ناول

وجود

ناول وجود ۾ قبيلائي سردارن جي رهڻي ڪهڻي جو ذڪر ڪيو ويو آهي تہ قبيلائي رهڻيون ڪهڙيو ڪيئن آهن ۽ انهن ۾ قبيلائي جهيڙا ڪيئن پيا ٿين ۽ ان جو اصل ڪارڻ ڇا آهي وجھ ڪھڙي آهي. مطلب دشمنيون ڪو ٻيو نہ پر انھن سردارن اندر ويٺن ماڻھو ئي پيدا ڪن ٿا، جنھن جو اثر پوري قبيلي تي پوي ٿو ۽ پورو قبيلو رت ۾ رنگي وڃي ٿو.
ناول ۾ قومي ويڙھ وڙھندڙ مجاھدن جي بھادري، وفاداري ۽ پيار کي الڳ الڳ واضح ڪري ڏيکاريو ويو آھي. ناول پڙھڻ مھل شروعات کان وٺي آخر تائين ماڻھون ناول جي گھرائي ۾ گم ٿي وڃي ٿو.
  • 4.5/5.0
  • 589
  • 151
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ذلفي زنئور
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book وجود

(6)

۽ ھاڻ ڀيڻ صبا جو سر ڌڙ کان ڌار ٿيو ھو، جلاد جسمن مٿان ڪفن چاڙھي ڇڏيو ھو، سڄو ميڙ ھاڻ موٽڻ لڳو ھو. ھلڪڙي ميرانجھڻي شروع ٿي چڪي ھئي، مينگل خان اڃان به پنھنجو سر جھڪايو ويٺو رھيو ھو.
سردار ھشمت خان وڌي مينـگل خان جي ڪلھن تي ھٿ رکيو. مينگل خان ھڪ نظر مٿي نھاريو.سردار ھشمت خان ڳالھايو.
’’مينگل خان!وضاحت ڪرڻ جي نه مونکي ضرورت آ، نه ٻڌڻ جي توکي! اصولن مٿان ڪڏھن ڪڏھن رت جا رشتا ڀي قربان ڪرڻا پوندا آھن. مان ڄاڻان ٿو تون گھڻو دکدائڪ آھين، تنھنجا ڏک ونڊڻ جھڙا ناھن، پر مان اميد ٿو ڪيان، ھن واقعي کي وساري، صدمن کي سھي، تون جلد موٽي ايندين. تيسيتائين تون اسان جي گھر جي عورتن جو ۽ پنھنجي گھر جي عورتن جو خيال رکندين. ھي زمينون، جاگيرون پيو سنڀالجان، جيسيتائين تون پنھنجو پاڻ کي سنڀالي وٺين.‘‘
مينگل خان سردار ھشمت خان کي يڪو ٻڌندو رھيو، پر ڳالھايو ڪجهه به ڪونه!
رستم خان اڳتي وڌي مينگل خان کي ڀاڪر وڌو. ھن جون پٺيون ٺپيون ۽ پوءِ چيو
’’مينگل خان! مھلون مڙسن تي اينديون آھن، پھاڙن جا ڳاٽ ھميشھ اوچا رھيا آھن، نه ھو ڪڏھن جھريا آھن، نه جھڪيا آھن!‘‘
رستم خان مينگل خان کي آٿت ڏئي ھڪ دفعو ٻيھر ڪلھا ٺپيا ۽ پوءِ سردار ھشمت خان سان گڏ اڳتي وڌي ويو. پر ان ويل ھي پھاڙ نه جھڪيو ھو، نه جُھريو ھو، اڌ مان ڏري پيو ھو!
سردار ھشمت خان ھلندي وراڻيو،’’رستم خان! ھي انتھائي ڏکوئيندڙ واقعو ھو، جنھن جو مونکي بيحد افسوس آھي، مينگل خان اسان جي طاقت آھي، اسان پنھنجي ئي طاقت کي ھيڻو ڪمزور ڪري وڌو آھي. خير!‘‘
ھڪ ساھيءَ کان پوءِ وري سردار ھشمت خان ڳالھايو.
’’ادا ننڍي کي زبان ڏني ھئي، ان جو وقت قريب اچي چڪو آھي پر فل الحال ڪجهه مھينا انتظار ڪرڻو پوندو، تنھنجي شادي صاحبا سان ڪرائيندس، منھنجي نياڻي سان نڪاح وجھڻ ۾ تون راضي ته آھين نه!؟‘‘
رستم خان ان مھل ڪا خوشي ظاھر ڪانه ڪئي، پر رضامندي ڏيکاري.

۽ ڪجهه ڏينھن کان پوءِ آمنا بيگم شھر لٽڻ لڳي ھئي، سردار ھشمت خان چيو ھو
’’آمنا بيگم، ڌي کي ڏاج ۾ اٺ لڏي ڏيندين ڇا!؟‘‘
’’ڇو نه ھڪڙي ڌيءَ آھي، ٻيو اسان کي ڪھڙو اولاد آ.. باقي ملڪيت ڪنھن لاءِ گڏ ڪئي آھي.‘‘ آمنا بيگم چيو ھو.
ھوءَ نوڪر چاڪرن تي حڪم ھلائڻ لڳي ھئي، ھيءَ شئي ڪونھي، ھو شئي ڪونھي، ھڪ شئي پھچي ٿي ته، ٻي شئي کٽي پئي آ، شھر مان نه وڃان ته اڌ پورو سامان کٽل ھوندو.
ان ڏينھن به آمنا بيگم پاڻ وئي ھئي شھر، ڌيءَ جو ڏاج وٺڻ. گھر ۾ ھڪ ٻه نوڪر چاڪر ۽ ھڪ ٻه نوڪرياڻي ھئي. انھي ڏينھن رستم خان گھر آيو ھو، نوڪر چاڪرن ۽ گھر جي ٻانھين رستم خان کي سلام ورايو ھو.
ھي سڌو صاحبا جي ڪمري ۾ ھليو ويو ھو. اوڏي مھل صاحبا آئيني آڏو ھار سينگار ڪري رھي ھئي، ھي ڦري سامھون اچي بيٺو ھو. صاحبا اوچتو رستم خان کي سامھون ڏسي، شرم وچان گھٻرائجي وئي ھئي.
’’ڀلا چنڊ کي سينگار جي ڪھڙي ضرورت!‘‘ رستم خان جي واتان بي اختيار لفظ نڪتا.
’’رستم خان! تون ھتي اچانڪ! امان ته شھر وئي آھي سامان وٺڻ....‘‘ صاحبا ڳالهه لنوائي وئي ھئي.
’’مان چاچيءَ سان نه، توسان ملڻ آيو آھيان، سڪ ستايو تڏھن ھليو آيس..‘‘
صاحبا وڌي رستم خان جي سامھون ٿي بيٺي.
’’ پر ھاڻ ته ھونئن به تنھنجي ٿيڻ واري آھيان، ايڏو اتاولو ڇو ٿو ٿين، ڪجهه صبر ڪر!‘‘
رستم خان صاحبا جي ٻانھن ۾ ھٿ وجھي ڇڪي سيني سان لاتو، اکيون اکين ۾ وڌيون.
’’سئوٽِ! جنگ ۽ محبت ۾ صبر ناھي ڪبو.‘‘
رستم خان جھڪي صاحبا جا چپ چمي ورتا، صاحبا جا جذبات اڀامڻ لڳا، ساھن وچ ۾ جنگ ڇڙي پئي، اھا جنگ جيڪا ڪڏھن به فتح نه ٿي ڪري سگھجي، ڪڏھن به نه! ۽ پوءِ ٻئي محبت جي دريا مان تڙڳي نڪتا ھا.
رستم خان ڪمري مان نڪري ٻاھر ھليو ويو.

ٽي چار مھينا گذري چڪا ھا، رستم خان جي شادي جون تياريون زور شور تي ھيون. گھر ۾ خوشي وارو ماحول ھو، عورتن ۾ عورتاڻا قصا چوٽ چڙھيل ھا، پر صاحبا جو ڄڻ مينگل خان ۾ ساهه اٽڪيل ھو، عورتن کان وڌ مينگل خان سان گڏ وقت گذارڻ لڳي.
ھڪ دفعو صاحبا انگل ڪندي مينگل خان کان پڇي ورتو، ’’منھنجي اکين ۾ ڏس، مان توکي ڪيتري ٿي وڻان!؟‘‘
ان مھل مينگل خان جا گھرا ڦٽ اٿلي پيا ھا، ھي خاموش رھيو، ڪو جواب ڪونه ڏنو. صاحبا وڌيڪ اسرار ڪرڻ لڳي. اوڏي مھل ماڻھس آمنا بيگم اڳتي وڌي آئي. مينگل خان کي چيو، ’’پٽ! تو صاحبا کي سر تي چاڙھي ڇڏيو آھي، تڏھن مغز خراب ٿي ويو اٿس.‘‘
صاحبا ماءُ کان پڇي ورتو،’’ امان! مينگل خان ڌاريو آھي ڇا!؟‘‘
’’ڌيءَ! مان ائين نه ٿي چوان، مينگل خان ڌاريو آ، مينگل خان ھن گھر جو ڀاتي آھي پر غريب کي ڪو ٽائيم ڇڏ به ته سھي، ڪو ٻيو ڪم ڪار به ڪري، رڳو توسان ويٺو رھي ڀلا!‘‘
’’چاچي! صاحبا آسمان تان تارا لاھي اچڻ لاءِ چوي ته، تارا ٽوڙي صاحبا جي دامن ۾ رکي ڇڏيان، مونکي ھن جا انگل پيارا آھن.‘‘
مينگل خان وچ ۾ ورندي ڏني، صاحبا پيار پاٻوهه مان چتائي مينگل خان کي ڏسڻ لڳي.
’’بس پٽ! توھان ٻئي مونکان زور آھيو.‘‘
اھيو چئي آمنا بيگم اڳتي وڌي وئي

ٽن چئن مھينن کان پوءِ ٻيھر رستم خان گھر آيو ھو، گھر ۾ خوشي جو ماحول ھو، سڀ پنھنجي پنھنجي ڪم ڪار سان رڌل ھا. ھي سڌو صاحبا جي ڪمري طرف وڌڻ لڳو، ھي در وٽ پھتو ته اندر ڪمري ۾ نظر ڪئي، صاحبا مينگل خان سان حجتون کيچلون ڪري رھي ھئي. ھي در جي اوٽ بيھي رھيو، ۽ ڳالھيون ٻڌڻ لڳو.
صاحبا چيو، ’’مينگل! ڏس اڄ مان ھار سينگار ۾ ڪيڏي سھڻي ٿي لڳان...؟‘‘
’’ڪوهه ڪاف جي پري.....‘‘ مينگل خان چيو.
ھن ٻانھن جون چوڙيون کنڪايون.
’’ سچي ٻڌاءِ سونھن ٿيون!؟‘‘ ھن چوڙين جي کنڪن جي آواز تي ڌيان ڏنو.
’’دشمن کي گولي سان مارڻ جي ضرورت نه پوندي...‘‘
شرم کان صاحبا جو چھرو ست رنگو ٿي پيو.
’’ ٺھيو ايڏي ڪوڙي تعريف به نه ڪر!‘‘
’’قسمت کي به توسان ريس ٿي پئي آھي، ڪوڙي تعريف ڪھڙي! ‘‘ مينگل خان ٺهه پهه جواب ڏنو.

رستم خان در تان موٽڻ لڳو ته، مينگل خان، رستم خان کي ڏسي ورتو.
’’رستم خان! اچو اندر اچو، مان وڃان ٿو....‘‘
رستم خان وڌي اڳتي آيو.
’’ نه مينگل خان! تون صحي جاءِ تي آھين، مان غلط جاءِ تي غلط ٽائيم تي پھتو آھيان!....‘‘
مينگل خان ڳالھائڻ جي ڪئي. رستم خان ٻيھر ڳالھايو.
’’مينگل خان! ھونئن به چاچا سائين عورتن جا ڪم ڪار توکي سونپي ڇڏيا آھن، اسان جو عورتن سان ڪھڙو ڪم....!‘‘
مينگل خان کي رستم خان جي ڳالهه ناگوارا لڳي، پر ڪڇيو ڪجهه ڪونه ، خاموش رھيو. رستم خان جي دل ۾ وھم وسوسا گھر ڪري ويا.
جڏھن ديوار ۾ ڏار پوندي آھي ته ، ديوار ڊھي پوندي آھي پر جڏھن دلين ۾ ڏار پوندي آھي ته ، ديوار ٺھي پوندي آھي. رستم خان جي دل ۾ نفرت ۽ ڪروڌ جي ديوار ٺھي پئي ھئي.
ھي واپس موٽيو ۽ تڪڙو تڪڙو گھر کان ٻاھر نڪري ويو. صاحبا حيران نظرن سان رستم خان کي ويندو ڏسندي رھي.

ڪجهه ڏينھن کان پوءِ ھڪ ڏينھن صاحبا کي ٽي چار دفعا الٽي لڳي. گھر ۾ اِها ڳالهه ھڪ نوڪرياڻيءَ کان ٻي نوڪرياڻي جي ڪنن تائين پڳي. عورتن ۾ سس پس ٿيڻ لڳي. ان ڳالهه جي خبر ماڻھس آمنا بيگم کي پئي.
گھر جي ديوارن کي ڪن لڳي چڪا ھئا، انھي سس پس جي ھوا گھر جون ديوارون ٽپي مردن جي ڪنن تائين پھتي. عشق ۽ مُشق لڪائڻ سان لڪندو ناهي. سردار ھشمت خان کي خبر پئي ته ڌيءَ صاحبا ڳورھاري آھي.سردار ھشمت خان جي پيرن ھيٺان زمين کسڪي وئي، ھي پنھنجا ھوش حواس وڃائي ويٺو. ان کان اڳ جو سردار ھشمت خان ڪو فيصلو ڏئي ھا، رستم خان وڌي اڳتي آيو ۽ سردار ھشمت خان سان مخاطب ٿيو.
’’چاچا! ڳالھائڻ لاءِ ھاڻ ڪجهه بچيو ئي ناھي، اسان جي عزت مٿان داغ لڳي چڪو آھي، اھو داغ ھاڻ صاحبا جي رت سان ڌوپبو! ... مون پنھنجي ھٿيار ۾ صاحبا جي موت جي گولي ڀري ورتي آھي، ھاڻ توھان جي فيصلي جو منتظر آھيان...‘‘
سردار ھشمت خان ڳالھين دوران يڪو اڳتي پوئتي ھلندو رھيو، دير تائين خاموش رھيو ۽ پوءِ ڳالھايو.
’’ رستم خان اھو گولي تي ڇڏيل ھوندو آھي ته ھو ڪنھن جي موت جي چونڊ ٿي ڪري.‘‘
۽ پوءِ سردار ھشمت خان پنھنجو منھن ڦيري ڇڏيو. رستم خان ھٿيار بند وٺي بندوق ۾ گولي ڀري نڪتو.
آمنا بيگم، صاحبا جي قتل ٿيڻ واري خبر مينگل خان تائين پھچائي ڇڏي،، اِها خبر آمنا بيگم جي خاص نوڪر وڏي راز داري سان آمنا بيگم کي ٻڌائي ھئي.
ان کان اول جو صاحبا رستم خان جي گوليءَ جو کاڄ بڻجي ھا، مينگل خان پنھنجي پالتو گھوڙي تي صاحبا کي کڻي ريگستان طرف روانو ٿي ويو.