(3)
’’پيارا ساٿيو!
ھاڻ اسان ويڙهه ٻن طرفن کان وڙھي رھيا آھيون، ھڪ ويڙهه مخالف قبيلي جي اتحادين سان، ٻي ويڙهه وقت جي سرڪار سان. اتحادي جيڪي اسان جا پيڙھن کان دشمن رھيا آھن، ھي قبيلائي تڪرار اڄ جا ناھن، پيڙھن کان ھلندا پيا اچن، ۽ نسلن تائين اِھا ويڙهه باقي رھڻي آھي. اسان جي قوم جا ھزارين سِر ڪٽيا آھن، ڪِريا آھن پر جُھڪيا ناھن! اسان اھا ئي پنھنجن وڏڙن جي روايت نڀائيندا پيا اچون. ھڪ قدم دشمن جو اسان ڏي وڌي ٿو ته، ٻه قدم اسان جا دشمن ڏانھن وڌن ٿا. ھتي جياپي جي جنگ فقط ۽ فقط دشمن جو ڪنڌ ڪپڻ سان آھي، ٽيون ڪو به دڳ ڪونھي!
اسين نه ڪانئر آھيون، نه بزدل، اسان جا وڏا پنھنجي قوم، پنھنجي ڌرتي، پنھنجي بقا ۽ آزادي لاءِ سر سسين کان ڌار ڪيا ۽ اسان جي وڏن جا سر سسين کان ڌار ٿي ڌوڙ به ٿيا. نه ھو جھڪيا، نه ھو ڀڳا، ھو وڙھيا آخري دم تائين، ھن جنگ جو ڪو به انت ڪونھي، ڪا به ساھي ڪانھي، اسان جو مقصد مسلسل ويڙهه آھي، آزادي تائين ويڙهه .ھتي جيئڻ جو حق صرف ان کي آھي جيڪو مرڻ ۽ مارڻ ٿو ڄاڻي، باقي ڪانئر پنھنجي موت پاڻ مري ويندو.
گدڙ جي سئو سال حياتي کان شينھن جي ھڪ ڏينھن جي حياتي بھتر آھي....‘‘
سردار ھشمت خان جي ھي تقرير انتھائي جذباتي ۽ جوشيلي ھئي. سڀ چپ چاپ ائين ٻڌڻ لڳا، ڄڻ ناگ سنگھي ويو ھجي. سڀني باغين جو جوش روح ۾ ڦوڪجي ويو، ھاڻ ھي مارڻ مرڻ لاءِ تيار ھا.
سردار ھشمت خان اڳتي چيو:
’’ته پوءِ ساٿيو! توھان پنھنجي ڌرتي، پنھنجي قوم، پنھنجي آزادي لاءِ مارڻ ۽ مرڻ لاءِ تيار آھيو!؟‘‘
سڀني باغين جوش ۽ جذبي سان يڪ راءِ آواز بلند ڪيو.
’’ اسان مارڻ مرڻ لاءِ تيار آھيون...‘‘
باغين جي ھٿيارن جا منھن ھوا طرف کڄا. سردار ھشمت خان ھڪ نظر باغين تي وڌي، ھنن جو جوش جبلن جو لائو بڻجي چڪو ھو.
سردار ھشمت خان ٻيھر باغين سان مخاطب ٿيو.
’’ اسان وقت جي سرڪار سان کليل بغاوت جو اعلان ٿا ڪيون،
آزادي تائين جنگ!‘‘
ھن پنھنجو ساڄو ھٿ مٿي کنيو، ٻن آڱرين سان وڪٽري جو نشان ڏسيو. سڀني باغين جوش ۾ ھٿيارن جا منھن ھوا ۾ کولي ڇڏيا .