(4)
سردار ھشمت خان اھلڪارن مٿان حملي جي پوري پلاننگ جوڙي ورتي، باغي ويڙھاڪن جا ٻه جٿا جوڙيا. ھڪ جٿي جو اڳواڻ رستم خان کي بڻايو، جنھن کي ڏکڻ کان وڌڻ جي پلاننگ سمجھائي. ٻي جٿي جو اڳواڻ مينگل خان کي بڻايو، مينگل خان کي اوڀر کان وڌڻ جو حڪم ڏنو ۽ پوءِ سردار ھشمت خان ٻنھي جٿن سان مخاطب ٿيو.
’’ساٿيو! نه دشمن تي رحم ڪيو، نه دشمن کان رحم جي اميد رکو. جوش کان اول پنھنجي طاقت گڏ ڪيو، سئو ڪانئرن تي ھڪ بھادر ڳرو آ، سئو بھادرن تي ھڪ مڪار! ويڙهه جا اصول مٽجي چڪا آھن، جوش کان ھوش بھتر آھي.
دشمن مٿان ائين ڪڙڪي پئو جئين وڄ... مرڻ کان مارڻ ڄاڻو ... نه ڊڄو، نه جھڪو، نه ڀڄو، وڙھو پنھنجي بقا لاءِ، وڙھو پنھنجي مانَ، شانَ لاءِ .... وڙھو ، پنھنجي ڌرتي لاءِ... وڙھو، پنھنجي آزادي لاءِ...
اھي قومون فنا ٿي ويون، جن قومن ذاتي مفادات تي ضمير وڪڻيا، يا جيڪي جھڪا، ڊنا، ڀڳا يا ذلت کي سَٺو، انھن قومن جي سڃاڻ تاريخ جي پنن تان مٽجي چڪي! وڃو، دشمن جي پيرن ھيٺان ڌرتي ٽامو بڻائي ڇڏيو، وڌو ۽ اڳتي وڌندا رھو.‘‘
۽ پوءِ ٻئي جٿا ترنت منزل طرف گھوڙا ڪاھي روانا ٿي ويا.
ھي پوري پلاننگ سان اڳتي وڌڻ لڳا. ھڪ ڏيـنھن اول انھن پھاڙين وٽ پھتا، جتان سرڪاري اھلڪارن جو لنگهه ھو. ٻن پھاڙن جي درميان اھو واحد لنگهه ھو، جتان سرڪاري اھلڪارن جون گاڏيون لنگھڻيون ھيون. ھنن گھوڙن کي پھاڙين جي پٺين ڀر کان وڻن ٻوٽن جي لامن سان ٻڌي ڇڏيو ۽ پھاڙيون چڙھي لنگهه کان مورچا بند ٿي ويٺا.
اھو سج به لھي چڪو ھو.
ٻئي ڏينھن ٻن پھرن جو نيڻن جي نھار تائين ڪجهه سرڪاري اھلڪارن جون گاڏيون اڳتي وڌندي نظر آيون. جيڪي پٿريلي پيچرن تي ٿڙنديون ٿاٻڙجنديون لڏنديون لمنديون آھستي آھستي اڳتي وڌي رھيون ھيون.
باغي ويڙھاڪ حملي لاءِ تيار ويٺا ھئا، پر سرڪاري اھلڪارن جون گاڏيون گولي جي مار کان اڃان گھڻو پرڀريون ھيون. گاڏين جي رفتار گھڻي گھٽ ھئي، ذري گھٽ ھڪ ڪلاڪ جي وٿي کانپوءِ گاڏيون باغين جي ٽارگيٽ جي قريب پھتيون.
سرڪاري اھلڪار باغين جي حملي کان بلڪل بي خبر ھئا. ھاڻ اھلڪارن جون گاڏيون ٻن پھاڙن جي وچين پيچري ۾ داخل ٿي چڪيون ھيون. ھاڻ ھي باغين جي گولين جي مار ۾ اچي چڪا ھا.
ٻنھين طرفن کان اھلڪارن جي گاڏين تي اوچتو گوليون وسڻ لڳيون، گولين جي بوڇاڙ شروع ٿي چڪي ھئي. سڀئي اھلڪار ششدر ۽ وائڙا ٿي ويا. پنھنجي بچاءَ جو اھلڪارن وٽ ڪو دڳ نه ھو، گولين جي بوڇاڙ شروع ٿي وئي، اڌ ڪلاڪ مسلسل گوليون بنا ساھيءَ جي وسڻ لڳيون. گھڻا اھلڪار ته گاڏين ۾ ئي دم ٽوڙي چڪا ھئا. ڪجهه اھلڪار جيڪي ششدر ٿي ويا ھئا، گاڏين مان ٽپ ڏئي ھيٺ لٿا، پنھنجي بچاءَ لاءِ ڪا اَڙ ڳولڻ لڳا، ڪنھن ٽڪري جو پاسو ڳولڻ لڳا، ڪا اَڙ نه ملڻ ڪري اھلڪار ٻڪرين وانگي پھاڙي تي چڙھڻ لڳا.
گوليون مسلسل وسي رھيون ھيون، ھر گولي پنھنجي پنھنجي ٽارگيٽ تي وسي ٿي، اھي اھلڪار جبل جي چاڙھين تان بلاٽيون کائيندا ھيٺ ٿي ڪريا.
گولين جو وسڪارو اڃان به جاري ھو. سڀني گاڏين کي باهه وڪوڙي چڪي ھئي، اڃان به گولين جي بوڇاڙ ھئي. ائين لڳو ٿي، باغين ڪل اسلحو استعمال ڪري ڇڏيو ھجي، پر اھو گولين جو چوٿون حصو به، ضايع نه ٿيو ھو.
مردھ جسمن جا ڍير لڳي ويا، ھاڻ باغين جون گوليون مرده جسمن ۾ چڀڻ لڳيون ھيون، اھلڪارن جي مرده جسمن ۾ گوليون جو دونھون ٻري ٻري ٿي نڪتو.
اِها ويڙهه ڊگهي عرصي تائين هلي.
لڙائي انتھائي زور وٺي چڪي ھئي. ٻنھين طرفن کان وقتن به وقتن ھڪ ٻئي مٿان حملا ٿيندا رھيا. سرڪاري اھلڪارن ڪافي ڇاپا ھنيا. گھڻا باغي ماريا. گھڻا باغي گرفتار به ڪيا.
بدلي ۾ ويڙھاڪ باغين به سرڪاري اھلڪارن جي مختلف ٺڪاڻن تي راڪيٽ لانچر بم گولن جا حملا ڪيا. الاھي سرڪاري اھلڪارن کي اجل جو شڪار بڻايو. ھي مرڻ مارڻ وارن مان ھئا، مڙڻ وارن مان نه!
ويڙهه مسلسل چار پنج سال جاري رھي، تان جو وقت جي سرڪار بيزار ٿي پئي. آھستا آھستا سرڪاري اھلڪار ڇانوڻيون ختم ڪري بيرڪن ڏانھن موٽڻ لڳا. ڊگھي ويڙهه کان پوءِ ويڙھاڪ باغي گھڻا طاقتور بڻجي چڪا ھا. ھاڻ اتحادين به اتفاقن ڪو اڙيو ٿڙيو باغين مٿان حملو ٿي ڪيو ۽ وري ڊگھي عرصي تائين خاموش ٿي، ٿي ويا. اتحادين کي سرڪار جي اھا مدد ملڻ بند ٿي چڪي ھئي ۽ ھاڻ ويڙھاڪ باغي گھڻا طاقتور بڻجي چڪا ھا .