تصوف تاريخ جي آئيني ۾
ويدانت: ناليواري ليکڪ شيو موهن لعل ماٿر پنهنجي ڪتاب “هندو فلسفه ڪي عام اصول” ۾ ويدانت ۽ ادويت (دوئي جي غير موجودگي/وحدانيت) متعلق هن ريت سمجهاڻي ڏني آهي “ ويدانت جا مڙيئي مذهب اها دعويٰ ڪن ٿا ته انهن جو بنياد اپنشدن تي آهي. انهيءَ ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته اهي پنهنجي مواد جو ڳچ حصو انهن مان حاصل ڪن ٿا. دراصل ويدانت ۾ انهي فلسفي جي تشريح ملي ٿي جنهن جي تعليم ويدن ۾ ڏني ويئي آهي ۽ جنهن جو تت “بادراين” جي برهم سوتر ۾ درج آهي. (هندن جا چار مقدس ڪتاب آهن جن کي چارويد سڏبو آهي) اپنشدن جي تعليم چٽيءَ طرح وحدانيت واري آهي. بعد ۾ اُن جي مختلف تعبيرن سبب ان ۾ تضاد پيدا ٿي ويا آهن.” (صفحو 258)
“ادويت- وحدت الوجود، جنهن جي تعليم شنڪر ڏني آهي سا تمام قديم آهي. نظرياتي پاسي جي لحاظ کان ان جون مکيه خصوصيتون هي آهن. (1) بنيادي ۽ آخري حقيقت طور برهما جو تصور (2) مايا جي نظريه ۾ اعتقاد (3) جاندار يعني جيو ۽ برهما جي هڪجهڙائي (4) نرواڻ يا نجات جو تصور جنهن مطابق جيو جو برهما ۾ سمائجي وڃڻ. (صفحو 260)
هيءُ نڪتو اسلامي تصوف جي ذري جو ڪُل ۾ سمائجي وڃڻ يا قطري جو قلزم ۾ سمائجي وڃڻ جي هم معنيٰ آهي ويدانتي صوفين جون مختلف نالن يا لقبن سان سڃاڻپون موجود آهن. جيئن ته يوگي يا جوڳي، سامي، اڌوتيا، لانگوٽيا ڪاپڙي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي وغيره.
ڊاڪٽر سيد حامد حسين پنهنجي ڪتاب “ هندو ڌرم جو فلسفو ۽ معاشرتي نظام” جنهن جو سنڌي ترجمو ڊاڪٽر پشپا موهن لال ڀوتراڻي ڪيو آهي ۽ اهو ڪتاب سال 2011 ۾ ساهت چتر پبليڪيشن حيدرآباد ڇپرايو آهي. انهيءَ جي صفحي 51 تي موجود هيءَ لکت مٿي ذڪر ڪيل حقيقت کي وڌيڪ واضح ڪري ٿي.
“شنڪر جو خيال آهي ته منطقي ماڻهو جهڙي طرح داخليت ۽ خارجيت جي باري ۾ انهن کي ٻه مختلف پهلو سمجهي ڳالهائيندا آهن اهو آخر نه آهي. وٽن ٻنهي جو اصل هڪ آهي. هن جي نظرئي مطابق ٻنهي جي حقيقت هڪ ئي آهي. ظاهر ۽ باطن روح جائي ٻه پهلو آهن. اندروني حقيقت ۽ ظاهري ڏيک “برهم” کان جدا گانه ڪو وجود نه ٿا رکن.
اڳيان لفظ اپنشد ۾ استعمال ڪيل آهن جنهن جي اصطلاحي ۽ لغوي معنيٰ آهي ويد جو آخري حصو يا ويدانت شاستر (ڪتاب جنهن م علم معرفت جو بيان آهي. ويد جا نظري ۽ استدلالي حصا. ڪلام توحيد، ڪلام رباني، تصوف. (هندي اردو لغت صفحه 27) ڪن ليکڪن جي خيال مطابق اپنشد جي لفظي معنيٰ آهي راز يا ڳجهه اپنشدن ۾ جيڪي فلسفياڻا خيال پيش ڪيا ويندا هئا سي عام نه ڪيا ويندا هئا ڇاڪاڻ ته انهن جي عام ٿيڻ سان انهن جي تعبيرن ۽ تفسيرن ۾ تضاد پيدا ٿيڻ جو خطرو هو. اهي اپنشد ويدڪ ادب جو حصو آهن ۽ تمام قديم آهن جن جي ليکڪ جو ڪو به پتو نه آهي، انهيءَ ڪري انهن کي ڪلام رباني تصور ڪيو ويو آهي. اصل ۾ اهي انسانن جا ئي سرجيل آهن ۽ اهي انسان پنهنجي دور جا وڏا ساڃاهه وند يا وگياني هئا. هڪ ٻي حقيقت هيءَ به آهي ته انهن اپنشندن جو ڪو هڪ تخليقڪار نه آهي پر هر دور ۾ اهي سرجي رهيا آهن. ساڳئي ريت هندو ڌرم جا چار ويد به پنهنجي دور جي ڏاهن جا تخليق ڪيل آهن ۽ الهامي پستڪ نه آهن.هڪ اندازي مطابق اهي ويد واديءَ سنڌ ۾ ئي سرجيا ويا هئا ۽ انهن جي ٻولي سنسڪرت آهي جيڪا بنهه گهٽ لسانياتي ماهر ڄاڻن ٿا. سنڌي زبان به سنسڪرت جيتري پراڻي يا ان کان به آڳاٽي آهي. اهي چار ويد هي آهن. (1) رگ ويد (2) اشتر ويد (3) يجر ويد (4) سام ويد هندو ڌرم سان لاڳاپيل هڪ وگياني/دانشور رامانج يارهين صدي عيسوي ۾ ٿي گذريو آهي. جنهن ويشنو روايت جي پيروي ڪندي ويدانت جي اصول جي ترجماني ڪئي ۽ هن جي مطابق ڪُل ڪائنات ذات خداوندي سان گڏ هڪ جسم جي حيثيت رکي ٿي. هيءُ خيال تصوف جي وحدت الوجود وانگيان آهي پر وحدت الوجود ۾ خدا جي ذات جسم نه رکندڙ ۽ سمجهه کان مٿاهين آهي.
مسٽيسزمMysticism :
عيسائيت هڪ آفاقي مذهب طور سمجهيو ويندڙ فڪري نظام آهي جيڪو حضرت عيسيٰ سان منسوب آهي. چيو وڃي ٿو ته اڄ کان ٻه هزار سورهن سال اڳ بيت المقدس ۾ حضرت عيسيٰ جو جنم ٿيو.هيءُ اهو دور هئو جڏهن يهوديت هن خطي ۾ سگهاري مذهب طور موجود هئي ۽ رومي سلطنت پاران هن ايراضي کي ڪنٽرول ۾ رکڻ لاءِ گورنر به مقرر هئو. يسوع مسيح جي تعليمات کان يهودي خائف هئا ۽ هنن رومي حڪمرانن کي ورغلائي حضرت عيسيٰ کي صليب تي چڙهايو. حضرت عيسيٰ جي تعليم انجيل مقدس ۾ موجود آهي. عيسائيت جي شرعي اصولن سان گڏ ان ۾ مسٽيسزم (تصوف) جو پهلو به موجود آهي جنهن مطابق فرد پنهنجي انا کي فنا ڪري پنهنجي روحاني سگهه سان نه رڳو سڌي طرح حق تائين رسائي حاصل ڪري سگهي ٿو پر حق (خدا) ۾ پاڻ سمائي سگهي ٿو جنهن لاءِ هن کي ڪنهن به وسيلي جي ڪا به ضرورت نه آهي. هن نقطه نظر جي حامين کي Mystic يعني صوفي سڏجي ٿو. انهيءَ نقطه نظر کي مصر جي ڏاهي فلاطينوس پنهنجي فلسفي “نيو افلاطونيت” ۾ به بيان ڪيو آهي جنهن جو اڳيان انهي عنوان هيٺ ذڪر ڪيو ويندو. عيسائين کي عام طرح تثليت پرست يعني ٽن الهاياتي قوتن جو مڃيندڙ چيو وڃي ٿو ۽ ساڳئي ريت هندو ڌرم ۾ به ٽمورتي جو تصور موجود آهي. عيسائي دنيا ۾ ٻه وڏا مذهبي فرقا آهن. (1) پراڻ پسند Catholic ۽ (2) پروٽيٽنٽ جنهن جو وڏو مبلغ مارٽن لوٿر هئو.
عيسائي صوفين ۾ ڪِن دنيا کي ترڪ ڪري رهبانيت جي راهه ايئن اختيار ڪئي جيئن هندو ڌرم جي يوگين يا جوڳين ڪئي هئي. مسلمان صوفين مان به ڪن ترڪ دنيا کي صحيح سمجهيو پر اڪثر صوفياءِ ڪرام اهڙي خيال کان پاسيرا رهيا. عيسائين جي عبادتگاهه کي چرچ سڏبو آهي ۽ مذهبي تعليم ڏيندڙ، رسمن، رواجن کي ادا ڪندڙ پادري سڏبا آهن جن جو مسٽيسزم سان ڪو به تعلق نه هوندو آهي، جهڙي طرح اسلام جي شرعي اصولن تي زور ڏيڻ وارا مُلان، مولوي يا عالم دين سڏبا آهن پر اهي صوفي نه هوندا آهن. عيسائي راهب ۽ راهبائون (Nuns) شادي به نه ڪندا آهن ۽ سڄو وقت روحاني رياضتن ۾ گذاريندا آهن. هنن جي عقيدي مطابق حق تائين رسائي فقط روحاني يا اندر اجارڻ سان ممڪن آهي. اهو عنصر ڪنهن حد تائين تصوف ۾ به موجود آهي.
نو فلاطونيت (Neo-Platonism)
هيءُ ڪو الهامي فڪر نه آهي پر انساني سوچ ۽ فلسفي جي هڪ شاخ آهي. هن نظرئي جو وڏو پرچارڪ فلاطينوس (270-206ع) هئو. جنهن جو تعلق مصر سان هئو هن جي جنم ڀومي مصر جو شهر لائڪو پولس هئو. هن جا وڏا اصل نسل جي لحاظ کان رومي (Romans) هئا. هو ڊگهي عرصي تائين اسڪندريه شهر ۾ امونيس ساڪاس جي صحبت ۾ رهيو ۽ عام خيال اهوآهي ته نوفلاطونيت جو پهريون استاد اهو هئو. فلاطينوس ايران ۾ به قيام پذير رهيو جتي هن ايراني ۽ هندي فلسفن جو اڀياس ڪيو هن جي فڪري تاڃي پيٽي ۾ يونان جي ماده پسند فيلسوف صقراط جو رنگ به نظر اچي ٿو ته افلاطون جي تصوريت پسندي به سجي ٿي انهن گڏيل اثرن سبب هن جي فڪر ۾ تصوف به موجود ملي ٿو جنهن جو اثر اڳتي هلي وحدت الوجودي صوفي ابن عربي وٽ به ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هن جي نوفلاطونيت ۾ به ڪائنات جي اڪائي يا وحدت موجود آهي.
تصوف يا صوفي ازم: مٿي بيان ڪيل تاريخي پس منظر جي حوالي سان اسان انهي نتيجي تي پهچي سگهون ٿا ته اسلامي تصوف جي تشڪيل ۾ مذڪوره بالا نقطه نظرن به پنهنجو اثر وڌو آهي تصوف لفظ جي بڻ بڻياد يا ماخذ متعلق مختلف رايا رهيا آهن جيڪي هن ريت آهن. هيءُ لفظ “صوف” يعني ان يا پشم مان نڪتل آهي جنهن مان ٺهيل لباس عيسائي صوفي يا اڳيان فيلسوف پائيندا هئا ۽ مسلمان صوفين به ساڳيو لباس پهرڻ شروع ڪيو ته انهن کي صوفي سڏيو ويو. سندن نظريه حيات کي تصوف چيو ويو. ٻي خيال مطابق لفظ “تصوف” صفا يعني اندر جي اوجر مان ورتل آهي. ڪِن ليکڪن هن لفظ جو ماخذ سوفيا (Sophia) يعني ڄاڻ کي قرار ڏنو آهي. اهڙي طرح تصوف جي ماخذن متعلق ڪافي ٻيا به رايا موجود آهن.
تصوف جا ٻه مشهور عقيدا آهن. (1) وحدت الوجود (2) وحدت الشهود. وحدت الوجود جو سڀ کان وڏو مبلغ ابن عربي ليکيو وڃي ٿو جنهن جي خيال مطابق هن ڪائنات ۾ دوئي نه پر هيڪڙائي آهي. ايتريقدر جو خالق ۽ مخلوق جو به ڪو فرق نه آهي. لطيف سائين انهي نقطه نظر کي هن ريت بيان ڪيو آهي.
عاشق چؤ مَ اُنَ کي، مَ ڪِي چؤ معشوق،
خالق چؤ مَ خامَ تُون، مَ ڪِي چئو مخلوق،
سَلج تَنهن سُلوڪ، جو ناقِصئا نِڱيو.
وحدت الشهود جو مبلغ مجدد الف ثاني کي ليکيو وڃي ٿو جنهن جي خيال مطابق ڪائنات ۾ اڪائي نه آهي ۽ پوري ڪائنات خالق جو عڪس آهي ۽ اهڙي طرح خالق ۽ مخلوق الڳ الڳ وجود آهن.
وحدت الوجودي صوفين کي ظاهر پرست عالمن ۽ مفتين هٿان وڏا عذاب ڀوڳڻا پيا جن جو مثال فريد الدين عطار، شمس تبريزي، حسين بن منصور حلاج، سرمد شهيد وغيره آهن.
جديد طبيعات (فزڪس) به هن نتيجي تي پهتي آهي ته ڪائنات ۾ اڪائي ۽ وحدت ڪار فرما آهي. جسم ۽ روح يا مادو ۽ توانائي الڳ الڳ وجود نٿا رکن.
مون تصوف کي هڪ تحريڪ سان انهيءَ ڪري تعبير ڪيو آهي جو آئون سمجهان ٿو ته تصوف جي غير لچڪدار ۽ غير منطقي رَوَيي خلاف هڪ ڀرپور رد عمل آهي. ملائيت مذهب اسلام ۾ سندس مخصوص ۽ محدود سوچ جي هڪ هٽي Monopoly قائم رکڻ تي بضد آهي جنهن ڪري وسيع النظري ۽ وسيع المشربي جي هو قريب ئي نه اچي سگهي آهي جڏهن ته صوفيءَ جو تنگ نظري ۽ تنگدليءَ جي گهٽيءَ مان ئي گذر نه ٿيو آهي. انهيءَ ڪارڻ ئي اسان تصوف کي هڪ تحريڪ سان تعبير ڪندي سمجهون ٿا ته انهيءَ تعليم سبب فڪري تبديلي آڻي سگهجي ٿي ۽ ماڻهن مان آئون پڻو، خود غرضي، مفاد پرستي، مال ميڙڻ جو هوس ۽ نظرياتي طرح تنگ نظري کي ختم ڪري سگهجي ٿو. انهيءَ کان پوءِ ئي عالمگير برادري، عالمي امن ۽ انسان دوستيءَ جون هيرون گهلي سگهن ٿيون. هتي وري هيءَ به سوال پيدا ٿئي ٿو ته جيستائين سماج ۾ طبقاتي تضاد موجود رهندا تيستائين مٿي ذڪر ڪيل مقصد حاصل نه ٿي سگهندو. بلاشبه اها ڳالهه ڪافي وزندار آهي پر طبقاتي تضادن کي ختم ڪرڻ لاءِ دنيا ۾ سماجوادي جي نعري هيٺ هيستائين جيڪي انقلاب آيا آهن. ڇا انهن انقلابن طبقاتي تضادن کي جبر ذريعي ختم ڪرڻ ۾ ڪا سوڀ ماڻي ورتي آهي؟ جيڪڏهن انهيءَ سوال جو جواب نه ۾ آهي ته پوءِ ساڃاهه وندن کي سوچڻو ۽ ويچارڻو پوندو ته دنيا کي ڪنهن نئين فڪري نظام جي ضرورت آهي. تصوف جي تحريڪ هڪ اهڙي انساني ڪوشش آهي جنهن جهڙيون ڪوششون انساني تاريخ جو حصو رهيون آهن لهذا، تنگ نظري، اسهپ، جبريت ۽ دهشتگردي جي موجوده ماحول ۾ تصوف جي تحريڪ هڪ بي ضرر ڪوشش ضرور آهي ۽ ان ۾ ڪنهن مثبت نئين سوچ جو وهڪرو به شامل ٿي سگهي ٿو.
اها به حقيقت آهي ته خانقاهي تصوف اصل تعليم جي سلسلي کي قائم نه رکيو ويو آهي. انهيءَ ڪري تصوف جو اهو تقدس نه رهيو آهي ۽ نه انهن مان سماجي زندگيءَ ۾ ڪو لاڀ پيو آهي جنهن جي ذميواري نظريه تصوف تي نه پر ان ماڻهن تي عائد ٿئي ٿي جيڪي ان جا نام نهاد نمائندا بڻيا ويٺا آهن.