(13)
سج اڀري ڏينھن ٿيو ھو، مينگل خان گھر پھتو، گھر ۾ مينگل خان درياء خان کان اجازت گھري.
’’ چاچا! توھان جا ٿورا توھان پناھ ڏني، حياتي رھي ته سڀ ٿورا لاھي وٺبا، دشمن کي ھتان جو ڏس ملي چڪو آھي، ھو به پھچڻ وارو ھوندو، انھي کان اڳ ھو پھچي، اجازت ڏيو ته، پنھنجي امانت وٺي ھتان نڪري وڃان! وري ملڻ يا نصيب‘‘
’’اجازت پٽ!‘‘ درياء خان بيٺي ئي ورندي ڏني، ۽ صاحبا جي مٿي تي ھٿ ڦيريو. وڌيڪ چيو، ’’پٽ مان توکي روڪي به نه ٿو سگھان، ڇو جو دشمن وڌيڪ طاقتور آھي، مان تنھنجي جان جوکم ۾ وجھڻ نه ٿو چاھيان، نه ته ڏکي مھل ۾ ائين درياء خان مھمان کي گھر مان وڃڻ جي اجازت ھرگز نه ڏئي ھا!‘‘
’’چاچا! توھان شرمسار ٿا ڪيو.‘‘ مينگل خان چيو، ’’توھان اھو ڪجهه ڪيو ، جيڪو توھان جي وس ۾ ھو، ھاڻ اجازت ڏيو ته نڪرڻ جي ڪيان!‘‘
’’چڱو پٽ! رب رکا! پر ھتان تو لوڻ جي کاڻين طرف نڪري وڃ اتان اڳتي پھاڙي ٽڪريون آھن، انھي کان اڳتي سنڌ آھي. توکي سنڌ ۾ محفوظ پناھ گاھ ملي ويندي، ھاڻ تون نڪرڻ جي ڪر الله واھي!‘‘
چاچا الله واھي مينگل خان صاحبا کي گھوڙي تي سوار ڪري دڳ وٺي لوڻياٺي کاڻين طرف روانو ٿيو، . مينگل خان جو گھوڙو اڃان ڳوٺ جي گھٽين کان ٻاھر نه نڪتو ھو، اڃان انھي چئو واٽي ڇپراھين ھوٽل کان گذريو ٿي ته، انھي منڊڙي مينگل خان کي ڏسي ورتو، رڙ ڪيائين.
’’ دوست! وڃين پيو چانهه پاڻي پيو وڃ...‘‘
مينگل خان جي ڪنن تائين منڊڙي جو آواز ڪونه پڳو، ۽ ھن جو گھوڙو دڳ تان ڌوڙ اڏائيندو اڳتي وڌي ويو. منڊڙو کسڪي اڳتي نڪري آيو ۽ يڪو پٺيان تڪيندو رھيو.
لڳ ڀڳ اڌ ڪلاڪ جي ساھي کان پوءِ انھي منهَه واري ھوٽل وٽ رستم خان جا گھوڙا پڳا. سڀئي گھوڙا انھي ھوٽل جي چؤطرف ڦرڻ لڳا.
رستم خان پڇيو، ’’ڪنھن ھتي گھوڙي سوار اجنبي کي ڏٺو!؟‘‘
منڊڙو سڄي ماجرا سمجھي ويو. ھي منڊڪائيندو منڊڪائيندو اڳتي وڌي آيو. بلڪل رستم خان جي سامھون ٿي بيٺو. ھن چيو، ’’ھا اھو نوجوان ھاڻ، ھاڻ گھوڙي تي زال کي وٺي سامھون واري دڳ سان ڀڄي ويو آھي...‘‘
رستم خان گھوڙي تان ئي منڊڙي کي ابتي چماٽ وھائي ڪڍي، منڊڙو چار پنج بلاٽيون کائي پٺ تي وڃي ڪريو. ھن جي ڪنن مان دونھان نڪرڻ لڳا. اکين آڏو ترورا اچي ويس. منڊڙي کي زندگيءَ ۾ پھريون دفعو ڏينھن جا تارا نظر آيا ھا.
رستم خان ويڙھاڪن سان انھي دڳ تي گھوڙا ڊوڙائڻ لڳو.
ٿوڙي دير کان پوءِ منڊڙو ڪجهه ھوش ۾ آيو. نظر ڪيائين ته ھڪ ٻيو گھوڙي سوار مٿان بيٺو آھي. ھي گيسيون پائي پوئتي ھٽيو. گھوڙي سوار پڇيو ’’ڪو گھوڙي سوار اجنبي نظر آيو!؟‘‘
منڊڙو گيسيون پائي ھٽڻ لڳو، خوف مان وراڻيائين،
’’ھا سڀ ايڏھين ويا اٿئي...‘‘
بھرام خان ان دڳ طرف گھوڙو موڙيو ۽ واءُ مينھن ٿي ويو.
ھاڻ ھڪ ئي رخ تي نظر جي دوري کان سڀ گھوڙا ڊوڙي رھيا ھا. رستم خان واٽ تان ئي ٻن گھوڙي سوارن کي پيغام ڏئي، چاچا ھشمت خان ڏانھن روانو ڪري ڇڏيو ھو.
گھوڙن جي رفتار وڌڻ لڳي ھئي، گھڻي منزل کان پوءِ رستم خان کي مينگل خان نظر آيو، جيڪو تيز رفتار گھوڙي تي اڳتي وڌي رھيو ھو. ھنن اڃان گھوڙن جي رفتار تيز ڪري ڇڏي، ھاڻ گھوڙن جي سنبن جي رفتار وقت جي رفتار پڪڙي ورتي ھئي.
رستم خان جا گھوڙا مينگل خان کان ھڪ ٻه ڪلوميٽر جي دوري تي ھا. مينگل خان پٺتي نھاريو، وڳ گھوڙن جو ڪڍ ھو.
مينگل خان گھوڙي جي رفتار تيز ڪري ڇڏي. ڪجهه فاصلي کان پوءِ لوڻياٺي کاڻين طرف وڌيو.
پٺيان رستم خان جا گھوڙا واءُ مينھن ھڪ ڪري ٿي اڳتي وڌيا. فائرنگ جو سلسلو شروع ٿي ويو. مينگل خان گھوڙو لوڻياٺي کاڻين ۾ لاٿو، ۽ اڳتي وڌڻ لڳو، اڃان گھڻو اڳتي وڌيو، نيٺ گھوڙي جي رفتار گھٽجڻ لڳي، گھوڙو سھڪڻ لڳو ھو، مينگل خان پٺ تي جوابي فائرنگ ڪندو رھيو.
رستم خان گھڻو ويجھو اچي پڳو ھو.
مينگل خان ٽپ ڏئي گھوڙي تان ھيٺ لٿو. صاحبا کي ٻانھن جو سھارو ڏئي گھوڙي تان ھيٺ لاٿو ۽ پوءِ گھوڙي جي واڳ ھٿن مان ڇوڙي ڇڏي. اڳتي وڌي ھڪ وڏي پٿر جي اڙ ۾ صاحبا کي لڪائي ڇڏيو ۽ پاڻ پٿر جي اوٽ وٺي دشمن تي گوليون وسائڻ لڳو.
ويڙھاڪ گھوڙن تان لھي ٽڪري جو گھيراء ڪرڻ لڳا، ھي سڀ اڳتي وڌندا رھيا ۽ مسلسل گوليون وسائيندا رھيا. مينگل خان پٿر جي اڙ کان جوابي فائرنگ ڪندو رھيو. ھاڻ مينگل خان چؤطرف ويڙھاڪن ۾ گھيرجي چڪو ھو. رستم خان فائرنگ ڪندو پٿر ڏانھن وڌندو رھيو. ھاڻ مينگل خان پٿر جي اڙ کان نڪري سامھون ٿي بيٺو.
اڳتي وڌندڙ رستم خان جي سيني تي رائفل تاڻي ورتي، ٻي ساھي فائر ڪيو. رستم خان جي کاٻي ڀر کان گولي ويڙھاڪ جو سينو پروڻ ڪندي گذري، ويڙھاڪ اتي ئي ڦھڪو ڪري ڪريو
رستم خان اڳتي وڌيو، فائر ڪيو، گولي مينگل خان جو سينو پروڻ ڪندي گذري. مينگل خان جھڪيو، ٻي گولي ھلي. مينگل خان جي سيني جي آر پار ٿي وئي، ھي رائيفل جي ٽيڪ سان زمين تي گوڏن ڀر جھڪي پيو. ٽئين گولي ھلي مينگل خان پٺ ڀر ڌرتيءَ تي ليٽي پيو.
رستم خان قدم قدم اڳتي وڌندو رھيو.
ھڪ طرف کان سردار ھشمت خان ويڙھاڪن سان پڳو، جيپ تان ٽپ ڏئي لٿو ۽ اڳتي وڌڻ لڳو.
ٻي طرف کان بھرام خان پڳو، ھي گھوڙي تان ٽپ ڏئي لٿو ۽ مينگل خان طرف وڌڻ لڳو
اوڏي مھل صاحبا پٿر جي اوٽ کان ٻاھر نڪتي، اڀ کي ڏاريندڙ رڙ ڪري چيو.
’’ منھنجو ڀاءُ ..... مينگل خان.... بي گناهه قتل ٿي ويو!‘‘
ھوءَ پنھنجو منھن مٿو پٽڻ لڳي .
رستم خان جا قدم رڪجي ويا. سڀ ڦري مينگل خان جي لاش مٿان اچي بيٺا.
صاحبا بي تحاشا ڏکوئيندڙ لھجي ۾ چوڻ لڳي.
’’ منھنجي ڀاءُ مينگل خان.... ڌرتي کي پنھنجي رت جو ريج ڏئي ھڪ ڀيڻ جو رھيل قرض ادا ڪيو ۽ ھاڻ ٻي ڀيڻ سان پنھنجو واعدو پورو ڪيو!‘‘
پنھنجي پيٽ تي ٻنھي ھٿن سان ڌڪ ھڻندي چيو،
’’منھنجي پيٽ ۾ پلجندڙ ھن وجود جو وارث رستم خان آھي!‘‘
ھن رستم خان ڏي آڱر سڌي ڪئي.
سڀ اچرج وچان رستم خان طرف ڏسڻ لڳا.
رستم خان شرم کان ڪنڌ جھڪائي ڇڏيو.
ڪجهه دير خاموش بيٺو رھيو ۽ پوءِ ٿڪل ٿڪل قدمن سان اڳتي وڌڻ لڳو. اڳتي اچي مينگل خان جي لاش اڳيان گوڏا ڀر ڪري پيو. اکڙين مان پاڻي زار قطار ٽمڻ لڳو ھو. ھن ڄاڻي ورتو، مينگل خان جي رائيفل مان جيڪا گولي کاٻي ڀر کان ويڙھاڪ کي لڳي ھئي، اھا گولي خود رستم خان جي سيني جي تاقب ھئي!
ھاڻ ھن سڀ ڄاڻي ورتو ھو. ھن ڄاڻي ورتو ھو ته، مينگل خان نه رڳو ھڪ ڀيڻ سان ڀاءُ ھجڻ جو فرض نڀايو، پر دوستي جو به ڀرم رکيو ھو!!
مٿي آسمان تي بادل ڀرجي آيا ھا، جيڪي ڄاڻ وسيا ٿي.موسم سوڳوار بڻجي پئي ھئي، ھوا ۾ نمي جي غمگيني ڇائجي چڪي ھئي.
بھرام خان واپس موٽيو، سج لڙي سانجھي ٿي، سفر ۾ ئي پڇاڙڪن تارن پساهه پورا ڪيا. تان جو باک ڦٽي، صبح ٿي.
زينت گل دڳن ۾ ديد وڇايو ويٺي رھي، بھرام خان وڌي ڀيڻ جي ڀر ۾ آيو، ڪنڌ جھڪائي بيھي رھيو.
زينت گل پڇيو،’’ ادا بھرام خان! مينگل خان ڪٿي آھي!؟‘‘
ھن ڪا ورندي ڪونه ڏني، خاموش ڪنڌ جھڪايو بيٺو رھيو.
زينت گل ٻيھر پڇيو، ’’ڀاءُ ٻڌاءِ! مينگل خان ڪٿي آھي!؟‘‘
ھن ڪا به ورندي ڪونه ڏني، اڃان به ڪنڌ جھڪايو بيٺو رھيو. زينت گل ٽيون دفعو پڇيو،
’’ ادا بھرام خان! مينگل خان ڪٿي آھي!!؟‘‘
ھن لرزندڙ چپ چوريا، ڳلي مان گھٽيل آواز نڪتو.
’’مينگل خان قتل ٿي ويو!‘‘
زينت گل ھٿن جون مٺون ڀڪوڙي ڇڏيون، اکيون پٿرائجي ويون، ساھ وڃي مٺن ۾ پيو ھو.آسمان جھڙين سرمائي اکڙين مان پاڻي ڦڙ ڦڙ ڪري ٽمڻ لڳو ھو ......