(5)
ڊگھي ويڙهه کان پوءِ مرحوم بابا خداداد خان گھر موٽيو ھو. ان مھل سج چڙھي سوا نيزي تي بيٺو ھو. خداداد خان ڪمري ۾ ٽنگيل بندوقن کي ڏسڻ لڳو، جيڪي ابن ڏاڏن کان ھلنديون آيون آھن، جن کي اڃان به زنگ لڳو ناھي. ھي کٽ تان اٿيو ٻاھر آڳنڌ ۾ آيو.
گھر واري بشران ان مھل سانجھڻ گڏ ڪري چلهه ۾ ڪاٺيون ڦوڪي رھي ھئي، صبا ماءُ سان ماني ٽڪي ڪرڻ ۾ ھٿ ونڊائي رھي ھئي، ھڪ نظر پنھنجي ڌي صبا تي وڌي، ھي اڳتي وڌيو نلڪي تي وڃي منھن تي ٻه ڇنڊا پاڻي جا ھنيا. موٽي اچي ڌيءُ صبا جي سر تي ھٿ رکي پيار ڏنو ۽ پوءِ گھوڙن جي طبيلي ۾ ھليو ويو.
مينگل خان پنھنجي پيءُ کي گھوڙن جي طبيلي ۾ ويندو ڏٺو ته کٽ تان اٿي، پيءُ ڏانھن ھليو ويو.
ماڻھس سڏ ڪيس ته رڌڻي ۾ ويو. ڀيڻ جيڪا تئي تي ماني وجھي رھي ھئي، مذاق ۾ ڀيڻ جو ھٿ پڪڙي ھن جي ڳوھيل اٽي وارو ھٿ ورائي منھن تي مليو. صبا ڀاءُ تي ڪاوڙي ته ھن ھلڪو ٽھڪ ڏنو.
’’ امان! ڏس نه ادي ڪنوار لڳي ٿي نه!؟‘‘
صبا جو چھرو لڄ وچان لال ٿي ويو. ھن ڪاوڙ مان ڀاءُ کي پٺي تي مڪ وھائي ڪڍي.
’’ اڃان ٻار آھيو... شرارتن کان مڙو نه ٿا.‘‘ ماڻھس چيو.
ھي موٽي طبيلي ڏي وڃڻ لڳو.
ماڻھس ٻيھر چيو، ’’پٽ ويهه ته ...‘‘
’’نه، امان! عورتون عورتن سان ڪچھريون ڪن، مرد مردن سان...‘‘
ڀيڻ جي چھري تي ٻيھر ڳوھيل اٽو مَلي، تڪڙو اٿي طبيلي ڏي ھليو ويو. صبا ڀاءُ جا چٻارا ڪڍڻ لڳي.
ڀيڻ عمر ۾ چار سال ننڍي آھي، ماءُ ڀيڻ ٻئي ڄڻيون ماني ٽڪي ڪرڻ ۾ مشغول ٿي ويون.
مينگل خان پيءُ کي ڏٺو، جيڪو گھوڙن جي مالش ڪري رھيو ھو، مينگل خان تڪڙو تڪڙو اڳتي وڌڻ لڳو
’’پٽ!‘‘
مينگل خان کي ويجھو ايندي ڏسي خداداد خان چيو.
’’ھي جانور وفادار آھي، زمانن کان ھن جانور جنگن ۾ وڏو ساٿ ڏنو آھي، ھن به وڏا عذاب سٺا آھن، انسانن جي ڪٽجندڙ ھڏين وانگي، اھڙي دور ۾ به ھن جانور جي وڏي ضرورت آھي، جتي ڦور ويلر جيپون گاڏيون ھلڻ کان ھلاڪ ھونديون آھن، اتي ھي جانور پنھنجي سنبن جي ٽاپن سان دھشت ڦھلائيندو آھي.‘‘
خداداد خان گھوڙي جي پٺي تي ٺپڪي ڏني. گھوڙي ناسن مان ڦوڪارو ڪڍيو.
’’پٽ! وڃ پاڻي بالٽي ڀري آ، جانور اڃارو ٿو لڳي.‘‘
مينگل خان گھر جي آڳنڌ تي آيو. ماءُ ۽ ڀيڻ رڌڻي ۾ ساجھڻ گڏ ڪري رھيون ھيون، ھن ڀيڻ کي شرارتي نظرن سان ڏٺو، ڀيڻ جا چٻارا ڪڍيا ۽ نلڪي تان پاڻي جي بالٽي ڀري طبيلي ڏي وريو.
صبا ڀاءُ جي ماءُ سان شڪايت ڪرڻ لڳي.
ھن گھوڙن کي اچي پاڻي پيئارڻ شروع ڪيو. گھوڙن کي پاڻي پياري دنگ ڪيائين ته، خداداد خان ڳالھايو.
’’ٻُڌ پٽ! اسان جي زندگيءَ جو ھر قدم موت طرف وڌي ٿو، ڪو به پل زندگي جو آخري پل ٿي سگھي ٿو ۽ اسان جي موت جڏھن به آئي دشمن جي گولي يا تلوار سان ايندي، منھنجي پوري زندگي وڙھندي گذري آھي. اِها ويڙهه منھنجي وڏن کان تنھنجي وڏن تائين ھلندي آئي آھي ۽ نسل کان نسلن تائين اِها ويڙهه باقي رھڻي آھي، جنھن جو ڪو انت ڪونھي، ھتي ڀروسو ھٿيار بندوق تي نه ٿو ڪيو وڃي، اھو ھٿيار پنھنجي ھٿ ۾ آھي ته دشمن جي موت! ساڳيو ھٿيار دشمن جي ھٿ ۾ آھي ته پنھنجي موت! انھي ڪري ڀروسو ھٿيارن جو ناھي ھوندو، ڀروسو ھوندو آھي پنھنجي ٻانھن جي ٻل جو! جيڪو ڏاڍو سو گابو!!‘‘
خداداد جي ڳالھين ۾ سمجھاڻي سان گڏ نصيحت به ھئي. ھي مسلسل ڳالھائيندو رھيو، لفظ لفظ ۾ کنوڻ جا ٺڪا ھئا ۽ سمنڊ جيڏو گجگوڙ ......
مينگل خان صبر تحمل سان يڪو پيءُ کي ٻڌندو رھيو.
خداداد خان باغين جي بھادري ۽ قتل غارت جا وڌيڪ قصا کوليا. مينگل خان اڃان به پيءُ کي خاموشي سان ٻڌندو رھيو. نيٺ مينگل خان پيءُ کان پڇي ورتو. مينگل خان پيءُ کان اھو نه پڇيو ته ’’بابا! آخر ھي دشمني ڪڏھن ختم ٿيندي!؟‘‘
مينگل خان پڇيو، ’’بابا! ڀلا ويڙهه کان سواءِ ڪا ساھي!؟‘‘
مينگل خان ٻيھر ڳالهه جو رخ موڙيو. ’’بابا! منھنجي پڇڻ جو مطلب توھان ڪڏھن ڪنھن سان محبت ڪئي!؟‘‘
خداداد خان مرڪي پيو، پر ھن جو جواب اڃان ٻيو ھو. ’’ويڙهه ۾ منھنجي بندوق جي نال مان اڄ سوڌو ڌپ ناھي وئي ۽ منھنجي تلوار تان ڪڏھن رت سڪو ناھي، زندگي ڪڏھن محبت ڪرڻ جو موقعو ئي ڪونه ڏنو.‘‘
ھڪ ساھي کان پوءِ خداداد خان ٻيھر ڳالھايو.
’’ پر پٽ جي زندگي موقعو ڏئي ته، تون محبت ضرور ڪجان!‘‘
مينگل خان جي اکين مان ڳوڙھا ڇلڪندي ڇلڪندي رھجي ويا.
ھي ڳالھائيندا ڳالھائيندا گھر جي آڳنڌ ۾ پھتا.
بشران ۽ صبا سانجھڻ گڏ ڪري ڪمري اندر ماني رکڻ لڳيون ھيون. ٻئي ھلندا اچي کٽن تي ويٺا. خداداد خان جي ھڪ دفعو ٻيھر نظر ديوارن تي ٽنگيل بندوقن تي پئي. وري مينگل خان سان مخاطب ٿيو.
’’پٽ! موت مقرر آھي، پوءِ اھا ويڙهه ۾ اچي يا بيماري جي بستري تي، پر موت جو ڪو ٽائيم مقرر ڪونھي، موت ننڍي يا وڏي مان ڪنھن جي به اول چونڊ ڪري سگھي ٿي، جنھن جي ڪنھن کي ڪل ڪانھي!ھا پر جيڪر مان ڪٿي ويڙهه ۾ وڙھندي ماريو وڃان ته پنھنجي ماءُ ڀيڻ جو خيال رکجان...‘‘
بشران ۽ صبا ھنن آڏو ماني رکڻ لڳيون.
مينگل خان پيءُ کي غور سان ڏسڻ لڳو. پنھنجي پيءُ کي پختي ارادي وارو مرد مجاھد ڀانيو، ھن جا ارادا اٽل ھا، پھاڙ جيڏا اٽل!
اڃان ھي کٽ تي ماني کائڻ وارا ھا ته، اوڏي مھل گھوڙي سوار باغي تيز رفتار گھر ۾ داخل ٿيو. اُهو ٽپ ڏئي گھوڙي تان لٿو ۽ تڪڙو تڪڙو گھر اندر ھليو آيو. ان کان اول خداداد خان ڳالھائي ھا، ھن ڳالھايو.
’’ خداداد خان! خبر ملي آھي ته ايران کان ايندڙ مسافر بس تي اتحادين حملو ڪيو آھي. سردار مردان خان سان گڏ اسان جا ڪجهه باغي ويڙھاڪ اتحادين يرغمال بڻائي ورتا آھن. ھو باغين کي قيد ڪري جابلو پٽي وارو دڳ وٺي ٻيلي طرف نڪتا آھن. اڃان ھو گھڻو پري ڪونه نڪتا ھوندا، ڇو جو ھي واقعو اڌ ڪلاڪ اڳ پيش آيو آھي. اڃان ھو پھاڙي پٽي واري پيچري تي ھوندا. ان پيچري کان جھنگ ذري گھٽ 25 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آھي، ھو پھاڙي پيچرو اڪري جھنگ ۾ داخل ٿي ويندا. ان کان اڳتي اسان جون جيپون وڃي ڪونه سگھنديون. انھي ڪري اسان کي جلدي ويڙھاڪ باغي وٺي اتر طرف کان ھنن جو پيڇو ڪرڻو پوندو، ھوڏانھن سردار ھشمت خان اڳي ئي ويڙھاڪ گھوڙي سوار موڪلي چڪو آھي، ھو ڏکڻ کان وڌي چڪا آھن، اسان کي ڪجهه ويڙھاڪ وٺي ھتان ترنت نڪرڻو پوندو، دير نه ڪيو تياري ڪيو!‘‘
خداداد خان اٿي کڙو ٿيو. ھن سڄو جسم ھٿيارن سان ليس ڪري ورتو. ھڪ نظر گھر ڀاتين تي وڌي. ڌيءُ صبا کي پيار ڏنو. گھر واري بشران کي ڏٺو، ھوءَ خاموش بيٺي رھي. ھن بشران سان ڪجهه ڪونه ڳالھايو. بشران خاموش نظرن سان پنھنجي ور کي ڏسندي رھي. ھن پٽ مينگل خان کي آخري سلام ورايو. تکو تکو در کان ٻاھر نڪتو، مينگل خان به پٺيان قدم قدم تڪڙو تڪڙو ھلندو آيو.
خداداد خان ٽپ ڏئي جيپ ۾ ويٺو مينگل خان گڏ جيپ ۾ چڙھڻ جي ڪئي. خداداد خان پٽ جا ٻئي ڪلھا لوڏيا.
’’ نه پٽ! تون ماءُ ۽ ڀيڻ جو خيال رکندين...‘‘
جيپ اسٽراٽ ٿي زوزٽ ڪندي مين گيٽ کان ٻاھر نڪري وئي. مينگل خان گھر جي آڳنڌ تي بيٺو ڏسندو ئي رھجي ويو.
رستي ۾ ئي خداداد خان ساٿيءَ کان پڇي ورتو.
’’ مورچي تي پنھنجا ھمراهه تيار آھن!؟‘‘
’’جي! ھو اڳي ئي تيار آھن، رڳو پنھنجي پھچڻ جي دير آ.‘‘ ساٿي باغي جواب ڏنو.
جيپ پٿريلي زمين تي تيز تيز ڊوڙڻ لڳي. ور وڪڙ اڙانگا دڳ لنگھي اچي مورچي وٽ پھتي. اتي ويڙھاڪ باغي اڳي ئي الرٽ ھا ، خداداد خان پنھنجي جيپ کي بنا بريڪ ھڻڻ جي ويڙھاڪ باغين کي ڪڍ ھلڻ جو اشارو ڏنو.
ھاڻ ٽي جيپون پٿريلي زمين تي تيز تيز ڊوڙڻ لڳيون ھيون
ڪيڏي مھل برابر ته ڪيڏي مھل ھڪ جيپ ٻي جيپ کان اڳ ٿي ڪڍيو. تيز رفتار جيپ ۾ خداداد خان ساٿي کان ٻيھر پڇيو، ’’اندازن دشمن ڪيتري دوري تي ھوندو!؟‘‘
’’مشڪل سان چار پنج ڪلوميٽر جي دوري تي...‘‘ ساٿي باغي وراڻي ڏني.
جيپن جي رفتار وڌيڪ تيز ٿي.
ھوڏانھن ڏکڻ کان گھوڙن جي رفتار طوفان جي مقابلي ۾ ھئي، ھو دشمن کي گولي جي مار تائين ويجھو اچي پڳا ھا، ٻن طرفن خان گولين جو سلسلو شروع ٿي چڪو ھو. تيز رفتار جيپن کي زور دار بريڪون لڳيون پھاڙي پيچري تان ٽائرن ھيٺان سنھا ٿلھا پٿر ٿڙندا ٿاٻڙندا ھيٺ کاھي ۾ ڪرڻ لڳا، سڀئي ٽپ ڏئي جيپن مان لھڻ لڳا.
خداداد خان ڏور نظر ڊوڙائي اتحادي گھڻو پرتي گولي جي مار کان ٿوڙا وٿورڪا الھندي طرف وڌي رھيا ھا. جن مٿان گھوڙي سوار باغي گوليون وسائي رھيا ھا. جوابي ڪاروائي ۾ اتحادي به فائرنگ ڪري رھيا ھا.
خداداد خان چيو، ’’تڪڙا اڳتي وڌو، اسان جلد دشمن کي ويجھو پھچي وينداسين، ڇو جو دشمن جو پنڌ ڍرو پئجي چڪو آھي، اسان جا قيدي باغي شديد زخمي حالت ۾ آھن، ھو گھڻو تيز ھلڻ جي حالت ۾ ناھن.‘‘
ھي سڀ اڳتي تيزي سان وڌڻ لڳا.
ھاڻ ٻن طرفن کان باغي ويڙھاڪ وڌي رھيا ھا، فائرنگ جو سلسلو جاري ھو، ھي تيز تيز اڳتي وڌڻ لڳا، ھي به دشمن کي ويجھو اچي پھتا، ھاڻ ٽن طرفن کان فائرنگ ٿيڻ لڳي.
ٻئي ويڙھاڪ باغي ٽولا فائرنگ ڪندا اڳتي وڌندا رھيا، ھي وڌندا وڌندا اچي ھڪ پيچري تي گڏيا.ڪجهه پيادا ڪجهه گھوڙي سوار مسلسل فائرنگ ھلندي رھي. ھاڻ ھي اتحادين کي ايترو ويجھو اچي رسيا جو دشمن گولي جي مار تي ھو. ھاڻ ٽنھين رخن کان ھٿيارن جا منھن کليل ھا. ھڪ کان ھڪ گھڙي سوار ويڙھاڪ ڪرندو رھيو ۽ پيادا باغي گولين جو کاڄ ٿيڻ لڳا
خداداد خان ۽ ويڙھاڪ باغي ويتر پريشان ٿيڻ لڳا، جيترو ھي اڳتي وڌيا ٿي، دشمن جي گھيري ۾ ويتر گھيرجندا ويا ٿي، ھر موڙ مورچي کان پوءِ ويڙھاڪ باغين مٿان مختلفن مورچن مختلف رخن کان فائرنگ ٿيڻ لڳي. ويڙھاڪ باغين جا اڌ کان مٿي گھوڙا ۽ گھوڙي سوار ڪرندا رھيا ۽ مرندا رھيا.
ھنن جي علم ۾ ئي نه ھو ته اتحادين اڳي ئي ڊگھين ڊگھين وٿين تي پنھنجا اتحادي ويڙھاڪ مورچا بند ڪري ويھاري ڇڏيا ھا، جيڪي مختلف مورچن تان باغين مٿان حملو ٿي ڪيو. اڌ کان مٿي پيادا ۽ گھوڙي سوار باغي هلاڪ ٿي ويا، ھاڻ باقي چند باغي ويڙھاڪ وڙھي رھيا ھا. دشمن لشڪر ھنن کي مڪمل گھيري ورتو ھو.
خداداد خان چند باغين سان وڙھي رھيو ھو، جيڪي به ھڪ ھڪ ٿي دشمن جي گولي جو شڪار ٿي رھيو ھو. باقي ڪجهه باغي بچيا، ھنن ھٿيار ڦٽا ڪيا.
دشمن خداداد خان ۽ چند باغين کي گرفتار ڪري ورتو. ھنن سڀني جا ھٿ ٻڌا ۽ پوءِ تشدد ڪندا ٻيلي ۾ لھي ويا.
ڊگھي ھل ھلان کان پوءِ ٻيلي کان پرتي پھاڙي جبلن جي ڀر ۾ ايڪڙ ٻه ايڪڙ جي ايراضي ۾ ھڪ جيل نما قلعو نظر آيو، جنھن کي چؤطرف ديوار ڏنل ھئي، ان ديوار کي کار دار تارون لڳل ھيون. اتحادي باغي قيدين کي وٺي ان قلعي جي ويجھو پھتا.جتي ڪجهه ھٿيار بند مين گيٽ تي پھريدار بيٺل ھا.جئين ھي قلعي جي در وٽ پھتا، ھٿيار بندن مين گيٽ کولي ڇڏيو. ھي قيدي باغين کي وٺي قلعي اندر داخل ٿي ويا.پھريدارن مين گيٽ بند ڪري ڇڏيو
ھي سڀ اڳتي وڌڻ لڳا، قلعي اندر وڏي چھل پھل ھئي، سڀ اتحادي پنھنجي پنھنجي ڪرت سان لڳل ھا. سڀئي ھنن کي گھورڻ لڳا، ھي اڃان اڳتي وڌندا رھيا. ھر طرف کان اسلحي جا انبار لڳل ھا، قلعو نه ھو ڄڻ اسلحي جو گدام ھو. راڪيٽ لانچر بم گولا ڪلاشنڪوف رڳو بارود ئي بارود... بس ھڪ تيلي جي ضرورت ھئي ۽ سڄو قلعو دڦ!
سڀئي وڏي احتياط سان پنھنجي ڪم ۾ رڌل ھا، ڄڻ ڪنھن فيڪٽري جا ملازم مزدور ھجن.
اتحادي باغي قيدين کي وٺي سامھون قطار تي ٺھيل انھن ڪمرن طرف وڌڻ لڳا، جن ڪمرن کي لوھي شيخن جا در دريون لڳل ھيون، اھي ڪمرا ننڍن ننڍن ست ڏاڪن کان مٿي ٺھيل ھا. باقي قيدي باغين کي ويڙھاڪن ست ڏاڪا ھيٺ گوڏن ڀر زمين تي ويھاري ڇڏيو. جن جي ڪنڌن مٿان اتي موجود ويڙھاڪن تلوارون تاڻي ورتيون. ھنن پنھنجا ڪنڌ جھڪائي ڇڏيا.
اتحادي ويڙھاڪ سردار مردان خان ۽ خداداد خان کي وٺي ست ڏاڪا مٿي چڙھي ويا. گھڻي تشدد جي ڪري سردار مردان خان جي ڪنن جي پاپڙين کان رت اڃان به، ٽيپا ٽيپا ڪري ٽمي رھيو ھو. خداداد خان جو سڄو چھرو رت ۾ لت پت ھو.
باقي قيدي به گھڻي تشدد جي ڪري اڌ مري حالت جھڙا ٿي پيا ھا. جن جي ڪنڌن مٿان اڃان به، ويڙھاڪ تلوارون تاڻيو بيٺا ھا.
اوچتو مين گيٽ کان ڦور ويل زوزٽ ڪندي اندر داخل ٿي. سردار صحبت خان سان گڏ سڀ ھٿياربند گاڏي تان ٽپ ڏئي لٿا ۽ تڪڙا تڪڙا اڳتي وڌڻ لڳا، اڳتي اچي ست ڏاڪا مٿي چڙھڻ لڳا. سردار صحبت خان، خداداد خان ۽ سردار مردان خان جي مٿان اچي بيٺو.
ھن ڳالھايو؛ ’’ڀليڪار ....! ‘‘
سردار مردان خان ۽ خداداد خان مٿي سر کڻي سردار صحبت خان کي ڏٺو. سردار صحبت خان ڳالھائڻ لڳو.
’’مونکي يقين نه ٿو اچي، ڪڏھن ائين ملاقات به ٿيندي. عجيب تقدير جو تماشو آ، منھنجا دشمن منھنجي سامھون گوڏن ڀر ويٺل آھن ۽ تلوارون ڪنڌن مٿان ٽنگيل آھن.
اھو ته، طئه آ توھان سڀني جو موت مقرر ٿي چڪو، ھاڻ ته صلح جو به چانس ڪونھي، صلح ڪجي به ته ڇا تي ڪجي، توھان ته ھيڻا ڪمزور ٿي پيا آھيو ۽ سردار صحبت خان ھيڻن ڪمزورن سان صلح ناھي ڪندو...‘‘
سردار مردان خان مٿي سر کڻي چيو،
’’صحبت خان! صلح جي دعوت ڪڏھن اسان به، توکي ڪونه ڏني! اسان کي موت جو خوف ھن مھل به ناھي، توڙي جو اسان باندي آھيون، اسان کي ڪنڌن مٿان تاڻيل تلوارن سان سودو منظور آ ... وڍي ڇڏ سڀ سر! ھي سر ڪنھن جي آڏو ڪڏھن به، جھڪيا ناھن...‘‘
ھيٺ ويٺل باغين پنھنجا ڪنڌ تلوارن آڏو تاڻي ورتا.
سردار صحبت خان انھن باغين ڏي ڏٺو ۽ چيو،
’’بلڪل سردار مردان خان! توھان جا حوصلا بلند آھن پر ....‘‘
وچ ۾ خداداد خان ڳالھايو.
’’پر ... مان ٿو ٻڌايانءِ صحبت خان! اسان جا سر وڍجڻ کان پوءِ به، دشمني جاري رھندي، ھي دشمني ختم ٿيڻي ڪونھي! ڇو ته ھن دشمني جو ڪو ڪارڻ ڪونھي، جنھن ڪارڻ تي صلح ٿي سگھي... اِها دشمني ڇا تان شروع ٿي، نه تون ٿو ڄاڻين نه مان! نه تنھنجن وڏڙن کي خبر ھئي نه منھنجن وڏن کي! ھاڻ ٻڌ! اسان وٽ سر تي جون سرڻ تان قتل ٿيا آھن... بھانا پڳن تي ھليا ويا. ذري ذري تان قتل ٿيا آھن. مال جي ٻَڌي ڇُوڙي تان قتل ٿيا آھن. ٻارن جي کيڏڻ وڙھڻ تان قتل ٿيا آھن. زن زيور تان قتل ٿيا آھن.... مال ملڪيت تان قتل ٿيا آھن ... ڌن دولت تان قتل ٿيا آھن ..ننگن دڳن تان قتل ٿيا آھن... ذات پات تان قتل ٿيا آھن ... اوچ نيچ تان قتل ٿيا آھن ...کنگھڻ کڙڪڻ تان قتل ٿيا آھن ....گار شار تان قتل ٿيا آھن ... ڳالھائڻ ٻولھائڻ تان قتل ٿيا آھن....
ائين ھزارين قتل ٿي چڪا آھن، جن قتل جو حساب تنھنجي منھنجي ڪلھن تي ويٺل فرشتن وٽ به ڪونھي، ته صلح جو باقي ڪارڻ ئي ڪونه ٿو بچي.... سردار صحبت خان! پنھنجي دشمني جو ڪارڻ فقط انا ۽ ضد آھي!‘‘
سردار صحبت خان يڪو خداداد خان کي ٻڌندو رھيو ۽ پوءِ خداداد خان جي سامھون اوڪڙو ٿي ويٺو، ھن جي چھري مٿان ھٿ مليو. ھٿ رت سان رنڱجي ويس ۽ پوءِ چيو،
’’خداداد خان! اھو ته مان به ڄاڻان ٿو، خدا پاڻ لھي اچي صلح ڪرائڻ، تڏھن به ھن ٻن قبيلن جي درميان صلح ممڪن ڪونھي! پر ھن دشمني ۾ ڏھ ماڻهون منھنجا مرندا ته، پنج توھان جا ماريندس... ائين مرندي ماريندي توھان جو پورو قبيلو مارجي ويندو. تڏھن به مون وٽ اڌ لشڪر رھجي ويندو، ڇو جو مان توھان کان طاقت ۾ گھڻو آھيان. بس! توھان سڀني جا جلد سر ڪٽيا ويندا. سڀ پنھنجي موت جو انتظار ڪيو...‘‘
اھيو چئي سردار صحبت خان تڪڙو تڪڙو ست ڏاڪا لھي وڃي گاڏي ۾ ويٺو. گاڏي اسٽراٽ ٿي ۽ مين گيٽ کان زوزٽ ڪندين آئوٽ ٿي وئي ....
ڪجهه ھفتن کان پوءِ اتحادين ويڙھاڪن باغي قيدين جا سر ڪٽي ھڪ سفيد چادر ۾ ويڙھي، سردار ھشمت خان ڏانھن سوکڙي ڪري موڪليا ھا.
سفيد چادر رت سان رنڱيل ھئي، جڏھن چادر جي ڳنڍ کولي وئي ته ويڙھاڪ باغين جا ڪٽيل سر مليا. جنھن ۾ ھڪ سر سردار مردان خان جو ۽ ٻيو سر خداداد خان جو ھو.
سردار ھشمت خان پنھنجا ھوش وڃائي ويٺو، تيش ۾ تپي چھرو لال ٿي ويو، اکين ۾ لالاڻ لھي آئي، ائين جئين جبلن تان لائو ٻري ٻري ڪرندو آھي. سردار ھشمت خان بدلجي جي باھ ۾ پڄرڻ لڳو ھو پر اھو منظر مينگل خان لاءِ انتھائي اذيتناڪ ھو. 19 ورھين جي ڄمار ۾ ئي مينگل خان پنھنجي پيءُ جو ڪٽيل سر ڏٺو ھو.
تڏھن ئي سردار ھشمت خان باغي ويڙھاڪن کي حڪم ڏئي ڇڏيو ھو ته، سردار مردان خان ۽ خداداد خان جي خون جو پلئه ڪرڻو آھي.. دشمن کي ڳولي ڳولي هلاڪ ڪيو!
باغي ويڙھاڪ دشمن جي چئوڏس ڳولا ڪرڻ لڳا، جيڪو جتي ٿي مليو، انھي کي اتي هلاڪ ڪيو ٿي ويو. باغي مسلسل دشمنن جون هلاڪتون ڪندا رھيا، پر اڃان به باغي مُک جوابدارن کي ڳولڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگھيا ھا.
ھي مسلسل چار پنج سال انھن جي ڳولا ڪندا رھيا. اتحادين لاءِ زمين تنگ ڪري ڇڏي ھئي، نيٺ ھو تنگ ٿي انھي ڳالهه تي راضي ٿيا ته، ھاڻ صلح ڪجي!
مخالف قبيلي جي سردار صحبت خان، سردار ھشمت خان کي صلح جي آڇ ڪئي، پر شرط اِها رکي ته ٻنھين ڌرين جا سردار فيصلو نبيريندا. پوءِ جيڪو ڏوهه ڏنڊ چٽي پئي، ھو ڀرڻ لاءِ تيار آھن. اھو فيصلو به الڳ جاءِ تي رکيو ويندو، جيڪا حد نه سردار ھشمت خان جي ھوندي، نه سردار صحبت خان جي. اھا جاءِ بلڪل الڳ ھوندي. ان فيصلي ۾ موجود نه سردار ھشمت خان ھوندو، نه سردار صحبت خان. ھي فيصلو ٻنھين ڌرين جا سردار نبيريندا.
سردار ھشمت خان، سردار صحبت خان جي اھا آڇ قبولي ورتي، پاڻ اِها شرط رکي ته، ڌر جا سڀ ماڻهو موجود ھوندا، جن سردار مردان خان ۽ خداداد خان جو قتل ڪيو آھي، اول ھو پنھنجو گناهه قبول ڪندا ۽ پوءِ انھن کان ساک پت تي اھو قبول ڪرائي وٺبو ته، سمجھوتي کان پوءِ ڪا به ڌر ٻيھر اڳرائي نه ڪندي. شرطن تي ٻنھين ڌرين اتفاق ڪيو.
۽ پوءِ ڪجهه ڏينھن ۾ ئي ھڪ عليحده جاءِ تي فيصلو رکيو ويو. ٻنھين ڌرين جا تمام سردار ۽ ھٿيار بند انھي جاءِ تي گڏ ٿيا. فيصلي جو توڙ سردار صحبت خان جي ماڻھن مٿان ڏوهه ڏنڊ ڀري ڏيڻ تي ختم ٿيو.
جيڪو فيصلو سردار صحبت خان جي ڌر جي سردارن گڏيل راءِ سان قبولي ورتو. انھي صلح جي خوشي ۾ سردار ھشمت خان جي طرف کان وڏي پارٽي جو احتمام ٿيو، ڪڪڙ ڪباب ڇيلا تيار ڪيا ويا. صلح جي خوشيءَ ۾ مخالف قبيلي جي سردارن ۽ ھٿياربندن گوشت ڍئو ڪري کاڌو. پارٽي ختم ٿيڻ کان پوءِ ٻنھين ڌرين کي واپس ورڻو ھو. رات ڪافي ٿي چڪي ھئي، مخالف سردارن ۽ ويڙھاڪن کي ننڊ جا جھوٽا اچڻ لڳا. ھي سڀ نشي جي حالت ۾ غش ٿيڻ لڳا، تان جو سڀ نشي جي حالت ۾ ڍير ٿي ڪري پيا، ۽ ھاڻ نيم بيھوشي جي حالت ۾ سڀ ننڊ پئجي چڪا ھا.
سردار ھشمت خان جي پلاننگ ڪامياب ٿي. دشمن کي ھڪ ئي جاءِ تي گڏ ڪري ورتو، ۽ پوءِ سردار ھشمت خان جي باغي ويڙھاڪن سڀني کي موت جي ننڊ سمھاري ڇڏيو.
ٻئي صبح سردار ھشمت خان انھن لاشن جا سر وڍي ٻورين ۾ بند ڪري سردار صحبت خان ڏانھن اٺن تي روانا ڪيا.
سردار صحبت خان جا اھي سڀ خاص ۽ اھم ويڙھاڪ قتل ٿي چڪا ھا، ھن جي اڌ طاقت ٽٽي پئي ھئي، سردار صحبت خان لاشن جا ڍير ڏسي تيش ۾ اچي ويو.
ھن سردار ھشمت خان ڏي دوکي بازي ڪرڻ تي دشمني جو پيغام موڪليو.
سردار ھشمت خان جواب ڏياري موڪليو،
’’پلاند پراڻا ناھن ٿيندا. رھي ڳالهه دوکي جي، ھي خونن جو پلاند رھيل ھو، ڪو ڍور ڍڳي جو حساب رھيل نه ھو، جو ڏوھ ڏنڊ چٽين تي فيصلي جو نبيرو ٿي وڃي ھا، ۽ دوکي باز سان دوکو ئي ڪبو آھي، منھنجي چال ڪامياب ٿي، سڀئي دشمن مون ھڪ جاءِ تي گڏ ڪيا، جئين انھن کي موت جي ننڊ سمھاري سگھان ۽ مان ڪامياب ٿيس، ڪجهه گھاوَ اھڙا گھرا ٿيندا آھن، جو سالن کان پوءِ به ڀرجي ناھن سگھندا، ھاڻ حساب برابر ٿيو!‘‘
۽ پوءِ ھڪ دفعو ٻيھر دشمني ڪر کنيو! سردار ھشمت خان چيو، ’’مينگل خان‘ مون ادا مردان خان ۽ خداداد خان جو بدلو وٺي ڇڏيو!‘‘
مينگل خان جي زخمن تان ڪچيون ڪڙيون لھي پيون ھيون، ٻيھر زخم تازا ٿي پيا ھا، اھو مينگل خان جي زندگي جو نه وسرندڙ واقعو ھو .