ابن عربي ۽ وحدت الوجود
هن ڪائنات يا پرڪرتي جي نه ڪا ابتدا آهي ۽ نه ڪا انتها. هيءُ مانڊاڻ جيڪو منڊيو پيو آهي سو عرف عام (عام چوڻي مطابق) ۾ مٽجي به وڃي ته به ڪنهن نه ڪنهن ٻي صورت ۾ قائم رهڻو آهي. وڻ جنهن شڪل۾ موجود ڏسڻ ۾ اچي ٿو سو وڻ جي صورت ۾ ائين جو ائين نه هئو پر اهو ٻج جي شڪل م هئو جيڪو وڌي وڻ ٿيو آهي. ان مان ڪرندڙ ڦل ۽ ٻج ٻين ڪيترن ئي پاڻ جهڙن وڻن کي جنم ڏيئي آخرڪار سُڪي وڃي ٿو پر حيات جو تسلسل باقي رهي ٿو. جيڪڏهين سُڪل وڻ کي وڍي ساڙي ڇڏجي ته اهو بظاهر لاموجود سمجهيو ويندو پر حقيقت ۾ اُن جا ذرڙا Atoms ڪوئلي ۽ ڦلهيار جي صورت اختيار ڪري وٺندا ۽ انهيءَ ڦلهيار کي پاڻيءَ ۾ ڦِٽو ڪيو وڃبو ته اُهي پاڻيءَ جو حصو بڻجي باقي رهندا. پاڻي، جيڪڏهن ٻاڦ جي صورت اختيار ڪندو ته اهو گئسن جو حصو بڻجي ويندو ۽ جيڪڏهن گهڻي ٿڌ لڳندي ته برف جي صورت ۾ يا وري پاڻيءَ جي صورت ۾ وري ڌرتيءَ تي ايندو. اهو هڪ اڻ کٽ چڪر آهي جيڪو باقي رهي ٿو ۽ عدم (لاموجود) محض هڪ خيال يا وهم ۽ قياس آهي. سائنس جي دنيا مسلسل تجربن ۽ تحقيق تي مدار رکي ٿي، انهيءَ ڪري ماضيءَ جا ڪيترائي مفروضا رد ڪندي اڳيان وڌندي رهي ٿي. مثال طور ڪنهن دور ۾ اِهو سمجهيو ويندو هو ته هِن ڪائنات ۾ ٻه الڳ الڳ وجودَ رکندڙ قوتون ڪار فرما آهن. جن مان هڪ آهي مادو Matter ۽ ٻيو آهي توانائي Energy پر آئن اسٽائن ۽ اُن جي پيروڪارن تجربن جي بنياد تي اِهو ثابت ڪيو ته اِهو ڏيک اضافي Relative آهي، حقيقت ۾ اهي ٻه قوتون نه پر هڪ آهن ڇاڪاڻ ته جوهر ۾ هڪ هئڻ سبب مادو توانائي ۾ ۽ توانائي مادي ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن انهن جي جَڙ يا جوهر ساڳيو نه هجي ها ته اُهي هڪ ٻئي ۾ تبديل نه ٿي سگهن ها.
ويهين صديءَ ۾ طبيعات جي وڏي سائنسدان ڊاڪٽر عبدالسلام تجربي جي بنياد تي انهيءَ نقطه نظر کي ثابت ڪري ڏيکاريو جنهن ڪم تي کيس طبيعات (فزڪس) جو نوبل پرائز نصيب ٿيو. انهيءَ ڪري هاڻي اِهو مسئلو مزيد بحث هيٺ اچڻ بند ٿي ويو آهي ته مادو ۽ توانائي الڳ الڳ وجود رکندڙ اڪايون آهن. اسان وٽ ڌرمي ۽ مذهبي حلقن ۾ اِهو لا حاصل بحث هلندڙ آهي ته جسم (مادو) ۽ روح (توانائي) الڳ الڳ اِڪايون آهن. اهو بحث انهيءَ ڪري قائم آهي ته اسان جا پنڊت ۽ مُلان انهيءَ کان اڳيان سوچ ويچار لاءِ تيار نه آهن. اهو ئي سبب آهي جو نه اُهي طبعي سائنس کي قبولين ٿا ۽ نه ئي تصوف جي فلسفه وحدت الوجود کي ڳوڙهيءَ طرح سمجهڻ لاءِ تيار آهن. انهن مُلن ۽ پنڊتن جو سڄو زور شريعت ۽ ڌرمي عقيدن جي مڃتا تي آهي جڏهن ته ڀڳتي تحريڪ سان سلهاڙيل ساڌوئن ۽ سامين جو دڳ نرالو آهي ۽ صوفي بزرگ طريقت جا قائل آهن جنهن جو تصور عام مُلائن ۽ مفتين وٽ نه آهي. صوفي بزرگ ته بادشاهن جي رعب تاب کان به مرعوب نه ٿيندا آهن ۽ مُلان مفتي درٻارن جا وظيفه خوار هئڻ ڪري بادشاهي احڪامن کي شريعت جي نالي تي جائز ۽ عين اسلامي قرار ڏيڻ جون فتوائون جاري ڪندا آهن. انهيءَ ڪري مولانا ابو الڪلام آزاد پنهنجي مضمون “سرمد شهيد” ۾ لکيو آهي ته: “ايشيا ۾ پالٽڪس هميشه مذهبي لباس ۾ رهندي آئي آهي ۽ ملان و مفتي جو قلم ۽ جلاد جي تلوار گڏوگڏ هلندا رهيا آهن.” (ڪتاب ارمغان آزاد)
ابن عربي کي تصوف ۾ وحدت الوجود جو وڏو مبلغ ۽ ترجمان ليکيو ويو آهي. هڪ اسڪالر سيد حسين نصر پنهنجي ڪتاب “ تين مسلمان فيلسوف، بو علي سينا، ابن عربي، سهرورديءَ ۾ ابن عربي جي حيات، صوفياءَ ڪرام، تخليقات، وحدت وجود متعلق تفصيلي احوال قلمبند ڪيو آهي. هيءُ ڪتاب اردوءَ ۾ پروفيسر محمد مُنور ترجمو ڪيو آهي ۽ “ اداره ثقافت اسلاميه لاهور پهريون ڀيرو سال 1972ع ۽ ٻيو ڇاپو سال 1987ع ۾ پڌرو ڪيو آهي هن جي حياتيءَ بابت ليکڪ لکي ٿو. ابن عربي جو پورو نالو ابوبڪر محمد بن العربي الحاتمي الطائي آهي. هي ڏکڻ اسپين جي شهر مرسيه ۾ سال 560هجري (1165ع ڌاري هڪ خالص عربي خاندان ۾ پيد اٿيو جنهن جو تعلق قبيلي بنوطي سان هو پر عرب دنيا ۾ هي عام طرح ابن عربي جي نالي سان مشهور ٿيو. بعد جي ماڻهن کيس الشيخ الاڪبر جو خطاب ڏنو. هن جو لقب محي الدين هئو. ٻين مڙني اوليائن ۽ صوفين جيئن هن جي زندگي جو احوال به هڪ نرالو شاهڪار آهي. هڪ اهڙي زندگي جيڪا ذڪر، فڪر ۽ ٻين صوفين سان ملاقاتن تائين محدود رهي جنهن دوران هن عجب اسرار پَسيا.
“زندگيءَ جا شروعاتي ڏينهن هن پنهنجي ڳوٺ مرسيه ۾ گذاريا ۽ پوءِ اشبيليه جو رُخ ڪيو جتي هن جي وڌيڪ نشو نما ٿي. هن جو تعلق هڪ سُکئي ستابي گهراڻي سان هئو. زندگيءَ جي شروعاتي مرحلي ۾ هن جي ملاقات ٻن درويش عورتن سان ٿي جن مان هڪڙي مرسيه جي ياسمين ۽ ٻي قرطبه جي فاطمه هئي. انهن ٻنهي هنجي زندگيءَ جي رُخ بدلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. انهن مان خاص طرح اها ڳالهه فاطمه سان لاڳو ٿئي ٿي جيڪا عمر ۾ وڏي هئي. هن اندلس جي مختلف شهرن جو سير ڪندي ڪيترن ئي درويش صفت مردن ۽ عورتن سان گڏجاڻيون ڪيون ۽ سندن صحبت مان علم و حڪمت جو فيض پاتو. (تين مسلمان فيلسوف صفحه 129-130)
“سڀ کان آخر ۾ (1223ع) ابن عربي دمشق ۾ رهڻ جو فيصلو ڪيو. ان کان اڳ سفر دوران هن مشرق جو سفر ڪندي مڪي جي زيارت به ڪئي جتي هن پنهنجو مشهور ڪتاب “ الفتوحات المڪيه” لکي پورو ڪيو. هتي هن جي ملاقات اصفهان (ايران) مان آيل هڪ صوفي خاندان جي دوشيزه سان ملاقات ٿي جيڪا وڏي پارسا به هئي ته حُسن جو مجسمو به اها سهڻي صورت هن لاءِ جاوداني حڪمت جو مثال بڻجي ويئي ۽ هن جي زندگيءَ تي اهڙو چِٽ چِٽيائين جهڙو دانتي جي زندگي تي Beatrice ڇڏيو هئو. (دانتي رومي ٻوليءَ جو مشهور شاعر ٿي گذريو آهي جنهن جو ڪلاسڪ ڪتاب divine comedy يعني طربيه خداوندي مشهور آهي ۽ ان ڪتاب جي هڪڙي حصي جو عنوان “جنت جو سير” ۽ ٻي حصي جو “جهنم جو سير” آهي. (رنگريز) ايضاً/ ساڳيو اڳيان ڄاڻايل ڪتاب صفحه 134)
“انهيءَ عرصي دوران ابن عربي جو ڪِن فقه جي صاحبن/عالمن سان ٽڪراءُ ٿي پيو ۽ قاهره (مصر)۾ هن کي مارڻ جون ڌمڪيون به ڏنيون ويون جنهن ڪري هُن مڪي ۾ وڃي پناهه ورتي ۽ پوءِ اناطوليه جو رُخ ڪيو ۽ قونيه شهر (ترڪي) ۾ رهائش پذير ٿيو جتي هن جي ملاقات صدر الدين قونوي سان ٿي جيڪو هُن جو مشهور شاگرد هئو ۽ اڳتي هلي ابن عربي جي ڪتابن جو وڏو شارح (وضاحت ڪندڙ) بنجي ويو.”
(اناطوليه ترڪي جو پراڻو نالو آهي ۽ قونيه اهو شهر آهي جتي مشهور صوفي عالم ۽ بزرگ مولانا جلال الدين رومي جي درگاهه آهي جتي هن جي پوئلڳن جو “رقص” درويشان مشهور آهي ۽ مولانا رومي جو مرشد شمس تبريزي آهي جنهن تي مون اڳ ۾ هڪ الڳ ليک لکيو آهي. رنگريز) (صفحه 134-135)
ابن عربي هڪ عالم ۽ دانشور هئڻ ناتي هيٺيان ڪتاب لکيا آهن جن تصوف جي پنڌ تي هلندڙ پانڌيئڙن جي هميشه رهبري ڪئي آهي. سندس تصنيفن ۾ هيٺيان ڪتابَ شامل آهن. (1) فتوحات (2) خصوص الحڪم (3) انشا الدوائر (4) عقلته المستوفز (5) تدبيرات الاهيه. انهن ڪتابن کان علاوه ننڍا وڏا رسالا ۽ ڪتاب ۽ قلمي نسخا مغرب جي لائبررين ۾ محفوظ آهن. انهن ڪتابن ۾ فلسفي، علم حڪمت، ڪيميا، نفسيات، روحانيت، طبيعات، شاعري وغيره جهڙن موضوعن تي بحث ڪيو ويو آهي.
وحدتِ وجود
هيءُ موضوع ڪافي دقيق ۽ مشڪل سان سمجهه ۾ ايندڙ آهي. انهي ڪري ابن عربي ان کي بحث هيٺ آڻيندي نهايت نفاست ۽ احتياط کان ڪم ورتو آهي. ڪِن صوفياءَ ڪرام ته رمز ۾ رهي حقيقت جو اظهار ڪيو آهي ته ڪِن ڀير تي ڏونڪو هڻي اناالحق جو نعرو هنيو آهي جنهن تي منصور حلاج جي همعصر صوفين به فقط اِهو اعتراض واريو ته منصور کي اها ڳالهه پڌري ڪري نه چوڻ گهربي هئي پر انهن مان ڪنهن به اهو نه چيو ته منصور غلط هيو. صوفين جي نزديڪ حقيقت الاهي جي ڄاڻ پردي هيٺ رکڻي آهي. اهو ئي سبب آهي جو سعدي شيرازي چيو ته:
آن را که خبر شِد، خبرش باز نيا مد
(ترجمو: جنهن کي خبر پيئي تنهن وٽان ڪا به خبر نه ملي).
وحدت وجود جي تصور جو حاصل مطلب هيءُ آهي ته هيءُ پوري پرڪرتي/ ڪائنات هڪ ئي وجود يا اڪائي آهي ۽ اُن ۾ ڀانت ڀانت جا رنگ رُوپ اُن جا اڻ ڳڻيا اولڙا آهن.
“لهرن لک لباس، پاڻيءَ پسڻ هيڪڙو.”
وحدت وجود جي تصديق ته ماڊرن فزڪس به ڪري چڪي آهي جيڪو بحث اسان شروعاتي سٽن ۾ ڪري آيا آهيون. مختلف صوفياءِ ڪرام هن نقطه نظر جو اظهار ڪٿي چٽو ته ڪٿي علامتي انداز ۾ ڪيو آهي. جيئن سچل سرمست ڀير تي ڏونڪو هڻي چيو هو.
“سچو سوئي سبحان، عالم ليکي آدمي”
يا “رنگي رنگ بنايا، الله آدمي بن آيا.” پر لطيف سائين ساڳئي ڳالهه کي رمزيه لطيف انداز ۾ پيش ڪيو آهي.
پيهي جا پاڻ ۾، ڪيم روح رهاڻ،
نڪو ڏونگر ڏيهه م، نڪا ڪيچين ڪاڻ،
پنهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سُورَ هئا.
سيد حسين نصر وحدت وجود جي سلسلي ۾ ابن عربي جي خيال جي محتاط تعبير هن لفظن ۾ ڪري ٿو.
“ظاهر ۽ باطن، اول ۽ آخر، حق ۽ خلقت، عاشق ۽ معشوق، عاقل ۽ معقول سڀ ظاهري تضاد آهن.جيڪي ذاتِ الاهي ۾ سمائجي حل ٿي وڃن ٿا، ذاتِ الاهي انهن سڀني ٽڪرائن کي شامل ۽ گهيري ۾ رکندڙ آهي پر پاڻ ئي پاڻ کي انهن ۾ حل ڪرڻ کانسواءِ.” (صفحو: 149)
سيد حسين نصر نهايت احتياط کان ڪم ورتو آهي ته جيئن هُن جي تحرير شرعي گرفت ۽ پڪڙ کان بچيل رهي نه ته اصل حققيقت اهائي آهي جيڪا مٿي بيان ڪئي ويئي آهي ته ڪائنات ۾ اڪائي آهي نه ڪه ٻيائي يا ثنويت وحدت وجود جي هڪ ٻي مبلغ شيخ فريد الدين عطار به اُن جو اظهار علامتي انداز ۾ ڪيو آهي جيڪو سندس ڪتاب “منطق الطير” ۾ بيان ٿيل آهي جنهن جو سنڌي ترجمو “پکين جي پارليامينٽ” جي عنوان سان شايع ٿيل آهي. ڪُل ڪائنات هڪ وجود آهي ۽ پوري انسان ذات هڪ عالمگير برادري آهي ۽ امنِ عالم اُن جو پيغام آهي.