تصوف

تصوف ھڪ تحريڪ

بنيادي طور تي تصوف ڪو مذهب ناهي، پر هر مذهب ۾ موجود هڪ فڪر طور شامل رهيو آهي. يوناني تصوف کان ويندي جديد عهد جي ميٽروپوليٽن ۽ ڪارپوريٽ ڪلچر تائين ڪنھن نہ ڪنھن رنگ ۾ تصوف پنهنجي فڪري رمز سان موجود رهي آهي. هيءَ ڪتاب تصوف جي تاريخي پس منظر، تصوف جي تشريح، عظيم صوفين جي مثالي زندگين ۽ سندن قربانين ۽ ڪارڪردگين ۽ صوفياڻي مسلڪ جي اُپٽار جي نئين ڪوشش آهي ۽ انهن شڪن کي دور ڪرڻ جي بہ ڪاوش آهي.

Title Cover of book تصوف ھڪ تحريڪ

ذره درد دل ۽ عطار

ڪُفر ڪافر را و دين ديندار را
ذره دردِ دل فريد الدين عطار را

دل ته هَر ماڻهوءَ جي سيني ۾ آهي پر هڪ انسان دوست شخص جي دل اُنهيءَ درد ۾ تڙپي ٿي جيڪو درد سندس پنهنجو نه پر پوري انسان ذات جو درد آهي. اُها دل درد جو ذرو به پائي اطمينان ماڻي ٿي ڇاڪاڻ ته اِهو دردِ دل پنهنجي حسرتن، خواهشن ۽ آسائشن لاءِ نه پر ڪُل ڪائنات لاءِ دل کي ڌڙڪندو رکي ٿو. ٻين جي درد کي پنهنجو درد سمجهڻ، حق ۽ سچ جي راهه تي هلي مقتل ڏانهن مُنهن ڪرڻ واري دل ڪنهن ڪنهن جو ڀاڳ بڻجي ٿي ۽ اِهو دل جو درد ئي آهي جنهن لاءِ لطيف سائين چيو هئو. “جي ماسو مڙيئي مال، ته پوڄارا پُر ٿئين” هزارين سجدا جيڪي خود غرض جبينن تي جَرڪي رهيا آهن انهن کان فريد الدين عطار وارو ذره دردِ دل، اُتاهون آهي. جيڪي واعظ ۽ خطيب ممبرن تي ويهي خوف خدا جو درس ڏيندا آهن انهن جي دلين ۾ خوف خدا جو پاڇو به نه هوندو آهي. جيڪي پنڊت پرارٿنا ڪري رام ريجهائڻ جا جتن ڪندا آهن انهن کان رام رُٺل رهندو آهي. جيڪي جوڳي جوڳ پچائڻ بجاءِ گندي ۽ گِراهه جا گولا هوندا آهن انهن کان حق بنهه ڏور هوندو آهي.

گولا جي گِراهه جا، جوٺا سي جوڳي،
ڦٽل سي ڦوڳي، جِن شِڪَمَ سانڍيا.

جيڪي دوزخ جا ڌڙڪا ڏيئي ماڻهن جون متيون منجهائيندا ۽ جنت جي پروانن جو وڪرو ڪري مايا جي موهه ۾ گرفتار هوندا آهن سي نه خود دوزخ جي ڌڙڪي کي هنئين سا هنڊائيندا آهن ۽ نه جنت جي اصل حقيقت کان آگاهه هوندا آهن. هنن جي آشنائي ۽ هنن جو عشق ته مايا ۽ ملڪيت سان هوندو آهي ۽ هنن کي انهيءَ ڳالهه جي ڪا به پرواهه نه هوندي آهي ته خدا جي گهر جي پاسي ۾ ڪنهن جي ٻچن بک وگهي روئندي رڙندي رات گذاري آهي. “ پاڙي ناهي پروڙ ته رات رنجائي گذري” پيٽ ڀريلن کي ڪهڙي ڪَل ته بک ڇا ٿيندي آهي ۽ بُکين جو وقت ڪيئن ڪٽبو آهي. اهڙا واعظ، خطيب، پنڊت ۽ خدا جي نالي تي مال ميڙي حَجَ ۽ عمرا ادا ڪندڙ ٺوڳي ته ٿي سگهن ٿا پر خدا جا مقبول بندا نٿا بڻجي سگهن.

جنهن سناسيءَ سانڍيو، گندي ۽ گِراهه،
اُنهيءَ کان الله، اڃان آڳاهون ٿيون
(لطيف)

اسان اڳ ۾ به انهيءَ ڳالهه جو اظهار ڪري چڪا آهيون ته تصوف هڪ تحريڪ آهي جيڪا مذهبي ڀيد ڀاوَ کان انسان کي آجو ڪري سچ ۽ حق جي پنڌ جو پانڌيئڙو بڻائي ٿي. اها تحريڪ قبل مسيح ۾ به موجود رهي ۽ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ان جا پرچارڪ رهيا. مسلمانن ۾ به هن تحريڪ جا عظيم علمبردار رهيا آهن جن تاريخ تي اڻ مٽ نقش ڇڏيا آهن. اهڙن عظيم انسانن ۾ محي الدين ابن عربي (جنم 560هجري مطابق 1165ع) شمس تبريزي، حسين بن منصور حلاج (وفات 26 مارچ 922ع)، مولانا جلال الدين رومي (جنم 604هجري)، شهاب الدين سهروردي (جنم 1133ع)، فريد الدين عطار (1221-1110ع) ۽ بيا صوفياءِ ڪرام شامل آهن.
فريد الدين عطار عام طرح عطار نيشاپوري جي حوالي سان مشهور ۽ معروف آهي.سندس اصل نالو ابو حامد بن ابوبڪر ابراهيم آهي ۽ سندس تعلق ايران جي شهر نيشاپور سان هئو. عطار جي معنيٰ آهي عطر يا دوائون ٺاهيندڙ جيڪو غالبا سندس آبائي پيشو هئو. هيءُ فارسي ٻوليءَ جو شاعر ۽ تصوف جو وڏو پرچارڪ يا استاد هئو. هن بابت ڪثرت سان معلومات ميسر نه آهي پر هن جي ٻن همعصرن عوفي/عافي ۽ طوسي هن جو ذڪر ڪيو آهي. عوفي جي چوڻ مطابق هو سلجوقي حاڪمن جي دور سان تعلق رکي ٿو. جيتوڻيڪ هن جي پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪا وڏي شهرت نه هئي پر بعد ۾ هن جي شاعري ۽ فڪر کي وڏي مڃتا حاصل ٿي.
عطار، مشهور صوفي حسين بن منصور حلاج جو وڏو مداح هئو ۽ پنهنجي ڪتاب “ تذڪره الاولياءَ” جي هڪ باب م هن حلاج بابت ڪافي احترام ۽ مڃتا جو اظهار ڪيو آهي. عطار جو سنڌ جي صوفين تي به وڏو اثر رهيو آهي، انهيءَ ڪري سچل سرمست کي “ سنڌ جو عطار” سڏيو ويو آهي.
مشهور عالم ۽ صوفي بزرگ مولانا جلال الدين رومي هن کان متاثر هئو جيتوڻيڪ مولانا رومي جو مرشد شمس تبريز هئو. مولانا رومي جي فريد الدين عطار سان سن 610هه ۾ نيشاپور ۾ ملاقات ٿي هئي جڏهن مولانا اڃا ڇهن سالن جو هئو. فريد الدين عطار کيس پنهنجي مثنوي اڀياس لاءِ ڏني هئي مولانا رومي پنهنجي ڪتاب “ مثنوي مولانا روم” ۾ عطار ۽ سنائي جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته “ عطار روح هئو، سنائي هن جون اکيون هئو ۽ اسان انهن جي قافلي ۾ بعد ۾ شامل ٿياسين.” “ عطار عشق جي ستن شهرن جو سفر ڪري چڪو هو پر اسان اڃا تائين گهٽيءَ جي موڙ تي سهڙيا آهيون.”
چيو وڃي ٿو ته عطار بغداد، بصري، ڪوفي، مڪي مديني، دمشق، خوارن ۾، ترڪستان ۽ هندستان جو سفر ڪري وڏن وڏن علم جي صاحبن، ويدانتي صوفين ۽ شيخن سان ملاقاتون ڪري حق تائين رسائي حاصل ڪرڻ جي ڄاڻ حاصل ڪئي پر آخر انهي نتيجي تي پهتو ته اندر ۾ جهاتي پائڻ سان ئي حق تائين رسائي ممڪن آهي. جيئن لطيف سائين چيو آهي.
وڃين ڇو وڻڪار، هِت نه ڳولهين هوت کي،
لِڪو ناهي لطيف چئي ٻاروچو ٻي پار،
نائي نيڻ نهار، تو م ديرو دوست جو.
عطار هڪ وڏو عالم، شاعر ۽ مفڪر هئو. هن پنهنجي 110 ساله زندگيءَ ۾ اٽڪل هڪ سئو چوڏهن ڪتاب لکيا جن مان ڪجهه هيٺيان آهن.

مختار نامه
خسرو نامه
منطق الطير
ديوان (غزلن تي مشتمل شاعري)
اسرار نامه
مصيبت نامه
الاهي نامه
جواهر نامه
شرح القلب.
هو پنهنجي ڪتاب “ مختار نامه” ۾ لکي ٿو ته هن پنهنجي هٿن سان ٻن ڪتابن “ جواهر نامه” ۽ “ شرح القلب” کي ضايع ڪري ڇڏيو پر انهن ٻن ڪتابن کي ضايع ڪرڻ جو ڪو به سبب نه ڄاڻايو اٿس. عطار علامتي انداز ۾ حقيقت ۽ معرفت جو ذڪر ڪيو آهي. جنهن جو بهترين مثال سندس ڪتاب “ منطق الطير” آهي جنهن جو سنڌي ٻوليءَ ۾ “ پکين جي پارليامينٽ” جي عنوان سان ڪتاب ڇپيل آهي. هن ڪتاب ۾ ڄاڻايل آهي ته پکين جي هڪ ڪانفرنس ٿئي ٿي. جنهن ۾ اظهاريو وڃي ٿو ته پکين جو سردار سيمرخ ڪيئن تلاش ڪجي. باهمي صلاح مشوري دوران اها ڳالهه سامهون اچي ٿي ته سيمرغ سان ملڻ لاءِ ست واديون طئه ڪرڻيون پونديون تڏهن سيمرغ تائين پهچي سگهبو. پکين جو وڏو ولر ستن وادين طئه ڪرڻ لاءِ پرواز ڪري ٿو. انهن وادين کي عطار هيٺ ڏنل ستن وادين سان تعبير ڪري ٿو.

طلب يا تلاش جي وادي
عشق جي وادي
سمجهه جي وادي
خودمختاري يا دنيا کان لاتعلق جي وادي
وحدت جي وادي
حيرت جي وادي
فنا جي وادي
عام طرح تصوف ۾ انهن مرحلن کي پنجن دنيائن يا عالمن ۾ ورهايو ويو آهي جهڙوڪ عالمِ ناسوت، عالمِ ملڪوت، عالمِ جبروت، عالمِ لاهوت ۽ عالمِ هاهوت.

عطار جي بيان مطابق سفر دوران پکين کي ڪافي مشڪلاتون سامهون اچن ٿيون ۽ ويندي ويندي ٻيا سڀ پکي مري وڃن ٿا ۽ آخري وادي ۾ باقي ٽيهه پکي وڃي بچن ٿا پر اُتي به کين سيمرغ جو ڪو به سراغ نٿو ملي تڏهن ٽيهه پکي ويچار ڪندي هن نتيجي تي پهچن ٿا ته لفظ سي جي معنيٰ آهي ٽيهه ۽ مرغ جي معنيٰ آهي پکي يعني اصل ۾ اُهي پاڻ ئي سيمرغ هئا جنهن جي تلاش ۾ اُهي نڪتا هئا ۽ ڄاڻي وتاون ته جنهن جي تلاش ڪئيسين سي ته اسان پاڻ آهيون. تمثيلي انداز ۾ بيان ڪيل انهيءَ حقيقت جو حاصل مطلب اهو آهي ته حق انسان کان ٻاهر جي دنيا ۾ نه پر اندر جي دنيا ۾ ئي آهي. يعني “ نائي نيڻ نهار، تو م ديرو دوست جو.”
فريد الدين عطار سن 1221ع ۾ نيشاپور تي منگولن جي طرفان ڪيل عام ڪوس وقت انهي ڪري قتل ڪيو ويو جو هن منگولن آڏو گوڏا نه ٽيڪيا ۽ نه ئي هُنن جي طرفان آڇيل اعزازن کي قبول ڪيو. عطار جو مقبرو اڄ به نيشاپور ۾ موجود آهي ۽ سندس تعليمات پوري مشرق ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ اڄ به روحن کي گرمائي رهيون آهن ۽ انساني وحدت ۽ امن ۽ اهنسا لاءِ سرگرم آهن. سنڌ، هند جا سڀ صوفي ساڳئي پنڌ جا مسافر آهن ۽ سندن پيغام جو جوهر هيءُ آهي ته تشدد ۽ دهشت دنيا جي مسئلن جو حل نه آهي پر پرامن بقاءِ باهمي ذريعي طاغوتي قوتن کي مات ڏيئي سگهجي ٿي.
هن پنهنجي ڪتاب ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته، “ هڪڙي ڀيري حضرت عيسيٰ شهر جي ڪنهن علائقي مان لنگهي رهيو هئو ته ڪِن اسرائيلين هن کي بدشد ڳالهايو پر هن اُتر ۾ هُنن لاءِ دعائون گهريون جنهن تي ڪنهن شخص کيس چيو، “ تون هنن لاءِ دعائون گهري رهيو آهين، ڇا توکي هُنن تي ڪا ڪاوڙ نٿي اچي؟”
حضرت عيسيٰ وراڻيو، “ آئون اهو ئي خرچ ڪري سگهان ٿو جيڪو منهنجي کيسي يا ٻٽونءَ ۾ آهي.
دل: ڪو ماڻهو هڪڙي ديواني يا چرئي وٽ ويو جيڪو نهايت ڏکاري انداز ۾ روئي رهيو هئو.
هن چيو:
“ تون رڙيون ڇو ڪري رهيو آهين؟
چرئي وراڻيو: “ آئون هُن جي دل جي رحم لاءِ رڙي رهيو آهيان”
ٻي ماڻهو هن کي ٻڌايو: “ تنهنجا الفاظ احمقاڻا آهن ڇاڪاڻ ته هن کي طبعي طرح ڪا به دل نه آهي.”
ته چرئيي جواب ڏنو: “تون غلط آهين، ڇاڪاڻ ته هو مڙني موجود دلين جو ڌڻي آهي. توهان دل جي وسيلي ئي خدا سان ملي سگهو ٿا.”
چنڊ: چنڊ کان پڇيو ويو، “تنهنجي وڏي ۾ وڏي شديد خواهش ڪهڙي آهي؟”
چنڊ وراڻيو: “ اها ته سِج ختم ٿي وڃي، ۽ سدائين ڪڪرن ۾ ڍَڪيل رهي.”
پنج سو سونا ٽُڪرا: جنيد (بغدادي) مريدن مان هڪڙو هُن وٽ آيو جنهن وٽ ٻٽونءَ ۾ پنج سئو سونا ٽڪرا هئا.
“ڇا تو وٽ انهيءَ کان زياده رقم آهي؟” صوفيءَ پڇيو.
“هائو، مون وٽ آهي.”
“ڇا توکي اڃا به وڌيڪ جي طلب آهي؟”
“هائو، اڃا به طلب اٿم.”
“پوءِ اِهي تون پاڻ وٽ رک ڇاڪاڻ ته مون کان تون وڌيڪ گهرجائو آهين ڇو جو مون وٽ ڪجهه به ڪونهي ۽ ڪا به طلب نه اٿم، توکي طلب آهي ۽ اڃا به وڌيڪ گهرجائو آهين.”