ناول

وجود

ناول وجود ۾ قبيلائي سردارن جي رهڻي ڪهڻي جو ذڪر ڪيو ويو آهي تہ قبيلائي رهڻيون ڪهڙيو ڪيئن آهن ۽ انهن ۾ قبيلائي جهيڙا ڪيئن پيا ٿين ۽ ان جو اصل ڪارڻ ڇا آهي وجھ ڪھڙي آهي. مطلب دشمنيون ڪو ٻيو نہ پر انھن سردارن اندر ويٺن ماڻھو ئي پيدا ڪن ٿا، جنھن جو اثر پوري قبيلي تي پوي ٿو ۽ پورو قبيلو رت ۾ رنگي وڃي ٿو.
ناول ۾ قومي ويڙھ وڙھندڙ مجاھدن جي بھادري، وفاداري ۽ پيار کي الڳ الڳ واضح ڪري ڏيکاريو ويو آھي. ناول پڙھڻ مھل شروعات کان وٺي آخر تائين ماڻھون ناول جي گھرائي ۾ گم ٿي وڃي ٿو.
  • 4.5/5.0
  • 589
  • 151
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ذلفي زنئور
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book وجود

(10)

اڌ ڏينھن جي سفر کان پوءِ ٽاڪ منجھندڙي جو، ھي ھڪ ننڍڙي ڳوٺ کي ويجھو اچي پھتا.
ڪچي رستي جي موڙ کان سرنھن جي ڇانوَ ۾ ھڪ ھاري پاڻيءَ جو مٽ رکيو ماني ٿي کاڌي. ڀر ۾ ننڍڙي 12 سالن جي عمر جي ڌيءَ ويٺي ھئي، جيڪا گھران ماني کڻي پھتي ھئي، جنھن سان ھن پيار ٿي ڪيو.
مينگل خان ڀر ۾ اچي سلام ورايو. ھاري جواب ڏنو.
’’ وسلام پٽ !ماني حاضر آھي...‘‘
’’بسم الله چاچا! توھان کائو. اسان کي ٻه ڍڪ پاڻي پياريو.‘‘
’’پٽ! مھمانن کي پاڻي پيار، منھنجي ڌي شھزادي!‘‘ ھاري چيو
صاحبا کي پيءُ جي شفقت ياد اچي وئي. ھن جون اکيون ڀرجي آيون. ھاري صاحبا ڏي ڏٺو، جيڪا ڪپڙن مان ئي شاھي گھراڻي جي ٿي لڳي. ھن پڇيو.
’’ پرديسي! ڪاڏي پنڌ پيو آھين!؟‘‘
مينگل خان وراڻيو، ’’چاچا درياء خان جي ڳوٺ وڃڻو آ، ڪو ڏس پتو!؟‘‘
ھن ٻڌايو، انھي ئي رستي سان اڳيان ڳوٺ آھي، وڌيڪ آسان ڪري ڇڏيان، رستي کان مٿي ھڪ واھ آھي، واھ وارو رستو وٺي اڳتي کاٻي ھٿ تي مڙي وڃجو، انھي کان اڳتي چوراھي تي ھڪ ڇپرائين ھوٽل آھي، اتان توھان ڪنھن کان به پڇندئو، توھان کي درياء خان جي گھر جو ڏس پتو ڏيندو.
ھي اٿي گھوڙي تي سوار ٿيا، موڪلايو ۽ اڳتي وڌي ويا.
ڪجهه پنڌ کان پوءِ انھي شاخ جي ڪڙ تي گھوڙو چڙھيو، ڪجهه پنڌ کان پوءِ گھوڙو کاٻي پاسي موڙيو، ٿورو اڳتي ڇپرائين ھوٽل نظر آئي، ميـنگل خان گھوڙي تان لٿو، گھوڙي جي واڳ پڪڙي ھوٽل طرف ھليو آيو
ڪجهه ڳوٺاڻا ھوٽل اندر چانهه پي رھيا ھا ۽ زماني جون ڪچھريون ڪري رھيا ھا. انھن ۾ گھڻا تر نوجوان ۽ ڪجهه پوڙھا ڪجهه ننڍا وڏا ٻار ھا، سڀئي ھن کي حيران نظرن سان ڏسڻ لڳا ، پريان بينچ تي ويٺل کاٻي ٽنگ کان منڊڙو مينگل خان کي تڪڻ لڳو
مينگل خان پڇيو، ھي درياء خان جو ڳوٺ آھي!؟
پرتي بينچ تي ويٺل اھو منڊڙو بينچ تان اٿي گوڏي تي ھٿ رکي منڊڪائيندو اڳتي وڌي آيو. ھن جي عمر 23،22 سال جي لڳ ڀڳ ھئي.
انھي ٻڌايو ’’ھا، ھي ڳوٺ درياء خان جو آھي، گھر ڏٺل آھي يا!؟‘‘
’’نه!‘‘ مينگل خان جواب ڏنو. ’’مان اجنبي آھيان، پھريون دفعو آيو آھيان.‘‘
’’گھر ڏيکاريان.‘‘ منڊڙي چيو.
’’جي ڏيکار...‘‘
’’اچ ڀلا! ‘‘ منڊڙو گوڏي تي کاٻو ھٿ رکي نوڙيل حالت ۾ اڳتي وڌڻ لڳو، مينگل خان گھوڙي جي واڳ پڪڙي پٺيان پنڌ پنڌ ھلڻ لڳو.
صاحبا گڏو گڏ ھلڻ لڳي، منڊڙو ھر ٻئي وک کان پوءِ صاحبا کي تڪڻ لڳو. وري مينگل خان سان ڳالھائڻ لڳو.
’’جوان ڪير آھين، نالو ڇا اٿئي، ڪھڙي ڪم سان پڳو آھين!؟‘‘ منڊڙو لاڳيتو ٻه ٽي سوال پڇي ويو.
’’پرديسي آھيان درياء خان ۾ ڪم آھي، بابا سائين جو دوست آ.‘‘ مينگل خان به ھڪ ساھي ۾ جواب ڏئي ڇڏيو
منڊڙي مينگل خان کي ڏٺو، وري صاحبا ڏي ٽيٽ نظر ڪئي، وري مينگل خان کي چيو ’’ھا، پر نالو ته ڪونه ٻڌايئه...‘‘
منڊڙو ڦري وري اڳيان ٿيو، ٺهه پهه مٿان وري پڇيو، گڏ زال اٿئي!؟
صاحبا کي منڊڙي تي ڪاوڙ لڳي، دل چيس ٻي ٽنگ به ڀڃي ڇڏيس، منڊڙو صاحبا کي ڏسڻ لڳو، ڪجهه ڪجهه شڪي ٿيو. مينگل خان ٻه قدم اڳتي وڌيو، ڪو جواب ڪونه ڏنو. منڊڙو وري گڏ گڏ ھلڻ لڳو.
’’ ھتي ماڻهو وڏا چغل خور اٿئي، خيال ڪجانءِ‘‘
ٽي چار قدم ھلڻ کان پوءِ منڊڙو منڊڪائيندي سامھون ٿي بيٺو. مينگل خان بيزار ٿيڻ لڳو ھو. رڳو گھر ڏسي، ته منڊڙي مان جان ڇٽي!
منڊڙي وري چيو، ’’تون مھمان آھين تڏھن توکي ٻڌايان ٿو، ٻڌايانءِ نه ٿو، خبردار ٿو ڪيان، ھتي سڄي رات بندوقن جا ٽاڪوڙا ھوندا آھن، عيد تي ايترا ٻار به ڦٽاڪا ڪونه ٿا ڦاڙن، متان رات جو ٻاھر نڪرين ... خيال ڪجانءِ...‘‘
منڊڙو پنھنجي پر ۾ مينگل خان کي ڊيڄارڻ لڳو. وري صاحبا کي ٽيٽ نظر سان ڏٺو.ھاڻ مينگل خان کي منڊڙي تي چڙ لڳڻ لڳي ھئي. دل چيس ھڪ چمبو وھائي ڪڍيس، پر خاموش رھيو.
منڊڙي مڙي مينگل خان ڏي ڏٺو. وري ڳالھايو.
’’پريان کجون ڏسين ٿو نه، اتي درياء خان جو گھر آھي، مسجد جي ڀر ۾، ھاڻ ماڻهو نماز پڙھن ئي ڪونه، سڄو ڏينھن ھوٽلون جوا ۽ شرطن تي ڪريا پيا آھن...‘‘
ھڪ نظر وري صاحبا کي ٽيٽ نظر سان ڏٺو. وري مينگل خان سان ڳالھايو.’’اچي پھتا آھيون گھٻراءِ نه!‘‘
مينگل خان پڇيو، ’’ڀلا ڪم ڪھڙو ڪندو آھين!؟‘‘
’’ٺڳيون!‘‘ وڏو ٽھڪ ڏئي کلي پيو.
’’ڀوڳ ٿو ڪيان، ڪم ڪار ڪونه ڪيان، ڪو چانهه پياري، ڪو ماني کارائي، ڪو ڏھ ويهه روپيا ڏئي ڇڏي، ڪڏھن ڪڏھن ڪجهه ناھي ملندو ته، ھلڪي ڦلڪي چوري ڪري وٺندو آھيان.‘‘
مينگل خان کي ھن تي بکيان ٿي لڳي. وري ٽھڪ ڏئي کلي پيو، ’’تون ڊڄ نه، تنھنجو ڪجهه ڪونه چورائيندس، تون الاءِ ڪير، توکي سڃاڻان ڇا! ڪھڙو تون ھتان جو آھين، جو وجهه ڏيندين...‘‘
صفا ٽھڪ ڏئي ٻڏي ويو .. مينگل خان صاحبا کي ڏٺو. صاحبا مرڪي پئي. ھن کي پھريون دفعو لڳو، رڳو مرڪ خوبصورت ناھي ھوندي، ڪا ڪا کل بري به ٿيندي آ!
’’اجھو گھر پھچي ويو.‘‘ منڊڙي چيو، پر ھي ويو ڪونه اتي بيٺو رھيو. مينگل خان در کڙڪايو، پٺتي ھٽي بيٺو، منڊڙو اڃان به بيٺو رھيو. مينگل خان کيسي ۾ ھٿ ھڻي ڪجهه پيسا ڪڍي منڊڙي جي تري تي رکي ڇڏيا. منڊڙو گوڏي تي ھٿ رکي منڊڪائيندو پٺ تي لوڻا ھڻندو واپس ھليو ويو.
اوچتو در کليو. تعارف ٿيو. مينگل خان درياء خان کي رحيم يار خان جا سلام پھچايا. ھي ٻئي گھر ۾ داخل ٿي ويا .