ناول

وجود

ناول وجود ۾ قبيلائي سردارن جي رهڻي ڪهڻي جو ذڪر ڪيو ويو آهي تہ قبيلائي رهڻيون ڪهڙيو ڪيئن آهن ۽ انهن ۾ قبيلائي جهيڙا ڪيئن پيا ٿين ۽ ان جو اصل ڪارڻ ڇا آهي وجھ ڪھڙي آهي. مطلب دشمنيون ڪو ٻيو نہ پر انھن سردارن اندر ويٺن ماڻھو ئي پيدا ڪن ٿا، جنھن جو اثر پوري قبيلي تي پوي ٿو ۽ پورو قبيلو رت ۾ رنگي وڃي ٿو.
ناول ۾ قومي ويڙھ وڙھندڙ مجاھدن جي بھادري، وفاداري ۽ پيار کي الڳ الڳ واضح ڪري ڏيکاريو ويو آھي. ناول پڙھڻ مھل شروعات کان وٺي آخر تائين ماڻھون ناول جي گھرائي ۾ گم ٿي وڃي ٿو.
  • 4.5/5.0
  • 589
  • 151
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ذلفي زنئور
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book وجود

(8)

باک ڦٽي پکين جي لاتن تي مينگل خان جي اک کلي، رائيفل کڻي ڪلھي ۾ وڌي، صاحبا کي ننڊ مان ڌنڌوڙيو. کبڙي مان گھوڙي جو لغام ڇوڙي ورتو، صاحبا کي گھوڙي تي پٺيان ويھاري ندي ڪناري اڳتي وڌڻ لڳو. گھڻي سفر کان پوءِ ندي ڪناري کان ھيٺ وسندي بارش تي زمين ۾ ٻاجھري جو فصل نظر آيو. ھن اندازو ڪري ورتو ته، اڳتي آبادي آھي. ھي ٻاجھري جي فصل طرف وڌڻ لڳو، ھي گھڻو اڳتي وڌي آيو، ھاڻ ھي ٻاجھري جي فصل وٽان گھوڙي تان گذري رھيو ھو.
فصل وٽ ڪجهه ماڻهو ھڪ نوجوان سان وڙھيا ٿي، نوجوان گھڻو زخمي حالت ۾ ھو، مٿي تي ھٿيارن جا ڌڪ لڳڻ ڪري رت ٽمي لوندڙي کان ڳڙيو ٿي، ھو اڃان نوجوان سان وڙھي رھيا ھئا.
مينگل خان گھڻو ويجھو اچي پھتو، گھوڙي تان ٽپ ڏئي ھيٺ لٿو، ڪلھي مان رائيفل لاھي ھٿ ۾ جھلي ورتي، گھوڙي جي واڳ پڪڙي اڳتي وڌڻ لڳو. جيڪي ماڻهون نوجوان کي ماري رھيا ھئا، خوف کان ٻه قدم نوجوان کان پوئتي ھٽي بيٺا. مينگل خان کي دوڏا ڦوٽاري ڏسڻ لڳا. ڪجهه دوري تان مينگل خان چپ چاپ اڳتي وڌي ويو، پرتي نظر ڪئي، فصل کان اڳتي چار پنج ڪلوميٽرن تي ھڪ ڳوٺ نظر آيو. ھي گھوڙي تي ٻيھر سوار ٿيو ۽ چپ چاپ ڳوٺ طرف روانو ٿي ويو.
اھي ماڻهو ٻيھر نوجوان کي مارڻ ڪٽڻ لڳا.
ھاڻ ھي ڳوٺ کي ويجھو اچي رسيو ھو، نم جي ڇانوَ ۾ نلڪو لڳل ھو. ٻئي گھوڙي تان لٿا، نلڪي تان ھٿ منھن ڌوئي پاڻي پي ورتو، ڪجهه ساھي کان پوءِ ٻئي پنڌ ڳوٺ طرف وڌڻ لڳا.
ھاڻ ٻئي ڳوٺ ۾ داخل ٿي چڪا ھا، سامھون وڏو ڪاٺ جو در نظر آيو. مينگل خان گھوڙي کي در وٽ جھلي، در کڙڪايو، ڪو به ٻاھر ڪونه نڪتو، ڪجهه دير کان پوءِ ٻيھر در کڙڪايو.
ٿوڙي دير ۾ در کليو. اندران ھڪ اپسراءِ ظاھر ٿي. ھن ٻاھر غور سان ڏٺو. مرد سان گڏ ھڪ عورت ڀت جي اوٽ ڇانوَ ۾ بيٺل نظر آئي. اپسراءِ پڇيو ،
’’ڇا کپي؟‘‘
مينگل خان ڏٺو، ھوءَ حد کان وڌيڪ خوبصورت ھئي. ويڪرو منھن، سرمائي اکيون، جنھن منجهه ستن ئي آسمانن جا راز ڍڪيل ھا. پورو پنو نڪ، نڪ ۾ پاتل بُولي، کير جھڙا اڇڙا اجرا نازڪ ھٿ، ۽ جسم مٿان گاگھر جو ڍڪيل ويس ...
’’ڪنھن ۾ ڪم آ ؟‘‘ اپسراءِ ٻيھر پڇيو.
’’سائل آھيون... ماني ڳڀو ملي ويندو!؟‘‘
’’ترسو!‘‘ اپسراءِ اھو چئي در ٻيڪڙي اندر ھلي وئي. ڪجهه دير کان پوءِ موٽي اچي در کوليو. ھن جا ٻئي ھٿ خالي ھا.
اپسراءِ پڇيو ، ’’نالو ڇا اٿئي ؟‘‘
مينگل خان سوچڻ لڳو، ماني ڳڀي جو نالي سان ڪھڙو تعلق.
ھن وراڻيو.’’ مينگل خان‘‘
ھوءَ وري در بند ڪري موٽي وئي. ڪجهه دير کان پوءِ وري در کليو. ھن دفعي به ھن جي ھٿن ۾ ڪجهه ڪونه ھو، ٻئي ھٿ خالي ھئا. ھن صاحبا کي ويجھو اچڻ لاءِ سڏيو. صاحبا جو ھٿ جھلي ورتو.
’’ اچ اندر‘‘ صاحبا کي ڇڪي ورتو. پٺتي نھاريو.
’’ تون به گھوڙو ڪاھي اندر اچ.‘‘ ٽئي اڳتي وڌڻ لڳا.
’’ گھوڙي کي اندر مَنههَ جي ڇانو ۾ ٻڌي ڇڏ.‘‘
پٺتي ڏسڻ بنا اپسراءِ مينگل خان کي چيو.
مينگل خان مَنهه ۾ گھوڙي کي ٻڌو. جتي ٻه گھوڙا اول ئي ٻڌل ھا جيڪي گاھ کائي رھيا ھا. مينگل خان منههَ مان ٻاھر نڪتو.
اپسراءِ، صاحبا کي وٺي انھن ڪمرن طرف ھلي وئي، جن ڪمرن کي مٽيءَ جو راڳو ڏنل ھو. گھر جو آڳنڌ گھڻو ڪشادو ھو، گھر گھڻو مٿي ٽٻي تي اڏيل ھو. جتان ٻاھر پري پري تائين نظر ٿي پئي، اپسراءِ موٽي چار قدم اڳتي آئي. ھاڻ ھي مينگل خان جي اڳيان اڳيان ھلڻ لڳي ھئي. اندر ويرانڊي ۾ اچي ھڪ پيرسن جي کٽ مٿان بيھاريو.
مينگل خان جي پيرسن تي نظر پئي ته حيران رھجي ويو. ھن سلام ورايو.
’’اسلام عليڪم چاچا‘‘
’’وعيلڪم سلام ...‘‘
پيرسن وھاڻي جي ٽيڪ کان اٿڻ جي ڪئي. مينگل خان اڳتي وڌي ٻيھر پيرسن جو سر وھاڻيءَ جي ٽيڪ سان رکي ڇڏيو.
’’نه چاچا! توھان ليٽيا رھو.‘‘
اھو پيرسن ڪو ٻيو نه ھو، اھو پيرسن رحيم يار خان ھو. جنھن کي مينگل خان پھرين نظر ۾ ئي سڃاڻي ورتو ھو. رحيم يار خان اچرج ۾ مينگل خان کي ڏسندو رھيو.
’’ويهه پٽ!‘‘ مينگل خان ڀر واري کٽ تي صاحبا سان گڏ ويھي رھيو.
’’پٽ! تون ھتي منھنجي ڪراڙين اکڙين کي اعتبار نه ٿو اچي... خير سان پنڌ پيو آھين؟ ۽ ھي توسان گڏ ادڙي ڪير آھي؟‘‘
’’چاچا ھيءَ صاحبا آھي، سردار ھشمت خان جي ڌيءَ، مونکي پناھ ٿي گھرجي....‘‘
’’بلڪل تون سھي جڳهه تي پھتو آھين پٽ!‘‘
’’امان، وڃ مھمانن لاءِ ماني ٽڪي جو بندوبست ڪر، وڃ جلدي ڪر،،،، وڏي منزل ڪٽي آيا آھن،،،، بکارا ھوندا. ...
منھنجي ڌي زينت گل...‘‘
رحيم يار خان مينگل خان کي ڌيءَ جو نالو ڏسيو.
’’توھان ٿڪل آھيو، ڪجهه آرام ڪيو، جيسين ماني تيار ٿئي. باقي ڳالھيون بعد ۾ ....‘‘
اوڏي مھل اھو نوجوان اچي پھتو، جنھن سان ٻاجھري جي فصل تي ڪجهه ماڻهون ٿي وڙھيا. اچڻ ساڻ مينگل خان کي حيران نظرن سان ڏٺو. پيءُ کان پڇيو.
’’ بابا ھي ڪير آ، جيڪو گھر ۾ ھليو آيو آھي!؟‘‘
’’مينگل خان...‘‘ رحيم يار خان وراڻيو
ھي دل ۾ ڀڻڪيو، ’ڪانئر!‘
مينگل خان وڌي، ھن جا ڪلھا ٺپيا،
’’ بھادر آھين، نالو ڇا اٿئي ؟‘‘
’’بھرام خان منھنجو پٽ....‘‘ رحيم يار خان جواب ڏنو.
مينگل خان رحيم يار خان ڏي سواليا نظرن سان ڏٺو. رحيم يار خان ٻيھر ڳالھايو.
’’ اھو روز جو معمول آ، اول ائين نه ھو ، جڏھن مان پنھنجن پيرن تي بيٺل ھوندو ھوس. ھاڻ ھي نھتو ٿي پيو آھي، تڏھن ھو ڏاڍ مڙسي تي لھي آيا آھن...
اھا زمين مان پنھنجن وڏن کان ڪندو پيو اچان، خير ڇڏ انھي ڳالهه کي، ھو ھت توکي ضرور ڳولي لھندا، ڪجهه ڏينھن ترسي تون ھتان نڪري وڃ. منھنجي دوست درياء خان جي ڳوٺ، ھو توکي پناھ ڏيندو. ان کان اول جو سردار ھشمت خان جا ماڻهون توکي ھت ڳولي لھن!‘‘
’’نه چاچا! ھاڻ ته منھنجو ھتي رھڻ لازمي ٿي پيو آھي، ھاڻ بھرام خان اڪيلو ناھي، اھا زمين توھان جي وڏڙن جي آھي، ان تي حق صرف توھان جو آھي، ھاڻ دشمن کي جرئت نه ٿيندي ته ، ھو توھان جو حق ڦٻائي سگھي.‘‘
زينت گل کٽن تي جوار جي ماني لسي مکڻ رکڻ لڳي. مينگل خان زينت گل کي غور سان ڏسڻ لڳو ھو .