ناول

وجود

ناول وجود ۾ قبيلائي سردارن جي رهڻي ڪهڻي جو ذڪر ڪيو ويو آهي تہ قبيلائي رهڻيون ڪهڙيو ڪيئن آهن ۽ انهن ۾ قبيلائي جهيڙا ڪيئن پيا ٿين ۽ ان جو اصل ڪارڻ ڇا آهي وجھ ڪھڙي آهي. مطلب دشمنيون ڪو ٻيو نہ پر انھن سردارن اندر ويٺن ماڻھو ئي پيدا ڪن ٿا، جنھن جو اثر پوري قبيلي تي پوي ٿو ۽ پورو قبيلو رت ۾ رنگي وڃي ٿو.
ناول ۾ قومي ويڙھ وڙھندڙ مجاھدن جي بھادري، وفاداري ۽ پيار کي الڳ الڳ واضح ڪري ڏيکاريو ويو آھي. ناول پڙھڻ مھل شروعات کان وٺي آخر تائين ماڻھون ناول جي گھرائي ۾ گم ٿي وڃي ٿو.
  • 4.5/5.0
  • 589
  • 151
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ذلفي زنئور
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book وجود

(11)

’’اچو پٽ!‘‘ درياء خان اڳيان ٿيو. مينگل خان ۽ صاحبا پٺيان پٺيان ھلڻ لڳا.
’’ ھي توھان کي پنھنجو ئي گھر آھي... پٽ! گھوڙي کي سامھون ڪنڊي جي ڇانوَ ۾ ٻڌي ڇڏ.‘‘
مينگل خان اڳتي وڌيو. گھوڙي کي ڪنڊي سان ٻڌي پٺتي موٽيو. درياء خان صاحبا سان ڳالھائيندو اڳتي گھر طرف ٿي وڌيو.
’’ پٽ! تون به منھنجو ٻچو آھين جئين مونکي سومل آھي..‘‘
سامھون سومل ھنن کي ڏسي اڳتي وڌي آئي. صاحبا کي ڳراٽڙي پاتي.
’’ ڀيڻ! ڀلي آئينءِ....‘‘
’’منھنجي ڌيءَ سومل...‘‘ درياء خان وراڻيو. ’’ڌيءَ تون ڀيڻ کي وٺي ڪمري ۾ ھل ،مينگل خان اچ پٽ! ھي پنھنجو ئي گھر آھي،‘‘
درياء خان، مينگل خان ۽ صاحبا کي گھر اندر کٽن تي ويھڻ جو چيو ۽ پوءِ ڌيءَ سومل کي مھمانن لاءِ ماني ٽڪي جو چيو. ھي ٿڪل گھڻا ھا. اول انھن جي خاطر خواھ ڪئي، ماني ٽڪي جو بندوبست ٿيو. سڀني ماني گڏجي کاڌي.
نيٺ سج لڙي اچي سانجھي ٿي، گھر جي آڳنڌ تي کٽون رکيون ويون. درياء خان اچي مينگل خان جي کٽ تي، مينگل خان سان گڏ ٿي ويٺو، ۽ مينگل خان سان حال احوال ٿي اوريا.
سومل صاحبا سان ڊگھي ڪچھري ڪئي نيٺ ننڊ پئجي وئي. صاحبا گھڻي ٿڪل ۽ نٻل حال ھئي. سوچي ٿي، ’’عجيب دستور آ دنيا جو، جيڪو وجود، ھن جي جسم ۾ پليو ٿي، انھيءَ اڃان دنيا ۾ اک ناھي کولي ۽ دشمني پالي ورتي آھي.‘‘
پرتي کٽ تي ھڪ نظر مينگل خان تي وڌي، جيڪو درياء خان سان اڃان به ڳالھائي رھيو ھو، ھن پنھنجي ديد تارن ۾ اٽڪائي ڇڏي ھئي. ياد پويس ٿي، مينگل خان جي چيل اھا ڳالهه، قسمت به توسان ريس ڪرڻ لڳي آھي، ھوءَ سوچي ٿي، قسمت ڪڏھن به ڪنھن سان ريس ناھي ڪئي، قسمت صرف تماشو ڪيو آھي ۽ ھن سان قسمت به عجيب تماشو ڪيو آھي!
ھن کي بچپن کان جواني تائين جا سڀ قصا ياد ٿا پون.
مينگل خان ڳالھائيندي ڳالھائيندي پرتي کٽ تي نظر ڪئي. صاحبا کي گھري سوچ ۾ ڏسي ميـنگل خان درياء خان سان مخاطب ٿيو. ’’چاچا! مان گھڻو ٿڪجي پيو آھيان، ڪو غلط صحي دڳ ٻڌائڻ وارو به منھنجي پٺيان نه رھيو آھي. بس! اڪيلو ئي دڳن تي ڊوڙان پيو، لڳي ٿو زمانن کان ڊوڙندو ھجان. بس! ھڪ صاحبا جو ساٿ بچيو آھي، سا به .....‘‘
ھيءُ خاموش ٿي ويو. اوڏي مھل مينگل خان کي پيءُ خدادا خان گھڻو ياد پيو، جنھن ھن کي زندگيءَ ۾ رڳو ڀروسو ڏنو ھو.
درياء خان مينگل خان جي چھري ڏي چتائي ڏٺو، ۽ پوءِ چيو، ’’مينگل خان! جيڪي ماڻهو جوکم کڻي حالات مطابق فيصلا ڪندا آھن، اھي فيصلا اڳتي ھلي، وقت صحي ثابت ڪندو آھي! مان نه ٿو چوان ته تو غلط ڪم ڪيو آھي، پر جوکم ضرور کنيو آھي! ۽ جوکم کڻڻ بھادرن جو ڪم ھوندو آھي، جھڙن تھڙن جو نه!
بلڪل تون بھادر آھين ... ھي گھر توکي پنھنجو آھي، جيترو رھڻ چاھين رھي سگھين ٿو...‘‘
ھڪ نظر پرتي صاحبا جي کٽ تي ڪئي، جيڪا پنھنجي عطيت ۾ اڃان به گم سم ھئي.
وڌيڪ چيو، ’’ڌيءَ صاحبا نه رڳو سردار ھشمت خان جي نياڻي آھي، پر منھنجي به نياڻي آھي پر سردار ھشمت خان چپ ڪري ويھڻ وارن مان نه آھي. تون دنيا جي ڪھڙي به ڪنڊ ۾ وڃي لڪ، ھو توکي ضرور ڳولي لھندو. ھو رڳو طاقتور ناھي، پر پوري قوم جو سردار به آھي. ڊڄان ٿو انھي ڏينھن کان، وڌيڪ رب پاڪ ڀلائي ڪندو... ھاڻ تون آرام ڪر .. رات به ڪافي پئجي چڪي آھي، وري صبح جو گڏ...‘‘
مينگل خان چيو، ’’نه چاچا! صبح ته مان واپس چاچا رحيم يار خان جي ڳوٺ ورندس. پوئتي گھڻا ڪم ڇڏي آيو آھيان، جيڪي نبيرڻا آھن، باقي تو وٽ صاحبا سام ھوندي.جڏھن وقت سوڙھو ڪيو ته تو وٽان پنھنجي سام وٺي ويندس.‘‘
’’چڱو پٽ! جئين تون مناسب سمجھين.‘‘ اھيو چئي درياء خان اٿيو ۽ پنھنجي کٽ تي اچي ليٽيو.
رات ڪافي پئجي چڪي ھئي. سڀ ننڊ جي آغوش ۾ ھليا ويا.
باک ڦٽي صبح ساجھر ئي مينگل خان درياء خان کان موڪلائي صاحبا کي آٿت ڏئي، واپس رحيم يار خان جي ڳوٺ طرف روانو ٿي ويو.