(1)
ھجوم ۾ عام ماڻهو گھٽ باغي گروپ جا ھٿيار بند وڌيڪ ھا.
ھي ميڙاڪو ڳوٺ جي الھندي پاسي کان پھاڙي جي ڀر ۾ گڏ ٿيڻ لڳو ھو. سڀ اھو ڏسڻ لاءِ گڏ ٿيا ھا ته نوجوان ۽ مينگل خان جي ڀيڻ لاءِ ڪھڙو فيصلو ٿيڻ وارو آھي؟
نوجوان، جيڪو اتحادي لشڪر وارن جي قبيلي مان آھي، اتحادي لشڪر اڪثريت ۾ آھي. بنسبت باغي گروپ جي.
سڄو ھجوم گول دائري ۾ گڏ ٿيڻ لڳو، دائري اندر مينگل خان جي ڀيڻ صبا ۽ نوجوان جا ٻئي ھٿ پٺيان کان ٻڌا ويا ھا. ٻنھين کي گوڏن ڀر زمين تي ويھاريو ويو ھو، ٻنھين جو گناهه اھو ھو ته ھي قبيلي جي رواجن کي ٽوڙي پيار ۾ پناهه ڳولڻ جي خطا ڪئي ھئي.
ٻنھين ڄڻن کي باغي گروپ جي ڪجهه ويڙھاڪ نوجوانن پڪڙي وڌو ھو، ھاڻ ان جو فيصلو ٿيڻو آھي.
فيصلو قوم جي سردار ھشمت خان کي ڪرڻو آھي، سردار ھشمت خان جي ساڄي ڀر ۾ رستم خان ويٺو ھو، جيڪو ننڍي ڀاءُ شھيد مردان خان جي پڳ جو وارث آھي. سردار ھشمت خان جي کاٻي ڀر کان مينگل خان ويٺل آھي ۽ سردار ھشمت خان جي ساڄي ڀر کان رستم خان سان گڏ قبيلي جا ٻيا به سردار موجود ھا.
ھي نه ڪو جرڳو ھو، نه ئي وري ڪو فيصلو ٿيڻو ھو، ھي جرڳو ھتان جي ريتن رواجن تحت ٿيڻو ھو. ڌر به ساڳي، ملزم به ساڳيو.
ھتي پيار محبت جي ڪا معنا ناھي، ھتي ھلندا آھن قبيلائي اصول! ھي ڪو پھريون جرڳو ناھي، جنھن جو انجام جدا ٿئي ھا، اھو ئي روايتي انجام، جئين پيڙھين کان ٿيندو آيو آھي.
ھاڻ چؤطرف خاموشي ۽ بي چيني ڦھلجي چڪي ھئي، سڀئي اچرج ۾ پيل ۽ حيران چھرا ھا. ڀيڙ جي صفن ۾ خاموش تماشائي مينگل خان پنھنجي ڀيڻ کي ڏسي رھيو ھو، جيڪا جلد مقتل گاھ ۾ قتل ٿيڻ واري ھئي.سڄي ڀـيڙ کي ڇڏي صبا جا نيڻ به پنھنجي ڀاءُ مينگل خان کي تڪيندا رھيا ھا.
سردار ھشمت خان قبيلي جي اصولن ۽ سردارن جي گڏيل راءِ سان اھو فيصلو ڏنو ته، مينگل خان جي ڀيڻ قبيلي جي اصولن خلاف بغاوت ڪندي مخالف قبيلي جي نوجوان سان پيار ڪرڻ جو گناهه ڪيو آھي، جيڪي قبيلي وارا اسان جي پيڙھين جا دشمن رھيا آھن، اھي اسان جي قبيلي وارن جا سر ڪٽيندا آيا آھن ۽ ڪٽيندا رھن ٿا پر بلوچ قوم جا اصول ناھن مٽيا، انھي قبيلي وارن سان سمجھوتو سج کي کاري ھيٺان رکڻ ٿيندو!
ھن قوم جي اصولن آڏو رشتا ڪا به معنا نه ٿا رکن، پوءِ اھو رشتو ڀاءُ جو ھجي، ڀيڻ جو ھجي، ڌيءَ جو ھجي، پٽ جو ھجي، يا پيءُ جو ھجي، ھتي ته مينگل خان جي ڀيڻ بغاوت ڪئي آھي، پر جي سردار ھشمت خان جي پنھنجي سڳي ڌيءَ به ھجي ھا ته به، ھشمت خان جو فيصلو ساڳيو ھجي ھا.
ھن گناهه جي ڪا معافي ڪونھي، گنھگار لاءِ صرف سزا آھي ۽ سزا آھي سزاءِ موت!
مان حڪم ٿو ڏيان ٻنھين گنھگارن جا سر ڌڙ کان ڌار ڪيا وڃن، ۽ پوءِ ٻئي وجود بنا ڪفن جي زمين اندر دفن ڪيا وڃن.
جڏھن سردار ھشمت خان قتل جو حڪم ڏنو ته، نوجوان جي نرڙ تان پگھر ڦڙ ڦڙ ڪري ٽمڻ لڳو. سڄي ڀيڙ ۾ خاموشي ڦھلجي وئي، ڄڻ سڀني کي نانگ سنگھي ويو ھجي، سڀني جون اکيون اچرج ۾ ڦاٽي ٻاھر نڪتيون.
ڀيڙ کي چيري ھڪ جلاد نمودار ٿيو، جنھن جي ھٿ ۾ تيز ڌار تلوار ھئي. صبا جا نيڻ اڃان به ڀاءُ مينگل خان کي تڪي رھيا ھا، جنھن جي نيڻن ۾ ھزارين سوال ھا، ھر ھڪ سوال سمنڊ جي لھرن مثل ھو، جنھن جو ڪو موھ، انت نه ھو. ھڪ ڀاءُ پنھنجي ڀيڻ جي نماڻين اکڙين مان سارا سوال پڙھي ورتا ھا، من اندر ۾ ھڪ ئي ورلاپ ھو.
ڀاءُ ته ڀيڻن جا سھارا ھوندا آھن....
ڀاءُ ته ڀيڻن جا سھارا ھوندا آھن!!
ھن جي اکين مان سمنڊ اٿلي پيو، ھن پنھنجو ڪنڌ جھڪائي ڇڏيو.
ھڪ زوردار وار ٿيو. نوجوان جو سر ڌڙ کان ڌار ٿي پٽ تي ڪريو. مينگل خان ڇرڪي ڪنڌ مٿي کنيو.
ٻيو وار ٿيو.
صبا جو سر ڌڙ کان ڌار ٿي مٽي کي چمي ورتو. ٻي ساھيءَ سر بولاٽي کائي سڌو ٿيو. سر جو رخ اڃان به ڀاءُ طرف ھو، ھن جا نيڻ اڃان به کليل ھا، جيڪي ڀاءُ ڏانھن تڪي رھيا ھا، نيٺ نيڻن جون پنبڻيون آھستي آھستي ڍريون ٿيڻ لڳيون، تان جو ٻئي نيڻ ٻوٽجي ويا.
پريان سج لالاڻ جون چاپڙيون لاھي جبلن جي اوٽ کان لڪي رھيو ھو.
مينگل خان جي من اندر قيامت برپا ٿي، من سڄو ماتم ڪدا بڻجي پيو ھو. ھن من اندر ۾ عجيب ڪَرڀ کي ڀوڳيو!
جلاد ٻئي سر وارن مان پڪڙي مٿي کنيا. سرن کي ھوا ۾ چؤطرف ڦيرڻ لڳو، سڄي ڀيڙ جا اچرج ۾ دوڏا نڪري آيا.
اھو ھڪ عبرت جو مقام ھو.
ھي مينگل خان جي زندگي جو ھڪ ٻيو وڏو الميو ھو .