(7)
گھران ھن کي صاحبا ۽ مينگل خان جي ڀڄي وڃڻ واري خبر پئي. رستم خان تپي سڄو باهه ٿي ويو. اوڏي مھل ويڙھاڪ گھوڙي سوار پاڻ سان وٺي ريگستان طرف روانو ٿيو پر مينگل خان گھڻو اڳي نڪري چڪو ھو.
جڏھن رستم خان ويڙھاڪ باغين سان ريگستان پھتو ته، ان مھل ريگستان ۾ تيز طوفان وارو ماحول شروع ٿي چڪو ھو. چؤطرف ريگستان ۾ رڳو مٽي ڌوڙ ٿي اڏامي، ويڙھاڪ باغين جا گھوڙا تيز طوفان جي ضد ۾ اچي ويا. گھوڙا بتال ۽ وائڙا ٿيڻ لڳا، طوفان جو زور اڃان وڌي رھيو ھو، تيز طوفان ۾ ويڙھاڪ باغين جا گھوڙا ٽڙ پکڙ ٿيڻ لڳا. ھر ھڪ سوار ٻئي سوار کان وڃائجڻ لڳو، ھڪ سوار ٻئي سوار کي نظر نه ٿي آيو، گھوڙا گھڻا بدحواس ۽ بي حال ٿي چڪا ھا. طوفان ڪئين ڪلاڪ جاري رھيو، ڪٿي ڪٿي سوار گڏ ٿي وري ٽٽا ٿي، وري ڪيڏي ڪيڏي مھل پاڻ ۾ گڏيا ٿي، تيز ھوا ڪنن جا پردا ٿي ڦاڙيا. چئو ڏس ڌنڌ ڦھليل ھئي، طوفان ڪئين ڪلاڪ جاري رھيو.
گھڻي دير کان پوءِ نيٺ طوفان جو ڪجهه ڪجهه زور ٽٽڻ لڳو ھو، ريگستان ۾ ويڙھاڪ سوار ھڪ ھڪ ٿي گڏ ٿيڻ لڳو.
ھاڻ طوفان جو زور گھڻو ٽٽي چڪو ھو، سڀئي ويڙھاڪ ٻيھر ھڪ جاءِ تي گڏ ٿيڻ لڳا.
رستم خان ويڙھاڪن سان مخاطب ٿيو.
’’ دوستو‘ ھن مھل اسان اڳتي وڌڻ جي حالت ۾ نه آھيون، پر موٽڻ مڙسن جو وڙ ناھي، مينگل خان گھڻو دور ڪونه ويو ھوندو ۽ ھو ڪنھن دشمن وٽ پناهه به ڪونه وٺي سگھندو، اسان ڪڍ نڪرنداسين، ريگستان کان اڳتي ھر وستي، واھڙ، ننڍو وڏو ڳوٺ لتاڙيندا سين، ھو اسان کان گھڻو لڪي، ڀڄي ڪونه سگھندو. اسان کي ھمت ۽ حوصلي سان اڳتي وڌڻو آھي، منزل ڏور ناھي، اسان مينگل خان کي ضرور ڳولي لھندا سين.‘‘
پريان سج جبلن جي اوٽ کان لڪي رھيو ھو. مينگل خان اڳتي ندي پار ڪرڻ لڳو ھو. ندي جي ڪپ لھي ٻه ٻڪ پاڻي پيتو ۽ گھوڙي کي پاڻي پياريو. گھوڙي جي واڳ وٺي آھسته آھسته ٻئي پنڌ ندي جو ڪپ چڙھڻ لڳا. ندي جي مٿين ڪپ تي پھچي، مينگل خان گھوڙي کي کبڙ جي ٽاري سان ٻڌي ڇڏيو، پاڻ ھڪ وڏي پٿر جي ٽيڪ ڏئي ويھي رھيو، ڀر ۾ ئي صاحبا پلٿي کوڙي ويھي رھي، ٻئي گھڻو ٿڪجي چڪا ھا، سڄي ڏينھن جي بک اڃ نڍال ڪري ڇڏيو ھو.
’’ٿڪجي ته ناھين پئي نه،‘‘ مينگل خان صاحبا ڏي لوڻو ورائي پڇيو؟
’’نه تازي تواني آھيان...‘‘ صاحبا جھٽ ۾ وراڻي ڏني. ھڪ ساھي کان پوءِ ٻنھين کان ٿڪل ٽھڪ نڪري ويو. مينگل خان پنھنجي پوري زندگيءَ ۾ شايد پھريون دفعو کليو ھو.
صاحبا کي يڪ ٽڪ ڏسڻ لڳو.
’’ مرڪ ڪيڏي پياري ھوندي آھي، مون اڄ ڄاتو آھي!‘‘
صاحبا يڪ ٽڪ مينگل خان کي گھوريندي رھي. مينگل خان ٻئي ٻانھون سيراندي ڏئي، اکيون ٻوٽي ڇڏيون.
مٿي آسمان تي تارا ٽمٽمائي رھيا ھا، جيڪي صدين کان خاموش ظلم جبلتن نفرتن ۽ محبتن جا شاھد رھيا آھن، چؤطرف سناٽو ڇائنجي چڪو ھو.
صاحبا ڪڏھن سوچيو به نه ھو ته ، محلن جا مزي ڇڏي، ڪڏھن ائين برپٽ صحرائن ۾ رات گذرندي. ھن مينگل خان سان ڳالھايو.
’’ تون حقيقت ڄاڻي ٿو!؟‘‘
مينگل خان اکيون نه کوليون، صرف چپ چوريا.
’’نه...! ۽ مان ڄاڻڻ به نه ٿو چاھيان...‘‘
’’ڇو!؟‘‘ صاحبا ترنت سوال ڪيو.
مينگل خان اٿي ويٺو، رات جي تاريڪي ۾ صاحبا جي چھري کي ڏٺو، جيڪو نٻل ۽ گھڻو اداس ھو.
’’مونکي حقيقت سان ڪو مطلب ڪونھي، مون تي ھڪڙو قرض رھجي ويو آھي، جيڪو پورو ڪرڻو آ. تون دلجاءِ رک... توکي ڪجهه ٿيڻ ڪونه ڏيندس، ھي مينگل خان جو توسان واعدو آھي. ساھ جي آخري گھڙي تائين، تنھنجي ۽ تنھنجي جسم ۾ پلجندڙ وجود جي حفاظت ڪندس...ھاڻ تون بي فڪر ٿي سمھي رھ، صبح اڻڄاتل منزل طرف سفر ڪندا سين..‘‘
مٿي آسمان تي تارا ٽمٽمائي رھيا ھا، رات گھڻي ٿي چڪي ھئي، ٻئي ننڊ پجي چڪا ھا
رستم خان ندي پار ڪري گھڻو اڳتي ڏکڻ طرف وڌي چڪو ھو
رات ڪافي ٿي چڪي ھئي، سڀ ھاڻ بي حال ٿي چڪا ھا، پري پري تائين ڪا آبادي نظر نه ٿي آئي، رڳو جھنگ ۽ بر پٽ ھو، ھي مسلسل ھلندا رھيا. ڊگھي سفر کان پوءِ ڏور ھنن کي ٽمٽمائيندڙ روشني نظر اچڻ لڳي. ھاڻ ھي سڀ ان روشني طرف وڌڻ لڳا ھا، جڏھن ھي ٿڪجي ھارجي اتي پڳا ته، اھو ننڍڙو ڳوٺ ھو. پندرھن سورھن گھر، مناھان ڇپراوان گھر، ھر گھر ٻي گھر کان گھڻو دوري تي ھو، ھي ڳوٺ گھڻو وائکو ھو.
ھي وڌي اچي ھڪ گھر آڏو بيٺا. ان گھر جي اڳيان رڍن جي واڙي ھئي، جنھن کي چؤطرف لوڙھو ڏنل ھو. واڙي کان مٿين ڀر ڪشادو کليل منھائون ڇپر ھو، جتان ھڪ اڌڙوٽ متارو مڙس رڙھندو ھنن طرف ٿي آيو. ويجھو پھچي انھي شخص پڇيو.
’’ڪير آھيو جوان، ڪٿان پنڌ پيا آھيو، يا رستو ڀُليا آھيو!؟‘‘
رستم خان چيو.’’چاچا! منزل جي تلاش ۾ آھيون، فلحال ٿڪجي پيا آھيون. ھت رات گذارڻ ٿا چاھيون، رات ترسڻ کان پوءِ صبح سوير اسان ھليا وينداسين.‘‘
انھي شخص چيو. ’’ڀلي رات رھو، ٻي ڪا خدمت جيڪا توھان جي ڪري سگھان...‘‘
سڀئي انھي متاري مڙس کي ڏسڻ لڳا، ڄڻ اجھو اھو ھنن لاءِ ڪي طعام تيار ڪرڻ وارو ھو. رستم خان چيو، ’’چاچا! اسان بکارا آھيون، توھان اسان جي کاڌي لاءِ ڪجهه تيار ڪري سگھو ٿا، بدلي ۾ توھان کي سٺي رقم ملندي.‘‘
متارو شخص رستم خان کي ڏسڻ لڳو، ڄڻ جاچ لھندو ھجي ته ، ھن وٽ ڏيڻ لاءِ آھي ڇا ؟
رستم خان پنھنجي آڱر مان موتيءَ جي ٽڪ واري سوني منڊي لاھي انھي شخص کي ڏئي ڇڏي. متارو مڙس منڊي ھٿ ۾ ڪري غور سان ڏسڻ لڳو، ڄڻ اندازو ڪندو ھجي ته، گھڻي رقم لھڻي.
رستم خان چيو، ’’چاچا! ھيءَ منڊي تنھنجي ٽن رڍن جي قيمت ٿيندي.‘‘
متاري شخص سڀني تي ھڪ دفعو ٻيھر نظر ڪئي. دل ۾ سڀ ڳڻڻ لڳو ۽ پوءِ چيو.
’’ھن مھل مون وٽ ٻيو ڪجهه ناھي. توھان جي بک مٽائڻ لاءِ مان رڍ ذبح ڪري سگھان ٿو.‘‘
بي صبري مان سڀئي متاري مڙس کي چوڻ لڳا.
’’پوءِ جلدي ڪيو چاچا! بک تي اسان جي آنڊن منجهه وڍ پوڻ لڳا آھن.‘‘
۽ پوءِ سڀ بي حال پنھنجي پنھنجي جاءِ تي زمين تي ليٽي پيا.
متارو مڙس رڍن جي واڙي ۾ ھليو ويو. ھڪ رڍ پڪڙي رڍ ذبح ڪري ورتي. وڏو مچ ٻاريو. انھي مچ کي ٻه ٻشانگيون ڏنل ھيون. انھن ٻشانگين مٿان لوھي گزي رکي ڇڏي. ذبح ٿيل سڄو رڍ لوھي گزي مٿان پچڻ لاءِ رکي ڇڏيو.
گوشت پڪڻ لڳو، اھو شخص انھي گوشت مٿان لوڻ مرچ وجھي گوشت کي باھ جي مچ مٿان اپٽائڻ سپٽائڻ لڳو.
سڀني ويڙھاڪن جا وات پاڻي ٿيڻ لڳا، آنڊن ۾ وٽ پوڻ لڳا. ھي سڀ گوشت کي بکايل بگھڙن وانگي تڪي رھيا ھا. انھي کان اول جو گوشت مچ تي پچي لھي، ھنن جي دل ٿي چيو، گوشت ڪچو پٽي کائي ڇڏجي. نيٺ گوشت تيار ٿي چڪو، سڀ گوشت مٿان ٽٽي پيا. گوشت ائين کائڻ لڳا، ڄڻ زندگيءَ ۾ پھريون ۽ آخري دفعو گوشت کائيندا ھجن!
گوشت کائي ڍئو ڪيو. رات گھڻي لڙي چڪي ھئي. سڀ پٽن تي ليٽي پيا، ۽ پوءِ سڀ ننڊ جي آغوش ۾ ھليا ويا .