ناول

وجود

ناول وجود ۾ قبيلائي سردارن جي رهڻي ڪهڻي جو ذڪر ڪيو ويو آهي تہ قبيلائي رهڻيون ڪهڙيو ڪيئن آهن ۽ انهن ۾ قبيلائي جهيڙا ڪيئن پيا ٿين ۽ ان جو اصل ڪارڻ ڇا آهي وجھ ڪھڙي آهي. مطلب دشمنيون ڪو ٻيو نہ پر انھن سردارن اندر ويٺن ماڻھو ئي پيدا ڪن ٿا، جنھن جو اثر پوري قبيلي تي پوي ٿو ۽ پورو قبيلو رت ۾ رنگي وڃي ٿو.
ناول ۾ قومي ويڙھ وڙھندڙ مجاھدن جي بھادري، وفاداري ۽ پيار کي الڳ الڳ واضح ڪري ڏيکاريو ويو آھي. ناول پڙھڻ مھل شروعات کان وٺي آخر تائين ماڻھون ناول جي گھرائي ۾ گم ٿي وڃي ٿو.
  • 4.5/5.0
  • 589
  • 151
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ذلفي زنئور
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book وجود

(9)

۽ پوء ٻئي ماني کائڻ لڳا. زينت گل مينگل خان کي گھورڻ لڳي، زينت گل مينگل خان تي موھت ٿي پئي ھئي.
سج لھي سانجھي ٿي، کليل آسمان ھيٺان آڳنڌ تي پنج کٽون رکيل ھيون، ٽي کٽون جدا. ھڪ کٽ رحيم يار خان جي، ان جي ڀر ۾ ٻي کٽ زينت گل جي، زينت گل جي ڀر ۾ صاحبا جي کٽ پيل ھئي، ٻه کٽون گھڻيون وٿيرڪيون پيل ھيون، جنھن تي بھرام خان ۽ مينگل خان ليٽيا پيا ھا. آسمان تي تارن جي جھرمٽ ھئي.
بھرام خان وھاڻي تان سر ورائيندي پڇيو، ’’مينگل خان پوءِ تو ڪھڙو فيصلو ڪيو آھي!؟‘‘
مينگل خان وھاڻي کي ٺوٺ جي ٽيڪ ڏئي چيو، ’’ھڪ ھڪاڻي ڪبي، ھو اسان کان ڏاڍا ناھن، تڏھن به نه مڙيا ته سڌيون گوليون ھلائبيون.‘‘
بھرام خان جو سينو چئوڻو ٿي پيو ھو. ھي دشمن جي باري ۾ دير تائين ڳالھائيندا رھيا، رات گھڻي پئجي چڪي ھئي، تان جو سڀ ننڊ پئجي ويا.
پر زينت گل جون اکيون اڃان به آسمان جي تارن ۾ اٽڪيل ھيون، ھن مينگل خان جي باري ۾ ھزارين خواب پئي اڻيا، ائين ڀايائين ڏور آسمان جي ستارن تان ڪو شھزادو لھي اڱڻ تي آيو آھي، جنھن جو ھن کي عرصي کان انتظار ھو.
ھڪ دفعو وھاڻي تان سر کڻي پرتي پيل کٽن ڏي نھاريو، وري ليٽي پئي، ھن جي اکڙين جي جاڳ ۾ مينگل خان آباد ھو. تان جو اسر ٿيوآذانون اچڻ لڳيون، باک ڦٽي، زينت گل جيڪا اڃان به جاڳي رھي ھئي، ھڪ دفعو وري پرتي کٽن تي نظر ڪئي، مينگل خان کٽ تي نظر نه آيو. ھوءَ ٿورڙو حيران پريشان ٿي، پرتي آڳنڌ تي نظر ڪئي. مينگل خان منههَ ۾ گھوڙي کي مالش ڪري رھيو ھو
ھوءَ مينگل خان طرف ھلي وئي. مينگل خان پٺتي ڏٺو، وري گھوڙي جي مالش ڪرڻ لڳو.
زينت گل ڳالھايو، ’’مينگل خان! خبر ناھي بي اختيار قدم توڏانھن ڇو ڇڪي آيا آھن، مان نه ٿي ڄاڻان، مان اھو به نه ٿي ڄاڻان دل تي وس ڇو نه ھوندو آ... مان اھو به نه ٿي ڄاڻان بنا دستڪ جي ڪو ماڻھو دل ۾ ڪئين گھڙي ايندو آھي، ۽ سالن کان دل جا بند تاڪ ڇو کلي پوندا آھن، مان نه ٿي ڄاڻان، مان ڪجهه به نه ٿي ڄاڻان !
مونکي رات سڄي ننڊ به نه آئي آ، تنھنجي سوچن ۾ سڄي رات جاڳ ۾ گذري آھي، الاءِ ڇو ھن بيوس دل تي ڪو وس نه ٿو ھلي، سمجھين ٿو نه منھنجي ڳالهه مينگل خان !؟‘‘
مينگل خان اڳتي وڌي زينت گل جي سامھون ٿي بيٺو. زينت گل کي غور سان ڏسڻ لڳو.
’’زينت گل! تون پنھنجي نانءُ جھڙي سھڻي آھين، جيڏي خوبصورت آھين، اوڏي سٻاجھڙي به آھين پر تقديرن جا فيصلا ڏاڍا اڙانگا ھوندا آھن، اسان تقدير جا محتاج آھيون، اسان کي تقدير سان سمجھوتو ڪرڻو ئي پوندو آھي نه ته تقدير ڏاڍو رواڙيندي آھي... منھنجي زندگي جي سفر ۾ رڳو ڪنڊا ۽ ڪاوا وڇايل آھن.. منھنجي زندگيءَ جو سفر اڙانگو آھي، تون ٿڪجي پوندين!‘‘
زينت گل مينگل خان جي ويجھو ٿي بيٺي.
’مينگل خان! مان تنھنجي زندگيءَ مان ڪنڊا ۽ ڪاوا ميڙي وٺندم ۽ قسم آ خدا جي ذات جو مرڻ تائين اف به نه ڪنديس.‘‘
مينگل خان، زينت گل جي نيڻن ۾ اٿاھ محبت کي پڙھي ورتو ھو. ’’زينت گل! ڪي ڪي ماڻھو ٻين جي زندگيءَ مان ڪنڊا ۽ ڪاوا ميڙي وٺندا آھن، پر پنھنجو دامن ڪنڊن ۽ ڪاون سان ڀري وٺندا آھن، ۽ پوء انھي جو پنھنجو ئي دامن سڄو ڇيھون ڇيھون ٿي پوندو آھي! ‘‘
’’جيڪو ڪجهه انسان چاھي ٿو، اھو ڪجهه انسان کي ملي پوي ته باقي ھن کي ٻيو ڇا کپي!‘‘
’’اسين سڀ تقدير جا ماريل آھيون!‘‘

بھرام خان جي اک کلي، ھُن پرتي نظر ڪري ڀيڻ کي ڏٺو، جيڪا مينگل خان سان ڳالھائي رھي ھئي يا لاحاصل محبت کي حاصل ڪرڻ لاءِ وس ڪري رھي ھئي.
ياد ٿي پويس اھا محبت، جيڪا ڪڏھن ھن ھڪ اپسرا سان ڪئي ھئي. جنھن کي ڪو وقت گذري چڪو ھو. جڏھن ھي گھوڙي تي سير سپاٽا ڪندي ھڪ ننڍڙي ڳوٺ وڃي پڳو ھو. اھو ڳوٺ ھڪ ڪالوني جو ڏيک ڏئي رھيو ھو. چاليهه پنجيتاليهه ننڍا وڏا پڪا گھر ھا، ھر گھر ٻئي گھر کان گھڻو وٿيرڪو ھو.
اتفاق سان ھي پھريون دفعو ھن ڳوٺ ۾ پڳو ھو، ھن چئوطرف نظر ڦيرائي، ھڪ گھر سڀني گھرن کان جدا ھڪ پھاڙ جي چوٽي تي اڏيل ھو، جيڪو سڀني کان وڌيڪ خوبصورت ۽ منفرد نظر ٿي آيو.
دل ۾ خواھش جاڳيس ته ان بنگلي کي ويجھي کان ڏسي، ھي گھوڙو ڪاھي بنگلي جي پٺ واري ڀر کان اڳتي وڌڻ لڳو. گھڻو اڳتي اچي ھڪ نظر ٻيھر بنگلي تي ڪئي، بنگلو اڃان به وڌيڪ خوبصورت نظر اچڻ لڳو ھو.
ھي گھوڙي تي پھاڙي جي چوٽي چڙھڻ لڳو. گھوڙو آھستا آھستا پھاڙي چڙھڻ لڳو. پھاڙي چڙھي نيٺ اچي بنگلي جي ڀر ۾ پڳو. ھن نظر ڪئي ڪجهه دوري تي پاڻي جي حوض ۾ ڪجهه سندريون ناز نخرا ڪندي وھنتيون پئي ۽ ڪجهه سندرين ھڪ اپسرا کي ان حوض جي ڪپ تي جسم مٿان ميٽ مليو ٿي، جيڪا سڀني جي آقازادي لڳي رھي ھئي، ھي وڌي اڳتي آيو. سڀئي ھن کي ڏسي ڪجهه حيران ٿيون، پر خوف زده صفا نه ٿيون.
ان شھزاديءَ پنھنجي جسم تان مليل ميٽ کي ھٿ جي آڱرين سان صاف ڪندي پڇيو، ’’شھزادا ڪير آھين ۽ ھتي ڪئين پڳو آھين !؟‘‘
بھرام خان جي يڪ ٽڪ نظر اپسراء تي کپي وئي. ھن جي جسم تان مليل ميٽ راڳڙا ڪري ڳڙي رھيو ھو، جئين ڪا ميڻ وگھرڻ لڳندي آھي. ھن جي پوري جسم جي بيھڪ غضبناڪ ھئي.
بھرام خان پھرين نظر ۾ ئي گھائل ٿي پيو. ھن جي دل مٿان قھري عشق ھٿوڙو وھائي ڪڍيو. بھرام خان ٽپ ڏئي گھوڙي تان لٿو، گھوڙي جي واڳ جھلي ورتي، وڌي اچي اپسرا جي صفا ويجھڙو ٿي بيٺو.
اپسرا چتائي بھرام خان کي ڏٺو، ھڪ مڪمل مرد، اھو مرد جنھن کي ھن پنھنجن خوابن ۾ سجائي رکيو ھو، انھن خوابن جي ڄڻ تابير ٿي پئي ھئس !ھڪ نظر ۾ ئي اپسرا بھرام خان تي فدا ٿي پئي.
اپسرا پڇيو، ’’شھزادا نالو ڇا اٿئي ؟‘‘
’’بھرام خان !‘‘ ھن وراڻي ڏني.
ٻي ساھيءَ ۾ ئي بھرام خان اپسرا کان پڇي ورتو، ’’اي حسن جي شھزادي! ڀلا تنھنجو نالو ؟‘‘
اپسرا حوض جو ڪپ لھي پاڻي ۾ ٽٻي پاتي، شفاف پاڻي سان چھرو ڌوپجي چٽو ٿي پيو، ڄڻ ڪنول جو گل نسري پاڻي مان ٻاھر نڪتو ھجي. ھن جو چھرو ڌوپجي سڄو جرڪي پيو ھو، جئين چوڏھين جو چنڊ !
بھرام خان پھريون دفعو ڏينھن وارو چنڊ ڏٺو ھو. ھن جي نظر سندري جي چھري مٿان ٽڪي رھي.
سندري ڳالھايو،’’نانوَ کي ڇڏ شھزادا! تون ھيسيتائين پڳو آھين، اھو به تنھنجو نصيب ! نه ته ايسيتائين پھچڻ لاءِ خبر ناھي ڪيترا سر ڌڙ کان ڌار ٿي ويا... جي پنھنجو سر پيارو اٿئي ته جنھن رستي سان آيو آھين، انھي رستي سان چپ چاپ موٽي وڃ، ڀلائي انھي ۾ اٿئي.‘‘
بھرام خان ٿڌو ساھ ڀريو.
’’ جان جو جوکم نه ھجي ته، عشق ڪرڻ جو مزو ڪھڙو! ڪانئر کي عشق ڪرڻ جو ڪو حق ڪونھي! مونسان ھلندين؟!‘‘
بھرام خان چيو !!
سڀ ساھيڙيون بھرام خان کي غور سان ڏسڻ لڳيون
انهن مان ھڪ ناز ڪندي چيو، ’’مونکي ڀڄائي ھلين ته، مان توسان ڀڄي ھلڻ لاء تيار آھيان شھزادا !‘‘سڀ ٽھڪ ڏئي کلڻ لڳيون.
ان شھزادي سڀني کي چپ ڪرايو ۽ پوء بھرام خان کي چيو،
’’جي تو ۾ ھمت آھي ته، مان توسان ھلڻ لاءِ تيار آھيان پر اڄ تائين منھنجي مٽ ڪو اھڙو مرد پيدا ٿيو ئي ناھي !جنھن ۾ ايتري جرئت ھجي جو مون کي پاڻ سان وٺي وڃي پر شايد توکي خبر ناھي ته، مان ڪير آھيان؟ منھنجو پيءُ سرڪاري ملازم آھي، مان آءِ جي صاحب جي ڌيءَ آھيان، چوويهه ڪلاڪ پھريدار مون مٿان پھرو ڏيندا آھن. ڪو پکي به مون مٿان پنھنجي پرن جي ڇانو ڪري اڏامندو آھي ته، اھو به ماريو ويندو آھي!
پر وري به مان توکي ھڪ موقعو ڏيان ٿي مرد آھين ته، ٻيھر مونسان اچي ملجان، منھنجي باغيچي ۾ سامھون نظر ڪر....‘‘
بھرام خان پھاڙي کان ھيٺ نظر ڪئي. ھڪ خوبصورت باغيچو نظر آيو ، جيڪو بنگلي کان ڪجهه دوري تي ھو.
’’اھو بابا سائين منھنجي ذاتي تفريح لاءِ جوڙايو آھي. اتي ڪو به پھريدار منھنجي پھري لاءِ موجود نه ھوندو آھي. مون سان منھنجون ساھيڙيون ھونديون آھن، ھاڻ تون موٽي وڃ، مون کي تنھنجو انتظار رھندو.‘‘
بھرام خان اپسرا جو چيلنج قبول ڪري ورتو. ھي گھوڙو ڪاھي موٽڻ لڳو. اپسرا، بھرام خان کي پٺيان آواز ڏنو. بھرام خان گھوڙي کي جھلي ورتو ۽ پٺتي ڏٺو.
اپسرا چيو، ’’منھنجو نالو گل بھار آھي.‘‘
دل ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳس. دل ۾ نانءُ ورجايائين. ’’گل بھار....‘‘
سچ ۾ گل بھار نالي جھڙي گل بھار ھئي. بھرام خان بنگلي جي پٺ کان پھاڙي جي اوچائي لھندو واپس وريو.

پر بھرام خان اھا رات واپس ڪونه وريو، انھي ڪالوني کان ڪجهه دوري تي ھڪ پھاڙي جي ڀر ۾ گھوڙي ٻڌي رات ٽڪي پيو. لڙي رات تائين بھرام خان گل بھار جا سپنا پئي ڏٺا، ھوءَ جيڪا حد کان وڌيڪ خوبصورت ھئي، ھن جو ڳالھائڻ ٻولھائڻ، کلڻ مرڪڻ، ناز نخرا سڀ انداز دل تي تري ٿي آيا.
خيالن ۾ اھو بدن ھو جنھن بدن مٿان ميٽ جا راڳڙا ٿي گڙيا. جسم جي بناوٽ ڪنھن شاھڪار مصور جي ڪاريگري ھئي. انگن جو اڀار اٿاءُ غضبناڪ ھو. سڄو جسم نرم ملائم بخملي تول جھڙو ھو. زلفن مان ڪاريون گھٽائون ٿي وکريون. ھوءَ ڄڻ ڪا جنت جي حور ھئي. ھي ان حسن مٿان فدا ٿي پيو.
ڀورين اکڙين منجهه ھڪ ڪائنات سمايل ھئي، اھا ڪائنات جنھن ڪائنات منجهه رڳو محبت ئي محبت ھئي.
رات لڙندي ٿي وئي، ھن کي ملڻ جي تانگهه ٿي تڙپايو. تان جو صبح سج ڪني ڪڍي، ھي گھوڙو ڪاھي ڳوٺ طرف وڌڻ لڳو. جئين ڳوٺ کي ويجھو پڳو ته منظر ڪجهه ٻيو ھو.
ماڻھن جو ھجوم ھو.
ھي گھوڙو ڪاھي ھجوم ۾ داخل ٿي ويو.
انھن پاڻ ۾ ڳالھايو ٿي.
’’اھي سڀ دھشت گرد آھن، جن کي قانوني سزا بجاءِ سڀاڻ سڀني جي سامھون سري عام سزا ڏني ويندي ۽ شايد اھا سزا سزاء موت ھوندي.‘‘
بھرام خان ڏٺو، چار پنج ماڻھو ھا، جن جا پٺيان کان ھٿ ٻڌل ھا ۽ اکين مٿان ڪاريون پٽيون ٻڌل ھيون، جن کي ڪجهه سپاھي ماريندا ڪٽيندا ھجوم مان اڳتي ٿي وڌيا.
ھي ھجوم مان نڪري ان باغيچي طرف وڌڻ لڳو
ھلندو ھلندو اچي باغيچي کي ويجھو پھتو. انتھائي خوبصورت باغيچو ھو، جنھن ۾ ھر قسم جي ميوات جا وڻ پوکيل ھا. ھي باغيچي ۾ اندر داخل ٿي ويو. چئو طرف انھن ميوو جي وڻن تي نظر ٿي ڦيرائي، سامھون ڪجهه دوري تي ھڪ انب جي وڻ ۾ گل بھار جون ساھيڙيون گل بھار کي پينگهه تي لوڏيو ٿي. ھي گھوڙي تان لھي گھوڙي جي واڳ پڪڙي اڳتي وڌڻ لڳو.
گل بھار پينگهه تي لڏي ٿي، ھن جي اکين مٿان پوتي جي ڳنڍ ڏنل ھئي. ھن سان ساھيڙين ڳالھايو ٿي.
’’تون شرط ھاري ويندينءَ... ھو ڪونه ايندو... تون اکين تان پٽي کولي اول اسان کي ئي ڏسندينءَ، ھو ڪونه ايندو چرئي! ڇو ٿي ڪنھن اجنبي جو انتظار ڪرين؟!
اجنبي جو ڪھڙو اعتبار !اجنبي ھو، ويو پنھنجي ديس. ھاڻ اکين تان پٽي ھٽاءِ ....‘‘
جئين بھرام خان اڳتي وڌي آيو، سڀ ساھيڙيون خاموشيءَ سان ٻھ قدم پينگهه کان پٺتي ھٽي بيٺيون.
بھرام خان پينگهه ڇڪي گل بھار کي زوردار لوڏو ڏنو. انھي لوڏي ۾ گل بھار جي ڳلن کي ٿڌڙي ھوا ڇھي گذري. زلف ھوا ۾ لھرائڻ لڳا. پينگهه واپس وري ته بھرام خان پينگهه جھلي ورتي.
گل بھار ڳالھايو، ’’شھزادا تون اچي وئين!‘‘
بھرام خان، گل بھار جي اکين تان پٽي ڇوڙي ورتي.
’’جي شھزادي تو ڪئين ڄاتو ؟‘‘
’’تنھنجي قدمن جي آھٽ کي منھنجي دل جي ڌڙڪنن محسوس ڪري ورتو ھو، مونکي پڪ ھئي تون ضرور ايندين!‘‘
گل بھار چتائي بھرام خان کي ڏسڻ لڳي، ڄڻ ھن جي ڪل ڪائنات ھن جي نظرن آڏو ھئي.
بھرام خان جو ھٿ پڪڙي ورتو، سامھون ٿي بيٺي.
’’شھزادا ! مان ته ان ڏينھن ئي تنھنجي ٿي وئي ھئس، باقي ته تنھنجي تانگهه ۾ وقت پئي گذريو آھي. ھا مان توکي حاصل ڪرڻ ٿي چاھيان...ڇا تون مونکي وٺڻ آيو آھين شھزادا...!‘‘
بھرام خان گل بھار جا ڳل ھٿن ۾ جھلي ورتا.
’’ ھا شھزادي ھل ته ھلي پنھنجي دنيا آباد ڪيون، جتي تون ھجين ۽ ٻيو مان ھجان... جتي پيار ۽ محبت ڪرڻ وارن کان سواءِ ٻيو ڪير نه ھجي ... ھل ته ھلون انھي پار! ‘‘
’’پر اڄ نه ...! توسان واعدو آ... ھڪ ڏينھن توکي وٺڻ ضرور ايندس!‘‘
’’تون جنھن ڏينھن وٺڻ آئين، ان ڏينھن توسان ھلي ھلنديس... واعدو ڪر مون سان شھزادا، تون پڪ ايندين!؟‘‘
بھرام خان ڪجهه دير خاموش رھيو ۽ پوء چيو.
’واعدا قول قرار ڪوڙا ڪندا آھن. مان توسان محبت ڪرڻ لڳو آھيان ۽ محبت ڪن واعدن قول قرارن جي محتاج ناھي ھوندي شھزادي! پر مان ايترو امير ناھيان شھزادي! جو توکي اھي سڀ سک ڏئي سگھان، جن سکن جي تون هيراڪ آھين.. مان تنھنجا ڪھڙا خواب پورا ڪري سگھندس !‘‘
’’نه شهزادا...‘‘ گل بھار چيو، ’’ھي ڌن دولت مال ملڪيت سڀ بيڪار آھي. اصل ڌن دولت ته محبت آھي، جيڪا توکان ملي آھي. منھنجي خوابن جي تعبير تون آھين شھزادا ! وچن ڪر مون کي پنھنجي ڪنوار بڻائيندين....
مان تنھنجي ڪنوار بڻجڻ لاءِ تيار آھيان... وچن ڪر مون سان!
’’ھا، توکي حاصل ڪرڻ منھنجي زندگي جو مقصد بڻجي پيو آھي، تون منھنجي آھين فقط منھنجي....‘‘
’’پر جي تنھنجي نه بڻجي سگھيس ته شھزادا! پوءِ مان جيئي ڪونه سگھنديس...‘‘
گل بھار گھڻي اداس ٿي پئي.
’’الاءِ ڇو ، دل گواھي نه ٿي ڏئي ته مان تنھنجي بڻجي سگھنديس شھزادا ...! پر جي مان مري وڃان ته مون کي وساريندين ته نه، شھزادا!‘‘
بھرام خان گل بھار جي لبن تي ھٿ رکي ڇڏيو.
’’ چرئي نه ڪندي ڪر اداسي جون ڳالھيون، توسان وچن آهي، جي ائين ٿيو به ته، باقي زندگي تنھنجي يادن جي سھاري گذاري ڇڏيندس...‘‘
’’مان اھو نه ٿي چوان شھزادا...!‘‘ گل بھار روئي پئي.
بھرام خان ڇڪي گل بھار کي سيني سان لاتو. باقي ساھيڙيون ھٿن ۾ ھٿ ڏئي ھنن جي چوگرد ٻانھن جي زنجير جوڙي ورتي.
اھا زنجير جيڪا دنيا جي ڪا به طاقت اڄ سوڌو ٽوڙي ناھي سگھي.

ٻئي صبح بنگلي آڏو ماڻھن جو ھجوم ھو، ھي گھوڙو ڪاھي ماڻھن جي هجوم ۾ داخل ٿي ويو. ھن چوطرف نظر ڪئي، سامھون پنج ماڻھون صليب جھڙين ٿوڻين سان ٻڌل نظر آيس. جن کي اکين مٿان ڪاريون پٽيون ٻڌل ھيون. جن مٿان ڪجهه سپاھي بندوقون تاڻيو الرٽ بيٺل ھا. ماڻھن ۾ چوٻول ھو ته، آءِ جي صاحب دھشت گرد پڪڙيا آھن. جن جو عبرت ناڪ انجام ٿئڻو آھي
سڀ انھي انتظار ۾ ھا ته، آءِ جي صاحب دھشت گردن خلاف ڪھڙو حڪم جاري ٿو ڪري؟
ان مھل آءِ جي صاحب سخت فرمان جاري ڪيو ته، سڀني دھشتگردن کي سڌيون گوليون ھنيون وينديون. مونکي ھتان جو امن وڌيڪ عزيز آھي. ڪنھن به دھشت گرد ڦورو لٽيري کي بخشو نه ويندو، ان جي سزا فقط ۽ فقط موت آھي. مان قانون قائدن جو قائل آھيان.
ھتان جو امن اسان مٿان فرض آھي. ھن ڪالوني کي مون پاڻ جوڙيو آھي، ھن ڪالوني کي آباد ڪرڻ ۾ مونکي سال لڳا آھن. ائين ئي مان ھتان جو امن برباد ٿيڻ ڪونه ڏيندس. توھان سڀئي دلجاءِ رکو، جيڪو ٿيو وري نه ٿيندو.
مان انھن سان به دل جي گھراين سان ڏک ۾ برابر جو شريڪ آھيان، جن پنھنجن پيارن جي جان وڃائي ۽ پنھنجن پيارن جي وڇوڙي جي عذاب کي سَٺو آھي. ھتان جي ھر فرد جي جان مال جي ذميواري قانون جي آھي. مونکي دھشتگردن جي ساٿارين پاران جان مال جي ڌمڪي ملي آھي پر مونکي جان مال جي پرواھ ناھي، مان اصولن تي سودو ھر گز نه ڪندس. ھنن دھشت گردن لاءِ عبرتناڪ سزا آھي. ۽ اھا سزا آھي سزاء موت!
مان آڊر ٿو ڏيان شوٽ ھم !
جئين ئي آءِ جي صاحب حڪم جاري ڪيو. سپاھي لڳاتار دھشت گردن مٿان گوليون وسائڻ لڳا.
اھو منظر سڀني لاءِ عبرتناڪ ھو

بدلي ۾ ڪجهه ئي ڏينھن ۾ دھشت گردن آءِ جي صاحب جي ڌيءَ گل بھار کي اغوا ڪري ورتو ھو ۽ پوءِ ھن جو گلو ڪٽي لاش واپس روانو ڪيو ھو.

تڏھن بھرام خان گل بھار سان ملي بغير واپس موٽي ويو ھو.
ڪجهه ڏينھن کان پوءِ جڏھن بھرام خان کي گل بھار سان ملڻ جي تانگهه جاڳي، ھڪ دفعو ٻيھر ڳوٺ وريو پر ھن کي گل بھار جي ساھيڙين کان خبر ملي، ته گل بھار قتل ٿي وئي ...
سڀ قول قرار واعدا اڌورا رھجي ويا ھا.
ھن جي اکڙين مان لڙڪ زار قطار لڙي پيا.
اھا ھن جي لاحاصل محبت ھئي، جيڪا ھن کان اڄ به وسري ناھي !
ھن جي خيالن جي ڪڙي ٽٽي، ھن ھڪ نظر منههَ طرف ڪئي، ڀيڻ جيڪا اڃان به مينگل خان سان بيٺي ڳالھائي رھي ھئي.
بھرام خان کٽ تان اٿي منههَ طرف ھليو آيو.
بھرام خان ڀيڻ کي چيو، ’’ادي! ھونئن ته ڪڏھن ايسيتائين نه آئي آھين، گھوڙن کي گاهه به مان وجھان، پاڻي به مان پياريان، مينگل خان الاءِ ڪھڙو جادو ڪيو آ توتي، ايڏو سوير اچي مينگل خان جو پاسو ورتو اٿئي.... ! ھاڻ وڃ... ناشتي جو بندوبست ڪر، سج چڙھي آيو آ... ماريندينءَ سڀني کي بک ....!‘‘
زينت گل ھيڪر مينگل خان کي ڏٺو ۽ پوءِ ڀاءُ کي ڏسندي رڌڻي طرف ھلي وئي.
ھن پنھنجي ڀيڻ جي محبت کي پرکي ورتو ھو. بھرام خان ڄاڻي ورتو ھو ته، لاحاصلات محبت جو انجام ڏاڍو اذيتناڪ ۽ ڏکوئيندڙ ٿيندو آھي. ھن جي اکين ۾ نمي ڀرجي آئي ۽ پوءَ منھن پرتي ڪري اکين مان ڇلڪندڙ ڳوڙھن کي ھٿ جي تري سان اگهي ورتو.
مينگل خان سان مخاطب ٿيو،
’’مينگل خان! پوءِ اڄ جو ڇا پروگرام آھي !؟ ‘‘
’’ناشتو ڪري، ھلون ٿا زمين تي...‘‘ مينگل خان ورندي ڏني.

۽ پوء سڀ ناشتي تي گڏ ٿيا. ناشتو ڪري مينگل خان ۽ بھرام خان ھٿيار کڻي زمين طرف وڃڻ جي ڪئي ته رحيم يار خان ٻنھين کي فلحال روڪڻ جي ڪئي، پر ھي گھوڙن تي سوار ٿي زمين طرف نڪري ويا.
اھي ڳوٺاڻا ڦورو ٻاجھري جي فصل وٽ ھٿيارن سان گھمي ڦري رھيا ھا.
مينگل خان ڪجهه وٿيرڪو ھڪ ٿلھي ٻٻر جي ڇانوَ ۾ گھوڙو روڪي رائيفل لوڊ ڪري بيھي رھيو ۽ بھرام خان کي ھنن طرف موڪلي ڇڏيو، جيڪي ڪجهه پنڌ تي ئي ٻاجھري جي فصل وٽ بيٺل ھا. بھرام خان وڌي اڳتي آيو، انھن سڀني بھرام خان تي ھٿيار تاڻي ورتا، بھرام خان پرتي ٻٻر طرف مينگل خان ڏي ڏٺو. مينگل خان رائيفل لوڊ ڪري ورتي، ۽ پوءِ بھرام خان چيو،
’’توھان مونکي ماري سگھو ٿا، پر توھان مان ڪو ھڪ به ھتان بچي موٽي ڪونه ويندو.‘‘
انھن مان جيڪو ھڪ اک کان ڪاڻو ھو، ڪاڻي اک ثابتي اک کان به وڏي ۽ خوف ڏياريندڙ ھئي، انھي پرتي ٻٻر طرف نظر ڪئي. ساٿين کي وڙھڻ کان روڪي ورتو ۽ پوء بھرام خان کي چيو،
’’بھرام خان اڄ ته ھڪڙو ونگاري وٺي آيو آھين، پر جي ڏهه ونگاري ٻيا به وٺي اچين، تڏھن به توکي ٻاجھري جي فصل مان ھڪ سٽو ڪونه ملندو.‘‘
’’ھن مھل اسان وڙھڻ نه آيا آھيون، توکي چتاوني ٿا ڏيون، ٻن ٽن ڏينھن ۾ فصل پچي راس ٿيندو ۽ پوء اسان فصل ۾ لوڀ وجھندا سين. دم آھي ته اچي روڪجان !‘‘
بھرام خان پرتي مينگل خان ڏي نھاريو.
مينگل خان رائيفل جو گھوڙو چاڙھيو الرٽ بيٺو ھو.
بھرام خان چيو،
’’توھان ھڪ سٽي جي ڳالهه ٿا ڪيو، ھڪ سٽو ته ڇا توھان کي فصل جو ھڪ تيلو به نه ملندو، اھو بھرام خان جو ضد آ...وڃو.... توھان کي ٻن ٽن ڏينھن جي مھلت ملي!‘‘‘
۽ پوء بھرام خان موٽيو، ھي به واپس وريا. بھرام خان ۽ مينگل خان واپس گھر ڏانھن موٽيا.
ٻن پھرن جو ٽائيم ٿي چڪو ھو، ھي گھر ۾ داخل ٿيا.
بھرام خان اچي پيءُ جي کٽ سان ڀر ۾ ويٺو.
’’بابا! ٻن ڏينھن کان پوء ھڪ ھڪاڻي ڪبي، فلحال ھو به موٽي ويا آھن.‘‘
رحيم يار خان پٽ بھرام خان ڏي ڏٺو ۽ پوء مينگل خان سان مخاطب ٿيو،
’’نه پٽ! جلد بازي نه ڪريو، اھو مسئلو بعد ۾ حل ٿي سگھي ٿو...‘‘
’’نه چاچا‘‘ مينگل خان وراڻيو، ’’جيستائين مان ھنن کي ڀڄائي ڊوڙائي نه ٿو ڪڍان، تيستائين نه سک جو ساھ کڻندم، نه ھتان ڪاڏي ويندس. توھان بي فڪر رھو.‘‘
’’پٽ ! ڀئو انھن جو ناھي، انھن سان ته بعد ۾ به نبري سگھجي ٿو، مونکي ڀئو آھي سردار ھشمت خان جو، ھو ڪيڏي مھل به توکي ھت ڳولي اچي لھندا، تون مرد آھين منھن ڏئي سگھين ٿو، پر عورتن جو ڇا!؟ عقلمندي انھي ۾ آھي ته، سڀاڻي ئي ڌيءَ صاحبا کي دريا خان جي ڳوٺ ڇڏي پوءِ ڀلي موٽي اچ، درياء خان کي منھنجا سلام چئجان بس !‘‘
مينگل خان ڪجهه سوچ ويچار کان پوءِ چيو، ’’ٺيڪ آ چاچا! توھان سھي ٿا چئو !‘‘
ٻئي صبح سوير مينگل خان صاحبا کي وٺي گھوڙي تي سوار ٿي درياء خان جي ڳوٺ طرف روانو ٿي ويو .