تصوف هڪ تحريڪ
تصوف جا عناصر عيسائيت ۾ به ملن ٿا ته هندو ڌرم ۾ به عيسائيت ۾ ان کي Mysticism ۽ هندو ڌرم ۾ ان کي ويدانيت چئجي ٿو. اسلام يا مسلمانن ۾ انهيءَ کي تصوف جو نالو ڏنو ويو آهي. لفظ تصوف جي معنيٰ جي سلسلي ۾ مختلف رايا آهن. هڪڙي رائي اها آهي ته هيءُ لفظ “ صوف” مان نڪتل آهي. صوف هڪ خاص قسم جو ڪپڙو آهي جيڪو ان يا پشم مان ٺهيل هوندو آهي. هن ڪپڙي مان ٺهيل جُبي نما ڪپڙا عيسائي راهب پهريندا هئا ۽ انهن کي ڏسي مسلمان صوفي به اهڙا ڪپڙا پهرڻ لڳا. انهيءَ ڪري کين صوفي ۽ سندن مسلڪ کي تصوف سڏيو ويو. ٻيو خيال هيءُ آهي ته لفظ تصوف “ صفا” مان نڪتل آهي جنهن جو مفهوم آهي اندر يا من جي صفائي يا پاڪيزگي جيئن لطيف سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ چيو آهي.
صوفيءَ صاف ڪيو، ڌوئي ورق وجود جو،
تِهان پوءِ ٿئو، جيئري پسڻ پرينءَ جو.
--
صوفي لاڪوفي، ڪو نه ڀائنس ڪير،
منجهان ئي منجهه وڙهي پڌر ناهيس پير،
جنين ساڻس وير، ٿئي تنين جو واهرو.
(سر يمن ڪلياڻ)
مسلمانن ۾ مفڪرن ۽ عالمن جو هڪ گروهه اخوان الصفا جي نالي سان مشهور آهي. انهن جي مشرق ۾ اها حيثيت هئي جيڪا مغرب ۾ فرانس جي قاموسي دانشورن encyclopacdist جي هئي پر اخوان الصفاءَ جو تصوف واري قطار م شمار نٿو ٿئي.
تصوف لفظ بابت ٽيون خيال اهو آهي ته هن لفظ جو بڻ بنياد يوناني لفظ صوفيا (Sophia) آهي جنهن جي معنيٰ آهي ڄاڻ يا ڏاهپ، هن لفظ مان ئي ٻيو لفظ فلاسافي (Philosophy) ٺهيل آهي جنهن جي معنيٰ آهي ڏاهپ سان پيار Love for wisdom مٿي ذڪر ڪيل ٽنهي معنئان مان ٻيو نمبر معنيٰ وڌيڪ حقيقت جي قريب لڳي ٿي. هونئن ته ڪن محققن جي خيال مطابق تصوف جو ڇيڙو حضرت علي رضي الله تعاليٰ عنه سان وڃي ملي ٿو پر صوفياءِ ڪرام ۽ اسڪالر ان جي باقاعده ابتداءَ محي الدين ابن عربي کان ڪن ٿا. نصوف جا ٻه مکيه مڪاتيب فڪر آهن. (1) وحدت الوجودي جنهن جي نمائندگي ابن عربي ڪري ٿو ۽ (2) وحدت الشهودي جن جي نمائندگي مجدد الف ثاني ڪري ٿو. پهرئين نقطه نظر طابق هيءَ پوري پر ڪرتي يعني ڪائنات هڪ ايڪو آهي جنهن ۾ بظاهر نظر ايندڙ ڪثرت جو اصل ۽ جوهر وحدت ئي آهي. جيئن لطيف سائين چيو.
وحدت تان ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪل،
حق حقيقي هيڪڙو، وائي ٻي مَ ٻل،
هو هلاچو هل، بالله سنڌو سڄڻين.
جڏهن ته ٻي نقطه نظر مطابق خالق ۽ مخلوق ٻه الڳ الڳ وجود آهن. مخلوق فاني ۽ خالق لافاني آهي. مخلوق محدود ۽ خالق لامحدود آهي پر وحدت الوجودي صوفي همه اوست (يعني سڀ ڪجهه هو آهي) جا قائل آهن ته “وحدت الشهودي صوفي ۽ همه از او است” (يعني سڀ ڪجهه هن وٽان آهي) جا قائل آهن. لطيف سائين وحدت الوجودي صوفي هئڻ ڪري چوي ٿو:
عاشق چؤ مَ اُنَ کي، مَ ڪِي چؤ معشوق،
خالق چؤ مَ خامَ تُون، مَ ڪِي چئو مخلوق،
سَلج تَنهن سُلوڪ، جو ناقِصئا نِڱيو.
يا
پڙاڏو سو سَڏ، وَر وائيءَ جو جي لهين،
هُئا اڳهين گڏ، ٻُڌڻ ۾ ٻه ٿيا.
هن نقطه نظر مطابق سڄي انسان ذات مذهبي، ڌرمي، نسلي، خانداني، لساني، قبيلائي ۽ قومي فرق بنان هڪ وحدت آهي ۽ اهڙي طرح ڪائنات جو هر ذرو هڪ اڪائي ۾ سمايل آهي. انهيءَ ڪري تصوف عالمگير محبت ۽ ڀائپي جو پيغام ڏيئي دوئي/دوغلاپڻ کي ڌوئي ڇڏڻ جي تلقين ڪري ٿو. هيءُ هڪ اهڙي فڪري تحريڪ آهي جيڪا انسان ۾ رضاڪاراڻي نموني جيئڻ جو شعور بيدار ڪري ٿي ۽ جڏهن انسان ۾ اهڙي شعوري پختگي پيدا ٿي ويندي ته پوءِ ڪير به ڪنهن جو استحصال نه ڪندو، ڪير به جارح نه رهندو، ڪير به امن عالم جو دشمن نه بڻبو. هيءُ اها منزل هوندي جتي ڪير به ڪنهن ٻي ماڻهوءَ جو ويري نه بڻبو. لطيف سائين چواڻي:
پائي ڪان ڪمان ۾، ميان مارمَ مون،
مون ۾ آهين تون، متان تنهنجو ئي توکي لڳي
تصوف جي جديد دور جي تقاضائن مطابق جيڪڏهن تشريح کي سمجهڻو آهي ته علامه آءِ آءِ قاضي ۽ سائين جي ايم سيد جي ڪتابن جو اڀياس پڙهندڙن لاءِ ڪارائتو ثابت ٿي سگهي ٿو. تصوف بلاشبه هڪ خاموش پر ڀرپور تحريڪ آهي جنهن جي وسيلي بنا ڪنهن جبر جي هڪ اهڙو سماج اڏي سگهجي ٿو جنهن جو خواب ۽ تصور افلاطون کان وٺي ڪارل مارڪس ڪنهن نه ڪنهن انداز ۾ پيش ڪيو آهي. اهو سماج هڪ ڪٽنب جي توسيع ٿيل شڪل ۾ جلوه گر ٿيندو ۽ وليم ورڊس ورٿ کي جنهن وڃايل جنت (فردوس گم گشته Resides lust جي تلاش رهي سا ڌرتيءَ تي ملي ويندي.
تصوف کي صحيح زاويه کان پرکڻ ۽ سمجهڻ لاءِ علامه آءِ آءِ قاضي جا ڪتاب “صوفي لاڪوفي،” ،“ شاهه عبداللطيف ڀٽائي” ۽ سائين جي. ايم. سيد ڏانهن لکيل خطن جو مجموعو “ساهڙ جا سينگار” پڙهي سگهجن ٿا ۽ سائين جي. ايم سيد جا ڪتاب “خطبات سيد”، “جيئن ڏٺو آهي مون، “سنڌيءَ جي ساڃاهه ” پڙهڻ ۽ پروڙڻ جهڙا آهن.
سنڌ ۽ هند ۾ تصوف ۽ ويدانت جا عنصر پاڻ ۾ اهڙا رلي ملي ويا آهن جو انهن کي هڪ ٻئي کان ڌار نٿو ڪري سگهجي. ڀڳت ڪبير هجي يا شاهه باهو، خواجه معين الدين چشتي هجي يا ميران ٻائي، لطيف ۽ سچل هجن يا سامي، سڀ هڪڙي ئي پنڌ جا پانڌيئڙا آهن ۽ سڀني وٽ سڄي انسان ذات هڪ جسم وانگيان آهي، جنهن جي هڪ عضوي کي پهتل اهنج سڄو جسم محسوس ڪري ٿو. تصوف جي تحريڪ در حقيقت ملائيت خلاف مزاحمت جي هڪ تحريڪ آهي جيڪا انسان کي تنگ نظري ۽ تنگ دلي کان دور ڪري ان ۾ سهپ ۽ ساڃاهه سان گڏ باهمي احترام، آدميت جي عظمت، سڄي عالم جي امن ۽ آسودگي واسطي ذهنن جي صفائي ۽ آبياري جي تحريڪ آهي. هن تحريڪ جو مقصد ۽ منشور فقط روحاني رازن کي پروڙڻ، خانقائن کي آباد ڪرڻ، عبادتن ۽ رياضتن ۾ وقت کپائڻ نه آهي. هن تحريڪ جو مقصد جاهليت ۽ جبر جو خاتمو ۽ انسان کي حقيقي معنيٰ ۾ انسان بڻائڻ آهي ۽ هر قسم جي انتها پسندي، دهشتگردي ۽ نفرتن کي نابود ڪرڻ آهي.