تصوف

تصوف ھڪ تحريڪ

بنيادي طور تي تصوف ڪو مذهب ناهي، پر هر مذهب ۾ موجود هڪ فڪر طور شامل رهيو آهي. يوناني تصوف کان ويندي جديد عهد جي ميٽروپوليٽن ۽ ڪارپوريٽ ڪلچر تائين ڪنھن نہ ڪنھن رنگ ۾ تصوف پنهنجي فڪري رمز سان موجود رهي آهي. هيءَ ڪتاب تصوف جي تاريخي پس منظر، تصوف جي تشريح، عظيم صوفين جي مثالي زندگين ۽ سندن قربانين ۽ ڪارڪردگين ۽ صوفياڻي مسلڪ جي اُپٽار جي نئين ڪوشش آهي ۽ انهن شڪن کي دور ڪرڻ جي بہ ڪاوش آهي.

Title Cover of book تصوف ھڪ تحريڪ

صوفياڻا مسلڪ يا طريقا

خواجه معين الدين چشتيءَ چيو هو، “ ولي اهو آهي جيڪو نه جمع ڪري، نه طمع ڪري نه منع ڪري “ لطيف سائين چيو:

ڏني ڏکويا، اڻ ڏني راضي ٿيا،
صوفي تي ٿيا، جيئن ڪين کنيائون پاڻ سين.

اسان اڳ به انهيءَ ڳالهه جي نشاندهي ڪئي آهي ته تصوف هڪ اهڙي تحريڪ آهي جيڪا مذهبي ۽ ڌرمي ڀيد ڀاوَ کان مٿاهين ٿي هر قسم جي ظلم، ستم ۽ جبر جي نندا ڪري ٿي ۽ مذهب جي نالي تي انتها پسندي ۽ بنياد پرستي خلاف نعره حق بلند ڪري ٿي ۽ انسانن جي اندر جي اوجر جي تعليم ڏي ٿي ته جيئن شعوري يا روحاني ارتقاد ذريعي انسانن جو catharsis ٿئي ۽ هنن ۾ ڀائيچاري سان رضاڪاراڻي نموني جيئڻ جي روش ۽ سوچ پختي ٿئي. شاهه عنايت شهيد ان سلسلي ۾ هڪ ڪٽنب يا ڪميون جي صورت ۾ رهڻ لاءِ عملي قدم کنيا جنهن ڪري سڀ وڏيرا، جاگيردار ۽ حڪمران هن جا ويري بڻجي هڪ ٿي بيٺا ته جيئن اها ڪميون انداز واري تحريڪ زور نه وٺي سگهي. لطيف سائين به اهڙي مثالي سماج لاءِ هيئن چيو هئو.

نَڪا جَهل نه پَل، نڪو رائر ڏيهه ۾،
آڻيو وجهن آهرين، روڙيو رتا گل،
مارو پاڻ اَمل، مليرون، مَرڪڻو

(سرمارئي)

(لفظ رائر جي معنيٰ آهي محصول يعني جتي شين تي ڪو به محصول نه آهي)

علم تصوف جو تعلق شريعت کان مٿي ٿي طريقت اختيار ڪري پوءِ حقيقت تائين رسائي حاصل ڪرڻ آهي جنهن کي معرفت جو نالو ڏنو ويو آهي. معرفت تائين پهچڻ لاءِ مختلف منزلون طئي ڪرڻيون پونديون آهن جيڪي هي آهن (1) عالم ناسوت (2) عالم ملڪوت، (3) عالم جبروت، (4) عالم لاهوت ۽ (5) عالم هاهوت، اِها اُها منزل آهي جتي قطرو قلزم (سمنڊ) سان ملي وڃي ٿو. مٿيون منزلون الڳ الڳ صفتون رکن ٿيون جن کي پرکڻ ۽ پروڙڻ لاءِ وڏي اڀياس ۽ غور و فڪر جي ضرورت آهي. تصوف ۾ به حقيقت شناسي لاءِ ڳوڙهي ويچار يعني Meditation جي گهرج آهي. مغربي فيلسوف برٽرينڊرسل چوي ٿو ته، “ دنيا ۾ ڏکئي ۾ ڏکيو ڪم سوچڻ ۽ ويچارڻ آهي. اهو ڪم ائين آهي جيئن رُڪ جاچڻا چٻاڙڻ” اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان ماڻهن انهيءَ ڪم طرف ڪو ڌيان نه ڏنو آهي ۽ اسان جا حواس شين ۽ وارتائن جي صرف مٿاڇري کي ڇُهي گذري وڃن ٿا انهي سطحيت پسندي جي ڪري اسان شين جو محض عام ۽ سطحي ادراڪ ڪندي رهجي وڃون ٿا ۽ ڪنهن غواص جيئن ٽٻي ڏيئي معرفت جاموتي نٿا ميڙي سگهون پر ڪنارن تي اڇلايل سپن ۽ ڪوڏن ميڙڻ تائين محدود رهجيو وڃون. سوچ ۽ فڪر بدران لفظي تڪرارن ۾ ئي الجهيل رهون ٿا ۽ انمول جوهر اسان جي پهچ کان پراهون رهي ٿو. جيئن سچل سرمست چيو:

“ اکر ان دي وچ جو ئي آڙيا، عشقدي چاڙهي مور نه چڙهيا

اهو ئي سبب آهي جو لطيف سائين عشق کي وڌيڪ اهميت ڏني آهي ۽ چوي ٿو.

روزا نمازون ايءُ پڻ چڱو ڪم
اوءِ ڪي ٻيو فهم، جنهن سان پسجي پرينءَ کي

عامياني سوچ رکندڙ ماڻهوءَ ۽ ڳوڙهي سوچ رکندڙ ماڻهوءَ کي اسان آسان نموني هن مثال سان سمجهي سگهون ٿا ته هزارين ۽ لکين ماڻهن وڻن مان ڦلن کي ڌرتيءَ تي ڪرندي ڏٺو هوندو پر ڪنهن به ڦل جي هيٺ ڪرڻ واري اسرار تي غور نه ڪيو هوندو پر جڏهن باغ ۾ بينچ تي ويٺل نيوٽن اڳيان هڪ صوف ٽاريءَ مان ٽٽي سندس اڳيان اچي ڪريو ته هن جي ذهن ۾ هيءُ سوال اُڀريو ته اهو صوف ٽاريءَ کان الڳ ٿيڻ بعد هوا ۾ لٽڪيل ڇو نه رهيو، مٿي ڇو نه ويو ۽ زمين تي ڇو اچي ڪِريو. هو وڏي ويچار ۾ پئجي ويو ۽ پوءِ. مختلف وزنن واريون شيون مٿان کان اڇلائي تجربا ڪيائين ۽ انهن جي نتيجي ۾ ڪشش ثقل Law of gravity جي ٿيوري جنم ورتو. عام ماڻهو ٿيڻ سولو آهي پر نيوٽن بڻجڻ ڏکيو آهي. اهو ساڳيو ڪُليو شرعي عالمن ۽ طريقت جي صاحبن تي لاڳو ڪبو ته اهي اسان کي ڌار ڌار صفن ۾ بيٺل نظر ايندا يعني هڪڙيون عام سطح بين نگاهون ته ٻيون اندر ۾ جهاتي پائي ويندڙ نگاهون جن لاءِ لطيف سائين چيو.

وڃين ڇو وڻڪار، هِت نه ڳولين هوت کي،
لِڪو ڪين لطيف چئي ٻاروچو ٻي پار،
نائي نيڻ نِهار، تو ۾ ديرو دوست جو.
يا

مونا طور سينا، سندا سناسين،
پورب کنيو نه پاڻ سين، بود بيراڳين،
رِدا آهي رازَ جي، اوڇڻ آديسين،
قربُ ڪا پڙين، نهن چوٽيءَ سئين ڍڪيو

جيڪا تجلي روايت مطابق حضرت موسيٰ کي طور سينا جبل تي نظر آئي سا فڪر ۾ فنا سامين/ صوفين کي پنهنجي مونن يعني گوڏن ۾ ڪنڌ وجهي پسڻ ۾ اچي ٿي. انهيءَ مان اهو اسرار ظاهر ٿئي ٿو ته اها ڪنهن خارجي يا ماورائي قوت جي جلوه گري نه پر خود انسان جي اندر ۾ موجود بي پناهه قوتن جي جلوه نمائي آهي. انسان جو ذهن/دماغ چيو وڃي ٿو (سائنسي طرح) ته هڪ ارب کان وڌيڪ خالي جيو گهرڙن (living cells) جو مجموعو آهي جيڪو خود پنهنجي اندر ۾ هڪ وسيع ڪائنات سمايو ويٺو آهي ۽ جنهن جي تحت الشعور (Sub consiousunes) مان اهڙا اهڙا ڪرشما نروار ٿين ٿا جيڪي خود انسان کي حيرت ۾ وجهيو ڇڏين.

تصوف جي دنيا ۾ هيٺيان مشهور ۽ معروف مسلڪ يا طريقا شمار ڪيا وڃن ٿا ۽ صوفين جو انهن مان ڪنهن نه ڪنهن سان لاڳاپو آهي. (1) سهروردي طريقو جنهن کي سهرورديه سڏجي ٿو (2) قادري طريقو جيڪو قادريه سڏجي ٿو (3) چشتي طريقو جيڪو چشتيه سڏجي ٿو (6) نقشبندي طريقو جيڪو نقشبنديه سڏجي ٿو. مٿين مسلڪن ۽ طريقن کان علاوه اويسي طريقو، بلاولي طريقو به انهن مسلڪن ۾ اضافي طور ڳڻي سگهجن ٿا.

1- سهروردي طريقو:

هن مسلڪ يا طريقي جو باني شهاب الدين يحييٰ بن حبش ابن اميرڪ سهروردي هئو جنهن کي بعض اوقات مقتول سڏي ياد ڪيو وڃي ٿو تڏهن به عام طرح هو “ شيخ اشراق” جي لقب سان ياد ڪيو وڃي ٿو. ياد رهي ته اشراقي فيلسوفَ هڪ الڳ گروهه جي حيثيت سان به سڃاتا وڃن ٿا ۽ اشراقيت، فلسفي جو هڪ مڪتب فڪر آهي. سهرودي جي مڪتب جو فلسفه الهي theosophy درجي بدرجي ابن سينا جي فلسفي ۽ ٻي طرف ابن عربي جي عرفاني نظرين ۾ گاڏڙ جي ويو. سهروردي جو جنم ايران جي شهر زنجان جي ويجهو هڪ ڳوٺ ۾ 1153ع ڌاري ٿيو. هو پنهنجي بيباڪ روش ۽ ڪمال استدلال ڪري شرعي عالمن جي دشمن نگاهن جو مرڪز بڻجي ويو ۽ سندس قتل جو مطالبو به ڪيو ويو ۽ نتيجتاً کيس شام ملڪ ۾ قيد رکيو ويو ۽ هن 587هه (1191ع) ۾ وفات ڪئي.هن جي قيد دوران وفات هڪ معمو بڻجي ويئي پر غالب امڪان اهو ٿو ڏسجي ته هن کي قتل ڪيو ويو هو انهيءَ ڪري هو مقتول به سڏيو ويو. چيو وڃي ٿو ته وفات وقت سندس ڄمار 38 سال هئي ۽ هن انهي مختصر عرصي دوران دين الاهي، فلسفي ۽ تصوف تي فارسيءَ ۽ عربي ۾ شاندار ڪتاب لکيا جيڪي اڄ به سلامت آهن جن ۾ تلوبجات، مقاومات، مقارعات ۽ حڪمتِ اشراق اهم ليکجن ٿا ۽ ٻيا مختصر رسالا به عربيءَ ۽ فارسيءَ ۾ لکيل آهن. هن جي تعليم جو اهم جُزو تصوف آهي.

2- قادري طريقو يا قادريه:

هن مسلڪ يا طريقي جو باني شيخ عبدالقادر جيلاني سڏجي ٿو. هن جو جنم ضلع جيلان يا گيلان جي شهر نائف ۾ ٿيو ۽ سندس وفات 1166ع ڌاري ٿي. هيءُ دنياوي علمن سان گڏ روحاني رمزن جو به وڏو ڄاڻو هو ۽ سندس طريقو به ابن عربي جي وحدت الوجودي فلسفي يا فڪر وارو آهي. روايت آهي ته هو بغداد (عراق) جي صوفياءِ ڪرام سان ملاقات لاءِ جڏهن بغداد پهتو ته اُتي موجود صوفين کيس پاڻيءَ سان ٽمٽار هڪ پيالو موڪليو جنهن جو مطلب هئو ته بغداد اڳ ۾ ئي صوفياءِ ڪرام سان ڀريو پيو آهي پر شيخ عبدالقادر جيلاني انهي پيالي ۾ ڀريل پاڻيءَ مٿان گلاب جو گل رکي پيالو انهن ڏانهن واپس موڪلي ڏنو. چون ٿا انهيءَ ڪري ئي شيخ عبدالقادر جيلاني کي “بغداد جو گلاب” وارو لقب نصيب ٿيو. تصوف جي حوالي سان سندس مشهور ڪتاب جو نالو آهي. غنيته اطالبين سنڌ ۾ هن سلسلي جا ڪافي صوفياءِ ڪرام ٿي گذريا آهن جن مان لعل شهباز قلندر، شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، بيدل بيوس بيڪس، شاهه عنايت شهيد، مخدوم محمد معين ۽ ٻيا شامل آهن. مخدوم محمد معين الطيف سائين جو ويجهو دوست ۽ هم خيال رهيو. هو پهريائين مخدوم ابو القاسم نقشبندي جو شاگرد رهيو ۽ سندس تعلق نقشبندي طريقي سان هئو پر بعد ۾ اختلافن سبب مخدوم عنايت الله جو شاگرد ٿيو ۽ سندس طريقو اويسي ليکجي ٿو. هو ٺٽي ۾ شاهه عنايت شهيد جو وڏو حامي هئو. شيخ عبدالقادر جيلاني بابت سندس مريدن ڪئين من گهڙت ڪرامتون مشهور ڪري ڇڏيون آهن پر سندس تعليمات جي جوهر کي پرکڻ جي ڪوشش نه ڪئي ويئي آهي. هن وٽ سماع کي عربي قول مطابق “ السماع معراج الاولياءَ” جو درجو حاصل آهي ۽ راڳ ۽ رقص تي ڪا به پابندي ڪونهي.

3- چشتيه طريقو:

هن طريقي جو باني شام ملڪ جو رهواسي خواجه ابو اسحاق چشتي هو جيڪو پنهنجي نسبي نسبت پيغمبر اسلام سان جڙيل ڄاڻائيندو هو. هن جا پوئلڳ نقشبندي سلسلي جي هڪ شاخ ڄاڻايا وڃن ٿا. “ چشتي ڪميونٽي جو تعقل خراسان جي علائقي چشت سان آهي ۽ اهي پنهنجي رياضتن ۾ سماع ۽ سرود جو ڀرپور استعمال ڪن ٿا. اهي شهر ۾ داخل ٿيندي ئي دهل ۽ شرنائي يا بانسريءَ سان فضائن کي متحرڪ ڪري ڇڏين ٿا.

اهي چشتي به ابن عربي جي وحدت الوجودي فڪر سان تعلق رکن ٿا. هندستان ۾ خواجه سليم چشتي، خواجه معين الدين چشتي هن فڪر جا مهان مبلغ آهن ۽ سندن مزارن تي قواليءَ جي محفل اڪثر ٿيندي رهندي آهي. امير خسرو خواجه معين الدين جو مريد هئو ۽ چون ٿا ته قوالي ۽ طبلو ۽ ستار هِن جي ايجاد آهن پر تاريخ هند ۾ ستار جي ايجاد “راوڻ” سان منسوب ڄاڻائي وڃي ٿي. هيءُ سريلنڪا وارو اهو ساڳيو راوڻ آهي جيڪو سري رامچندر، سيتا ۽ راوڻ واري ڪهاڻي جو هڪ ڪردار آهي.

4- نقشبندي طريقو

هن طريقي سان تعلق رکندڙن کي آقا يا استاد چئبو آهي. هڪ ليکڪ ادريس شاهه پنهنجي ڪتاب The way of the sufi ۾ نقشبندي طريقي يا مسلڪ بابت هن ريت احوال ڏنو آهي.

“خواجه بهاءُ الدين نقشبندي وفات 1389ع هن مڪتب فڪر جو تمام وڏو اڳواڻ آهي. هن جي وفات بعد اهو سلسلو نقشبندي يعني “نقش چٽيندڙ” يا “ڊزائن/نقش چٽڻ جا استاد” ليکيا وڃن ٿا. هن بابا السماسي وٽ تعليم حاصل ڪئي ۽ تصوف طرف آيو. صرف نقشبندي شيخ/ اڳواڻ ئي پنهنجي شاگردن کي ڪنهن به طريقي يا مسلڪ اختيار ڪرڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏيندا آهن. ڇاڪاڻ ته اهي عوام ۾ ڏيکاءُ ڏيڻ لاءِ نه ڪو خاص لباس اوڍيندا آهن ۽ نه ٻين جي توجهه ڇڪائڻ لاءِ ڪو خاص انداز اختيار ڪندا آهن. (صفحو 155)

هن ڪتاب جي صفحي 161 تي “ بهاءُ الدين جا جواب” جي عنوان سان لکيل آهي ته ڪيترائي سوال پر هڪ جواب، اهو ذڪر ڪندي شيخ بهاءُ الدين چوي ٿو ته آئون شهر ۾ آيس جتي ماڻهو منهنجي چوڌاري اچي گڏ ٿيا جن پڇيو:

توهان ڪٿان آيو آهيو؟
توهان ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو؟
ڪهڙي ساٿ ۾ سفر ڪري رهيا آهيو؟
توهان جو حسب نسب ڪهڙو آهي؟
توهان جي موروثيت ڇا آهي؟
توهان جو ورثو ڪهڙو آهي جيڪو توهان ڇڏيندا؟
ڪنهن کي توهان سمجهو ٿا؟
توهان کي ڪير سمجهي ٿو؟
توهان جو عقيدو ڪهڙو آهي؟
مڪمل عقيدو ڪنهن جو آهي؟
ڪير آهي جنهن جو ڪو به عقيدو ڪونهي؟
مون کين وراڻيو، “توهان کي جيڪي ڪيترا ڏسڻ ۾ اچن ٿا سي هڪ آهن. توهان کي جيڪو منجهيل يا ڏکيو ڏسڻ ۾ اچي ٿو سو سولو آهي، مڙني کي هيءُ هڪ جواب آهي.سي صوفي آهن”

صوفي لاڪوفي، ڪو نه ڀانئيس ڪير،
منجهان ئي منجهه وڙهي پڌر ناهيس پير،
جنين ساڻس وير، ٿئي تنين جو واهروَ.
(لطيف)

سنڌ ۾ نقشبندي طريقي جو بزرگ خواجه محمد زمان لنواري شريف، ضلع بدين وارو ليکجي ٿو جيڪو وڏي علميت جو صاحب هو. هن جي هاڪ ٻڌي شاهه عبداللطيف پڻ هن وٽ حاضر ٿيو ۽ هن کان ڪافي متاثر ٿيو ڪن دانشورن جو خيال آهي ته نقشبندي مسلڪ جو واسطو وحدت الشهود سان آهي ۽ هيءُ معاملو وڌيڪ بحث ۽ تحقيق طلب آهي.
مخدوم محمد معين ٺٽوي جو پهريون استاد مخدوم ابو القاسم نقشبندي هو پر مخدوم محمد معين هن جي شاگردي ڇڏي مخدوم عنايت الله جو شاگرد ٿيو ۽ هيءُ شاهه عبداللطيف جو سٺو دوست هو ۽ هن علم حديث ۽ تصوف تي ڪيترائي ڪتابَ لکيا آهن. مخدوم محمد معين ۽ مخدوم ابوالقاسم جون آخري آرامگاهون مڪليءَ تي مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي مزار جي ويجهو آهن. مخدوم محمد معين به لطيف سائين وانگيان سماع جو شائق هو ۽ سماع اوليائن جو معراج سڏيندو هو. سندس ڪتاب “رساله اويسيه” سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپيل آهي. هي تصوف ۾ اويسيه طريقي جو بزرگ هو. مخدوم محمد هاشم صاحب شريعت عالمِ دين هو جڏهن ته مخدوم ابو القاسم، مخدوم محمد معين، خواجه محمد زمان ۽ شاهه عبدالطيف تصوف جي دنيا جا نالي وارا ماڻهو هئا.
خواجه محمد زمان سٺو شاعر به هئو ۽ سندس ڪتاب “ملوڪ الڪلام” جي نالي سان شايع ٿيل آهي. جيڪو سنڌ جي ناليواري وڏي شاعر نياز همايوني ترجمو ڪيو آهي. نياز همايوني عربي ۽ فارسي ٻولين تي به مهارت رکندو هو. هن لطيف سائين جي شاعريءَ جو ڪجهه حصو عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. سندس فارسيءَ مان ترجمو ڪيل ڪتاب “ تاريخي مظهر شاهجهاني سنڌين طرفان ڌارين قوتن خلاف مزاحمت ظاهر ڪري ٿو.
مٿي ذڪر ڪيل مختلف صوفياڻي مسلڪن/طريقن جي اڳواڻن جي تعليمات مان ڪجهه اقتباس هيٺ ڏجن ٿا.

1- سهر ورديه: شهاب الدين سهروردي

“هڪ صوفيءَ دور انديشيءَ سان اهو ڄاتو ته شهر تي جلد ئي دشمن حملو ڪرڻ وارو آهي. هن پنهنجي پاڙيسريءَ سان اها ڳالهه اظهاري، جنهن محسوس ڪيو ته هو سچو آهي پر سادو ماڻهو لڳي ٿو. انهيءَ ڪري هن کي صلاح ڏنائين ته تون برحق سچو آهين ۽ وڃي اها حقيقت بادشاهه کي ٻڌائي پر جيڪڏهن چاهين ٿو ته بادشاهه تنهنجي ڳالهه تي اعتبار ڪري ته هنکي اهو نه ٻڌائج ته توکي قدرتي پروڙ پئي آهي پر بادشاهه کي اهو ٻڌائج ته ستارن جي علم مان اهو معلوم ٿيو آهي. پوءِ بادشاهه اعتبار ڪندو ۽ شهر تباهيءَ کان بچي ويندو. صوفي انهيءَ نموني بادشاهه کي آگاهه ڪيو ۽ اڳواٽ بندوبست ڪرڻ ڪري شهر واسي ايندڙ قهر کان بچي ويا.” مطلب ته سچي ڳالهه به ڍنگائتي نموني ڪجي ته بهتر.
پاڻئي پاڻ کي صحيح ثابت ڪرڻ اصل ڏوهه کان به بدتر آهي
آئون هتي انهي ڪري آهيان ته ماڻهن کي اعليٰ قسم جي ڄاڻ ڏيان نه ڪه اهو ڪجهه ٻڌايان جيڪو اُهي ڄائي ڄم کان ڄاڻڻ جا دعويدار آهن.
سهروردي يوناني ۽ ايراني فلسفي جو وڏو ڄاڻو هو ۽ سندس ڪتاب “حڪمت الاشراق” انهن فلسفن تي تنقيدي خيال آرائي ڪري هڪ نئين واٽ ٺاهي ٿو جيڪا نورِ ازل جي نشاندهي ڪري ٿي ڇاڪاڻ ته هن جي خيال مطابق تاريڪي/ اونداهي جو احساس به نور سان ٿئي ٿو ۽ نور ئي اها قوت آهي جنهن سان هر شئي روشن ٿئي ٿي.

2- قادريه شيخ عبدالقادر جيلاني

هڪ صوفي استاد، پنهنجي هڪ شاگرد سان گڏ رستي تي وڃي رهيو هو ته هن تي هڪ غضبناڪ ڪُتي حملو ڪري ڏنو شاگرد ڪاوڙ ۾ اچي چوڻ لڳو: “ منهنجي آقا تي حملي ڪرڻ جي توکي همت ڪيئن ٿي؟” “ هو (يعني ڪُتو) توکان پنهنجي عمل ۾ وڌيڪ مستقل مزاج آهي،” درويش چيو، “ ڇاڪاڻ ته اهو هميشه هر ڪنهن تي ڀؤنڪندو آهي جڏهن ته تون فقط مون کي پنهنجو آقا سمجهين ٿو ۽ انهي ڳالهه کان بي حس ۽ بي خبر آهين ته هن سفر دوران تو ڪيترن ئي اعليٰ انسانن کي نظر انداز ڪري ڇڏيو.”
عبدالقادر جيلاني جي گهر جي دروازي وٽ هڪ ڏينهن هڪ ڪونڊيءَ ۾ گُل ٽڙيل ڏٺو ويو. ان جي پاسي ۾ هڪ تختيءَ تي لکيل هئو، “اُن جو واس وٺي ٻڌايو ته اِهو ڇا آهي” گهر ۾ ايندڙ هر ماڻهوءَ کي ڪاغذ ڏنو ويو ته اُن تي پنهنجو جواب لکي رکيل دٻي ۾ وجهي ڇڏين.
شام جي وقت شيخ عبدالقادر جوابن وارو دٻو پنهنجي مريد کي ڏنو. هن چيو “جنهن به جواب ۾ لکيو آهي .گلاب” سو ترسايو وڃي جيڪڏهن هو ڪجهه علم حاصل ڪرڻ چاهي ٿو پر جنهن ڪجهه به ڪو نه لکيو آهي يا “ گلاب” کانسواءِ ٻيو ڪجهه لکيو آهي انهن کي واپس وڃڻ ڏنو وڃي.
ڪنهن شخص شيخ صاحب کان پڇيو: “ڇا مريديءَ لاءِ ڪنهن جي پرک واسطي اهڙو سطحي طريقو ضروري آهي؟
شيخ صاحب جواب ڏنو ته “مون کي جوابن جي ڄاڻ آهي پر آئون مظاهرو ٻين کي اهو سيکارڻ لاءِ ڪري رهيو آهيان ته سطحي اظهار اندر جي ڪردار جي علامت جو اظهار هوندو آهي.”
انهيءَ جو در حقيقت مطلب هيءُ آهي ته بظاهر نظر ايندڙ جو اندر جي سچائي سان تعلق هئڻ ضروري آهي. توهان جهڙا ٻاهر ڏيکاءُ ڏيو ٿا اندر ۾ به اهڙا هئڻ گهرجو. يعني اندر ۽ ٻاهر هڪجهڙو هئڻ گهرجي.

3- چشتيه : ابو اسحاق چشتي

هڪ ماڻهوءَ هڪڙي ڀيري اُٺ کي چيو ته تون مٿاهين ڏي چڙهڻ چاهيندي يا هيٺاهين ڏانهن وڃڻ.
اُٺ وراڻيو، “منهنجي لاءِ مٿاهين يا هيٺانهين ڪا اهميت ڀري شئي نه آهي. ڳالهه آهي بار ڍوئڻ جي.”
هن مثال کي پڙهندي مون کي ذهن ۾ اها ڳالهه آئي ته ڪنهن شخص گاهه کان پڇيو توکي ڳئون کپي يا گڏهه ته گاهه وراڻيو منهنجي لاءِ ٻئي هڪجهڙا آهن ڇو جو ٻئي مون کي چرندا. فارسيءَ ۾ چوڻي آهي ته: “ گاءِ رفت خر آمد، مرا اين چه سود” يعني ڳئون ويئي گڏهه آيو، مون کي ڪهڙو فائدو.”
خواجه معين الدين چشتيءَ کان ڪنهن سوال ڪيو ته “ولي” ڪير آهي؟ هن بنهه مختصر جواب ڏنو. “ولي” اهو آهي جيڪو نه طمع ڪري، نه جمع ڪري ۽ نه منع ڪري.
هو ڄاڻن ٿا ته اسان سنگيت ٻڌون ٿا ۽ انهيءَ ذريعي ڪي اسرار پرکيون ٿا.
انهيءَ ڪري ڳائيندي سماع دوران مختلف ڪيفيتن مان گذرون ٿا.
توهان کي اها سڌ هئڻ گهرجي ته ڪنهن ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪِن گهرجن جو پورائو ضروري آهي. سماع اوليائن لاءِ معراج جي حيثيت رکي ٿو.

نقشبنديه: خواجه بهاءُ الدين نقشبندي (وفات 1389ع)

بهاءُ الدين پنهنجي پوئلڳن سان گڏ ويٺو هو ته انهيءَ دوران ڪجهه ٻيا پوئلڳ اندر هال ۾ آيا. شيخ صاحب انهن کان هڪ هڪ ڪري پڇيو ته اُهي اُتي ڪيئن آيا آهن.
پهرئين چيو: “ توهان هن پرٿويءَ تي تمام عظيم آهيو،”

شيخ صاحب چيو: “مون هن کي بيماريءَ دوران علاج لاءِ شربت پيئڻ لاءِ ڏنو. انهي ڪري هو مون کي عظيم سمجهي ٿو.”
ٻي چيو: “توهان سان ملاقات بعد منهنجي روحانيت جاڳي پئي.”

شيخ چيو: “هو شڪ ۾ مبتلا ۽ بيمار هئو ۽ سندس صدا ٻڌڻ وارو ڪير به نه هئو، آئون هن وٽ ويٺس ۽ هن جي روحاني طاقت جاڳي پئي.”
ٽئين ماڻهو چيو: “توهان مون کي سمجهو ٿا، ۽ آئون فقط اِهو عرض ڪندس ته پنهنجي روح جي تازگيءَ لاءِ توهان پنهنجي گفتگو مون کي ٻڌڻ لاءِ هتي ويهڻ جي اجازت ڏيو.”

شيخ چيو: “هو توجهه جو طلبگار آهي ۽ چاهي ٿو ته کيس ٻڌو وڃي چاهي اها ڳالهه تنقيدي ڇو نه هجي.” “اها هن جي روح جي تازگي ۽ تسڪين آهي.”
چوٿين شخص چيو: “ آئون هڪ رهبر کان ٻي ڏانهن ويس ۽ ڏسيل رياضتون به ڪيم پر توهان جي ڏسيل وظيفي سان ئي اندر روشن ٿيو ۽ توهان کي پائي سگهيس.

شيخ چيو: “مون هن کي جيڪا رياضت ڏسي هئي سا هڪ جڙتو قسم جي هئي جنهن جو هن جي روحاني زندگيءَ سان ڪو به تعلق نه هئو. مون کي هن جي روحانيت جي وهم کي پڌرو ڪري هن جي اصليت تائين پهچ حاصل ڪرڻي هئي جيڪا جذباتيت نه پر اصل روحانيت هئي.