مثنوي مولانا رومي
هن ڪتاب جي صفحه نمبر 303 تي مرزا صاحب فصل ٽيون جي سري هيٺ نظم جو بيان ڪندي اُن جا ڏهه قسم لکيا آهن. (1) قصيدو (2) غزل (3) تشبيب (4) مثنوي (5) رباعي (6) قطعو (7) فرد (8) ترجيح بند (9) مسط (10) مستزاد. فاضل ليکڪ نه رڳو انهن جي گهاڙيٽن جي اپٽار ڪئي آهي پر انهن جا شعرَ به مثال طور ڏنا آهن. ازانسواءِ علم عروض جي مختلف بحرن وزنن جو بيان به ڪيو آهي. ان کان اڳ جو آئون مثنوي جي گهاڙيٽي تي اچان ضروري ٿو سمجهان ته رباعي ۽ قطعي جي فرق کي واضح ڪري ڇڏيان جو اڪثر نوان شاعر به انهيءَ فرق کان ناآشنا آهن. جيتوڻيڪ انهن ٻنهي صنفن م چار مصراعون/سٽون ٿينديون آهن پر هڪ فرق موجود هوندو آهي جنهن جي بنياد تي رباعي قطعي کان مختلف هوندي آهي. قطعي جي معنيٰ آهي ٽُڪرو ۽ رباعي جي معنيٰ آهي چئو سٽو ۽ اهو لفظ ربع مان نڪتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي چار. قطعي ۾ چار يا چئن مصراعن کان مٿي مصراعون به هونديون آهن. ڪِن قطعن جي پهرين ٻن مصراعن ۾ قافيا هوندا آهن ته ڪِن ۾ پهرين مصر ۾ قافيو نه هوندو آهي پر ٻي مصرع ۾ هوندو آهي ۽ ٽين مصراع ۾ نه هوندو آهي ته چوٿين ۾ هوندو آهي. قطع جو ڪو به مخصوص وزن نه هوندو آهي. رباعي جي پهرين ۽ ٻي مصراعن ۾ قافيو هوندو آهي ۽ ٽئين ۾ نه هوندو آهي پر چوٿين ۾ هوندو آهي ۽ هن جو وزن به مخصوص هوندو آهي جيڪو هيءُ آهي “ مفعول مفاعيل مفاعيل فعل” فارسي زبان ۾ عمر خيام جون رباعيون مشهور آهن.
مثنوي لفظ “ تثنيه” مان نڪتل آهي يعني جوڙو يا ٻه مثنوي ٻن مصراعن تي مشتمل بند هوندو آهي ۽ انهن ٻن مصراعن ۾ هم آواز قافيا هوندا آهن پر اهو ضروري نه آهي ته ٻين بندن ۾ به مٿيان ساڳيا قافيا هجن. مثنوي نظم جو اُهو قسم آهي جيڪو طويل هوندو آهي ۽ ڪِن حڪايتن، عشقيه داستانن، صوفياڻي خيالن وغيره کي بيان ڪندو آهي پر اهي سڀ بند ساڳئي وزن ۾ هوندا آهن. فارسي زبان ۾ مولانا جلا الدين رومي جي مثنوي ٻين سڀني مثنوين کان وڌيڪ معتبر ليکي وڃي ٿي ڇاڪاڻ ته ان ۾ رواني سان گڏوگڏ اعليٰ خيالن جو به اظهار ٿيل آهي ۽ صوفياڻي طرز جي بي مثال مثنوي آهي. فارسيءَ ۾ مولانا عبدالرحمان جامي جي “ مثنوي يوسف زليخا” به مشهور آهي جنهن جو ڪجهه حصو سنڌيءَ ۾ به ترجمو ٿيل آهي. علامه اقبال جي فارسيءَ ۾ لکيل مثنوي “ پس چه بايد ڪرد” به سٺي مثنوي ليکي وڃي ٿي. پنجابي زبان ۾ وارث شاهه جي لکيل “ مثنوي هير رانجها” به مشهور آهي ۽ اهڙي طرح سنڌ جي برک شاعر خليفي نبي بخش قاسم جي سرائڪي ۾ لکيل مثنوي “ سسئي پنهون” به هڪ ادبي شهپارو آهي. هيءَ مثنوي ڪافي عرصو اڳ سادي نموني ڇپائي ويئي هئي پر محترم ڊاڪٽر قادر بخش مگسيءَ هن مثنوي جو مستند متن تازو تمام سٺي نموني ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي ۽ اها مثنوي به پڙهڻ وٽان آهي. مرزا قليچ بيگ جي خيال مطابق سعدي شيرازي جو ڪتاب “ بوستان” به مثنوي ۾ شمار ٿئي ٿو جنهن جي ڪجهه حصي جو سنڌيءَ ۾ منظوم ترجمو به ٿيل آهي.
مثنوي مولانا رومي لاءِ چيو ويندو آهي ته “ مثنوي مولوي معنوي، هست قرآن درزبان پهلوي” هن مثنويءَ جو مشرق جي مڙني صوفي شاعرن تي ڳوڙهو رنگ چڙهيل آهي ڇاڪاڻ ته هيءُ ڪتاب علم و حڪمت ۽ معرفت جي ڳالهين سان ٽمٽار آهي. اسان جي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف کي به هن مثنوي سان ايترو قلبي لڳاءُ هئو جو هو اها مثنوي پاڻ سان گڏ رکندو هو ۽ انهيءَ اثر ڪري هن به اها دعويٰ ڪئي ته:
جي تو بيت ڀانيا سي آيتون آهين،
نيو من لائين پريان سندي پار ڏي
مولانا رومي جو نالو محمد ۽ لقب جلال الدين هئو ۽ پاڻ تصوف جي دنيا ۾ مولانا روم جي نالي سان مشهور آهي. سندس خانداني نسب حضرت ابوبڪر صديق سان وڃي ملي ٿو. محمد فقط مولانا جو نالو ئي نه هئو پر سندس والد ۽ ڏاڏي جو نالو به ساڳيو هو. مولانا جي والد جو لقب بهاءُ الدين ۽ وطن بلخ هئو. شيخ بهاءُ الدين پنهنجي علم ۽ بزرگي جي ڪري سڄي خراسان ۾ عام مقبول ۽ مشهور هئو. اهو محمد خوارزم شاهه جو دور هئو جيڪو خود به هن کان متاثر هئو ۽ امام فخر الدين رازي سان گڏ هن وٽ حاضري ڀريندو هو. شيخ صاحب جي وڌندڙ مقبوليت هن کي ۽ امام رازي کي محسوس ڪرايو ته هنن لاءِ خراسان ۾ سازشون ٿي رهيون آهن ته هن سن 610 هجري ۾ خراسان کي الوداع چئي نيشاپور هليو آيو جتي خواجه فريد الدين عطار جي هن سان ملاقات ٿي ۽ مولانا روم ان وقت فقط ڇهن سالن جي ڄمار جو هئو ۽ سندس والد کي هن جي خصوصي خيال رکڻ جو مشورو ڏنائين ۽ پنهنجي مثنويءَ اسرار نامه مولانا کي مطالعي لاءِ ڏنائين. مولانا روم جو والد نيشاپور کان لڏي بغداد آيو اُتي ڪجهه وقت رهڻ بعد لاونده جو رُخ ڪيو ۽ ان وقت مولانا جي عمر 18 سال هئي ته سندس شادي ٿي ويئي ۽ کيس پٽڙو رشيد سلطان ولد پيدا ٿيو. بغداد ۾ رهڻ دوران سندس نالي جي شهرت شاهه روم علاءُ الدين ڪيقباد تائين پهتي ۽ لاونده ۾ رهائش دوران ڪيقباد جي گذارش تي هو اچي قونيه (ترڪي) ۾ رهيو جتي مولانا روم جي والد جي 18 ربيع الثاني 628هجري ۾ وفات ٿي. مولانا روم جو جنم سال 604هجري ۾ بلخ ۾ ٿيو هو ۽ تعليم پنهنجي والد کان حاصل ڪئي هئائين. مولانا روم علمي مدراج طئي ڪري نالو ڪمايو. مولانا پنهنجي وقت جي وڏن اڪابر عالمن کان به فيض حاصل ڪيو ۽ درس و تدريس ۾ مشغول رهيو. سندس زندگيءَ م تڏهن وڏي تبديلي آئي جڏهن شمس تبريز سان سندس ملاقات ٿي ۽ شمس تبريز سندس ڪايا پلٽ ڪري کيس طريقت ۽ معرفت جو گس ڏيکاريو. شمس تبريز تي منهنجو الڳ ليک لکيل ۽ ڇپيل آهي. مولانا روميءَ جي مزار قونيه ترڪي ۾ آهي جتي سندس پوئلڳ سماع به ڪندا آهن ته رقص به انهيءَ کي رقصِ درويشان سڏبو آهي.
مثنوي مولانا رومي جي شروعات هن شعر سان ٿئي ٿي.
بشنو از ني چون حکايت مي ڪنڌ
وز جد ائيهاءِ شکايت مي ڪنڌ
ترجمو: بانسري کان سندس احوال ٻڌو ته اها ڇا چوي، اصل ۾ هو پنهنجي پاڙي کان جدائي جي ڪهڙي شڪايت ڪري ٿي.
لطيف سائين هن شعر کي پنهنجي لفظن ۾ هيئن اظهاريو آهي.
وڍيل ٿي وايون ڪري ۽ ڪُٺل ڪوڪاري
هن پن پنهنجا ساريا ۽ هيءُ هڏن لئه هنجون هاري.
اها اظهار جي يڪسانيت ڪا اتفاقي نه آهي پر لطيف سائين تي مولانا رومي جي ڳوڙهي اثر جو نتيجو آهي.
مثنوي مولانا رومي حڪايتن تي مبني هڪ ضخيم ڪتاب آهي ۽ جيڪي ماڻهو فارسي نٿا سمجهي سگهن سي اردو ترجمي واري مثنوي مطالعو ڪري ان مان فيض حاصل ڪري سگهن ٿا. اها مثنوي ڪل 360 صفحن تي مشتمل آهي جنهن ۾ مهاڳ ۽ آخر ۾ مضمونن جي فهرست به ڏنل آهي. هر شعر جي هيٺان اُن جو ترجمو ڏنل آهي. هن مثنويءَ جا انگريزي کان علاوه دنيا جي ٻين ٻولين ۾ به ترجما شايع ٿيا آهن ۽ غالبا سنڌيءَ ۾ ان جو ترجمو ٿيل آهي پر اهو ترجمو مڪمل آهي يا نه ان جي اسان کي خاطري ڪونهي هن مثنوي جي پهرئين دفتر ۾ هڪ عنوان آهي.
سوال کردن خليفه از ليليٰ و جواب اُو،
خليفي جو ليليٰ کان سوال ۽ ان جو جواب
خليفي ليليٰ کان پڇيو ته تون اهائي آهين،
جنهن جي ڪري مجنون پريشان ۽ ديوانو آهي.
تون ٻين حيسنائن کان سرس ته نه آهين،
هن (يعني ليليٰ، چيو ته چُپ رهو تون مجنون نه آهين.
جيڪڏيهين تو وٽ مجنون واري اک هجي ها،
ته تو لاءِ ٻئي جهانَ قدر ۾ گهٽ هجن ها.
تون هوش ۾ آهين. پر مجنون بي هوش آهي،
عشق جي راهه ۾ بيداري بُري شئي آهي.
علامه اقبال تي به مولانا رومي جو وڏو اثر رهيو آهي ۽ هن مردِ ڪامل جو تصور به رومي کان ورتو آهي ۽ پنهنجي شاعريءَ ۾ هڪ نظم لکيو اٿس، “ پير رومي، مريد هندي” مولانا رومي پنهنجي مرشد شمس تبريزي جو به هن مثنوي ۾ ذڪر ڪيو آهي. مختلف حڪايتن تي مشتمل هيءُ مثنوي علم ۽ حڪمت جو ڀنڊار آهي.