ناول

وجود

ناول وجود ۾ قبيلائي سردارن جي رهڻي ڪهڻي جو ذڪر ڪيو ويو آهي تہ قبيلائي رهڻيون ڪهڙيو ڪيئن آهن ۽ انهن ۾ قبيلائي جهيڙا ڪيئن پيا ٿين ۽ ان جو اصل ڪارڻ ڇا آهي وجھ ڪھڙي آهي. مطلب دشمنيون ڪو ٻيو نہ پر انھن سردارن اندر ويٺن ماڻھو ئي پيدا ڪن ٿا، جنھن جو اثر پوري قبيلي تي پوي ٿو ۽ پورو قبيلو رت ۾ رنگي وڃي ٿو.
ناول ۾ قومي ويڙھ وڙھندڙ مجاھدن جي بھادري، وفاداري ۽ پيار کي الڳ الڳ واضح ڪري ڏيکاريو ويو آھي. ناول پڙھڻ مھل شروعات کان وٺي آخر تائين ماڻھون ناول جي گھرائي ۾ گم ٿي وڃي ٿو.
  • 4.5/5.0
  • 589
  • 151
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ذلفي زنئور
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book وجود

(2)

22 سالن جي عمر ۾ مينگل خان ھر ويڙهه وڙھڻ لڳو ھو. ھاڻ ويڙھاڪ باغين وقت جي سرڪار سان به مھاڏو اٽڪائي وڌو ھو. سرڪار خلاف کليل بغاوت جو اعلان ڪري ڇڏيو ھو.
ھاڻ ويڙھاڪ باغين جي ٻه طرفا لڙائي شروع ٿي چڪي ھئي. ھڪ لڙائي مخالف قبيلي جي اتحادي لشڪر سان ۽ ٻي لڙائي وقت جي سرڪار سان.
اھو اتفاق ھو يا معجزو جڏھن سردار ھشمت خان سرڪاري اھلڪارن جي وڏي گھيري مان بچي نڪتو ھو.اھو گھيراءُ مخالف ڌر جي مخبري ھئي، جڏھن سردار ھشمت خان ويڙھاڪ باغين سان گڏ ھڪ اسڪول ۾ ٻارڙن جي تقريب ۾ شامل ٿيو ھو.
ويڙھاڪ باغين ۽ سرڪاري اھلڪارن ۾ اھا ويڙھ الاھي دير تائين ھلي ھئي، ٻنھين پاسن کان ڪئين ڪلاڪ فائرنگ ھلي. سرڪاري اھلڪار اسڪول جي چؤطرف مورچا بند ٿي چڪا ھا.
گولين جي ڏي وٺ ۾ اسڪول جي ٻارڙن ۾ افراتفري ڦھلجي چڪي ھئي، انھي فائرنگ ۾ اسڪول جا ڪيترا ئي معصوم ٻارڙا گولين جو کاڄ بڻيا ھا، سپاھين جي رائفلن جون ٻرندڙ گوليون معصوم ٻارڙن جي جسمن کي چيرينديون رھيون ھيون، چؤطرف رت ۾ لت پت معصوم ٻارڙن جا لاش ڌرتي مٿان ائين وکريا پيا ھا ڄڻ گلاب جي گلن جون پتڙيون....
انھي تقريب ۾ سردار ھشمت کان سان گڏ مينگل خان ۽ ڀائٽيو رستم خان به موجود ھو. ھي ٻئي سردار ھشمت خان جو ساڄو ۽ کاٻو بازو ٿي وڙھيا. ٻنهي ھڪ ٻئي جي ڪڍ ڪڍ اھلڪارن مٿان ٿي گوليون وسايون.
سردار ھشمت خان کي اوڏي مھل ھنن بھادرن جا پيءُ سردار مردان خان ۽ خداداد خان ياد اچي ويا، جيڪي ھر ويڙهه ۾ قدم قدم گڏ ھلندا ھا، دشمن تي گولين جي ائين برسات ڪندا ھا، جئين بارش کان اول وسندڙ تيز ڳڙو.
ڊگھي ويڙهه کان پوءِ مينگل خان سردار ھشمت خان کي رستم خان سان گڏ اتان ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. رستم خان مينگل خان جي گولين جي بوڇاڙ ۾ مين گيٽ کان جيپ ڪڍي فرار ٿي ويو
سرڪاري اھلڪار اڃان به مورچا بند فائرنگ ڪري رھيا ھا. سردار ھشمت خان ته مينگل خان جي مدد سان رستم خان سان اتان نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ، پر سردار ھشمت خان جو ساڄو بازو رحيم يار خان اڃان به سرڪاري اھلڪارن جي گھيري ۾ ھو، ھي اسڪول جي ديوار کان اڙ وٺي فائرنگ ڪري رھيو ھو. اسڪول جي ويرانڊي کان مينـگل خان اھلڪارن مٿان گوليون وسائي رھيو ھو. ڪجهه ٻيا به ويڙھاڪ مختلفن رخن کان فائرنگ ڪري رھيا ھا. ٻه ٽي اھلڪار اسڪول جي پٺين ديوار ٽپي اندر داخل ٿيا.
مينگل خان جي نظر ترنت انھن اھلڪارن مٿان پئي، جيڪي رحيم يار خان طرف وڌي رھيا ھا، اھي سپاھي جيڪي اول ديوار ٽپي چڪا ھا، انھن ٽنھين سپاھين ديوار جي اوٽ ۾ ويٺل رحيم يار خان تي سڌي فائرنگ شروع ڪئي. ٻرندڙ گوليون رحيم يار خان جي ٻنھين ٽنگن ۾ وسڻ لڳيون، ھن جون ٻئي ٽنگون چچرجي چڪيون ھيون.
مينگل خان ورانڊي مان نڪري ٽنھين اھلڪارن تي گوليون وسايون.ٽنھين سپاھين کي ساهه جي ساھي تي گوليون چڀنديون ويون، ھڪ سپاھي کي لوندڙي واري گولي لڳي. ٻي ساھيءَ ۾ ٻي سپاھي کي ڪنڌ ۾ گولي لڳي، ۽ ٽئين سپاھي کي لڳاتار چار گوليون ڀڄندي پٺ ۾ لڳيون، ٽئي سپاھي ڍير ٿي ڪِري پيا.
مينگل خان اڳتي وڌي رحيم يار خان کي ڪلھن جو سھارو ڏنو، ھن جون ٻئي ٻانھون پنھنجي ڳچي ۾ وڌيون. سھارو ڏئي اسڪول جي پٺ کان بيٺل جيپ ۾ ويھاريو. جيپ اسٽارٽ ٿي ۽ مين گيٽ کان زوزٽ ڪري ٻاھر نڪتي. مورچا بند سپاھين جيپ مٿان فائرنگ ڪرڻ شروع ڪئي پر جيپ پوئتي ڌوڙ اڏائيندي واءُ مينھن ٿي وئي.

ھاڻ جيپ گھڻو اڳتي نڪري چڪي ھئي ، تيز رفتار ڊوڙندڙ جيپ ۾ مينگل خان پٺ تي ڪنڌ ورايو.
’’چاچا! گھٻرائڻ جي ڳالهه ناھي، پاڻ جلد پنھنجي پناهه گاهه تي پھچي ويندا سين، توھان بس ڪجهه حوصلو رکجو!‘‘
رحيم يار خان تڪليف جي شدت کان مينگل خان ڏي ڏٺو. شبيهه ۽ بھادري ۾ ھوبھو دوست خداداد خان لڳو.
رحيم يار خان جي اکين مان ڳوڙھا ڳڙي پيا، ھي ڳوڙھا تڪليف جي شدت کان نه ڳڙيا ھا ، ھي فخر جا ڳوڙھا ھئا.
رحيم يار خان تڪليف جي شدت ۾ ڳالھايو؛
’’پٽ! تو پنھنجي جان جوکم ۾ وجھي منھنجي جان بچائي آھي .... ھي جان تنھنجي امانت...! ڄاڻان ٿو، ھي جان ناڪارا ٿي چڪي آھي، جيڪا ھاڻ ڪنھنجي به ڪم جي نه رھي آھي ، پر مون وٽ ٻيا ڪي لفظ ڪونھن!‘‘
مينگل خان موڙ کان جيپ کي تيز ٽرن ڏيندي چيو،
’’چاچا! توھان وڏا آھيو، وڏن مٿان ڪي احسان ناھن ڪبا، اِھو منھنجو فرض ھو، توھان آرام سان ٽيڪ ڏيو. پاڻ جلد پنھنجي ٺڪاڻي تي پھچڻ وارا آھيون ، سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو...‘‘
جيپ پھاڙي موڙ کان ٽرن ڪڍي ھيٺ لٿي. رحيم يار خان وڏي تڪيلف جي حالت ۾ ٻيھر ڳالھايو.
’’پٽ! زندگيءِ ۾ اگر ڪو ڪم پوي ته ياد ضرور ڪجانءِ...‘‘
ھاڻ جيپ پنھنجي ٺڪاڻي طرف مڙي چڪي ھئي، جيڪو ڪجهه پنڌ نظر جي دوري تي ھو.
’’ حاضر چاچا سائين!‘‘
مينگل خان وراڻي ڏني .