تبريز جو شمس
مون ملائڪ ڏٺا،
مون مٿاهين ۽ هيٺاهين دنيائن جي اسرارن ڏانهن ڏٺو،
مون سمجهيو ته مڙني ماڻهن به اهوئي ڪجهه ڏٺو،
آخرڪار پروڙ پيم ته هنن ڪجهه به نه ڏٺو.(شمس تبريزي)
اسان وٽ سنڌ ۾ جن صوفي درويشن کي سڀ کان زياده ناماچاري حاصل آهي سي آهن شمس تبريزي ۽ حسين بن منصور حلاج جيڪو فقط منصور حلاج جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. انهن کان علاوه مولانا رومي، ابن العربي، فريد الدين عطار، بايزيد بسطامي، حسن بصري، عمر خيام، حافظ شيرازي، سيد علي هجويري، معين الدين چشتي، سرمد شهيد، داتا گنج بخش، بابا فريد، بلي شاهه ۽ ٻيا کوڙ سارا وحدت الوجودي صوفي به عام وخاص جي دانش ۾ موجود آهن. سنڌ ته سڏجي ئي ٿي صوفين جي سرزمين . هتي هندو ويدانتي بزرگ ڀڳت ڪبير، گرونانڪ، سامي، ميرانٻائي ۽ ٻيا نهايت عقيدت ۽ احترام جي نگاهه سان ڏٺا وڃن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو هتي ورهاڱي کان اڳ ڪو به مذهبي ڀيد ڀاءُ ۽ نفرت پيدا نه ٿي سگهي هئي. مسجد ۽ مندر آمهون سامهون موجود هوندا هئا. مسجدن مان آواز اذان بلند ٿيندو هو ته مندرنمان سنک ۽ گهنڊڙيون وڄڻ لڳندا هئا. نه ڪو اعتراض هوندو هو ۽ نه ڪو احتجاج.
تصوف، باقاعده هڪ فڪري تحريڪ جي حيثيت سان رائج هو ۽ انسان دوستي انهي جو مکيه اصول هئو. انهن صوفي بزرگن تي مقبرا ته اڏجي ويا، مزارون ته قائم ٿي ويون پر انهن درگاهن جي سجاده نشينن/ پونينرن تصوف جي انسان دوست ۽ روحانيت پسند تعليم کي اڳتي وڌائڻ بجاءِ پنهنجي سياسي ۽ ڪاروباري مقصدن لاءِ استعمال جي واٽ وٺي تصوف جي تعليم کي ڇيهو رسايو آهي. ٻيو ته ٺهيو پر قرآن پاڪ کي هدايت جو ذريعو بڻائڻ بجاءِ ان کي ٽوڻن ڦيڻن تعويذن لاءِ استعمال ڪري دڪانداري کي عام ڪيو ويو آهي. تصوف يا صوفياڻي تعليم کان اهڙي منهن ڦير ئي فرقيوراڻي نفرتن ۽ مذهبي ڪٽرپڻي کي وڌڻ ويجهڻ جي جاءِ ڏيئي ڇڏي آهي. اڄ جي دور کي مذهبي ملائن جي تنگ نظري، پنڊتن جي هٺ ڌرمي ۽ دنيا کي تياڳي جر جهنگ وسائيندڙ جوڳين/يوگين ۽ صوفين جي نه پر هن سر جي گدلي سينور ۾ رهي نيل ڪنول جيئن پنهنجي سونهن ۽ سرهاڻ پکيڙيندڙ انهن انسانن جي ضرورت آهي جيڪي لطيف سائين چواڻي پنهنجي اندر جي وجودي ورق کي ڌوئي صاف ڪري عشق جي آبياري ڪن ۽ “ صوفي لاڪوفي” هئڻ جي پد تي پهچن.
وقت جي ڪُک مان اهڙين مهان هستين جنم ورتو آهي جو صدين گذرڻ باوجود سندن عظمت جي مُهر وقت تي اڄ تائين قائم آهي. اهڙين هستين مان هڪ ايران جي شهر تبريز جو شمس به آهي. هن کي شمس تبريزي يا شمس الدين محمد به سڏجي ٿو. سندس جنم سال 1185ع ڌاري تبريز شهر ۾ ٿيو. مولانا روميءَ جي هڪ مريد ۽ دوست جنهن ساڻس زندگيءَ جا چاليهه سال گڏ گذاريا، سپاهه سالار لکيو آهي ته شمس جي والد جو نالو علاءُ الدين هو پر مشهور مصنف “ افلاڪي” سندس والد جو نالو علي ڄاڻايو آهي ۽ سندس ڏاڏي جو نالو “ ملڪداد” لکيو آهي ۽ انهي ڳالهه جو اظهار سندس ڪتاب “ مناقب العارفين” ۾ مذڪور آهي. افلاڪي وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته شمس تبريزي جڏهن قونيه پهتو ته هن جي عمر 60 سال هئي پر انهي ڳالهه سان ڪيترائي محقق اختلاف ڪندي ان کي مستند نٿا سمجهن. جيڪا ڳالهه وڌيڪ تحقيق طلب آهي.
شمس علم جو حصول تبريز ۾ ئي ڪيو ۽ بابا ڪمال الدين جُمدي جو پوئلڳ ٿيو. هن جي بي تاب فطرت هن کي حق جي تلاش م هميشه سرگردان رکيو ۽ ڪٿي به ٿانيڪو ٿي نه ويٺو پيشي جي لحاظ کان هيءُ “ اُڻيندڙ” يا “ ڪوري” هو جيڪو ڇٻيون ۽ ڪمر بند ٺاهي شهر شهر وڪڻي گذارو ڪندو هو. هڪ مورخ حاجي بيڪتيش ولي پنهنجي “ مقالات” ۾ ڄاڻايو آهي ته شمس تبريزي جو اِهو پيشو نه هو پر اهو لقب تبريز جي هڪ اسماعيلي امام شمس الدين محمد جو هو جيڪو گمنامي جي زندگي گذاري رهيو هو. اها ڳالهه به وڌيڪ تحقيق طلب آهي.
هن جا وڏا وکريل وارَ ۽ وکريل ڏاڙهي هن جي بي نيازي ۽ دنياوي سجاوٽ کان دوريءَ جو اهڃاڻ پسائين ٿيون. روايت آهي ته حضرت شمس تبريزي پنهنجي مرشد بابا ڪمال الدين جندي جي حڪم جي تعميل لاءِ تبريز ڇڏي قونيه پهتو جتي مولانا رومي درس وتدريس جو فرض سرانجام ڏيئي رهيو هو ۽ بابا ڪماالدين کي خبر پئي هئي ته رومي شرعي لحاظ کان ظاهري علم تي فخر ڪندڙ شخص هو جنهن ڪري هن جي ڪايا پلٽ ضروري هئي. مولانا رومي پنهنجي دور جو تمام وڏو عالم ۽ مبلغ هو پر سندس اندر ۾ علميت ۽ ڏاهپ جو هَٺ موجود هو ۽ دل ۾ اها نرمي نه هئي جيڪا خدا رسيده ماڻهن ۾ هوندي آهي. سندس صلاحيتن کي نظر ۾ رکندي بابا ڪمال الدين اهو فيصلو ڪيو ته فقط شمس تبريزي ئي هن جي ڪايا پلٽ ڪري سگهي ٿو.
15 نومبر 1244ع م مٿي کان پيرن تائين هڪ ڪاري جُبي ۾ ملبوس شخص قونيه جي مشهور کنڊ جي واپارين جي سراءِ ۾ پهتو ۽ ظاهر ڪيائين ته هو کنڊ جو سوداگر آهي. حاجي بيڪتيش ولي جي ڪتاب “مقالات” مطابق ائين پي لڳو ته هو ڪنهن شئي جو ڳولائو آهي ۽ اوچتو ئي مولانا روميءَ کي گهوڙي تي سوار ڏٺائين ۽ ضروري پڇا ڳاڇا بعد هو روميءَ جي آستاني تي پهتو. عام طرح صوفي بزرگن ڏانهن مختلف ڪرامتون منسوب ڪري سندن عظمت ظاهر ڪئي ويندي آهي. شمس تبريزي ۽ مولانا روميءَ جي سلسلي ۾ به اهڙين ڪرامتن جو ذڪر ملي ٿو. جيئن ته:
1- هڪ ڏهاڙي رومي مطالعي ۾ مصروف هو ۽ سندس ڀر ۾ ڪتابن جو ڍڳ رکيل هو. شمس تبريز کائنس پڇيو، “ تون ڇا پڙهي رهيو آهين؟” روميءَ وراڻيو: “ اهو ڪجهه جيڪو تون سمجهي نٿو سگهين.” شمس تبريز يڪدم سڀ ڪتاب کڻي پاڻيءَ جي کڏ/ ٽانڪي ۾ اڇلي ڇڏيا. انهي تي روميءَ ٽپ ڏيئي ڪتاب پاڻيءَ مان ڪڍيا ته هڪ به ڪتاب ڀنل نه هئو پر سڀ ساڳئي سُڪيل حالات ۾ هئا. روميءَ اچرج وچان شمس کان پڇيو، “ هيءُءَ سڀ ڪجهه ڇا آهي؟” انهيءَ تي شمس وراڻيو، “ تون انهي کي سمجهي نٿو سگهين.”
انهيءَ واقعي کي ڪجهه ٻي ريت به بيان ڪيو ويو آهي جيڪو هيئن آهي۔
رومي ڪتابن جي مطالعي ۾ مصروف هئو ته شمس اچي اُتان لنگهيو ۽ روميءَ کان پڇيائين، “ تون ڇا پڙهي رهيو آهين” روميءَ هن کي هڪ اڻ پڙهيل اجنبي سمجهي جواب ڏنو، “ اهو ڪجهه جيڪو تون سمجهي نٿو سگهين.” انهي پل ڪتابن کي باهه وڪوڙي ويئي. روميءَ کانئس انهي ماجرا جي وضاحت طلب ڪئي ته شمس وراڻيو، “ اهو ڪجهه جيڪو تون سمجهي نٿو سگهين.”
انهن وارتائن کي ڪرامتن سان تعبير ڪيو وڃي ٿو پر انهن تي ڳوڙهي ويچار جي ضرورت آهي ته اهي واقعا واقعي ائين ٿيا هئا يا اهو محض سمجهائڻ جو تمثيلي انداز آهي جنهن ڏانهن ڪڏهن به ڌيان نٿو ڏنو وڃي. منهنجي خيال مطابق اها هڪ تمثيل آهي جيڪا انهيءَ ڳالهه ڏانهن اشارو ڪري ٿي ته شمس تبريز پنهنجي وجداني قوت سان مولانا روميءَ جي ڪتاب علم تي تڪيه يا ناز کي ختم ڪري منجهس اندر جي اوجر ڪري ڇڏي جنهن ڪري مولانا رومي شمس تبريز جي صوفياڻي رمز کي پائي ورتو ۽ خود صوفي بڻجي ويو.
چون ٿا ته شمس تبريز مولانا روميءَ سان فقط چاليهه ڏينهن گذاريا ۽ پنهنجي صحبت ذريعي روميءَ جي فڪر نظر ۾ انقلاب برپا ڪري ڇڏيو. اهو ئي ڪارڻ آهي جو خود مولانا روميءَ چيو.
مولوي هرگز نه شد مولائي روم
تا غلام شمس تبريزي نه بود
(جيڪڏهن رومي، شمس تبريز جو غلام نه ٿئي ها ته هرگز مولاءِ روم نه ٿي سگهي ها)
انهيءَ حقيقت کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي ته اهو شمس تبريز ئي هو جنهن مولانا روميءَ جي ڪايا پلٽ ڪري ڇڏي ۽ اڳتي هلي هن دنيا جي صوفي شاعرن کي ايترو متاثر ڪيو جو اهي سندس مثنوي کي هميشه پاڻ سان سونهين يا رهبر طور گڏ رکندا هئا. جهڙيءَ طرح سج جون شعاعون انڌيرن کي مات ڏيئي جڳ جرڪائينديون آهن اهڙيءَ طرح شمس (سج) پنهنجي وحدت الوجودي فڪر جي نور سان پوري انسان ذات ۽ جڳن کي منور ڪري ڇڏيو آهي. عالمي امن، انساني برادري، روحاني معراج، انصاف وعدل، مساوات، پاڪيزگي، سچ ۽ سونهن سان اُنس، ڪاوڙ ۽ ڪروڌ کان پرهيز، غرض جي غلامي کان نجات، فريب ۽ مَڪاري کان پرهيز وغيره اهڙا گُڻ آهن جيڪي شمس تبريز جي تعليمات جو حصو آهن. دنيا کي انهي کان وڌيڪ ٻيءَ ڪهڙي تعليم جي گهرج آهي. جيتوڻيڪ شمس تبريز جي والد جو تعلق اسماعيلين سان هو پر شمس تبريز انهي مذهبي نسبت کان عليحدگي اختيار ڪري ورتي. شمس تبريز متعلق هيءُ به هڪ فڪري مغالطو آهي ته ان جي مزار ملتان ۾ آهي جيڪا ڳالهه صحيح نه آهي. ملتان وارو بزرگ شمس تبريزي نه پر هڪ اسماعيلي بزرگ شمس سبزواري آهي. هڪ ٻيو مغالطو به آهي ته شمس تبريزي جو تعلق اسماعيلي فرقي سان آهي. اهو مغالطو انهي ڪري پيدا ٿيو جو انهي ساڳئي دور ۾ امام شمس الدين محمد جي نالي سان هڪ بزرگ گوشه نشيني جي زندگي گذاري رهيو هو جنهن جو تعلق اسماعيلي فرقي سان هو.
شمس تبريز مولانا روميءَ وٽ چاليهه ڏينهن گذاري پنهنجي مشن جي تڪميل ڪري قونيه کان نڪري شام آيو. سندس وڃڻ کان پوءِ مولانا رومي ڏاڍو بي چين رهڻ لڳو. هن شرعي فتوائون صادر ڪرڻ ۽ رسمي عبادتن کان به ڪناره ڪشي اختيار ڪري ورتي جنهن ڪري سندس شاگرد ۽ گهر وارا سندس انهيءَ حالت کي ڏسي پريشان ٿيا. مولانا پنهنجي وڏي پٽ سليمان ولد کي شام موڪليو ته هو ڪنهن به ريت شمس کي وٽس واپس وٺي اچي. سندس وڏي پٽ شام پهچي شمس تبريز کي قونيه واپس هلڻ لاءِ راضي ڪري ورتو ۽ شمس قافلي سان گڏ قونيه پهتو جتي چون ٿا ته ٻه سالَ مولانا سان گڏ رهيو. سماع جي هڪ محفل دوران هڪ بادشاهزادي مٿائن سڪن جي ورکا ڪئي. سماع بعد شمس اهي سڀ سڪا کڻي شهزادي کي اُڇلي ڏنا. سندس انهي روش نه رڳو حاڪم وقت کي پر اُتي جي مُلن مولوي ۽ مفتين کي شمس جو دشمن بنائي ڇڏيو انهيءَ کان ترت پوءِ شمس تبريز قونيه کان واپس موٽي آيو.
شمس تبريز پارسي ۽ عربي زبان جو عالم هو ۽ سندس شاعري ديوان شمس تبريز جي نالي سان مشهور آهي. ڪن محققن جو خيال آهي ته اها خود مولانا روميءَ جي شاعري آهي جيڪا هن عقيدت ۽ محبت جي اظهار طور شمس جي نانءُ ڪري ڇڏي آهي جيڪا ڳالهه به وڌيڪ تحقيق طلب آهي. هڪ نثري ڪتاب “مقالات شمس تبريزي” به هن جي نالي سان مشهور آهي جنهن جي اڀياس مان پتو پوي ٿو ته اهي مقالا هن عمر جي آخري مرحلي ۾ لکيا آهن. شمس تبريز ۽ مولانا رومي تي مشرق ۽ مغرب ۾ ڪافي ڪتاب لکيا ويا آهن. تازو ئي ترڪيءَ جي مشهور ليکڪا ايلن شفق شمس تبريز ۽ مولانا روميءَ تي هڪ سٺو ناول لکيو آهي جيڪو Forty rules of love يعني پيار جا چاليهه اصول جي عنوان سان پينگوئن پبلشرس ڇپايو آهي جيڪو پڙهڻ وٽان آهي.
شمس تبريزي جي وفات/ شهادت بابت مختلف روايتون آهن. ڪِن محققن جو خيال آهي ته مولانا رومي جي مسلڪ ۾ تبديليءَ سان سندس شاگرد شمس جي جان جا دشمن ٿي پيا ۽ انهن ڳولي کيس قتل ڪري ڇڏيو.
مٿي ذڪر ڪيل ناول جي مواد جي حوالي سان نامياري سنڌي اديب محترم رئوف نظاماڻي هڪ تفصيلي اڀياس رسالي “همرچو” ۾ لکيو هو جنهن جو ايڊيٽر ناميارو شاعر اياز جاني آهي.هن اڀياس ۾ رئوف نظاماڻي لکي ٿو ته:
“پيار جا چاليهه اصول” ترڪ ليکڪا “ايلن شفق” جو لکيل ناول آهي. ناول جو بنيادي موضوع جيتوڻيڪ تيرهين صديءَ جي حالتن جي پس منظر ۾ مولانا جلال الدين رومي ۽ شمس تبريز جي تعلق تي بحث ڪيو ويو آهي، پر ساڳي وقت ليکڪا ان کي اولهه جي ٻن ڪردارن وسيلي موجوده حالتن سان ڳنڍڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي آهي.
ناول شمس تبريز جي حاوي شخصيت آهي. هڪ اهڙو درويش جيڪو هڪ جاءِ تي سڪون سان ويهڻ بدران مُلڪان مُلڪ گهمندو هجي. ان وقت به دنيا ڏڦير، انتشار ۽ ذهني ڇڪتاڻ جو شڪار هئي. منگولن جا حملا، صليبي جنگيون، سلجوقين جون ڪاهون، شهرن جي تباهي ۽ عام ماڻهن جو قتل عام وغيره اهڙا عنصر هئا جن ماڻهن لاءِ ڪنهن گڏيل اجهي جي ڳولا کي ضروري ڪري ڇڏيو هو اڄ جو دور به انهي حوالي سان ڪو مختلف نه آهي (رنگريز)
شمس سان روميءَ جي ملاقات مان ائين لڳو ته ڄڻ روميءَ کي ان ماڻهوءَ جو اوسيئڙو هو. روميءَ کي زندگيءَ ۾ فوري طور هڪ تبديلي محسوس ٿيڻ لڳي ٿي. سندس ورتاءُ نه گهر وارن سان ساڳيو رهي ٿو ۽ نه ئي پنهنجن شاگردن ۽ ٻين ماڻهن سان درويش جو ڪم روميءَ جي اندر کي صاف ڪرڻ، کيس عام ماڻهن جي ويجهو آڻڻ ۽ سندس غرور ۽ تڪبر کي ختم ڪرڻ هو. ساڳئي ريت هو هڪ ڀيري روميءَ کي شر ابخاني مان ٻه بوتلون وٺي اچڻ لاءِ چئي ٿو. روميءَ لاءِ اهو تمام وڏو مرحلو هو پر هو وڃي ٿو ۽ ٻه بوتلون وٺي اچي ٿو. شمس روميءَ کي آندل شراب پيئڻ نٿو ڏي ۽ سندس چپن تان لاهي سڄي بوتل کي ٻوٽن ۾ هاري ڇڏي ٿو. (شمس جو مقصد روميءَ مان خلق جو خوف ۽ غرور جو خاتمو هو جيڪو ٿي ويو – رنگريز) روميءَ جي انهي ڪيفيت کي ڏسندي سندس شاگردن سٽاءُ سٽيو ته شمس کي قتل ڪرڻ کان سواءِ ٻي ڪا به راهه نه آهي سو مُريدن گڏجي، جن ۾ روميءَ جو ننڍو پٽ علاءُ الدين به شامل هو، هڪ باغ ۾ رات جي وقت کيس قتل ڪري کوهه ۾ لاش اُڇلائي ڇڏيو جيڪو پاڻيءَ تي ترندو رهيو. شمس جي وفات بابت هڪ ٻي روايت اها به آهي ته هو پراسرار نموني غائب ٿي ويو هو. شمس جي قبر بابت به مختلف روايتون آهن، ڪن جو خيال آهي ته اها ترڪي ۾ آهي، ڪِن جو رايو آهي ته اها اتر پاڪستان ۾ قراقرم جي جابلو سلسلي ۾ ڪٿي آهي. سندس قبر ملتان م هئڻ جي به ڳالهه ڪئي وڃي ٿي جنهن لاءِ آئون مٿي لکي آيو آهيان ته اها مزار اسماعيلي بزرگ شمس سبزواري جي آهي نه ڪه شمس تبريز جي سندس وفات جو سال 1248ع آهي ۽ سندس قبر khoy ۾ واقع آهي. سندس مقبري کي يونيسڪو طرفان عالمي ورثي جي حيثيت ڏني ويئي آهي.
شمس تبريز جي تعليمات جا ڪجهه ورق هن ريت آهن:
رحمتون بي شمار آهن انهي ڪري هر شئي جي گهڻائي جي ڳالهه ڪريو. پنهنجي فقيهه هئڻ تي بس نه ڪريو، چئو ته آئون زياده چاهيان ٿو، صوفي ٿيڻ کان به اڳتي، ۽ جيڪا شئي اڳيان اچي ان کان به اڳتي، اڃان اڳتي.
چڱو ماڻهو ڪنهن جي به شڪايت نه ڪندو آهي، هو ڪنهن جي اوڻاين ڏانهن به نه نهاريندو آهي.
سرهائي يا خوشي خالص صاف پاڻيءَ وانگر هوندي آهي. اها جيڏانهن به هوندي آهي ڦول ڦلاريندي آهي.
ڏک يا غم ڪاري سيلاب جيان هوندو آهي، اهو جيڏانهن به ويندو آهي ته ساوڪون به ساڙي ڇڏيندو آهي.
فارسي ٻوليءَ ۾ جيڪا عظمت ۽ شستگي آهي سا انهيءَ ۾ ڪيئن آئي. جيڪا معنويت ۽ شستگي فارسي ٻوليءَ ۾ آهي سا عربيءَ ۾ به ڪونهي.
هن سرمست، سحر انگيز ۽ قلندر صفت ماڻهوءَ جي حياتي چتين لڳل ڪپڙن ۾ گذري پر هن جي بي نيازي ڏسو ته ترڪ بادشاهه کي سماع دوران گهوريل سونا سِڪا اڇلي منهن ۾ هڻي ٿو ۽ پنهنجي عالم مستيءَ ۾ جزا ۽ سزا کان بي نياز اُٿي هليو وڃي ٿو. اهي ئي ڪامل انسان آهن جن جي وقت کي تلاش آهي.
شمس تبريز جي شاعريءَ مان ڪجهه شعر هيٺ ڏجن ٿا جيڪي سندس سرمستي ۽ صوفياڻي فڪر جا ترجمان آهن:
عقل گويد پا منه کاندر فنا جز خار نيست،
عشق گويد هست در تو مائيه آن خار ها،
حرف مراگوش ڪن، باده دل نوش کن،
بيوخد و بيهوش کن، خاطر طرار را.
(ترجمو: عقل چيو منهنجي پير اندر ڪنڊي کان سواءِ ڪا ٻي شيءِ فنا ٿيل نه آهي.
عشق چيو ته تو اندر ڪنڊن جي وڏي موڙي موجود آهي. منهنجي چوڻيءَ ڏانهن ڪَن ڏي، دل جو شراب پي ڇڏ ۽ دل جي هوشياري کي بيخود ۽ بيهوش ڪري ڇڏ)
پاک شو ز خويش وهمه خاک شو.
تاکه ز خاک تو برويد گياه
(ترجمو: پاڻ کي پاڻ پڻي کان آجو ۽ سڄو خاڪ مٽي ٿي وڃ ته جيئن پنهنجي خاڪ مان گاهه ٻوٽا ڦٽي پون)
پر سند عشق چيست بگو ترڪ اختيار،
هر کو ز اختيار تر مست اختيار نيست
(ترجمو: پڇن ٿا ته عشق ڇا آهي، ٻڌائي ته اختيار کي ڇڏڻ يا ترڪ ڪرڻ، جنهن وٽ به گهڻو اختيار آهي حقيقت ۾ ان وٽ ڪو به اختيار نه آهي).