(12)
بھرام خان ڀيڻ جي حالت سمجھي ورتي ھئي، ھن ڄاڻي ورتو ھو، ھي لاحاصل محبت آھي ۽ لاحاصل محبت جو انجام ڏاڍو ڏکوئيندڙ ٿيندو آھي.
ھن دل ۾ دعا گھري، شال اڻپوريون محبتون سفل ٿي پون! ھي وڌي ڀيڻ جي ڀر ۾ ٿي ويٺو. زينت گل کي اڃان به آٿت نه ملي، من جي تانگهه اڃان به گھٽي نه ھئي.
ان ويل مينگل خان گھوڙي تي وريو ٿي. زينت گل جو ساھ سامت ۾ آيو. ھوءَ در طرف ڊوڙي. مينگل خان اڃان دور ھو. ھن اول ئي در جا تاڪ کولي ڇڏيا، ڄڻ عمرين کان بند پيل من جا تاڪ کلي پيا ھجن. در طرف ڊوڪڙي پاتي، ڊوڪڙي جي ڪري زينت گل ھلڪو ھلڪو سھڪي ٿي، اکڙين منجهه چاھت جي چمڪ موٽي آئي، من اندر ۾ محبت جو درياء اٿلي پيو ھو.
مينگل خان گھر ۾ داخل ٿيو، ٽپ ڏئي گھوڙي تان لٿو، زينت گل جي نيڻن ۾ نھاريو، ھن جي نيڻن منجهه چاھت جو سمنڊ ازل کان اٿليو ٿي ۽ پوءِ اڳتي وڌي گھوڙو مَنههَ ۾ ٻڌو. ٻئي آڳنڌ طرف وڌڻ لڳا، زينت گل جي چھري تي سڀ خوشيون موٽي آيون.
مينگل خان پھچڻ سان ئي رحيم يار خان کي سلام ورايو.
’’ اسلام عليڪم چاچا سائين!‘‘
’’وعليڪم سلام پٽ!‘‘ رحيم يار خان سلام جي وراڻي ڏني.
بھرام خان وڌي مينگل خان کي ڀاڪر پاتو.
ٻن پھرن جي ماني کاڌي، مينگل خان ڪجهه آرام ڪيو، ٿڪ ڀڳو.
بھرام خان چيو، ’’مينگل خان! وقت اچي ويو آھي دشمن سان ھڪ ھڪاڻي ڪجي. تياري وٺ ته ھلڻ جي ڪيون. سوير ئي زمين تان موٽيو آھيان. مون کي تنھنجو انتظار ھو. تون ٿڪل ھئين تڏھن تڪڙي ڳالهه ڪانه ڪڍيم. ھو فصل ۾ لوڀ وجھڻ لاءِ سوير ئي ڏاند گاڏيون ڪاھي پھتا آھن، ھو لوڀ پيا ڪن! ھاڻ اٿ ته ھلڻ جي ڪيون.‘‘
مينگل خان رائيفل کڻي ڪلھي ۾ وڌي، ٻئي گھوڙن تي سوار ٿيا ۽ پوءِ ٻئي گھوڙا ڪاھي ٻاجھري جي فصل طرف روانا ٿي ويا. ان مھل ڪجهه ماڻهون ٻاجھري لڻي ڏاند گاڏيون ڀري رھيا ھا ۽ ڪجهه ھٿيارن سان پھريدار گھوڙي سوار ھا. فصل جي ھڪ طرف کان مينگل خان وڌڻ لڳو ۽ فصل جي ٻي طرف کان بھرام خان ٻئي ڊوڙندڙ گھوڙن تان ڏاند گاڏين تي فائرنگ ڪرڻ لڳا. پريان گھوڙي سوار پھريدار به جوابي فائرنگ ڪرڻ لڳا.
ڪجهه ماڻهون ڏاند گاڏين جي اڙ ۾ لڪڻ لڳا، جن ڏاند گاڏين ۾ ڍڳا ٻڌل ھا، اھي ٽاهه کائي ڀڄڻ لڳا. بھرام خان ۽ مينگل خان فائرنگ ڪندا اڳتي وڌندا رھيا. پيادا پٺتي ڊوڙڻ لڳا، پھريدار گھوڙي سوار جوابي فائرنگ ڪرڻ لڳا، ڪجهه پيادا جيڪي ٻاجھري سان ڀريل ڏاند گاڏين جي اڙ ۾ وڃي لڪا ھا، مسلسل گوليون وسڻ ڪري ڏاند گاڏين جي اڙ مان نڪري پھريدار گھوڙي سوارن طرف ڊوڙڻ لڳا، ڊوڙندڙ پيادن تي بھرام خان ۽ مينگل خان گوليون وسائڻ لڳا، ڪجهه زخمي ٿيا ڪجهه ڪريا، وري اٿيا، وري اڳتي منڊڪائيندا منڊڪائيندا ڊوڙيا ٿي. پھريدار پنھنجي بچاءِ ۾ فائرنگ ڪرڻ لڳا ۽ انھن زخمين کي گھوڙن تي سوار ڪرڻ لڳا ۽ پاڻ پٺتي ھٽڻ لڳا.
فائرنگ جو سلسلو جاري رھيو، تان جو پھريدار زخمين کي گھوڙن تي کڻي گھڻو پٺتي موٽي ويا. ھاڻ ھو ٻاجھري سان ڀريل ڏاند گاڏيون ڇڏي واپس ڀڄي ويا. سج لھي سومھياڻي ٿي، بھرام خان ۽ مينگل خان گھر ڏانھن موٽيا.
پھريدار زخمين کي کڻي ڳوٺ جي ويجھو پھتا. رستم خان به جھر جھنگ جھاڳيندو پھريدارن جي ڳوٺ اچي پھتو ھو.
پھريدار زخمين کي گھوڙن تان لاھڻ لڳا، زخمين کي سھارو ڏئي کٽن مٿان ليٽايو ٿي. رستم خان باغي گھوڙي سوارن سان وڌي اڳتي آيو. فلحال ھو ھڪ دفعو ٻيھر دھلجي ويا، ھر ھڪ باغي گھوڙي سوار جي ھٿ ۾ ھٿيار ھو.
رستم خان وڌي ھنن کان پڇيو، ’’ماجرو ڇا آھي!؟‘‘
فلحال ته ھو ھنن کي ڏسي گھڻا وائڙا ۽ بتال ٿي ويا، دل ۾ خوف ورائي وين، سوچڻ لڳا، آخر ھي آھن ڪير، دشمن ته ناھن، ڪٿان آيا آھن!؟ ھي وڌيڪ حيران پريشان ٿي ويا. نيٺ انھن مان جيڪو اک کان ڪاڻو ھو. انھي ٻڌايو.
’’ رحيم يار خان جي ڳوٺ ڪجهه ڏينھن اول ھڪ نوجوان گھوڙي تي ھڪ عورت سان آيو ھو، جيڪو ھاڻ رحيم يار خان جو مددگار ٿي پيو آھي. ھي سڀ انھي جو نتيجو آھي.‘‘
رستم خان وڌيڪ پڪ ڪرڻ لڳو. ڪاڻي وڌيڪ ٻڌايو ، ھا اھو نوجوان رحيم يار خان جي گھر ۾ ئي ٽڪيل آھي. ھاڻ ھنن کي وڌيڪ پڪ ٿي ته ھي به ان نوجوان جي تلاش ۾ آھن!
سڀ وڌي اڳتي آيا، رستم خان جي ويجھو ٿي بيٺا. انھي ڪاڻي وڌيڪ ٻڌايو ، ’’توھان يقين ڪيو، اھو نوجوان رحيم يار خان جي گھر ۾ ئي ٽڪيل آھي، مان ڪوڙ نه ٿو ھڻان! رحيم يار خان جي گھر کي ڪاٺ جو در لڳل آھي، جيڪو گھر بلڪل سامھون آھي. توھان کي وڌيڪ مدد کپي ته اسان توھان جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آھيون.‘‘
سڀ وڌي اڳتي ٿي بيٺا. چوڻ لڳا، ’’ھا اسان توھان جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آھيون!‘‘
رستم خان سڀني ڏي ڏٺو ۽ پوءِ چيو، ’’نه مان ڪمزور ناھيان. توھان ڏس ڏنو، مون لاءِ ايترو ئي کوڙ آ، وڌيڪ مان پاڻ سنڀالي وٺندس.‘‘
سڀ پٺتي ھٽي بيھي رھيا.
رستم خان باغي ويڙھاڪ وٺي رحيم يار خان جي ڳوٺ طرف روانو ٿي ويو. ڪافي رات گذري چڪي ھئي، مينگل خان ۽ بھرام خان گھر جي آڳنڌ تي ھلي ڦري رھيا ھا. کٽ تي ستي رحيم يار خان ٻنھي کي ڏسي رھيو ھو. اچانڪ مينگل خان کي گھوڙن جي ٽاپن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. ھن ٻاھر نظر ڪئي، ڪجهه گھوڙي سوار ھٿن ۾ ٻرندڙ ٽارچون ٻاريو گھر طرف وڌيا ٿي. ھن جھٽ ۾ کٽ تان رائيفل کڻي ورتي، رائيفل لوڊ ڪري ورتي، بھرام خان مينگل خان کي روڪي ورتو.
’’نه مينگل خان! جلد بازي نه ڪر، ھي دشمن نه ٿا ٿي سگھن. دشمن ۾ ايتري جرئت ناھي جو ھو در تائين اچي، ھو ڪانئر آ. پڪ سان ڳالهه ڪجهه ٻي آ، تون صبر ڪر مان جاچ لھي ٿو وٺان.‘‘
بھرام خان ھٿيار کڻي در طرف وڌيو.
رحيم يار خان سڀ سمجھي ورتو. ھن مينگل خان کي سڏي ورتو. مينگل خان وڌي ڀر ۾ بيٺو، در طرف رائيفل تاڻي ورتي.
’’ چاچا! مان ھنن کي گھر ۾ داخل ٿيڻ ڪونه ڏيندس. سڀني کي گولين سان ڀنڃي ڇڏيندس.‘‘
’’نه پٽ!‘‘ رحيم يار خان چيو، ’’جوش کان نه ھوش کان ڪم وٺ، ھي گھر آھي، جنگ جو ميدان ناھي، تون ڪمري ۾ ھليو وڃ، عقلمندي انھي ۾ آھي، وڌيڪ مان پاڻ سنڀالي ٿو وٺان. دير نه ڪر جلدي ڪر!‘‘
مينگل خان رائيفل جو گھوڙو لاھي ورتو ۽ تڪڙو تڪڙو ڪمري ۾ ھليو ويو.
ھن وري ڌيءُ زينت گل کي سڏي ورتو. زينت گل پريشان حال پيءُ جي سامھون ٿي بيٺي.
’’ جي بابا! حڪم ڪيو...‘‘
رحيم يار خان ڌيءَ زينت گل کي صرف ايترو چيو،
’’ ڌيءَ ھن جا ۽ ھن جي پيءُ جا مان احسان لاھي نه ٿو سگھان. دشمن در تي اچي پڳو آھي، توکي ھڪ ڌيءَ جو فرض نڀائڻو آھي، مان اھو به ڄاڻان ٿو، تون ھڪ باضمير پيءُ جي ڌيءَ آھين!‘‘
زينت گل بنا دير جي ان ڪمري ۾ ھلي وئي، جنھن ڪمري ۾ مينگل خان ھو.
بھرام خان بند در جي اندران پڇيو ’’ڪير!؟‘‘
’’رستم خان! رحيم يار خان جو مھمان در کول.‘‘
رستم خان ورندي ڏني.
در کليو سڀ ويڙھاڪ گھوڙن سوڌو اڱڻ تي چڙھي آيا. رستم خان ٽپ ڏئي گھوڙي تان لٿو. سڌو اچي رحيم يار خان جي کٽ مٿان بيٺو. کٽ جي ٻانھين تي لت رکي ڇڏي، ھن سلام نه ورايو، ڪروڌ ۾ ڳالھايو.
’’گستاخي معاف چاچا! مان مينگل خان جي تلاش ۾ آھيان ۽ مينگل خان جو ڏس تنھنجي گھر ۾ مليو آھي...‘‘
’’ته پوءِ دير ڇا جي!‘‘ رحيم يار خان جذباتي لھجي ۾ وراڻيو، ’’سڄو گھر پيو آ، ڳولي وٺ ‘‘.
’’اھو ته مان ھاڻ ڏسي ٿو وٺان، پر چاچا ڪجهه توھان جي علم ۾ به ته ھوندو!؟‘‘
’’بلڪل رستم خان، مينگل خان ڪجهه ڏينھن مون وٽ رھيو، شايد ھن کي منھنجي حال تي ترس اچي ويو، وڌيڪ رھڻ مناسب نه سمجھو ۽ پوءِ ھو درياء خان جي ڳوٺ نڪري ويو.‘‘
’’سچ ڳالھائڻ جي وجهه چاچا!؟‘‘ رستم خان ڌيرج سان پڇيو.
’’مون کي موت جو خوف ڪونھي! تون گھر جي تلاشي وٺين سگھين ٿو.‘‘
رستم خان کٽ تان پير ھٽايو. ٿوڙو اڳتي وڌيو. ٻه ڪمرا جاچا ۽ پوءِ بند ڪمري طرف وڌڻ لڳو. بند در وٽ پھچي، در کي لت ھنئي. در کليو زينت گل، مينگل خان جي ننگي جسم سان چھٽيل کٽ تي پنھنجا ذلف ورائي مٿان ستي پئي ھئي. در جي آواز تي زينت گل ڪنڌ ڦيرائي در طرف ڏٺو. سردار رستم خان جي نظر زينت گل تي پئي، ھن پنھنجو ڪنڌ ڦيري ڇڏيو.
ھي پٺتي موٽيو. رحيم يار خان کي سلام ورايو. بھرام خان آڳنڌ تي چڙھي آيو، رستم خان بھرام خان کي گھوريو. بھرام خان جي اکين ۾ ڪروڌ ڀرجي آيو. رستم خان گھوڙي تي ٻرانگهه ورائي، گھوڙا مڙيا، ۽ پوءِ رستم خان گھر کان ٻاھر نڪتو ۽ درياء خان جي ڳوٺ طرف روانو ٿي ويو.
مينگل خان، زينت گل جي ڀاڪر مان نڪري شلوار قميص پائي ورتي. کٽ جي ٻانھين تي رلي جي ھيٺان رائفل کڻي ڪلھي ۾ وڌي، ھڪ نظر زينت گل کي ڏٺو، جيڪا اڃان ننگي حالت ۾ بيٺل ھئي.
مينگل خان پنھنجي ڪلھي تان چادر لاھي، زينت گل جي جسم کي ويڙھي ڇڏي. ھي ھڪ قدم اڳتي وڌيو. زينت گل ڳالھايو.
’’مينگل خان! وڃين پيو!؟‘‘
’’جي!‘‘ مينگل خان وراڻي ڏني
زينت گل ڦري اڳيان ٿي بيٺي. ھڪ دفعو ٻيھر پنھنجي جسم تان چادر ھٽائي ڇڏي. مينگل خان جي نظر ھاڻ زينت گل جي پوري جسم تي ھئي. زينت گل صفا ويجھو ٿي، مينگل خان کي ھڪ دفعو ٻيھر پنھنجي ڇاتي سان لاتو، ڪي گھڙيون چھٽي رھي، مينگل خان جي ڇاتي کي چمي ورتو. ٻي ساھيءَ ڀاڪر ڪڍيو ٿورو پوئتي ھٽي بيٺي. مينگل خان جي اکين ۾ گھوريو ۽ پوءِ چيو
’’مينگل خان! بلوچ عورت جو به دستور رھيو آ، جيڪر ھن کي ڪو نامحرم مرد ھڪ دفعو به ڇھي وٺي ته ھوءَ عمر ڀر ان کي پنھنجو ور ڪري ڀائيندي آھي. تون ته منھنجي ننگي جسم سان الاھي دير تائين چھٽيو رھين، ڪي نه توکي مان پنھنجو ور ڀانيان!
وري تون موٽي نه موٽين، زينت گل توکي پنھنجي سينڌ ٿي ڏئي عمر ڀر تنھنجو انتظار ڪندي رھندي....‘‘
مينگل خان ٻاھر طرف وڌيو، ھڪ قدم اڳتي وڌي، وري پٺ تي ھٽيو. زينت گل جي صفا سامھون ٿي بيٺو، ھن زينت گل جي سرمئي نيڻن ۾ نھاريو، ھن کي زينت گل جي سرمائي اکڙين ۾ عمر ڀر جو اوسيئڙو نظر آيو.
مڙي در ڏانھن وڌيو. در جي چائنٺ تي پير رکيو. ھن کي پيءُ خداداد خان جا چيل لفظ ياد آيا. ’’مينگل خان! جِي زندگي موقعو ڏئي ته تون محبت ضرور ڪجانءِ!‘‘
ھن مڙي ٻيھر پٺتي ڏٺو، محسوس ڪيائين، ھن جي دل سيني مان نڪري زينت گل جي قدمن ۾ ڦٿڪڻ لڳي ھئي. مينگل خان در جي چائنٺ تان ئي وراڻيو،
’’ زينت گل! جي زندگي مھلت ڏني ته ضرور موٽي ايندس.‘‘
۽ پوءِ ھي تکو تکو گھر کان ٻاھر نڪتو. اچي رحيم يار خان جي کٽ وٽ بيٺو. رحيم يار خان ٻڌايو، رستم خان درياء خان جي ڳوٺ طرف وڃي چڪو آھي.
ھن رحيم يار خان کي آخري دفعا سلام ورايو.
’’چاچا! جيڪي چار پل گذريا، جيڪي چار داڻا کاڌا، مان زندگي ڀر توھان جو شڪر گذار رھندس.‘‘
۽ پوءِ ھن جو ھڪ قدم زمين تان کڄو، ٻيو قدم گھوڙي جي رقاب ۾ پيو، لانگ ورائي ۽ گھوڙو رات جي تاريڪي ۾ گھر جو آڳنڌ اڪري واءُ مينھن ٿي درياء خان جي ڳوٺ طرف ڊوڙڻ لڳو.
زينت گل ڪپڙا اوڍي ٻاھر نڪري آئي. ڀاءُ جي سامھون اچي بيٺي. ڀاءُ کي مينگل خان جي پارت ڪئي. بھرام خان ڀيڻ جي اکين ۾ ڏٺو. لفظ به نه ڳالھايو . اکيون ڇنڀيون ۽ کوليون پر ڀيڻ کي ڪو وچن ڪونه ڏنو، گھوڙي تي لانگ ورائي ۽ پوءِ مينگل خان جي ڪڍ گھوڙو ڊوڙائڻ لڳو .