مھاڳ
سنڌي ۾ چند ناول ڇڏي ڪري باقي موجوده دور ۾ جيڪو ناول ڇپيو آھي، اھو طويل، فضول، لفاظي ۽ لٻاڙي آھي! رڳو پنن ۽ پيجن جي پوراءَ کان سواءِ ناول ۾ پڙھڻ لاءِ اھڙو ڪجهه به ڪونھي جو پڙھندڙ جو ڌيان ڇڪائي سگھي. اھڙو ناول پڙھڻ وقت جو ذيان ئي چئي سگھجي ٿو.
مون پنھنجي ناول ’’وجود‘‘ ۾ انھي روايت کي ٽوڙڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آھي! مون ڪوشش ڪئي آھي ته، ناول ايڏي روانگي سان لکان جو پڙھندڙ جو ناول تان ڌيان نه ھٽي، ناول سان گڏو گڏ ھلندو ھلي، نه ھو ويھي ڏند ڪرٽي ۽ نه ئي وري اوٻاسيون ويٺو ڏئي.
اصل ۾ ناول اھو نه ٿو چئجي، جنھن جو فضول ڦھلاءُ ڪجي، محض پنا ۽ پيج ويھي پورا ڪجن! ناول اھو جنھن کي سميٽجي، مون پنھنجي ناول کي شروع کان آخر تائين سميٽيو ۽ سھيڙيو آھي!
جڏھن مون ناول جو پھريون حصو ڪنھن دوست کي پڙھي ٻڌايو ته، ان چيو، ’’لکڻي مان مونکي ناول نه ٿو لڳي، ناول مطلب فضول وضاحتون، اجائي ڊيگهه ڊگھي لٻاڙ...... تو ناول ايڏو روانگي سان لکيو آھي جو اول حصي ۾ ئي ناول ڪلائيميڪس کي وڃي پڳو آھي! مونکي نه ٿو لڳي، اڳتي تون ناول جي ھڪ سٽ به لکي سگھندين!‘‘
چيم، ’’مزو تڏھن آھي، جڏھن ناول جو ھر حصو ڪلائيميڪس جي سٽن کي ڇھي!‘‘
ھا، باقي ناول لکڻ مھل مون پنھنجو رت ست ضرور سڪايو آھي. مان پنھنجي ناول مان ڪا خاص اميد نه ٿو رکان، پر گھڻي اميد ٿو رکان!
باقي اھڙو ناول لکڻ بلڪل ڏکيو نه ھو، جنهن ۾ ھڪ برگر فيملي گھر جي دسترخوان تي گڏ ٿئي ٿي. طرح طرح جا لذيذ کاڌا موجود آھن، ڀڳل گوشت، خوشبودار چانور، قسمن قسمن جا فروٽ، جوس شربت وغيره وغيره ۽ پوءِ مھمانن ۽ ميزبانن جي وچ ۾ گفتگو ھلي ٿي، مھمان حجاب ٿا ڪن ۽ ميزبان گھڙي گھڙي صلاحون ٿو ڪري، ’’سائين! ڪجهه گوشت وٺو، ڀلا ھي فروٽ کائو!‘ مھمان حجاب ٿو ڏسي، ’’نه سائين! مون گھڻو کاڌو آھي، پيٽ ڀرجي ويو آھي... ‘‘
’’پوءِ ڀلا جوس يا شربت وٺو....‘‘
ان قسم جي ناول جا ڏھ پيج رڳو لذيذ کاڌي تي گفتو ڪندي پورا ٿي ٿا وڃن! ۽ ناولسٽ اھو لفاظي، لٻاڙي ناول لکيو، دنيا مٿان ٿورو الڳ ڪيو ويٺو آھي، ته مار! مون واھ جو ناول لکيو آھي!
جئين ھڪ ڊائريڪٽر ڪنھن پٺاڻ کي چيو،’’منھنجي فلم لاءِ ناول لکي ڏي. ناول تي مان پنھنجي فلم ڊائريڪشن ڏيندس.‘‘
پٺاڻ 333 پيجن تي ناول لکيو، ناول کي عنوان ڏنائين ’’ گھوڙو ڪئين ڊوڙي ٿو!‘‘ ناول جي پھرين صفحي تي پھرين سٽ ھئي، گھوڙو ڪئين ڊوڙي ٿو ۽ باقي 333 پيجن تي لکيل ھو ٽڪا ٽڪ، ٽڪا ٽڪ، ٽڪا ٽڪ، ٽڪا ٽڪ ......
مون پنھنجي ناول وجود ۾ ان گھوڙي جي ٽڪا ٽڪ واري روايت کي ٽوڙيو آھي ۽ مان اميد ٿو ڪيان ته، ھي ناول توھان کي ضرور پسند ايندو. وڌيڪ توھان پڙھندڙن جي راءِ جو منتظر رھندس
آخر ۾ مان ڪنول پبليڪيشن جي پوري سٿ جو بيحد ٿورائتو آھيان، جن منھنجو پھريون ڪھاڻي ڪتاب ’’ورھ جا روڳ‘‘2020ع ڇاپي پڌرو ڪيو ۽ ھاڻ منھنجو ناول ’’وجود‘‘ توھان جي ھٿن تائين پھچايو آھي!
ذلفي زنئور
دادو
03108990959