلد ٿي سگهي پگهار سان موڪل عنايت ڪئي وڃي.
    تن ڏينهن شيزو فرينيا جي مريض موسيٰ جي حالت اهڙي ٿي وئي هن کي وارڊ ۾ گهمندڙ ڪتا فرشتا نظر اچڻ لڳا ۽ ٻليون شينهن، پکي جي هوا ۾ هن کي وارڊ جون ڀتيون ڪپڙي جيان لهرائيندي نظر اچڻ لڳيون ۽ ڇت ڌڙڪندڙ ڇاتيءَ جيان هيٺ مٿي ٿيندي نظر اچڻ لڳي. هن کي دماغ ۾ بارود ڀريل محسوس ٿيڻ لڳو جيڪو ڪنهن وقت به ڦاٽي غلاظت جيان ڦهلجي پئي سگهيو. ٻه ڏينهن اڳ شام جي وقت هو وارڊ مان تيزيءَ سان ڊڪندو حادثن واري شعبي ۾ هليو ويو ۽ ايمرجنسيءَ ۾ ويٺل ڊاڪٽر کي گريبان کان وٺي ڀت ۾ رنبي ٺونشا وهائي ڪڍيا. ڊاڪٽر نڪ کي ائين مهٽيندو رهيو ڄڻ توبهن توبهن ڪندو هجي. ڪمپائونڊرن موسيٰ کي دسي نشي جون ٻه سيون رڳ ۾ وهائي ڪڍيون. دوا جو موسيٰ تي ڪو اثر نه ٿيو صرف هن جون اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون ۽ انهن ۾ پاڻي ڀرجي آيو.
    موسيٰ هڪ ڏينهن اڳ نرس کي چوٽيءَ ۾ هٿ وڌو، هن کي ان جي ڪاري چوٽي نانگ نظر آئي، نرس رڙ ڪري وارڊ مان ڀڳي موسيٰ کي لڳو ڪارو نانگ نرس کي ڊيڪائي پيو هجي.
    فرانس وڃڻ کان هڪ ڏينهن اڳ پروفيسر وارڊ ۾ آيو ۽ سڀ کان پهريون هن آئسوليشن وارڊ ۾ ڪنڌ وجهي موسيٰ کي نهاريو. موسيٰ اکيون کولي مٿان هلندڙ پکي کي ڏسي رهيو هيو. پروفيسر اڳتي وڌي هن مٿان آيو ۽ هن کي ڏسڻ لڳو.
    “ڪهڙو حال آهي بابا؟... ننڊ اچي ٿي ۽ بک لڳي ٿي؟... سڪون محسوس ٿئي ٿو؟” هن چيو.
    موسيٰ ڳاڙهيون اکيون پکي مان هٽائي پروفيسر کي ڏٺو.
    “ڊاڪٽر تون نه سڌرندين” موسيٰ ڏڪندڙ چپن سان چچريل آواز ۾ چيو. “دنيا ۾ ڪو به سڌريل نه آهي. نه مان سڌريل آهيان نه منهنجو پيءُ سڌريل هيو.”
    “ٺيڪ ٿي ويندين بابا... وقت لڳندو.” پروفيسر چيو “جنهن ڏينهن ننڊ آيئي پاڻهي ٺيڪ ٿي ويندين. ان بيماريءَ ۾ ائين ٿيندو آهي. ڪا ئي ڳالهه نه آهي.”
    پروفيسر پراڻيون سڀ دوائون ڪٽرايون ۽ نيون لکرايون. پروفيسر وارڊ جو رائونڊ پورو ڪيو ۽ پوءِ هن آفيس ۾ ويهي فرانس وڃڻ کان اڳ سڀ ڪاغذي ڪاروايون پوريون ڪيون.
    هڪ مهيني کانپوءِ فرانس جو دورو مڪمل ڪري جڏهن پروفيسر وارڊ ۾ داخل ٿيو ته هو آئسوليشن وارڊ ٻاهران اڪيلو اچي بيهي رهيو. هن در اندر ڪنايو ته هن کي اندران کونگهرن جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا. هن سوچيو موسيٰ ٺيڪ ٿي ويو. دوائن دير سوير هن جي دماغ تي اثر ڪيو. سڪون ۽ فرحت کان هو هڪ وڏي مزيدار ننڊ ۾ ستو پيو آهي. پروفيسر خوش ٿيو ۽ هڪ مرڪ هن جي چپن تي اچي وئي. هو مرڪندي اندر داخل ٿيو. هن ڏٺو اڇي چادر هيٺان موسيٰ وڏا ساهه کڻي گهري ننڊ ۾ ستل هيو. هن جيئن ئي چادر سوري ته هن جو ڇرڪ نڪري ويو. هن ڏٺو چادر هيٺان موسيٰ نه ڪتو سمهيو پيو هيو.
    پروفيسر ڪاوڙ ۾ وٺي رڙ ڪئي، وارڊ جا سڀ جونئر ڊاڪٽر، نرسون ۽ ڪمپائونڊر ڀڄندا هن وٽ آيا.
    “موسيٰ ڪاڏي ويو؟” پروفيسر چيو.
    سڀ ڪنڌ هيٺ ڪري بيهي رهيا.
    “سر... مم... مم... موسيٰ” نرس ڳيت ڏئي ڊڄندي وڏي ڏک مان چيو “موسيٰ خودڪشي ڪري ڇڏي”
    پروفيسر ٿڌو شوڪارو ڀري نرڙ کي ڌڪ هنيو. ان ڏينهن هو وارڊ جو رائونڊ ڪرڻ بدران اڪيلو وڃي آفيس ۾ ويهي رهيو.


    گٽر تي ويٺل ڀڳوان

    ڪراچيءَ جي موسميات واري علائقي کان اڳتي جوهر ڪمپليڪس سامهون روڊ تان ڪو گٽر جو ڍڪڻو چوري ڪري ويو.
    ڪڏهن گٽرن کي لوهه جا ڍڪڻ ڏنل هوندا هيا. لوهه سستو هيو ۽ هاڻي مهانگو آهي. شهر جي ڪارخانن ۾ لوهه مان نٽ بلٽ، گوليون ۽ ٻيو سنهو سڪو سامان جيڪو بم ۾ استعمال ٿيندو آهي، خودڪش بمبار چيلهه سان ٻڌي شهر ۾ گهمندا آهن ۽ پوءِ مسجدن امام بارگاهن، مذهبي ۽ سياسي دفترن جي سامهون پاڻ کي آرام سان اڏائي ڇڏيندا آهن. شهر ۾ لوهه ناياب آهي جيڪو دهشت گردن جي ويڻين ۾ هٿ ڪڙين جيان وجهي سگهي.
    سٽي گورنمينٽ جي ٺيڪيدارن کي خيال آيو، جيڪڏهن لوهه جا ڍڪڻ چوري ٿا ٿين ته پوءِ اهڙا ڍڪڻ ٿا ٺاهيون جن جو سيمنٽ اسان چوري ڪري سگهون. انهن لوهه جي ڍڪڻ جي جاءِ گٽرن کي سيمنٽ جا ڍڪڻ ڏنا، جيڪي گٽرن مٿان رکڻ سان ڀڄي پيا.
    شهر ۾ ضرور سوين گٽر کليل هوندا پر مان توهان کي جوهر ڪمپليڪس واري گٽر جو مثال ان ڪري ڏيڻ پئي چاهيو ته اهو اڪثر منهنجين نظرن سامهون هوندو آهي، ائين نه سمجهجو ته شهر جي حالتن کان متاثر ٿي منهنجين اکين ان گٽر ۾ پناهه ورتي آهي پر اهو خوني دهشت گرد گٽر ڪيترن ئي انسانن جون جانيون ڳڙڪائي ويو آهي. ٻن معصوم ٻارن جا لاش ته مون پنهنجين اکين سان نڪرندي ڏٺا. روڊ جو اهو حصو هيٺائينءَ طرف آهي، جڏهن مينهن وسندو آهي ته پاڻي هيڏانهن هوڏانهن ڊڪندو ايڏي ته تڪڙ مان ان ۾ داخل ٿيندو آهي جو گٽر جو منهن صفا بند ٿي وڌيڪ پاڻيءَ کي اندر وڄڻ جي اجازت نه ڏيندو آهي. پاڻي گٽر مٿان منجهي ائين جمع ٿي ويندو آهي جيئن شهر جي ڪنهن چوسول تي ٽريفڪ سنگل ٽوڙڻ جي عادت ۾ گاڏيون هڪ ٻئي ۾ ڦاٿل هونديون آهن.
    جوهر ڪمپليڪس جو اهو گٽر هيٺائينءَ ڪري پري کان نظر نه ايندو آهي. روڊ تي گاڏيون تيز هلندي ان ۾ ڦيٿو لهي وڃڻ سبب ڦاسي پونديون آهن. شبير گبول ۽ بشير گبول جيڪي شهباز تڪا هائوس ٻاهران ويٺل هوندا آهن، گٽر ۾ ڦاٿل ڪنهن بي وس گاڏيءَ واري وٽ ايندا آهن ۽ چوندا آهن.
    “صاحب مدد گهرجي؟”
    بي وس گاڏيءَ وارو جيڪو افسوس مان ڪنهن مدد لاءِ واجهائيندو آهي، اهو انهن ٻنهي گبولن جي منهن ۾ ائين ڏسندو آهي جيئن ظالم شهر جي قاتل روڊ تي ڪي اهڙا فرشتا بيٺل هجن جن کي ڪلهن وٽ خوبصورت پرن ۽ نوراني چهرن بجاءِ وڏيون مڇون ۽ ڏاڙهيءَ جا کهرا وار هجن، جيڪي ان ڳالهه جي گواهي ڏيندا هجن ته دهشتگرديءَ جي ڏينهن ۾ فرشتا روپ بدلائيندا آهن. وقت جو تقاضو آهي ته هاڻي انهن نوراني چهرن ۽ اڇن کنڀن وارن فرشتن جو دور نه آهي، فرشتا به اهڙا هجڻ گهرجن جن کي ڏسي يقين ٿئي ته اهي ظالم وقت جا فرشتا آهن. فرشتن جا کنڀ کسي چڪا آهن. ڏاڙهيون وڌي چڪيون آهن. بي ترتيب مڇون هيٺ لڙڪي رهيون آهن. انهن جا منهن ڌوتل نه آهن. ڪپڙا ميرا ۽ پراڻا ٿي ڦاٽي چڪا آهن. ظالم شهر جا فرشتا يتيم ٿي چڪا آهن، انهن جو پيءُ مري چڪو آهي.
    عزرائيل وٽ وقت نه آهي، جو هر هر رت هاڻان پر ڌوئي سگهي. اهو شهر جي روڊن تان زخمي روح ڍوئي ٿڪجي چڪو آهي.
    گٽر ۾ ڦاٿل گاڏين کي بشير گبول ۽ شبير گبول ئي ڪلهو ڏئي ٻاهر ڪڍي سگهندا آهن، ٻئي کي طاقت نه آهي. ڀلا جبرائيل جو ڪم ازرائيل ڪيئن ڪري سگهي ٿو.
    گاڏي ٻاهر ڪڍڻ کان پوءِ جڏهن گٽر ۾ ڦاٿل گاڏيءَ جو مالڪ پرس ۾ هٿ وجهي ڳاڙها نوٽ ڪڍندو آهي ته بشير گبول پوتڙي سان ڪلهو اگهندي چوندو آهي.
    “صاحب ڳاڙهن جو وقت ويو، ٿورو نيرن جو نظارو ڪراءِ”
    گاڏيءَ جو مالڪ ڦڪي مرڪ مرڪندو آهي، اهو دل ۾ خوشي محسوس ڪندو آهي ته شڪر ٿيو مصيبت وقت ڪو ته مدد لاءِ پهتو نه ته گاڏيءَ کي گٽر مان ڪير ڪڍي ها؟ جوهر ڪمپليڪس اڳيان ڪِرين ته گهرائي نه ٿي سگهجي، ڇو جو سڀ ڪرينون بندرگاهه تي پاڻيءَ جي جهاز مان دهشتگردن لاءِ اصلحو لاهڻ ۾ مصروف آهن.
    “اڙي بابا، هيءُ وٺ نيرو نوٽ... هاڻي خوش” گاڏيءَ وارو چوندو آهي.
    بشير گبول اداس منهن هيٺ ڪري چوندو آهي “سائين شبير گبول کي ڏنو اٿوَ باقي بشير گبول ڏوهه ڪيو؟”
    “نه، وڌيڪ نه” گاڏيءَ جو مالڪ چوندو آهي. “وڃو ورهائي کڻو”
    جوهر ڪمپليڪس جو اهو خوني گٽر جنهن کان بچندي وري ڪڏهن تيز رفتار گاڏيون اوچتو ٽرن ڪٽيندي پويان ايندڙ گاڏين سان ٽڪرائجي پونديون هيون ته وڏو گوڙ مچي پوندو هيو.
    “تنهنجو ڏوهه آهي” هڪ گاڏيءَ وارو چوندو هيو.
    “نه، تنهنجو ڏوهه آهي” ٻيو گاڏيءَ وارو چوندو هيو.
    “اڙي بابا نه هن جو ڏوهه آهي، نه تنهنجو ڏوهه آهي، ڏوهه هن گٽر جو آهي.” ڪلن ڪاسائي ڇري لهرائيندو لڙڪندڙ رانن واري دوڪان تان لهي روڊ تي ايندو هيو ۽ ائين ڇري هوا ۾ لهرائي ڳالهائيندو هيو جيئن لفظن سان تلوار بازي وڙهندو هجي.
    “اڙي پري ٿيو، ڇا جو گوڙ مچايو اٿوَ؟” ٽريفڪ سپاهي وچ ۾ اچي چوندو هيو، پويان ٽريفڪ جام ٿي وئي آهي، پري ڪيو گاڏيون”
    اهو سيٽي وڄائيندو هيو، ڪجهه ڏي وٺ کان پوءِ وري ٽريفڪ روان ٿي ويندي هئي، پوءِ ٽريفڪ پوليس وارو وچ روڊ تي بيهي ملير کان ايندڙ ڪنهن سوزوڪيءَ واري کي اهو چئي چالان جي ڌمڪي ڏيندو هيو ته “کير جا دٻا ايڏا ته رکيا اٿئي جو گاڏي اورلوڊ آهي، ويهه روپيا ڏي ته ڇڏيانءِ”
    سوزوڪيءَ وارو منٿ ڪندو هيو.
    “صاحب ڏهه روپيا وٺ، مان واڙي وارو نه پر واڙي واري جو ملازم آهيان.”
    ٽريفڪ سپاهي ڪاوڙجي پوندو هيو.
    “اهي ڏهه روپيا پيءُ کي ڏجانءِ ته ڀڳڙا وٺي کائيندو”
    “وٺ ڀلا وٺ” سوزوڪيءَ وارو کيس چالان ڪٽيندي ڏسي تڪڙ مان چوندو هيو.
    ان گٽر ۾ هڪ دفعي ساڳي سوزوڪيءَ واري جي گاڏي تيز رفتاريءَ ڪري ٽڪرائجي ڪلٽي ٿي پئي، کير جا دٻا هيٺ ڪري کُلي ويا ۽ کير ائين هارجي ويو جيئن اهڙي عورت جي ٿڻن مان وهيو هجي جنهن جو ابهم بيماريءَ جي حالت ۾ ڪنهن وڏي اهلڪار جي اچڻ سبب بند ڪيل ٽريفڪ سگنل جي روڊ ڪناري ڦاٿل ايمبولنس ۾ اسپتال ويندي دم ٽوڙي ويو هجي. ٻار جي فوت ٿيڻ کانپوءِ ڪجهه عرصي اندر عورت جا ٿڻ کير سان ڀرجي دلن جيان روڊ تي ڀڄي پيا هجن. روڊ تي ڪلٽي ٿيل سوزوڪيءَ مان هاريل کير ڪري ڪتن ۽ ٻلن جي عيد ٿي وئي هجي. ان کان اڳ جو کير ڊوڙندو گٽر جو رخ ڪري رستي ۾ ئي چٽ ٿي ويو. ماڻهن کي خبر نه هئي ته ڪو ان علائقي ۾ ايڏا ڪتا ۽ ٻلا موجود آهن. ڏسندي ئي ڏسندي سوين ڪتا ۽ ٻلا کڏن کٻن، پريان بيٺل جهاڙين، پيٽرول پمپن، ڪاسائيءَ جي ڪاٺ جي دوڪان هيٺان پيل ويران کوکن، سبزي فروش جي خالي ڳوڻين، بقالڪي دوڪان جي ظاهر نه ٿيندڙ وٿين، حجمن جي سيلونن ٻاهران پيل وارن جي دٻن مان نڪري کير پيئڻ لڳا. اهڙي ماجرا ڏسي اتان لنگهيندڙ بس ۾ ويٺل هڪ ڪولهڻ هنج ۾ سمهيل ڪڻڪ رنگي ابهم کي ايڏو ته سيني سان چهٽائي ڇڏيو جو ابهم روئڻ لڳو. بس جي ڪنڊيڪٽر ڳٽڪو چٻاڙيندي چيو.
    “ڇا ڪولهڻ، ڇا ٻار جي چمڙي”
    “ها... ها... ها...” بس جي دريءَ مان هڪ ٺوڙهو منڍي ڪڍي کِلڻ لڳو، ڪتا ۽ ٻلا قطارن ۾ کير پيئندا هيا.
    جوهر ڪمپليڪس جو گٽر ڪنهن دهشت گردي کان گهٽ نه هيو. ان ڪيترائي ماريا، ڪيترائي زخمي ڪيا، ڪو پڇاڻو نه ٿيو. گٽر کي ڪير گرفتار ڪندو؟ اهو ته پوءِ به گٽر هيو، شهر جي روڊن تي جيئرا جاڳندا دهشتگرد آزاد گهمي رهيا آهن، ڪيرڪُڇي سگهيو آهي؟ شهر ۾ روز گهٽ ۾ گهٽ ڏهه ويهه ماڻهو مرن ٿا. وڌ ۾ وڌ خدا کي خبر، ڇو جو خدا هر شيءِ ڏسي ٿو. شهر جو رپورٽر هر شيءِ نه ٿو ڏسي سگهي، خدا جي خبر ٽي ويءَ تي نه ٿي هلي. خدا ماڻهن کان ناراض آهي يا ماڻهو خدا کان ناراض آهن؟
    هڪ ڏينهن بشير گبول ۽ شبير گبول جوهر ڪمپليڪس وارو علائقو ڇڏي کارا در مٺي پاڻيءَ جي ڳولها ۾ ويا ۽ رت ۾ ٻڏي مئا. جوهر ڪمپليڪس جو گٽر يتيم ٿي ويو. گاڏيون ڦاسنديون هيون ته ڪو ڪڍڻ وارو نه هوندو هيو. عوام لاءِ عذاب وڌي ويو. ڪنهن همت ڪئي ۽ هڪ وڏو پٿر کڻي کليل گٽر ڪناري رکي ڇڏيو. جيئن ايندڙ ويندڙ کي خبر پوي ته اتي گٽر آهي.
    اهو پٿر، جنهن پٿر جهڙن ٻين پٿرن جي ڪراچيءَ ۾ ڪمي نه آهي. گلستان جوهر اڌ کان وڌيڪ پٿرائين پهاڙين تي بيٺل آهي. هر طرف پٿر ئي پٿر آهن. ڪراچي ڪوهستان جو حصو هيو. پٺاڻ ماني گهٽ پٿر وڌيڪ کائيندا آهن. ڪوهستان ٽڪجي ويو. اڏوهيءَ ڪاٺ کائڻ کان توبهن ڪئي آهي، روڊن تي لاشن جا ٽڪرا ڪنڪريٽ جيئن پيل آهن. پهاڙن ۾ ڌماڪو ٿئي ٿو ۽ شهر جي روڊن تي ڌماڪو ٿئي ٿو. ڪٿي پٿر اڏامن ٿا، ڪٿي ماڻهوءَ جي جسم جا ذرا وکرجي وڃن ٿا.
    شهر جا روڊ، رستا، عمارتون، مسجد، مدرسا، سياسي دفتر ۽ جوهر ڪمپليڪس سامهون کليل گٽر سڀ دهشت گردن جو روپ ڌاري چڪا آهن.
    پر کليل گٽر جي پاسي کان پيل پٿر ڀڳوان آهي. ڀڳوان، جنهن جو چچريل چهرو گاڏيءَ وارن، موٽرسائيڪل ۽ چنگچيءَ وارن کي پري کان نظر اچي ٿو. اهو گٽر مٿان ڪنهن گارڊ جيان بيٺل آهي. پوري ٽريفڪ پاسو ڪري لنگهي ٿي. ان راهه جي پٿر ڪئي جانيون بچايون. ٻار اسڪول کان موٽندي پٿر ڏسي پاسو ڪن ٿا. مينهن وسڻ کانپوءِ اهو پٿر پاڻيءَ ۾ ظاهر هجڻ ڪري گٽر جي نشاندهي ڪري ٿو، راهگير پاسو ڪن ٿا.
    شهر ۾ ماڻهو ماڻهوءَ کي ماري وجهي ٿو. جوهر ڪمپليڪس سامهون روڊ تي گٽر مٿان پاسي سان پيل پٿر جانيون بچائي ٿو. پٿر جي عظمت کي سلام آهي.


    ڏاند جون اکيون، گهوڙي جا ڪن

    ڪو شڪست کاڌل بادشاهه لشڪر کان وڇڙجي، اڪيلو ڪنهن بيابان ۾ وڃي نڪتو. بيابان ڪنهن ڪنجوس جي دل جيان خشڪ ۽ ويران هيو. ڪٿي به پاڻيءَ چڪو نه هيو جو اڃ اجهائجي، ڪو وڻ نه هيو، جنهن هيٺان سِر بچائجي. پري پري سڃ واڪا پئي ڪيا ۽ رڃ اهڙي اڃ جو ڏيک پئي ڏنو جنهن ۾ پاڻي پاڻ انسان کان وڌيڪ پياسو هيو. بادشاهه ته زخمي نه هيو پر سندس دل زخمي هئي. ڪپڙا ڦاٽي چڪا هيا، ڏاڙهي بي ڍنگي ۽ منهن ميرو هيو.
    شڪست اهڙو سبق هوندي آهي جنهن ۾ انسان فتح جو باب پڙهندو آهي. بادشاهه به پنهنجي شڪست جا سبق سوچيندو گهوڙي تي بيابان جا دڳ ڳولهيندو رهيو. گهوڙو به ٿڪيل هيو، گذريل ڪيترن ڏينهن کان ان کي پاڻي نصيب نه ٿيو هيو. بادشاهه پياسي گهوڙي جي پاسي کان ٻڌل دنگيءَ مان هر هر هلڪو ڍڪ ڀري نڙي آلي ٿي ڪئي پر گهوڙو پاڻيءَ لاءِ واجهائيندو رهيو. جنگ ۾ انسان دشمن جي رت سان اڃ اجهائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. پر گهوڙو آخر گهوڙو هيو، ان کي پاڻيءَ جي سخت ضرورت هئي. سَڏ پنڌ جو هلي سهڪيو پئي ۽ هيانءُ ڦاڙ هڻڪار پئي ڪيا.
    آخر بادشاهه کي پري کان ڪو نخلستان نظر آيو ته سندس من کجيءَ جي ڦرهن جيان ٽڙي پيو. اهو نخلستان پري کان ائين پئي ڏٺو جيئن ڪنهن جو محبوب کان مليل ڳاڙهن ۽ هيڊن گلن وارو سائو رومال رستي ۾ ڪري پيو هجي. بادشاهه اڃايل گهوڙي کي ساڻ ڪري تخلستان ڏي وڌيو ته ڏٺائين اتي هڪ کوهه هيو جنهن مٿان ايٽ پئي هليو. ايٽ جي مالهه ۾ ٻڌل ڪينرين مان پاڻي هيٺ ڪري نيسر مان وهندو ٻني ۽ ٻارن ڏي پئي ويو. صاف پاڻي پيئڻ کان پهريون ڄڻ اکين کي مٺو پئي محسوس ٿيو. گهوڙي کي ڄڻ پاڻيءَ جي خوشبوءِ آئي ۽ ان جا هڻڪار ٽهڪن ۾ بدلجي ويا.
    جڏهن ويجهو آيا ته ايٽ جي آواز تي ڇرڪي، گهوڙو ٽاهه کائي هر هر هڻڪار ڪري اڳيون ٽنگون مٿي کڻي زور سان ڌرتيءَ ۾ هڻڻ لڳو. بادشاهه ٻُچڪر ڏئي گهوڙي جون واڳون ڇڪي ان کي سامت ۾ آڻڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. ايٽ جي آواز تي گهوڙي ٽاهه پئي کاڌا، شايد سمجهيائين واپس جنگ جي ميدان ۾ موٽي ويو آهي ۽ ساڳيو لڙ شروع ٿي ويو آهي. بادشاهه همت ڪري هيٺ لهي گهوڙي کي واڳن کان ڇڪي ان کي سامت ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر ايٽ جي آواز تي ڄڻ گهوڙي کان اڃ ئي وسري وئي. بادشاهه رڙ ڪري هاريءَ کي سڏيو ته اچي ڏاندن کي جهلي رينگٽ بند ڪري ته گهوڙو سامت ۾ اچي پاڻيءَ جا ٻه ڍڪ پي سگهي. هاري آيو ۽ ڳالهه ٻڌي هٿ ادب جا ٻڌي عرض ڪيائين ته “حضور جيڪڏهن ڏاندن کي روڪي ايٽ بيهاريندس ته نيسر ۾ پاڻي نه ايندو ۽ گهوڙو وري به پياسو رهجي ويندو.
    پوءِ بادشاهه ۽ هاريءَ ۾ هيٺين گفتگو ٿي.
    بادشاهه “ان جو ڪهڙو حل آهي ته ايٽ به هلي ۽ گهوڙو به پاڻي پيئي؟”
    هاري “دنيا ۾ گهڻا انسان گهوڙي جيان آهن جيڪي ايٽ جي آواز ڏي ڌيان ڏين ٿا ۽ اڃايل رهجي وڃن ٿا.”
    بادشاهه “ايٽ مان تنهنجي ڪهڙي مراد آهي؟”
    هاري “ايٽ دنيا جي گردش آهي، مالهه ۾ ڪينريون گول ڦرن ٿيون ۽ اسين نيسر ۾ وهندڙ زندگيءَ جا ڍڪ ڀريون ٿا.”
    بادشاهه “اهو رينگٽ بند ڪر، منهنجو گهوڙو اڃايل آهي.”
    هاري “رينگٽ ڪيئن بند ڪيان، دنيا آهي ته رينگٽ آهي، ٻاجهر آهي، گوار آهي.”
    بادشاهه “ته پوءِ طريقو ٻڌاءِ گهوڙو ايٽ ڏي ڌيان نه ڏي”
    هاري “طريقو اهو آهي ته پاڻ گهوڙو ٿيءُ، پوءِ سوچ”
    بادشاهه “بادشاهه گهوڙو ٿي ته دشمن سوار ٿي ويندا”
    هاري “دنيا ۾ وڏو دشمن رينگٽ آهي جيڪو گهوڙي تي سوار آهي”
    بادشاهه “گهوڙي تي هڪ بادشاهه سوار آهي، بادشاهه رينگٽ ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟”
    هاري “گهوڙي تي بادشاهه سوار هجي ها ته گهوڙو اڃ نه مري ها”
    بادشاهه “ڇا مطلب؟”
    هاري “گهوڙو توسان واڳ ڇڪڻ تي نيسر ويجهو نه آيو. جيڪڏهن تون سوار هجين ها ته گهوڙو اشاري تي عمل ڪري ها، پر هن تي رينگٽ سوار آهي.”
    بادشاهه “تون مونکي هاري گهٽ عالم وڌيڪ ٿو سُجهين. ٻڌائي سگهندين ته منهنجو هيءَ حال ڇو ٿيو آهي؟”
    هاري “هر حال ماڻهوءَ جي حال مان ظاهر هوندو آهي. تنهنجي شڪست ايٽ جي آواز کان ٿي آهي.”
    بادشاهه “ڇا مان ڪنن جو ڪچو آهيان؟”
    هاري (ڪو جواب نه...)
    بادشاهه “مون ڏي ڏس، منهنجي مياڻ نه ڏس”
    هاري “مان ڪيئن ڏسي سگهندس.”
    بادشاهه “ڇو؟”
    هاري “مان ايٽ ۾ ٻڌل ڏاندن جيان انڌو آهيان.”
    بادشاهه ڪنڌ کڻي ڏاندن ڏي ڏٺو، ڏاندن کي اکين تي کوپا چڙهيل هيا.
    بادشاهه “برابر ڏاند انڌا آهن پر تنهنجين اکين تي کوپا چڙهيل نه آهن؟”
    هاري “منهنجين اکين جا کوپا انڌي کي نظر ايندا”
    بادشاهه “ته ڇا مان اکيون بند ڪيان؟”
    هاري “اکين بند ڪرڻ سان ڪو انڌو نه ٿيندو آهي.”
    بادشاهه “ته پوءِ تون ڪهڙين اکين جي ڳالهه ٿو ڪرين؟”
    هاري “سمجهه جي اک جيڪا انسان کي عطا ٿئي ٿي.”
    بادشاهه “پوءِ ڏاند؟”
    هاري “ڏاند انڌا چڱا”
    بادشاهه “ڏاند ڏينهن ڏسندا ته ڇا ٿي پوندو؟”
    هاري “ڪنهن ڪم جا نه رهندا”
    بادشاهه “پوءِ گهوڙو؟”
    هاري “ڏاند جون اکيون، گهوڙي جا ڪن”
    بادشاهه ڪنڌ مان رومال ڇوڙي گهوڙي کي ڪنن چوڌاري ويڙهيو پوءِ آهستي آهستي نيسر طرف وٺي ويو. گهوڙي ڍئو ڪري پاڻي پيتو ۽ مست ٿي ڪنڌ ڇنڊيو ته سندس وات ۽ نڪ مان هلڪيون بوندون ست رنگي ريکائون ٺاهينديون وکرجي ويون.
    بادشاهه هاريءَ جا ٿورا مڃيا، موڪلائي واپس وريو. سٺا صلاحڪار رکيائين ۽ فتحياب ٿيو.


    گواهه جيڪو مجرم هيو!

    هن تي عشق جو الزام هيو، جيڪي عشق کان محروم هوندا آهن، اهي الزام تراشيون ڪندا آهن. جڏهن سچ موڪلائي وڃي ته عشق ڏوهه ٿي پوندو آهي. ڪوڙ جي وقت ۾ جنهن سان عشق ٿي وڃي اهو سچ کانسواءِ ڪجهه نه هوندو آهي.
    هن تي الزام هيو، هو ملزم هيو، مجرم ثابت ڪرڻ لاءِ چئن گواهن جي ضرورت هئي. هن جي عاشقيءَ جا چار گواهه جيڪي سندس دوست هيا.
    اها عمارت هن جي تصور ۾ جهڙ جي پاڇن جيان ڪڏهن ظاهر پئي ٿئي ته کيس اهي چار چهرا ياد پئي آيا، جن جون اٺ اکيون عشق جو جائزو وٺي رهيون هيون. اها عمارت هن جي چئن گواهن جي پناهگاهه هئي ۽ اربيلا جيڪا سورج مکيءَ جيان هئي، اها عمارت اڳيان گهمندي هئي ته ائين لڳندو هيو جيئن ڏينهن تتي جي چانڊوڪيءَ ۾ سڀ رستا ويران ٿي ويا هجن. ويرانيءَ جو سبب اهو هوندو هيو ته اربيلا جي موجودگيءَ ۾ ان کانسواءِ ڪا به شيءِ ڏسڻ لائق نه رهندي هئي. ان جو نظارو اکيون ۽ چپ تخليق ڪندو هيو. انسان عشق ۾ انڌو ٿي ڏسڻ لائق ٿئي ٿو. اربيلا جون ٻه اکيون ٻه جهان هيون. هڪ اک ماريندي هئي، ٻئي اک جيئاريندي هئي. جنت ۽ دوزخ، وفا ۽ بي وفائيءَ جا نانءُ آهن.
    اهي چار گواهه ڇڏي، هو پنهنجي عشق جو پنجون گواهه ٿي پئي سگهيو پر ملزم پنهنجي گواهي پاڻ نه ڏيندا آهن. ڇهين گواهه اربيلا هئي پر وقت ٿيو اها هن کي وساري ويٺي هئي.
    يادون دماغ جي ريح آهن. ياد نه ڪرڻ مٿي ۾ سور جو سبب هوندو آهي. هو اربيلا کي ڪيئن وساري پئي سگهيو پر اربيلا هن کي وقت سان وساري ويٺي. اربيلا جي يادن ۾ هو فوت ٿي چڪو هيو، سندس لاش وقت جون ڳجهون کائي چڪيون هيون. قيامت جي نشانين مان هڪ نشاني اها آهي ته جنهن کي توهان سڀ کان وڌيڪ سڃاڻيندا هجو، اهو توهان کي نه سڃاڻي! اڪيلائي انسان کي گناهن جي احساس ۾ مبتلا ڪري وجهندي آهي. هو اڪيلو هيو ڪنهن نه ڪيل گناهه جي زير اثر پاڻ کي ڏوهي سمجهي عشق جي عدالت ۾ هڪ ملزم جيان بيٺل هيو. سوچيائين، جيڪر چئن گواهن جي پيش ٿيڻ کانپوءِ پاڻ کي مجرم ثابت ڪري ڦاسيءَ جو سزا وار ٿي سگهي. اهو سوچي انهن چئن گواهن کي ياد ڪيائين جيڪي هن جا دوست هئا، ان جهڙيالي عمارت جا رهندڙ هيا جنهن ۾ هن انهن سان وقت گذاريو ۽ ان اڳيان انڌيرن ۾ ويڙهيل انهن رستن تي گهمندي هو اربيلا جي عشق م مدهوش ٿيڙ کائيندو رهيو.
    هن جي عشق جو پهريون گواهه اهو شخص هيو جنهن کي ڪاري ڏاڙهي ۽ لڙڪندڙ مڇون هيون. اهو جوانيءَ ۾ ٿلهو متارو شخص هيو، جيڪو پوءِ مٺن پيشابن جي بيماريءَ ۾ ڏينهون ڏينهن ان صابڻ جهڙو ٿي ويو جيڪو روزگار ڪمائيندڙ هٿن جي ڌوپجڻ ڪري ڳري چٽ ٿي ويندو آهي. اهو هڪ خوش دل شخص هيو جنهن جي ٽهڪن سان عمارت گونجندي هئي. اها پراسرار عمارت واري ڪاليج جيڪا شهر کان ٻاهر هئي ۽ ان جا پروفيسر وقت کان اڳ ٺوڙ ها ٿي وڃڻ ڪري ٽوپ پائيندا هيا. اتي هاسٽل ۾ ڪل ملائي ٻائيتاليهه ڪمرا هيا. ڪمرن جي ڀڳل درين تي لڳل ڄارين مان اندر ويٺل ائين ڏسبو هيو، جيئن ڪو پتنگ ڄاري ۾ ڦاٿل هجي ۽ اندر ويٺل ٻاهر ڏسندو هيو ته ائين سمجهندو هيو جيئن ڄاري ۾ ٻه اکيون ڦاٿل هجن. ان ٿلهي متاري خوش دل شخص سان هن جي ملاقات اتي ئي ٿي. اهو ڪمري اڳيان وڪڙ ڏئي ويندڙ ڪاريڊور هيو جتي هو ڪرسي وجهي ٻاهر گهمندڙ ماڪوڙن جو جائزو وٺي رهيو هيو، جيڪي ڄڻ يونيفارم ۾ فوجين جيان قطار ڪري وڃي رهيا هيا. پر هن ويجهو نه اچي رهيا هيا ڇو جو کيس لانگ بوٽل باتل هيو. انهن ڏينهن هو ڪمري ۾ اڪيلو رهندو هيو. اهو ٿلهو متارو شخص ان ڪاريڊور مان لنگهيو ته سندس نظر هن تي پئي ۽ هلندي ائين رڪجي ويو جيئن رستو ڀلجي پيو هجي. اهو هن ويجهو آيو ۽ سوال ڪيائين
    “منهنجي داخلا دير سان ٿي آهي، رهڻ لاءِ ڪمرو نه آهي، ڇا تون مدد ڪري سگهندين؟”
    هن ڪنڌ کڻي کيس ڏٺو، هن کي خبر نه هئي ته اهو شخص جيڪو گهري ناسي رنگ جي وڳي ۾ ملبوس هيو ۽ منهن تي بي ترتيب ڏاڙهي ۽ مڇون هيون، اهو اڳتي هلي هن جو دوست ٿيندو ۽ ان عشق جو پهريون گواهه جيڪو عشق چار ٽڪر ٿيڻو هيو ۽ انهن چئن ٽڪرن مان هڪ ٽڪر ڪنهن صليب جيان ان شخص جي ڪلهن تي هوندو جيڪو ان وقت سندس سامهون پناهه لاءِ واجهائي رهيو هيو.
    “ڪٿان آيو آهين؟” هن کائنس سوال پڇيو.
    “مٿان کان هيٺ” ان چيو.
    “ڪاڏي ويندين؟” هن وري سوال پڇيو.
    “هيٺان کان مٿي” ان جواب ڏنو.
    هو لاجواب ٿي ويو ۽ ڪمري ۾ اها جاءِ ڏنائينس جيڪا کٻي پاسي هئي، کٻي پاسي دل هوندي آهي ۽ اها ڪمري جي دل هئي، پر هن جي دل ۾ هوءَ هئي، اربيلا، جنهن لاءِ دل جي وسعت ناڪافي هئي. جڏهن انسان بيوفا کي دل ۾ جاءِ ڏيندو آهي ته دل کي بي وفائيءَ جي عادت ٿي پوندي آهي. موت جو سڀ کان وڏو سبب دل جي بي وفائي آهي. دل اوچتو ڌڙڪڻ جي خاتمي جو اعلان ڪري ڌرتيءَ کي ڌڙڪائي وجهندي آهي ۽ پوءِ انسان مٽيءَ جي ڌڙڪن بنجي ويندو آهي.
    اربيلا سان عشق جو پهريون اقرار تڏهن ٿيو جڏهن ان نم جي وڻ هيٺان بيٺل هئي جنهن مان بغير سبب جي ٻور پئي ڇڻيو. ان جون اکيون ستارن کي رستو ڏيکاري رهيون هيون، سندس هڪ ڪلهي تي فرشتو ويٺل هيو ۽ ٻئي ڪلهي تي فرشتن جي منصف قبيلي جو سرواڻ. هن جڏهن اربيلا جي هٿن کي ڇهيو ته ان جا ٻه هٿ هڪجهڙا نه هيا. هڪ ٿڌو ۽ ٻيو گرم هيو. هن ڏٺو اتي بيٺل سندس عشق جي پهرين گواهه ان دوست جا ناسي ڪپڙا نيرا ٿي ويا ۽ ڪاري ڏاڙهيءَ ۾ ڪجهه وار چانديءَ جيئن چمڪڻ لڳا. هو خوشيءَ جي شدت کان رُنو ته ڳوڙها وهي سندس منهن ڊاهي ويا.
    ڪڏهن وقت واڱڻ جيان ڪارو ٿي ذائقو بدلائي وجهندو آهي ۽ ڪڏهن گهڙيون گهگهرو ٻڌي پنهنجي جهنڪار سان جڳ جاڳائي وجهنديون آهن. ڪڏهن ڪو عرض ٻڌي رات رهي پوندو آهي پر وقت ڪنهن جي ڪو نه ٻڌي. وقت کي ڪن هجن ها ته سج آسمان ۾ ڄمي برف ٿي وڃي ها. وقت رات نه رهندو آهي پر وقت ڪنهن فقير جيان رات کي لٺ سان هڪليندو هليو ويندو آهي.
    اهو شخص جنهن سان هن زندگيءَ جا ٻارنهن سال گذاريا، کيس ويهن سالن کان ڪٿي نظر نه آيو آهي. اهو شايد خواب هيو، ڪنهن خواب جي ابتي تعبير ڪو جهڙ جيڪو وسي پاڻي ٿي ويو يا پاڻي جيڪو جهڙ ٿي انهن اکين ۾ لهي ويو جيڪي مدتن کان بند آهن ۽ اهي بند اکيون اهڙي شخص جون آهن جيڪو دنيا مان موڪلائي ويو، کيس پڪ آهي ته ان جو وجود وقت جو حصو نه رهيو آهي. وقت جيڪو وجود جو اهڙو گواهه آهي جنهن جي زبان ڪٽيل آهي. وقت منافق، وقت مشرڪ، وقت ڪافر، هن دوست کي ياد ڪري وقت کي پاراتو ڏنو.
    “اي وقت شل تنهنجا پير وڍجن”
    هن جي عشق جو پهريون گواهه، هڪ لاپتا، لامڪان، ٻاڦ جيان تحليل ٿي ويل شخص، جنهن جي ڏاڙهيءَ جا وار سندس دماغ ۾ نوڪدار سُئين جيان چڀيل آهن.
    هن جي عشق جو ٻيو گواهه ماتا جي سينورن وارو جوان هيو جيڪو نفرتن کي ياد ڪري پيار جا گيت ڳائيندو هيو. سيڊول جسم وارو اهڙو جوان جنهن جا ڏورا وٽيل ۽ ڇاتيءَ جو سخت ماس سيني جي وارن هيٺان ائين هوندو هيو جيئن ناسي گاهه هيٺان ٺوٺ زمين. اهو ڳائيندو هيو ته ان پراسرار عمارت جا اهي ڏار ظاهر ٿي پوندا هيا جن اندر لڪيل پکين جون اکيون آزاديءَ جي انتظار ۾ هونديون هيون. ان جي ڳائڻ تي وڻ لڏندا هيا ۽ بي وقت ماڪ ڇڻي پوندي هئي. اهو هڪ غريب ڳوٺاڻو شخص هيو جيڪو اهڙا سگريٽ پيئندو هيو. جن کي فلٽر نه هوندا هيا. ان جي ڪمري ۾ گهڙڻ سان ڪوڙو دونهون شراب جي پهرين ڍڪ جيان لهي ويندو هيو. عمارت جي چوٿين ماڙ تي رهندڙ ان شخص هڪ دفعي اڌ رات جو پاڻيءَ سان ڀريل گهگهي مٿان انڪري اڇلائي هئي جو ان نفرت وچان هر شيءِ تباهه ڪرڻ پئي چاهي. دنيا ۾ ماڻهو دل نه، چهرو ڏسن ٿا. دل عشق جي ڇيڻيءَ سان تراشيل هجي ته ان تي ماتا جا نشان هوندا آهن. جڏهن ماڻهوءَ جي چهري ۾ ڪا ڪثر رهيل هوندي آهي ته مالڪ چهرو ٻيهر تراشيندو آهي. ان جي چهري جا چگهه مالڪ جي ترميم هيا انڪري چگهن ۾ ضرور ڪا حڪمت هئي.
    انهن ڏينهن عمارت چوڌاري هيڊا پن هاريل هوندا هيا. سرءُ جو سج وڻن جي ڏارن مان ڇڻندو هيو. سرءُ جي سج ۽ بهار جي چنڊ ۾ ڪو فرق نه هيو، سواءِ ان جي ته هڪ جي هيڊاڻ ٻئي جي هيڊاڻ کان ٿوري وڌيڪ هئي، جيئن اربيلا جو چهرو ۽ هن جو چهرو، بيوفائي اهڙي ڏائڻ آهي جيڪا پيار جو رت چوسي وٺي ٿي. اهو شخص گواهه هيو ته اربيلا سان هن جو عشق روح جي گهرائين تائين ڦهليل هيو.
    اهو شخص هن جو ست سال دوست رهيو. ٽاڪ منجهند جو جڏهن شهر جي روڊن جو ڏانڀر رجندو هيو ته ان هن سان رولاڪيون ڪيون. حبس ۽ ٻوسٽ سان ڀريل سينما گهرن ۾ ڪاريون فلمون ڏٺيون. پرهجوم هوٽلن ۾ ڀونپوءَ واري فوني تي هندستاني راڳ ٻڌا ۽ سگريٽن جي دونهي ۾ دود پتي چانهه پي سدائين اربيلا کي ياد ڪيو. هاڻ کيس ڪا خبر نه هئي ته اهو شخص ڪٿي آهي جيڪو هن جي عشق جو ٻيو گواهه هيو.
    هن جي عشق جو ٽيون گواهه هڪ سانوري رنگ وارو شخص هيو جيڪو کلندو هيو ته سندس ڄامڻي رنگ واريون مُهارون ظاهر ٿينديون هيون اهو هڪ ذهين شخص هيو، فلسفو ائين سمجهي ويندو هيو جيئن منجهيل مسئلو نه هجي. انگريزي روانيءَ سان ڳالهائيندو هيو. ان به پيار ڪيو هيو پر پيار جو اظهار نه ڪري سگهيو. تعليم پوري ٿيڻ جي آخري ڏينهن جڏهن هرڪو سامان سهيڙي رهيو هو ته ان ٽيبل تي مسلسل ٽي ڏينهن ويهي انگريزيءَ ۾ هڪ خط تيار ڪيو، جنهن ۾ پيار جو اظهار هيو. هو جڏهن خط کڻي هاسٽل پهتو ته کيس خبر پئي هن جي محبوبا سامان سهيڙي رواني ٿي چڪي آهي. هو مايوس ٿي موٽيو ۽ اهو خط ان تنور ۾ اڇلائي ساڙي ڇڏيو جنهن ۾ مُنو بورچي نان پچائيندو هيو. ان جا پڪل نان کائي هو ٿلهو ٿي پيو ۽ کيس رت جي دٻاءَ کانپوءِ دل جي بيماري ٿي پئي.
    اهو ذهين شخص جنهن سان هن جا خدا جي وجود متعلق بحث ٿيا، اهي سڀ وقت گذارڻ جو سٺو بهانو هيا. جڏهن هو اربيلا جي عشق ۾ ذهني توازن وڃائي ويٺو هيو ته ان شخص کيس ميهوگني ٻڙي واري منڊي تحفي ۾ ڏني هئي، جنهن جي پائڻ کانپوءِ هن جا حواس بحال ٿيا هيا ۽ آئينو ڏسي پاڻ سڃاتو هيائين. ان دوست کيس صلاح ڏني هئي ته
    “اهڙي عشق کان جنهن ۾ انسان پاڻ وڃائي ويهي شادي سٺي آهي جنهن ۾ انسان پاڻ ڳولهي لهي ٿو.”
    هن کي اها صلاح صفا نه وڻي هئي. جواب ڏنو هيائين.
    “عشق ۽ شاديءَ جا منهن اتر ۽ ڏکڻ طرف آهن.”
    سندس دوست مذاق ۾ چيو هيو.
    “اوڀر ۽ اولهه ڪنهن جا منهن آهن؟”
    هن وراڻيو هيو “سج هڪ هنڌ بيٺل آهي.”
    سندس اهو دوست ٻه سال اڳ فوت ٿي چڪو هيو، کيس اهڙي خبر تڏهن پئي جڏهن هو سعودي عرب کان موٽيو هيو، ريالن تي ٺهيل بادشاهن جي تصويرن مان هڪ تصوير ان دوست جهڙي هئي پر هن جو دوست اهڙو بادشاهه هيو جنهن جي دل سون جي هئي ۽ فرشتا چوري ڪري ويا.
    چوٿون گواهه هڪ ڪاري رنگ وارو شخص هيو جيڪو اڇا ڪپڙا پائيندو هيو. اهو شاعر هيو، سندس شاعر هجڻ جو سبب ان جو پيءُ هيو جيڪو شاعر هيو. ان جو پيءُ وڏو شاعر ۽ وقت جو پهلوان هيو. پيءُ جي برعڪس هو سنهي جسم وارو هيو. ان جي ڪاري رنگ جو سبب شايد اڇا ڪپڙا هيا پر هو حاسد صفا نه هيو. دل جو صاف، اڇو اجرو، جيڪو هن جو سٺو دوست ثابت ٿيو.
    جڏهن هو اربيلا سان عشق ڪندو هيو ته هن جو اهو دوست به اربيلا تي عاشق ٿي پيو. اربيلا کي ڪنهن شخص کان نفرت هئي ته اهو هن جي ڪاري رنگت وارو دوست هيو. ٿيڻ ته ائين گهربو هيو جو جنهن شخص کان اربيلا نفرت پئي ڪئي هن کي به ان کان نفرت ڪرڻ گهربي هئي پر هن ائين نه ڪيو. اربيلا سان ان شخص جو پيار کيس جنسي تسڪين پهچائيندو هيو. دل ۾ ان دوست خلاف اهڙو حسد اڀاريندو هيو جو کيس اربيلا سان پيار وڌي ويندو هيو. هو جڏهن دوست جي زبان مان اربيلا متعلق پيار جا جملا ٻڌندو هيو ته اهي کيس اهڙي لذت سان همڪنار ڪندا هيا جو سندس اکيون بند ٿي وينديون هيون ۽ وات ۾ ڀرجي آيل پاڻيءَ جا ڍڪ ڀريندو هيو.
    هن جو اهو دوست جنهن کي خبر هئي ته اربيلا کائنس نفرت ڪري ٿي، گهڻو وقت جيئرو نه رهيو، اهو ان پيڙا ۾ مبتلا رهيو ته اربيلا متعلق هن جا اقرار سندس دوست جي عشق کي وڌيڪ پختو ڪري رهيا آهن. هڪ ڏينهن اهو ان پل تي ويو جتان ٻاڦ واري ريل روز هڪ وڳي لنگهندي هئي. آپگهات ڪرڻ ۽ نه ڪرڻ جي ڪشمڪش ۾ هو اتي ٻي وڳي پهتو. ان ڏينهن ريل ليٽ هئي، پريان ڪارو دونهون ڇڏيندي آئي ۽ پل تي بيٺل اهو شخص دونهي ۾ گم ٿي ويو. ريل جا سورهن گاڏا لنگهي ويا. ان ڳالهه کي سورهن سال ٿي چڪا آهن.
    چئن گواهن جي غير موجودگي ۽ چئن ڏينهن جي زندگيءَ ۾ اربيلا جي عشق جو داستان ڪلهه جي ڳالهه آهي. هو پنهنجي عشق جو پاڻ گواهه آهي، پاڻ ملزم ۽ پاڻ مجرم. دنيا ۾ هن جي عشق جو ڪو گواهه نه آهي. ڪي مري چڪا آهن، ڪي وساري چڪا آهن، سواءِ هن جي جيڪو نه وساري چڪو آهي، نه مئو آهي ۽ نه جيئرو آهي.


    هڪ ڪامريڊ جو موت

    هن آخر فيصلو ڪري ورتو. هو زندگيءَ کي ختم ڪري ان پيڙا ۽ ڀوڳنا مان آزادي ماڻيندو.
    آزادي جنهن جو سپنو هو نوجوانيءَ جي زماني کان ڏسندو آيو هيو، انسان ذات جي آزادي، غربت ۽ جهالت کان آزادي، بک ۽ برباديءَ کان آزادي، آزادي جيڪا هن کي ڪنهن خوبصورت عورت جيان نظر آئي. محبوبا جيان نظر آئي، جنهن کي هو ڪڏهن به حاصل ڪري نه سگهيو.
    هن جا سڀ خواب جيڪي ڪن تجريدي عڪسن جيان هن جي ماضيءَ جي بليڪ بورڊ تي اڪريل هيا، اهي غير واضح ڏنگين ڦڏين انساني عضون ۽ بي ترتيب رنگن جي لڪيرن جيان هن جي منهن جي ريکائن ۾ ڦهلجي ويا.
    هو اڌروٽ عمر جو مايوس ماڻهو هيو. هو انسانن کي ته پيڙائن مان پار ڪري آزاديءَ جي زنجيرن سان ٻڌي نه سگهيو. پر هن فيصلو ڪري ڇڏيو ته هو آزاديءَ تان ڪنهن به صورت ۾ دستبردار نه ٿيندو. هو زندگيءَ کان آزادي حاصل ڪري هڪ سڪون جو موت ماڻيندو. هو خودڪشي ڪندو. جسم کان زبردستي روح جي آزاديءَ جو اعلان ڪندو.
    ڪافي ڏينهن کان هو پنهنجي ننڍڙي گهر ۾ قيد ٿي ويو. گهر جنهن جي هڪ ڪمري جي چوديواري ڪنهن مصر جي اهرام جيئن هزارين سالن جي خاموشيءَ پاڻ ۾ سانڍي هر پٿر مان ماضيءَ جي ڪنهن اُڪريل چتر جيان زبان ڪڍي ڪا سمجهه ۾ نه ايندڙ ٻولي پئي ڳالهائي. هن جي زندگيءَ جو ماضي جيڪو انهن اُڪريل مورتين ۽ اکرن جيان پراسرار ۽ سمجهه ۾ نه ايندڙ هيو.
    هن جي جوانيءَ جا ڏينهن، اهي بهار جون چانڊوڪي راتيون، هن هٿ نه ايندڙ انقلاب جي باهه مان پيدا ٿيندڙ دونهي کي پڪڙيندي ان پويان ڀڃندي گذاري ڇڏيون. هن جو وجود سوويت روس کي پڪڙيندي ان پويان ڀڃندي گذاري ڇڏيون. هن جو وجود سوويت روس جيان شيشي مٿان ڪريو ۽ ذرا ذرا ٿي ويو. هن جو دماغ هر هنڌان ٽڙڪي نون نقشن جي اڀرندڙ لڪيرن ۾ تبديل ٿي ويو. هن پنهنجيون زخمي اکيون کڻي هٿن ڏانهن نهاريو. هن جا خالي هٿ هن جي وجود کان ڪٽجي پري وڃي پيا هيا. هن جي اندر جو بٽڻ بند ٿي چڪو هيو، هو هاڻي سمهڻ پيو چاهي، هڪ ابدي ننڊ، جنهن ۾ ساهه کڻڻ جي ڪا به گنجائش نه هئي.
    هو پنهنجي ڪمري ۾ اڏوهي کاڌل ڪتابن جي ڀرسان گوڏي تي ڪنڌ رکي ڪن خيالن ۾ گم هيو ته ڪامريڊ زبنواز هن وٽ اچي پهتو.
    ڪامريڊ ربنواز جنهن جي رڳن ۾ رت جي جاءِ تي ڪڏهن روسي ادب گردش ڪندو هيو. گورڪيءَ جي ماءُ هن جي ماءُ هئي ۽ هو ڪراموزوف ڀائرن کي ئي پنهنجو ڀاءُ سمجهندو هيو. اهو سهڪندو آهستي هلندو اچي هن وٽ پهتو. ڪامريڊ گذريل پنجن سالن کان دم ڪشيءَ جي مرض ۾ وڪوڙجي ويو هيو. ڪا انقلاب جي بلند عمارت ڊهي هيٺ ڪري ان مان مٽيءَ جو غبار اٿيو ۽ ان ڪامريڊ جي ڦڦڙن ۾ اهڙي الرجي پيدا ڪئي جو هو دم ڪشيءَ جي مرض ۾ مبتلا ٿي ويو.
    ڪامريڊ پاڻ سان گڏ ڪجهه روحاني ڪتاب کڻي هن وٽ پهتو، هو آيو ۽ اداس صورت ٺاهي هن اڳيان ويهي رهيو.
    “مان هي ڪجهه ڪتاب آندا آهن.” هن سهڪندي آهستي ڳالهايو.
    “هي ڪتاب توکي ڪجهه فرحت ۽ آرام پهچائيندا.”
    هن ڪامريڊ کان ڪتاب وٺي انهن کي کولي ٿورو ڏٺو، اهي مذهب، روحانيت ۽ سائنس جي حوالي سان لکيل ڪتاب هيا.
    “تون ٿوري ورزش ۽ تفريح ڪندو ڪر” ڪامريڊ ڳالهايو “ٿي سگهي ته ميوزڪ ضرور ٻڌندو ڪر... ان سان تون پاڻ کي تازو توانو محسوس ڪندين.”
    هن اداس ۽ بي جان نظرون کڻي ڪامريڊ ڏانهن ائين نهاريو جيئن اهو ڪنهن پادريءَ جيان ڦاهيءَ جي ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ هن آڏو گناهه بخشرائڻ لاءِ آيو هجي ۽ هو سج اڀرڻ کان اڳ ڪنهن ڦاهيءَ جي انتظار ۾ اتي ويٺل هجي.
    “بس ڪامريڊ... زندگيءَ جو ڪو به مفهوم ۽ مقصد باقي نه رهيو آهي.”
    هن ڳالهايو ته ڄڻ لفظن جا ڳوڙها هن جي وات مان ڇڻيا “مان پنهنجي روح کي ڪتابن جي اهڙي قلعي ۾ قيد سمجهان ٿو جتي هر شيءِ ڪتاب جي ورقن ۾ ويڙهيل آهي. مون آڏو ڪتابن جون بلند ديوارون آهن. مان ڪتابن مان ٺهيل ڪنهن پڃري ۾ قيد ٿيل وجود آهيان. ڪتاب جن مان ڪڏهن روشني نڪري منهنجي آس پاس شعور جي رهنمائي ڪندي هئي. اها روشني هاڻي جهڪي ٿي ختم ٿي چڪي آهي. اها روشني اهڙي باهه مان نڪرندي هئي جيڪا باهه ڄڻ ڪتابن کي لڳل هجي. ان باهه هر ورق کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي رک هوا ۾ اڏامي ٿي. شعور اسان سان وڏي ويساهه گهاتي ڪئي آهي.”
    هن ڳالهايو ته ڪامريڊ ڳيت ڏئي خشڪ نڙيءَ کي آلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪامريڊ محسوس ڪيو ته هو هن جي ڪوشش باوجود به مايوسين جي انڌيرن مان ٻاهر نه نڪري سگهيو آهي.
    ڪامريڊ ڪجهه مهينن کان هن وٽ روز اچڻ شروع ڪيو هيو. هن کي خبر پئي هئي ته هو به ٻين ساٿين جيان مايوس ٿي خودڪشيءَ جا سپنا ڏسي رهيو آهي. هن ضروري سمجهيو ته هو هڪ انسان جي زندگي بچائي ضرور سرخرو ٿيندو. ڇو جو وقت جي وهڪري ۾ هو پاڻ به ان طوفان مان ٻاهر نڪري آيو هيو. ڪجهه مذهبي رهنمائن هن جي مدد ڪئي ۽ هن روحانيت ڏانهن موٽي مايوسين مان جان ڇڏائي مذهب ۾ اچي پناهه ورتي. جتي هن کي سڪون نصيب ٿيو ۽ هن پنهنجي زندگيءَ جو مقصد ئي اهو ٺاهي ڇڏيو ته هو هر ان مايوس ڪامريڊ جي ڇوٽڪاري جي ڪوشش ڪندو جيڪو هن کي ويجهو هوندو.
    ڪامريڊ ڪجهه ڏينهن کان محسوس ڪري رهيو هيو جيئن هن جون ڪوششون ڪو رنگ نه ڏيکاري رهيون آهن. هن پنهنجي زبان ۽ ڪتابن سان هن جي سوچن کي بدلائڻ جي بي حد ڪوشش ڪئي هئي. پر هو اهو ئي اداس ۽ مايوس پنهنجي ڪمري جي اڪيلائپ ۾ قيد هيو. ڪامريڊ محسوس ڪيو شايد معاملو هن جي هٿن مان نڪري وڃي، ان لاءِ هن ضروري سمجهيو ته ڪنهن ٽئين ماڻهوءَ کان مدد وٺي هن کي خودڪشيءَ جي ڦاهي کان ڏور رکيو وڃي.
    ڪامريڊ ڪافي دير هن وٽ گذاري، هن هڪ دفعو وري زندگيءَ ۽ موت جي فلسفي تي هن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن سان خدا، مذهب ۽ روحانيت جي حوالي سان ڳالهائي زندگي ۽ جيئڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن کي اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ماضيءَ ۾ هو جيڪا زندگي بسر ڪري آيا هيا اها ڪنهن اهڙي خواب جيئن هئي جنهن کي وقت جي ڌوڙ پاڻ ۾ ويڙهي گم ڪري وساري ڇڏيو آهي. زندگيءَ جي جدوجهد جو مقصد ئي اهو آهي ته اها ڌڪا ٿاٻا کائي اڳتي هلي ڪنهن سنئين واٽ کي حاصل ڪري سگهي. هر مايوسي ڪاميابيءَ جا نوان دروازا کوليندي آهي. مونجهه جي دروازي ٻاهران تازي هوا پنهنجا وار کولي دروازي کلڻ جو انتظار ڪندي آهي ۽ اوندهه سان ڀريل دنيا ۾ هڪ ننڍڙي چڻنگ به روشنيءَ جو وڏو احساس هوندي آهي.
    ڪامريڊ هن کي مايوسين جي سمنڊ ۾ ٻڏڻ کان بچائڻ لاءِ پنهنجي پاران هر ممڪن ڪوشش ڪئي، پر هو نه مڙيو. هن وٽ ڏک ۽ ڀوڳنا جا انبار هيا. درد جي گفتگوءَ جا لازوال جملا هيا. هن جي بند ڪمري ۾ اداسيون پوڙهين عورتن جيان ڪارو ويس پائي وارن ۾ مٽي وجهي روئي رهيون هيون. هن جي اکين جو پاڻي ڪڏهن به نه سڪو. هن جي اکين جي ڍنڍ ۾ آپگهات جا پنڇي نيريون ڳانيون پائي تري رهيا هيا. هو محسوس ڪري رهيو هيو جيئن هن جو جسم روح جو اس ۾ رکيل گهڙو آهي. روح جيڪو حياتيءَ سان گڏ قطرو قطرو ٿي استعمال ٿئي ٿو ۽ ائين گهڙو خالي ٿيندو تري تائين پهچي ٿو. انسان جڏهن مري ٿو ته گهڙي ۾ ڪجهه نه بچي ٿو ۽ هر قطرو استعمال ٿي وڃي ٿو. پر هن محسوس ڪيو اس ۾ پيل گهڙي اندر ڪجهه قطرا باقي آهن جن کي هو پٿر هڻي وهائي ڇڏيندو.
    ڪامريڊ جي دل تي ڄڻ وڏو ڌڪ لڳو ۽ هن کان موڪلايو. هو هڪ دفعو وري اڪيلائين جي بي پاڙي ول ۾ ويڙهجي گوڏن تي ڪنڌ رکي ويهي رهيو.
    ڪجهه ڏينهن گذري ويا ڪامريڊ هن وٽ نه آيو. هن ڪامريڊ جي ڏنل ڪتابن جو بي دلي ۽ بي ڌيانيءَ سان مطالعو ڪيو. هن کي اهي سڀ وهمن ۽ گمانن جون ڳالهيون نظر آيا. هن محسوس ڪيو جيئن دنيا ۾ هر انسان ٻئي کي بيوقوف بنائيندو هجي ۽ جيڪو ان فن ۾ مها هجي اهو ئي ڏاهو سڏائڻ جو حقدار هجي. هن لاءِ ڪا به پناهگاهه نه بچي هئي هو تصور ۾ مٿي هوا جي پکي هيٺان لڙڪندڙ ڦاهيءَ کي ڏسي رهيو هيو. هو روئي رهيو هيو ۽ اڪيلائين کي گوڙ مچائيندو محسوس ڪري رهيو هيو.
    هڪ ڏينهن جڏهن هو گوتم جو فلسفو بي دليءَ سان پڙهي رهيو هيو ته اوچتو گهر جي دروازي تي ٺڪ ٺڪ ٿي. هو اٿيو ۽ هن سستيءَ مان ڊڄڻن جيان وڃي دروازو کوليو. هن کي در ٻاهران پنهنجو پراڻو دوست ڊاڪٽر سليماني نظر آيو. ڊاڪٽر سليماني جيڪو هن سان گڏ پڙهيو هيو ۽ ان ئي شهر جي وڏي اسپتال ۾ ڊاڪٽر هيو. هو ڊاڪٽر سليمانيءَ کي ڏسي ڪجهه حيران ٿيو، ڇو جو ڪافي عرصي کان هنن جي ملاقات نه ٿي هئي. ڊاڪٽر سليماني شهر جو مصروف ڊاڪٽر هيو ۽ هن جو ادب ۽ آرٽ جي حوالي سان به وسيع مطالعو هيو.
    هن ڊاڪٽر سان اڳتي وڌي هٿ ملايو ته هن جون آڱريون ڏڪي رهيون هيون. هن ڊاڪٽر کي ساڻ ڪري پنهنجي ڪمري ۾ آڻي ويهاريو ۽ تجسس مان خاموش نظرن سان هن ڏانهن نهارڻ لڳو.
    “ڪجهه ڏينهن ٿيا منهن جي ڪامريڊ رب نواز سان ملاقات ٿي.” ڊاڪٽر ڳالهايو. هن ٻڌايو ته “تنهنجي طبيعت ٺيڪ نه آهي... سوچيو توسان ڪجهه گهڙيون گهاري اچان... ان لاءِ تو وٽ هليو آيس.”
    هو ڪجهه دير ڊاڪٽر ڏي خاموشيءَ مان ڏسندو رهيو ۽ پوءِ هن ڳالهايو ته هن جي آواز ۾ لرزش هئي.
    “ڪافي ڏينهن کان پوءِ توسان ملاقات ڪري مان خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان” هن ڄڻ دل تي پٿر رکي اهو جملو ڳالهائيندي چيو “ڪو وقت هيو جو اسان جون ملاقاتون ڪافيءَ جي ٽيبل تي وڏي جوش ۽ خروش سان ٿينديون هيون... ان ڪافيءَ جو زهر هاڻي پنهنجو اثر ڏيکاري رهيو آهي.”
    هن چيو ۽ ڊاڪٽر جي چپن تي مرڪ تري آئي.
    “پيارا اهو ڪهڙو جوڳي جيڪو پنهنجي ئي نانگ جي زهر جي اثر کان فنا ٿي وڃي.”
    ڊاڪٽر نرم لهجي ۾ ڳالهايو، پر هن جو جملو تير جيان زوڪٽ ڪندو اوندهه سان گسندو روشني پيدا ڪندو پري هليو ويو.
    “ڊاڪٽر تنهنجي لئبريريءَ جا ڪهڙا حال آهن؟” هن ڳالهه مٽائڻ لاءِ چيو.
    “ان لئبريريءَ جا سڀ ڪتاب جيئرا ۽ سلامت آهن. اهي اڃان به انهن سان شرارتي ٻارن جيان آهن جيئن اڄ کان ڪجهه سال پهريون تون چوندو هنئين ته ڪتابن کي سنڀالڻ حرڪتي ٻارن جي مٿي تي پيار ۽ شفقت مان هٿ ڦيرڻ برابر آهي. انهن ڪتابن جهڙو گوڙ گمسان، مچائيندڙ، ٽهڪ ۽ رڙيون ڪندڙ دنيا ۾ شايد ٻيو ڪو به ٻار نه آهي. ٻار جيڪي سڀني شرارتن هوندي زندگيءَ جو حصو آهن.”
    “ها مونکي ياد آهي.” هن جي آواز ۾ اداسي وڄڻ لڳي “ڪڏهن مان تنهنجي لئبريريءَ ۾ ويهي پڙهندو هئس. مون کي ڪتابن جون اهي شرارتون ياد آهن. اهي ٽهڪ، اهي رڙيون، اهو پڙاڏي ۾ گونجندڙ گوڙ ۽ گمسان، هڪ ٻئي پويان ڊوڙندڙ ٻار، لڪي ڳولهيندڙ ٻار... وڙهندڙ پاڻ ۾ پرچي ٺهندڙ ٻار... مون کي سڀ ياد آهن.” هو مسلسل ڳالهائيندو رهيو.
    “پر ڊاڪٽر مان هاڻي تصور ۾ انهن ڪتابن ۽ انهن لئبريرين کي ائين ڏسي رهيو آهيان جيئن ڪنهن قبرستان ۾ لکيل پراڻا ڪتبا جن تي غير واضح الفاظ وقت جي دونهي ۾ مدهم ٿي ويا هجن. جن کي ويجهو وڃي مان پڙهڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو ته اهي مون کي سمجهه ۾ نه ايندڙ ۽ وچ تان ڏريل نظر اچي رهيا آهن. اهي ڪتاب نه پر ڪتبا آهن جيڪي زندگيءَ سان ڀرپور دفن ٿيل ٻارن جي قبرن تي مٿين پاسي کان لفظن جا ڳوڙها وهائي جهيڻي آواز ۾ روئي رهيا آهن. اتي ٽهڪ نه آهن... رڙيون نه آهن... شرارتون نه آهن.”
    هن چيو ۽ پوءِ دروازي مان ايندڙ هلڪي روشنيءَ ۾ هن جي اکين جا ڳوڙها چمڪڻ لڳا.
    ڊاڪٽر محسوس ڪيو ته هن جي دماغي حالت ٺيڪ نه آهي. هن کي ڪامريڊ ربنواز ٺيڪ چيو هيو ته هو مايوسين ۾ ويڙهيل هڪ اهڙو وجود آهي جنهن کي جيڪڏهن ان واچوڙي مان نه ڪڍيو ويو ته هو هوا سان ملي هڪ ٿي ويندو. هن جي زندگي ڪنهن خوف کان هن جي وجود اندر هڪ ڪنڊ ۾ ويهي پنهنجي ختم ٿيڻ جي امڪان کان ڏڪي رهي هئي.
    ڊاڪٽر جيڪو پاڻ به ماضيءَ ۾ ان راهه جو پانڌيئڙو رهيو هيو جنهن راهه تي ڪيترائي نوجوان ڪنهن سٺي معاشرتي تبديليءَ جي ڳولا ۾ تمام گهڻو سفر ڪري ڏور نڪري ويا هيا. ڊاڪٽر جنهن کي اڄ به اهو خواب ياد آهي جنهن ۾ هن گورڪيءَ جي جنازي ۾ شرڪت ڪئي هئي، ان ڪلا جي ديويءَ آڏو بيهي هن کان ڏات لاءِ پرارٿنا ڪئي هئي. پر هاڻي اهي سڀ خواب برلن جي ڀت جيان ذرا ذرا ٿي وکرجي ويا. هن پاڻ کي سنڀاليو ۽ ڪامريڊ ربنواز سان گڏ روحانيت ۾ وڃي پناهه ورتي. جتي هنن ٻنهي ڪجهه سڪون محسوس ڪيو ۽ پڪو پهه ڪيو ته هو پنهنجن ٻين مايوس دوستن کي روشنيءَ جي راهه ڏيکاري انڌيارن مان ٻاهر نڪرڻ ۾ مدد ڪندا.
    ڊاڪٽر سليماني هن وٽ اهو فرض سمجهي آيو هيو ته هو پنهنجي ان پراڻي دوست کي ائين مايوسين اندر مرڻ نه ڏيندو ۽ هن جي سوچن کي تبديل ڪري هن ۾ جيئڻ جي خواهش کي جاڳائيندو.
    ڊاڪٽر ڪوشش ڪري هن آڏو زندگيءَ جي اهميت ۽ تقدير جي لاهن چاڙهن بابت بحث ڪندو رهيو. پر هن محسوس ڪيو ته هن جي سامهون ويٺل شخص وٽ مايوسين جا ايڏا ته اڻيل ڄار آهن جو هن جي وجود کي انهن مان ڇڏائي ٻاهر ڪڍڻ هڪ وڏي جدوجهد کان پوءِ ئي ممڪن آهي. هن وٽ زندگيءَ جي بغير مقصد هجڻ جا سوين دليل هيا. هزارين حيلا هيا.
    ڊاڪٽر هن سان گفتگو ڪندو رهيو ۽ پوءِ نيٺ هن کي ٻيهر اچڻ جو چئي هن کان موڪلائي روانو ٿيو.
    ٻئي ڏينهن شام جو ڪامريڊ ربنواز ڊاڪٽر سليمانيءَ جي لئبريريءَ ۾ وڃي هن سان ملاقات ڪئي ۽ هن کان پنهنجي دوست جي باري ۾ اتاولو ٿي پڇيو.
    ڊاڪٽر مايوسيءَ مان ٿڌو ساهه ڀري اکين تان عينڪ لاهي ان کي وات مان ٻاڦ ڏئي ڪپڙي سان صاف ڪندي چيو “ڪامريڊ مون کي پنهنجي ان دوست جو بچڻ ڏاڍو مشڪل نظر اچي رهيو آهي... هن وٽ زندگيءَ جي بي مقصد هجڻ جي حق ۾ دليلن جو ايڏو ته وڏو طوفان آهي جو هو منهنجي هر رايي کي ان طوفان جي تيزيءَ ۾ اڏائي ڇڏي ٿو. موت هن جي وجود ۾ واسو ڪرڻ کان اڳ پنهنجي پناهه لاءِ سوين سبب پيدا ڪري ورتا آهن. هن جي اندر هر دري دروازي کي بيڪار ڪري ٽوڙي وڌو آهي. هن جو جسم موت جي لفظ ۾ تبديل ٿي عزرائيل جي ڪاغذن ۾ لکجي چڪو آهي. هن کي واپس موٽائڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.”
    هن ڏکايل لهجي ۾ چيو ۽ ڪامريڊ ربنواز جو سهڪو وڌي ويو. هن رومال ڪڍي وات تي ڏئي کنگهيو ۽ ميز تي پيل جگ مان گلاس ۾ پاڻي اوتي ٻه ٽي ڍڪ پيتا.
    “هو اسان جو دوست آهي.” ڪامريڊ رومال سان وات اگهندي چيو “اسان کي هر حال ۾ ان جي مدد ڪرڻي آهي.”
    ڪامريڊ ٿورو پراعتماد نظر اچڻ لڳو. ٿوري ساهيءَ کان پوءِ هن وري ڊاڪٽر ڏانهن منهن ڪري ڳالهايو. “تون ڪنهن به طريقي سان جيڪڏهن ان دوست جي جان بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئين ته اهو تنهنجو انسانيت تي وڏو احسان ٿيندو... تنهنجي سٺي مقصد لاءِ جدوجهد جو عروج ٿيندو.”
    ڊاڪٽر جيڪو مايوس ٿي چڪو هيو ان پوءِ به ڪامريڊ جي ڳالهه کي غور سان ٻڌو.
    “مان ڪوشش ضرور ڪندس.” هن چيو “پنهنجي علم جي نچوڙ ۽ طبي تعليم کي استعمال ڪري هن جو علاج ڪرڻ ۾ ضرور ڪامياب ٿي ويندس... اهو منهنجو توسان واعدو آهي.”
    ڪامريڊ جي منهن تي مرڪ اچي وئي ۽ پوءِ هو ٻئي جوڻ مٽائڻ جي فلسفي، موت جي منهن مان موٽي ايندڙ ماڻهوءَ جي تجربن ۽ چين ۾ سُئين رستي ٿيندڙ علاج تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ لڳا.
    ان ڏينهن کان پوءِ ڊاڪٽر سليماني هر ٻئي ڏينهن پنهنجين مصروفين مان وقت ڪڍي هن مايوس انسان وٽ وڃڻ لڳو. هو شام جي پهر هن جي گهرواري سوڙهي گهٽيءَ ۾ پهچي هن جو دروازو کڙڪائي هن سان ضرور ملندو هيو.
    ڊاڪٽر جيڪو وقت سان گڏ ترقي پسند مذهبي خيالن جو ماڻهو ٿي ويو هيو، اهو هن کي ان ڳالهه تي متفق ڪرڻ لاءِ زور ڀريندو رهيو ته ڌرتيءَ تي ٿيندڙ هر لقاءَ پويان ڪنهن هستيءَ جو هٿ آهي. ڪا به شيءِ پنهنجو پاڻ نه آهي ان پويان ڪا توانائيءَ سرگرم عمل آهي ۽ ائين هر شيءِ ۾ ڪنهن ذات جو ظهور آهي.
    هو جيڪو ڊارون جي نظريي جو حامي رهيو هيو ان ڊاڪٽر جي ڳالهه سان ڪو به اتفاق نه ڪيو ۽ ائين هنن ٻنهي ۾ بحث جو هڪ اڻ کٽ سلسلو ڇڙي پيو.
    “انسان ۽ ڪائنات هڪ حادثي مان پيدا ٿيل اهڙو مادو آهي جيڪو حالت جي زير اثر ۽ انهن سان مصلحتن سبب جيئرو رهي اڳتي وڌي ٿو. اهو خودبخود آهي. بس اهو ٿي پيو آهي. هڪ ڀوڳنا جو سفر آهي ۽ فنا بعد اهو ڪجهه به نه آهي.” هن جهيڻي آواز ۾ ڳالهائيندي چيو.
    “دوست مايوسي ڪفر آهي.” ڊاڪٽر چيو “مايوس انسان تي هر بيماري آسانيءَ سان حملو ڪندي آهي. تون ان ڳالهه تي ٿورو غور ڪر ته انسان جو مدافعتي سرشتو ڪيئن متاثر ٿئي ٿو. انسان جڏهن به غير فطرتي طور ۽ طريقن ڏانهن راغب ٿئي ٿو ته هن جون پورو نظام ڊاوان ڊول ٿي وڃي ٿو. مايوسي غير فطري آهي ۽ سائنس ۾ هاڻي ان ڳالهه جون شاهديون آهن ته انساني جسم جون مدافعتي رطوبتون مايوسيءَ جي زير اثر خارج نه ٿي هن کي بيمارين آڏو ڪمزور بنائين ٿيون.”
    “مايوسيون ۽ بيماريون زندگيءَ جون حقيقتون آهن.” هن ڊاڪٽر جي ڳالهه جي جواب ۾ چيو. “دماغ اندر ارتقا جي زير اثر جزا ۽ سزا ٻنهي جا مرڪز موجود آهن. حالتن جي زير اثر جتي جزا جو مرڪز مغز جي ڏوريءَ ۾ ڪم ڪري ٿو اتي سزا جو مرڪز ڪيئن عمل بنا خاموش رهي سگهي ٿو. مقصد بنا انسان جيئڻ جا ڪهڙا خواب ڏسي سگهي ٿو. مقصد جي فنا کان پوءِ ارادو ڪهڙي حيثيت رکي ٿو. بقول شوپنهار ته ڪائنات جي هر شيءِ ارادي جي زير اثر ڪم ڪري ٿي ته پوءِ ارادي بنا عمل جي ڪهڙي حيثيت آهي. منهنجو مقصد ۽ ان جي زير اثر پيدا ٿيندڙ ارادو وقت جي ڏور ٽٽڻ سان مون کان الڳ ٿي اڳ ئي موت جي انڌيارن ۾ غائب ٿي چڪو آهي. مون کي به ان ڏانهن ان جي ڳولا ۽ جستجوءَ ۾ وڃڻو آهي. منهنجو مقصد منهنجي فوت ٿيڻ کان پهريون ئي فوت ٿي چڪو آهي.”
    هن ڳالهايو ته ڊاڪٽر جي پيشانيءَ تي پگهر جون بوندون ڪوئلي ۾ دفن ٿيل هيرن جيان چمڪڻ لڳيون. هن جا چپ ڀيڪوڙجي سنها ٿي ويا. هو مايوس ٿيڻ لڳو، پر جيئن ته هن ڪامريڊ ربنواز سان واعدو ڪيو هيو ته هو ڪنهن به صورت ۾ هن جي جان بچائيندو ان ڪري هن مايوسيءَ جو ڪو به اظهار نه ڪيو ۽ زوريءَ ٽهڪ ڏئي کلي پيو.
    “دوست هڪ نيڪيءَ جي هٿن مان نڪري وڃڻ کان پوءِ انسان ٻئي نيڪيءَ لاءِ ڪوشش ڪري، تو جهڙي دانشور جي زندگي دنيا لاءِ ضروري آهي.” ڊاڪٽر چيو.
    “دنيا اندر عمل جو ڪو به دخل نه آهي، جيڪي آهن حالتون آهن، اهي ئي فرشتا آهن، شيطان آهن ۽ اهي ئي آهن جيڪي سڀ کان وڏيون دانشور ۽ استاد آهن... انسان ته نرم اٽي جي ڇاڻي جيئن انهن جي وات ۾ وڃي مختلف صورتن ۾ ڍلجي ٻاهر نڪري ٿو. انسان جي پنهنجي عمل جي ڪهڙي حيثيت آهي؟”
    ڊاڪٽر اٿيو ۽ هن جي ڪلهي تي هٿ رکي پيار مان هن کي لوڏيو.
    “مان هلان ٿو.” هن چيو ۽ پوءِ هو هن کان موڪلائي ٻاهر نڪري آيو، ڊاڪٽر کي پڪ ٿي وئي ته هو ايندڙ ٻن يا ٽن ڏينهن اندر آپگهات ڪري پاڻ کي ضرور ختم ڪري ڇڏيندو. هن کي افسوس ٿي رهيو هيو ته هو ڪامريڊ ربنواز کي ڪهڙي منهن سان هن جي موت جي خبر ٻڌائيندو پر هن همت نه هاري ۽ پاڻ کي ان ڳالهه لاءِ تيار ڪيو ته هو آخري وقت تائين هن جي جان بچائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو.
    ڪجهه ڏينهن کانپوءِ هو وري تيز وکون کڻندو هن وٽ آيو. هن دفعي هو ڪيترائي روحاني ڪتاب پاڻ سان گڏ کڻي آيو هيو. ڊاڪٽر جڏهن هن جي هلڪي روشنيءَ واري ڪمري ۾ اندر گهڙيو ته هن ڏٺو هو پهريون کان گهڻو ڪمزور ٿي چڪو هيو. هن جي ڏاڙهي ۽ مٿي جا وار وڌيڪ بي ترتيب ۽ وڏا ٿي چڪا هيا. هن جي جسم جا ڪپڙا هن جي ڪمري جي هر شيءِ جيان ميرا ۽ بدبودار هيا.
    ڊاڪٽر هن کي ڪتاب ڏنا ۽ هو انهن کي کولي اندران ٻاهران ڏسي انهن ۾ موجود فڪري نظريي جو اندازو لڳائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو.
    “روح جو تصور بيشڪ انساني جسم کي شفا بخشي ٿو، پر مون کي خبر آهي ته روح جو ڪو به وجود نه آهي ۽ وجود بنا ڪا به شيءِ حقيقت نه آهي.” هن ڊاڪٽر کي چيو.
    ڊاڪٽر ٿورو منجهي پيو ۽ پوءِ هن ڳالهايو.
    “انسان جا حواس پنجن جي انگ تائين محدود آهن. ٿي سگهي ٿو روح به ڪو مادو هجي جيڪو اسان جي حواسن جي محسوس ڪرڻ جي حد کان ٻاهر هجي؟”
    “مادو ان شيءِ جو نالو آهي، جنهن کي اسان حواسن جي دائري اندر رکي سگهون. اسان وهمن ۽ وسوسن کي پنهنجي خوف جي ڪيفيت مان جنم ڏئي حقيقت جو روپ ڪيئن ٿا ڏئي سگهون. ڌرتيءَ تي موجود هر شيءِ خوف مان جنم ورتو آهي ۽ دنيا جو هر نظريو، فلسفو، مذهب ۽ ادب خوف جي زير اثر ئي ارتقا جون منزلون طئي ڪري تبديل ٿيندو ۽ موجود رهندو آيو آهي.”
    هنن ٻنهي جي وچ ۾ هڪ وڏو بحث ڇڙي پيو.
    ڊاڪٽر هن آڏو پنهنجي سوچن جي درياءَ جا بند ڀڃي ڇڏيا، هن جي دماغ مان هڪ سيلاب وهي نڪتو پر هن محسوس ڪيو ان سيلاب ڪا به ٻوڏ نه آندي. هو ڪافي دير اتي ويٺو رهيو ۽ نيٺ هڪ دفعو وري مايوس ٿي روانو ٿيو.
    هر گذرندڙ ڏينهن ڊاڪٽر لاءِ نااميديءَ جو پيغام کڻي ايندو رهيو، ڊاڪٽر محسوس ڪيو هن جو دماغ مائوف ٿي رهيو آهي. هن جون واٽون وڃائجي رهيون آهن. سوچون منتشر ٿي رهيون آهن. هن پنهنجو ماضي ياد ڪيو ڪاليج جي زماني ۾ هو ڪيئن ڳاڙهو جهنڊو کڻي پنهنجي هم خيالي محبوبا سان گڏ اڳين صنف ۾ هٿ هٿ ۾ ڏئي نعرا هڻندو اڳتي وڌي رهيو هيو. هن کي پوءِ اهي فوجي ياد آيا جيڪي وچ روڊ تي هن کان جهنڊو کسي پنهنجن بوٽن سان هن کي ٿڏا هڻي رهيا هيا. هن جي محبوبا کي بي آبرو ڪري رهيا هيا. هو سوچيندو ويو ۽ هن جي اکين ۾ ڳوڙها تري هيٺ اچي ڪارل يونگ جي ڪتاب مٿان ڪريا.
    ڊاڪٽر هاڻي روز ٿڪيل قدمن سان هن جي گهٽي ۾ پهچي هن جي ڪمري ۾ وڃي ساهي پٽيندو هيو. ڊاڪٽر غمگين ۽ سست نظر اچڻ لڳو، شايد هن کي پڪ ٿي چڪي هئي ته هاڻي هن جو دوست موڪلائڻ وارو آهي. هو اڪثر پنهنجي عينڪ جا شيشا اگهڻ جي بهاني پنهنجي اکين جا ڳوڙها اگهندو هيو. هو اندر ئي اندر ۾ ڄڻ ڪڙهندو ۽ روئندو رهيو. هن کي پنهنجي دوست سان بي پناهه محبت ۽ همدردي پيدا ٿي چڪي هئي، هو ڪنهن به قيمت تي ان کي وڃائڻ نه پيو چاهي.
    ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ڊاڪٽر پاڻ کي بيمار محسوس ڪرڻ لڳو. هن کائڻ پيئڻ ۾ احتياط ڪيو جنهن ڪري وڌيڪ ڪمزور ٿي ويو، هلڻ هن جي وس ۾ نه رهيو. هن جڏهن به بستري تان اٿڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن جون ڄنگهون ڏڪڻ لڳيون، هن جا ڏڪندڙ هٿ گوڏن تي اچي هن کي واپس ويهڻ تي مجبور ڪرڻ لڳا. ننڊ هن جي اکين کان موڪلائي وئي جنهن لاءِ هن کي ڪجهه سڪون جون دوائون وٺڻيون پيون. هو نستو ٿي پيو ۽ پنهنجي آپگهات ڪندڙ دوست جي باري ۾ سوچي روئندو رهيو.
    ڪافي ڏينهن گذري ويا هو پنهنجي دوست جي گهر نه وڃي سگهيو ۽ نه ئي وري ڪو هن سان ملڻ آيو.
    آخرڪار هڪ ڏينهن ڪامريڊ ربنواز کي خبر پئي ته “ڊاڪٽر سليماني هاڻي هن دنيا ۾ نه رهيو آهي. هن رات پاڻ کي پکي سان ٻڌي خودڪشي ڪري ڇڏي.
    ڪامريڊ اهڙي خبر ٻڌي سڪتي ۾ اچي ويو. هن کي اهڙي خبر جي هرگز توقع نه هئي. هو حيران ٿي ويو ۽ پريشانيءَ مان ڊوڙندو خودڪشيءَ جو انتظار ڪندڙ پنهنجي دوست جي گهر پهتو.
    ٿوري دير کان پوءِ هو ٻئي ڊاڪٽر سليمانيءَ جي تڏي تي ويهي روئي رهيا هيا، آخري ديدار لاءِ رکيو ويو ته ڪامريڊ ربنواز هن سان گڏ مڙهه مٿان اچي بيٺو، ڪامريڊ ربنواز جا ڏک کان سڏڪا هن جي وس ۾ نه رهيا. هو مسلسل روئندو رهيو.
    هنن جي مايوس دوست ڊاڪٽر سليمانيءَ جي مئل منهن ڏانهن ڏٺو. خوف ۽ عجب کان هن جون اکيون ڦوٽاريل هيون. هن ڏٺو اتي مئل منهن ۾ پيلي رنگ جي وحشت جاڳي رهي هئي. هن جو منهن ڪمزور ۽ سڪل هيو. اکيون کڏن ۾ پوريل ويران کنڊرن جيان چمڙيءَ جي تهن ۾ دفن ٿيل هيون. هن جو ويران ۽ نفرت جهڙو منهن ڏسي هو ڏڪي ويو. هن محسوس ڪيو، آپگهات دنيا جي سڀني شين کان خوفناڪ ۽ نفرت لائق عمل آهي، آپگهات انساني وجود مان ملامت ۽ وحشت جي نفرت انگيز تاثر سان اڀري نروار ٿئي ٿو. هن کي بدبوءِ ايندي محسوس ٿي جنهن کان هن کي اوڪارا اچڻ لڳا. هو ماڻهن جي هجوم مان ڪامريڊ کي ساڻ ڪري ٻاهر نڪري آيو.
    “مان ڪڏهن به آپگهات نه ڪندس” هن ڪامريڊ کي چيو “مان زندگيءَ کي گهارڻ جي ڪوشش ڪندس.”
    ماڻهو جنازي کي ڪلهو ڏئي قبرستان روانا ٿي ويا ۽ هو پنهنجي اکين جا لڙڪ اگهندو گهر ڏانهن راهي ٿيو.
    ڪامريڊ ربنواز ڊاڪٽر جي ويندڙ جنازي کي ڏسي سوچيو.
    “هو پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي ويو. هن هڪ دوست جي مايوسين جو بار پنهنجي ڪلهن تي کڻي ورتو.


    مئل ڪير آهي؟

    هو زخمي هيو، زخمن جو سبب کيس ذهن ۾ نه هيو. شايد اهي زخم زماني لڳايا هيا؟ يا روڊ ٽپندي ڪنهن گاڏيءَ جي ٽڪرائڻ ڪري ٿيا هيا؟ سندس هٿ مان خون رسي رهيو هيو. جسم ۾ سور جون سٽون اڀري رهيون هيون ۽ ائين پئي محسوس ڪيائين ڪلها حد کان وڌيڪ هيٺ لهي آيا آهن.
    هو روڊ تي هلي رهيو هيو، ماڻهن جي هجوم ۾ گهلجي رهيو هيو. هن لاءِ حيرت جهڙي ڳالهه هئي، هزارين ماڻهن جي وچ ۾ هلندي هن ڏانهن ڪير به ڏسي نه رهيو هيو. کيس ماڻهن مان اميد هئي ته اهي هن کان زخمي هجڻ جو سبب ضرور پڇندا. همدرديءَ جو اظهار ڪندا، پر ائين نه هيو. هر ڪو پنهنجي منهن هلي رهيو هيو ۽ هو ماڻهن ڏانهن حسرت مان ڏسي رهيو هيو. ان اميد تي ته ڪو اڳتي وڌي هن کان زخمي هجڻ جو سبب پڇندو. هن ڏانهن وڌي ڪو به نه آيو. سمجهيائين هو نظر نه اچي رهيو آهي ۽ پوءِ سوچيائين شايد مري چڪو آهي.
    پاڻ کي چيائين “ڇا مئل ماڻهوءَ جا زخم ڏکندا آهن؟ ڇا ان کي سور جون سٽون محسوس ٿينديون آهن؟”
    سوچي منجهي پيو ۽ وري چيائين “نه... هو جيئرو آهي ۽ روڊ تي هزارين ماڻهن جي هجوم ۾ هلي رهيو آهي.”
    هڪ دفعو وري زخمي هجڻ جي سبب تي غور ڪيائين. ننڍپڻ ۾ چار دفعا ڏاڪڻ تان ڪريو هيو. جڏهن مٿي جا وار ڪوڙائيندو هيو ته آئيني ۾ ڌڪن جا نشان ڏسي گذريل وقت کي ياد ڪندو هيو. کيس ننڍپڻ ۾ ڌڪ ائين لڳندا هيا ڄڻ ڄايو ئي ڌڪن لاءِ هيو. وقت ٿيو زخم ڇٽي چڪا هيا. پر شايد ڌڪن جي نشانن ۾ سور رهجي وڃي ٿو. پنجويهن سالن جو هيو ته تيز رفتاريءَ سبب سندس موٽرسائيڪل ترڪي روڊ تي رڙهندي وئي ۽ مٿو فٽ پاٿ سان ٽڪرايو هيو. چار ڏينهن اسپتال ۾ بيهوش هيو. جڏهن هوش ۾ آيو ته کيس ٻه مهينا مٿي ۾ سور جون سٽون اڀرنديون رهيون، مڪمل شفايات ٿيو ته پوءِ ابتا جملا ڳالهائيندو هيو. شهر جي ٿنڀن تي لڳل فلمن جي پوسٽرن کي پڙهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندو هيو. دوست کيس فلم جو نالو پڙهي ٻڌائيندا هيا.
    “نچي نانگڻ، وڄي بين”
    هو چوندو هيو “وڄي نانگڻ، نچي بين”
    پر ان کي ته سال گذري ويا، هاڻي مڪمل هوش ۽ حواس ۾ هيو. هن گريجيوئيشن به ڪئي هئي ۽ سندس ڦڙڪي واري ڊگري ان بريف ڪيس ۾ رکيل هئي جنهن جو هينڊل ڀڳل هوندو هيو. هو واندڪائيءَ ۾ بريف ڪيس کولي، ڦڙڪي واري ڊگري ڪڍي ان کي ويڙهي رول ٺاهيندو هيو ۽ ماستر جيان چوندو هيو.
    “اڙي ڇورا هٿ کول”
    هو پنهنجو ٻيو هٿ کوليندو هيو ۽ ان تي وهائي ڪڍندو هيو.
    “سائين مون کي نه مار... توبهن ڪيم” پاڻ چوندو هيو ۽ ٽهڪ ڏئي کلندو هيو.
    پوءِ زخمي هٿ ڏي ڏٺائين، جتي رت ڄمي ڪارو ٿي چڪو هيو. اوچتو روڊ جو سگنل کلي ويو، گاڏيون قطارن ۾ هلڻ لڳيون، هو ماڻهن جي هجوم ۾ پاسي سان بيهجي ويو. سگنل بند ٿيو ته روڊ پار ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين. ماڻهو لنگهي ويا، زخمي هجڻ ڪري هو آهستي هلي رهيو هيو. هڪ موٽرسائيڪل زوڪٽ ڪندي سڄي هٿ واري روڊ کان نڪتي ۽ ٽريفڪ جا قانون ٽوڙيندي هن سان ٽڪرائي. حيرت جي ڳالهه هئي کيس وڌيڪ ڪو زخم نه رسيو. موٽرسائيڪل وارو روڊ تي ٽريفڪ ۾ گم ٿي ويو ۽ هو ان کي ڏسندو رهيو. کيس درد ۾ ڪو اضافو نه ٿيو. سوچيائين شايد ايڏو زخمي آهي جو سندس جسم تي ٻيا سور اثرانداز نه ٿي رهيا آهن. يا شايد جسم ۾ وڌيڪ سور سهڻ جي سگهه نه آهي. روڊ ٽپي، اڳتي وڌي ٽريفڪ سگنل تي بيٺل اڇي ورديءَ واري سپاهيءَ کي دانهن ڏيڻ جي ڪوشش ڪيائين.
    “توهان جو نظام صحيح نه آهي.” جذباتي ٿيندي چيائين “تو ڏٺو هاڻي هاڻي تنهنجي سامهون مون کي ٽڪر هڻي ڪيئن هليو ويو. ڇا ڪنهن کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي؟ ڇا ڪو قانون آهي؟”
    هن سپاهيءَ آڏو ڳالهايو ته کيس محسوس ٿيو ڀت سان ڳالهائي رهيو آهي. سپاهي هن ڏانهن ڏسڻ بجاءِ پري ٽريفڪ ۾ ڏسي رهيو هيو. ان کي وڏي بس روڪي ڪنڊيڪٽر کان ويهه روپيا ڀتو وٺڻو هيو.
    سپاهيءَ جي رويي تي کيس بي حد افسوس ٿيو. سوچيائين “اهو ڀل قانون تي عمل نه ڪري ها پر گهٽ ۾ گهٽ ڳالهائي ته ها. هن سان همدرديءَ جو اظهار ڪري ها. زخمي هجڻ جو سبب پڇي ها. ڪا مدد ڪري اهڙي هنڌ پهچائي ها، جتي مرهم هڻي زخم کي بند ڪيو وڃي ها. جسم جي سور جي دوا ڏني وڃي ها، پر سپاهيءَ کيس ڪو رخ نه ڏنو ۽ سمجهيائين شايد هو مري چڪو آهي، پر سور محسوس ٿي رهيو هيو. پوءِ سوچيائين، شايد سور جو سبب بي روزگاري ته نه آهي؟ هن کي ياد آيو. هڪ سانحي ۾ سندس دل ڏري پئي هئي. محبوبا ان ڪري منهن موڙيو هيو جو کيس روزگار نه هيو. هن ان کي راضي رکڻ لاءِ روزگار جي ڳولها ڪئي. زخمي هٿ ۾ ڊگري جهلي آفيسن جا ڌڪا کاڌا، سياستدانن پويان رليو، وزيرن پويان پادر گسايا، پر سندس ڳالهه ڪو به نه ٻڌي رهيو هيو.
    هن وڏيري جي اوطاق کان وڏي اڱڻ واري آفيس ۾ ويٺل آفيسر کي التجائون ڪيون.
    “ڏس مان وٽ ڊگري آهي. جوان آهيان. ڪم ڪرڻ جي صلاحيت آهي. مون کي روزگار نه مليو ته مري ويندس. آپگهات ڪندس. تنهنجي آفيس اڳيان باهه ڏئي پاڻ ساڙيندس. مون تي رحم ڪر ڏاڍو مجبور آهيان.”
    آفيسر هن جي ڳالهه نه ٻڌي، جيئن کيس ڪنن ۾ پوپا پيل هجن. اهو ٻوڙو هجي. زبان سان هڪ لفظ به نه ڳالهايو ڄڻ گونگو هجي. هن ڏانهن اک کڻي به نه نهاريو ڄڻ انڌو هجي.
    هن زخمي هٿ سان ڊگري ويڙهي واپس کنئي ۽ آفيسر جي رويي تي سوچيائين، آخر ڪهڙو سبب هيو. هن جي التجائن ڪو اثر نه ڪيو؟ آفيسر ڪنڌ کڻي نه ڏٺو؟ ڪنهن سوال جو جواب نه ڏنو؟ اهو آواز ٻڌي ها ته ضرور ڳالهائي ها. زخمي وجود ڏسي ها ته ٿورو ترس کائي ها. ايتري مدد ڪري ها جو ويهاري تسلي ڏئي ها. اهو سوچي محسوس ڪيائين. هو مري چڪو آهي.
    نادر شاهه عيدلجي ڊسپينسريءَ جي پاسي کان جتي بيت الخلا آهي ۽ ماڻهو پنج روپيا ڏئي فارغ ٿيندا آهن. ان سامهون پشاوري آئيس ڪريم جي دڪان تي کيس اها بيوفا نظر اچي وئي جيڪا هڪ عدد مهراڻ ڪار جي مالڪ سان آئيس ڪريم کائي رهي هئي، ڏسي سندس سيني جو سور وڌي ويو. محسوس ڪيائين رت دل جو بند ڀڃي سيلاب جي صورت ۾ ڪاهي پيو آهي. هٿ جون زخمي آڱريون ائين رڙيون ڪرڻ لڳس جيئن ڀرسان مهراڻ نمڪو جي دڪان اڳيان ڪڙهائيءَ ۾ ترجندڙ پڪوڙن کي گرم تيل مان هٿ سان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي هجي. هو وڌي بيوفا سامهون ويو. سمجهيائين شايد پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي ڇرڪي ويندي. پر ائين نه ٿيو. ان ڪو ڌيان نه ڏنو. ڏسڻ بنا مزي سان آئيس ڪريم کائي هڪ عدد مهراڻ ڪار جي مالڪ سان گڏ مرڪي رهي هئي.
    “تنهنجي بيوفائيءَ جي پهريون ئي پڪ هئي” هن کيس ويجهو ايندي چيو. “نه ڪو توکي شرم آهي نه حياءُ، تنهنجي سامهون بيٺو آهيان ۽ تنهنجين اکين ۾ ڪو پڇتاءُ نه آهي. بي حيائيءَ جي حد آهي.” هو مسلسل ڳالهائي رهيو هيو ۽ هوءَ آئيس ڪريم کائڻ ۾ مشغول هئي. هلڪا ٽهڪ ڏئي رهي هئي ۽ راز نياز جون ڳالهيون ڪري رهي هئي.
    “وئشيا” هن وري چيو “مونکي اها خبر نه هئي ته تون پئسي جي ايڏي پڄارڻ آهين. ٽڪي تي وڪامڻ واري آهين.”
    ان تي ڪو اثر نه ٿيو ۽ هو روئڻ لڳو. پوءِ التجا ڀريل آواز ۾ چيو.
    “تون ڀل بيوفا صحيح، وڪاميل ۽ وئشيا صحيح، پر مان آهيان ته اهو ئي تنهنجو عاشق جنهن کان ڪڏهن هڪ پل الڳ رهي نه سگهندي هُئينءَ. گهٽ ۾ گهٽ ڏس ته صحيح، ٻه ڪوڙا لفظ ڳالهاءِ ته صحيح، ٻڌ ته صحيح.”
    ايڏي عاجزيءَ کانپوءِ به ان کيس ڌيان نه ڏنو ته صفا مايوس ٿي ويو، سوچيائين سندس آواز دفن ٿي چڪو آهي. هو مري چڪو آهي، جڏهن ٿاٻا کائيندو اسپتال جي در تي پهتو سندس کيسا خالي هيا. وڏي جدوجهد کان پوءِ ڊاڪٽر جي سامهون پهتو. ڊاڪٽر ڏاڍو مصروف هيو. هن ان جي فارغ ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ بنا سامهون وڃي دانهون ڪيون.
    “منهنجي هٿ جون آڱريون زخمي آهن، سيني ۾ سور آهي، ڪلها هيٺ لهي آيا آهن. ڊاڪٽر صاحب خدا جي واسطي سڀ کان پهريون منهنجو علاج ڪر نه ته مري ويندس. اي انسانيت جو قدر ڪندڙ مسيحا، مونکي ڌيان ۽ توجهه جي ضرورت آهي. مان زماني جو ٺڪرايل آهيان. مرهم هڻ پٽي ڪر، دوا ڏي جيئن سور گهٽجي صحتياب ٿيان.”
    ڊاڪٽر ڏاڍو مصروف هيو. ان ڪنڌ کڻي نه نهاريو. ڪجهه نه ٻڌو. ڇو جو ان جي ڪنن ۾ اسٽيٿو اسڪوپ هيو. ڪجهه نه ڏٺو ڇو جو اهو خوردبين ۾ نهاري رهيو هيو. ڪجهه نه ڳالهايو ڇو جو کيس منهن تي سائو ماسڪ چڙهيل هيو.
    هو مايوس ٿي ويو سوچيائين ڊاڪٽر وٽ ايترو وقت به نه هيو جو ڪنن تان اسٽيٿو اسڪوپ هٽائي ٻڌي ها. خوردبين مان ڪجهه دير اکيون کڻي ڏسي ها. سائي ماسڪ مان ڪجهه ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪري ها. ضرور ڊاڪٽر آواز نه ٻڌو آهي. هن کي نه ڏٺو آهي. آخر ڳالهائي به ها ته ڪنهن سان؟ شايد هو مري چڪو آهي. مئلن جا آواز ڪير ٻڌندو؟ مئلن کي ڪير ڏسندو؟ مئلن سان ڪير ڳالهائيندو. کيس پڪ ٿي وئي ڪنهن وسري ويل حادثي ۾ فوت ٿي چڪو آهي. هو زخمي مئل جسم آهي. پر جڏهن بک محسوس ڪيائين ته سمجهيائين هو مئو نه آهي، جيئرو آهي. ڇو جو مئل کي بک محسوس نه ٿيندي آهي. هن پڪوڙن واري کي چيو “ٻه چار پڪوڙا ڏي”
    حلوي پڙيءَ واري کي چيو “پڙيءَ ۾ ٿورو حلوو وجهي ڏي”
    تنور واري کي چيو “هڪ ماني ڏي ته پاڻيءَ سان کائي ڍئو ڪيان”
    سموسن واري کي ڪچوريون تريندو ڏسي، ان اڳيان ويو ۽ گرم سموسن جو واس وٺندي کيس عرض ڪيائين ته “ڀل سموسا ۽ ڪچوريون نه ڏي، ڇڙو آلوءَ جي ڀاڄي ۽ ڦودني جي چٽڻي ڏي ته ڦڪي وات کي چرهو ڪري معدي کي مطمئن ڪيان. ايمپريس مارڪيٽ ٻاهران گاڏي تي ميوو وڪندڙ کي عرض ڪيو ۽ ايمپريس مارڪيٽ اندر سيٺ سيٺڻا جي دڪان ڀرسان ڪاري رنگ جي سبزي فروش کي اڇي گوگڙوءَ جي فرمائش ڪئي “اهو ڏي ته ڪچو کائي پيٽ جي گڙ گڙ کي خاموش ڪيان.”
    پر شايد ڪنهن کي نظر نه اچي رهيو هيو. هن ڏي ڪنهن ڌيان نه ڏنو، کيس پڪ ٿي وئي هو مئل آهي ۽ سمجهيائين شايد مئلن کي به بک لڳندي آهي. مئلن کي به اڄ لڳندي آهي ۽ مئلن کي به زخمن ۾ سور محسوس ٿيندو آهي.
    اوچتو کيس ماءُ جو خيال آيو، جنهن کي وساري چڪو هيو. سوچيائين ڇو نه امڙ جو منهن ڏسان، جنهن کي ڏٺي ورهه ٿيا آهن. ان شهر ۾ ويو جتي سندس ماءُ رهندي هئي. زخمي وجود سان هلندو ان گهٽيءَ ۾ آيو جتي هن جو ننڍپڻ گذريو هيو.
    هن کي پري کان ننڍپڻ جو دوست رحيم دال وارو نظر آيو. هن ويجهو وڃي کيس ننڍپڻ جون ڳالهيون ياد ڪرايون.
    “مان تنهنجو دوست... جنهن سان گڏجي تون ان سينيما ۾ هندستاني فلم ڏٺا، جتي اڄڪلهه نيري پڳڙيءَ وارن جو مدرسو آهي. ڇا توکي ياد آهي؟ پاڻ ٻنهي گڏجي نبن مڪراڻيءَ کي مار ڏني هئي.”
    رحم دال واري سندس آواز نه ٻڌو، ائين هوڪا ڏيندو رهيو جيئن پهريون ڏئي رهيو هيو. پوءِ ستار حجم جو دڪان نظر آيو. هن دڪان ۾ وڃي کيس ياد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي.
    “مان تنهنجو دوست... جيڪو توسان گڏ نديءَ ڪناري ان پارڪ ۾ گهمندو هيو جتي هاڻي پناهگيرن جو پلازا آهي. توکي ياد آهي، اسان چدن راند کيڏندي هڪ دفعو وڙهياسين. تون پٿر هنيو هيو. مان هيٺ ٿي ويو هيس ۽ پٿر ماستر مطلباڻيءَ کي لڳو هيو. جنهن سزا طور صبح جو توکي ڪلاس ۾ ٻه ڪلاڪ بينچ تي بيهاري ڇڏيو هيو.”
    ستار حجم پنهنجن خيالن ۾ گراهڪ جا وار ٺاهي رهيو هيو. هن ڏانهن اک کڻي به نه ڏٺو. هو مايوس ٿي ويو. وري پري کان ننڍڙي قد وارو اڌوهيءَ جو نصير نظر آيو. جنهن جي گهر ۾ مينهن هوندي هئي ۽ ننڍي هوندي هر وقت مکڻ سان ماني کائيندو هيو. ان جا ڳٽا ڳاڙها هوندا هيا. هن ڀرسان وڃي کيس کيڪاريو.
    “ڪهڙا حال آهن پيارا نصير، مون کي سڃاڻي ٿو؟ مان تنهنجو دوست... جنهن سان گڏ تون هزاري خان کان الغوزا وڄائڻ سکندو هئين. جيڪو الغوزا سيکاريندي ڪڏهن سزا طور تنهنجا ڳٽا پٽيندو هيو.”
    نصير پنهنجن خيالن ۾ گم هيو. اهو ڏک ۾ ورتل هيو، ڇو جو سندس زال ٻارنهن ٻارن کان پوءِ تيرهين کي جنم ڏئي مري چڪي هئي. پوءِ کيس ڪيترا ماڻهو نظر آيا. جن سان ملڻ مناسب نه سمجهيو. ڇو جو ڪو به سڄاڻي نه رهيو هيو. هو هڪ مئل شخص جيان هوا ۾ اڏامي رهيو هيو. هن محسوس ڪيو جسم نه روح آهي ۽ هن کي مئي ورهيه گذري چڪا آهن.
    جڏهن گهر ۾ گهڙيو ته سندس ماءُ ويٺل هئي، اها جهور پوڙهي ٿي چڪي هئي ۽ اڪيلائين ان کي غمگين ڪري وڌو هيو. وڌي ماءُ وٽ آيو ۽ جهڪي پيرن تي هٿ رکي ان کان معافي ورتائين.
    “معاف ڪجانءِ منهنجي ماءُ” هن ڏاڍي ڏکويل آواز ۾ چيو “هڪ بيوفا عورت ڪري توکي وساري ويٺس. توکان ڏور ٿيس. مان ڏاڍو زخمي آهيان. سيني ۾ سور آهي. دل ڏريل آهي. ڪلها لڙڪي آيا آهن. آڱرين جو رت ڄمي چڪو آهي. انهن مان پونءِ جي بوءِ اچي رهي آهي. پر سڀ کان پهريون اهو ٻڌاءِ ڇا منهنجو آواز ٻڌي رهي آهين؟ مون کي ڏسي رهي آهين؟ امڙ ڇا مان مري چڪو آهيان؟”
    سندس ماءُ اٿي، کيس سيني سان لاتائين ۽ ٻئي زارو قطار روئڻ لڳا.
    ماءُ رئو ڦاڙي اڳڙيون ٺاهي پٽ جي زخمن تي رکيون. هوءَ اٿي دال ۽ ماني کڻي آئي. گلاس پاڻيءَ جو ڀري هن آڏو رکيائين، پوءِ گرهه ٺاهي هن جي وات ۾ وڌائين.
    “ابا توکي الله حياتي ڏي” هن پيار مان چيو “تون ته جيئرو آهين، دراصل دنيا وارا مري چڪا آهن.”


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 923
    ڪتابن جو مشاهدو: 2927531
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 760896
    2020 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ