شاهه عنايت شهيد ۽ چند مغالطا
مٿين نقطن تي اچو ته نمبر وار بحث ڪريون.
جهوڪ شريف جي سجاده نشينن طرفان اهو مفروضو قائم ڪيو ويو آهي جيڪو عام فڪري مغالطو بڻجي ويو آهي. اسان وٽ لفظ شاهه صرف ساداتن لاءِ ئي استعمال نه ٿيندو آهي پر عزت وارن ماڻهن ۽ مان مرتبي وارن لاءِ به استعمال ٿيندو آهي. ڪِن بادشاهن کي به شاهه سڏيو ويو آهي مثال طور شاهه بيگ ارغون، شاهجهان، شاهه شجاع، شاهه محمد نابينا (نڙ نواز جيڪو ذات جو بِڪڪ هئو) اهڙيءَ ريت ڪنهن کي تعظيم طور شاهه سڏڻ سان اُهو سيد نه بڻجي ويندو آهي. سنڌ ۽ هند جا ڪافي اولياءَ ڪرام سيد نه هئڻ باوجود به مرشد آهن ۽ سندن درگاهن تي سوين سلامي ٿين ٿا. هالن جو مشهور بزرگ مخدوم نوح سيد نه پر صديقي هئو، سچل سرمست سيد نه پر فاروقي هئو ڇاڪاڻ ته ذات تي ڏات نه آهي، جيڪو به فڪر ڦرهي ڪري عشق جو سبق پڙهي ۽ حق لاءِ لوچي سو ڪهڙيءَ به ذات جو هجي مان ۽ مرتبو ماڻي سگهي ٿو.
شهيد عنايت صوفي جي خانداني نسبت لانگاهه قبيلي/ذات سان آهي. جنهن سلسلي ۾ جرمن اسڪالر اينمري شمل پنهنجي ڪتاب Pearls of Indus يعني مهراڻ جا موتي جي صفحي 150 تي پنهنجي مضمون Shah Inayat of Jhok ۾ شهيد عنايت جو نسب نامو هن ريت بيان ڪيو آهي جيڪو هن مير علي شير قانع جي ڪتابن تحفته الڪرام ۽ مقالات الشعرا جي وسيلي هن ريت ڏنو آهي. “فضل الله اِبن ملا يوسف اِبن ملا شهاب الدين ابِن ملا آجب کان ملا صدو لانگاهه ملتان وارو جنهن جو خاندان سال 1524ع تائين ملتان ۾ بااثر رهيو، مغل دور کان اڳ، ملا صدو لانگاهه جا وڏڙا چيو وڃي ٿو ته بغداد کان لڏي اچي اُچ ۾ رهائش پذير ٿيا جيڪي اُچ/ملتان جي ٻين صوفي بزرگن جيئن سهروردي بزرگن سان سلهاڙيل رهيا.” شهيد عنايت صوفيءَ تي شمل جو هيءُ تحقيقي مقالو انهيءَ ڳالهه جو به انڪشاف ڪري ٿو ته شاهه عنايت پنهنجي جواني سنڌ ۾ گذاري ۽ پوءِ حق جي تلاش ۾ سرگردان رهيو ۽ دکن ۾ پنهنجي استاد يا رهبر عبدالمالڪ ابن شاهه عبيدالله جيلاني وٽ آيو جيڪو بوستان الحق “عزيز الله” جو مريد هئو جيڪو وري شاهه جهان الله قادري جو مُريد هئو جيڪو ميرانجي برهناپوري جو مريد هئو. هن مقالي مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته شاهه عنايت جي ڳوٺ ۾ ميران محمد جونپوري ڪجهه وقت ترسيو هئو جنهن جي نالي پٺيان هيءُ ڳوٺ ميرانپور سڏجڻ لڳو (Pearls of Indus) شمل جو هيءُ ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ 1986ع ۾ ڇپرايو آهي پر شاهه عنايت تي تحقيق ڪندڙن جي شايد نظر مان نه گذريو هجي بهرحال هيءُ ڪتاب انتهائي معلوماتي ۽ ملهائتو ڪتاب آهي. مٿي ذڪر ڪيل حقيقتن جي روشنيءَ ۾ اهو مغالطو دور ٿيڻ گهرجي ته شهيد عنايت سيد يا شاهه هئو.
عام پڙهندڙ ته ٺهيو پر اسان جا محقق به هن مغالطي ۾ رهيا آهن ته صوفي عنايت شاعر هئو جڏهن ته هيستائين ڪو به محقق هن جو سنڌي يا فارسي ڪلام پڌرو نه ڪري سگهيو آهي. وڌ ۾ وڌ فقط هڪ فارسي شعر “سر در قدمِ يارفد اشد چه بجا شد، اين بارِ گران بود ادا شد چه بجا شد” هيءَ ڪنهن غزل جو هڪ بند ته ٿي سگهي ٿو پر پورو غزل به دستياب نه آهي. انهيءَ لحاظ کان چئي سگهجي ٿو ته هو شاعر نه هئو. البته صوفي هئڻ ناتي اندر جي اوجر سان گڏ ٻين صوفين جي برخلاف هو هڪ سماجي مُصلح هئو جنهن پاڻ کي ۽ پنهنجي پوئلڳن کي فقط ذڪر ۽ فڪر تائين محدود نه رکيو پر سماج ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ عملي جاکوڙ به ڪئي جيڪا ڳالهه کيس منفرد/نرالو مقام بخشي ٿي. شهيد عنايت کي شاعر قرار ڏيڻ وارا هن مغالطي ۾ مبتلا شاهه عنايت رضوي جي شاعريءَ ڪري ٿيا آهن.
هن ڏانهن منسوب نعرو “جيڪو کيڙي سو کائي” به هڪ فڪري مغالطو آهي جيڪو 50 ۽ 60 واري ڏهاڪي کان اشتراڪيت پسندن صوفي شاهه عنايت ڏانهن هاري ڪميٽي جي جدوجهد کي تقويت بخشڻ لاءِ ايجاد ۽ منسوب ڪيو.شهيد عنايت صوفي جي همعصر ليکڪن يا ان کان ترت پوءِ جي ليکڪن جي ڪتابن ۾ به انهي نعري جو ڪو به سراغ نٿو لڀي. شهيد عنايت در حقيقت ميران محمد جونپوري کان متاثر ٿي هن نقطه نظر تي عمل ڪيو ته حلقي جا مريد جن ۾ هاري، ڪاسبي، هنرمند ۽ زميندار اچي ويا ٿي سي جيترو به ڪمائين سو گڏجي ضرورت مطابق کپائن ۽ باقي بچت ڀنڊاري يا مال خاني ۾ جمع ڪرائي بعد ۾ حسب ضرورت ڪتب آڻين. اهو ڪميون قسم جو تجربو پهريائين ميران محمد جونپوري ڪيو. شهيد عنايت جي ڪنهن به محقق ميران محمد جونپوري جي حيات ۽ نظريات تي ڇنڊ ڇاڻ نه ڪئي آهي ۽ نه صوفي شهيد عنايت سان اُن جي ناتي جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. شايد انهيءَ جو بنيادي ڪارڻ ميران محمد جونپوري جي “مهدي” سڏرائڻ ڪري اُن کي هڪ منفي ڪردار طور پيش ڪرڻ آهي. ميران محمد جونپوري تي تفصيلي تحقيق ٿيڻ ضروري آهي.
چوٿون مغالطو اِهو به آهي ته هو ذاتي ملڪيت رکڻ جو مخالف هئو. هن مغالطي کي ڦهلائڻ ۾ به اشتراڪيت پسندن جو هٿ آهي. هن مغالطي کي رد خود اها حقيقت ڪري ٿي ته جڏهن بلڙي جي سيدن ۽ مقامي بااثر زميندارن صوفي صاحب جي مُريدن جي زمينن تي زوري قبضا ڪيا ته شاهه عنايت شهيد پنهنجي مُرشد جي وسيلي مغل بادشاهه فرخ سير ڏانهن دانهين ڪري اماڻيو جنهن تي فرخ سير ان وقت ٺٽي جي گورنر غالبا مير لطف علي کي حڪم ڏنو ته شاهه عنايت جي مريدن کي زمينون واپس ڏياريون وڃن ۽ انهيءَ حڪم جي پوئواري ٿي. شمل پنهنجي هن مضمون جي صفحي 156 تي اهو به ڄاڻايو آهي ته صوفي صاحب جي وڏڙن کي ڍل معاف زمينون ڏنيون ويون هيون جيڪي هن جي ملڪيت هيون. مٿين وضاحتن مان انهي فڪري مغالطي جو به رد ملي ٿو.
انهيءَ ۾ڪو به شڪ نه آهي ته هو قادري طريقي جو صوفي هئو پر هن جي فڪري تاڃي پيٽي ۾ سهروردي طريقي ۽ ميران محمد جونپوري جا رنگ به رچيل آهن. انهيءَ ڪري هُن جو پنهنجو دڳ آهي جيڪو خانقاهه تي ختم نٿو ٿئي پر هڪ عملي انسان وانگي سماج جي اقتصادي نظام ۾ به سڌارو چاهي ٿو. انهيءَ لحاظ کان هو ٻين صوفين کان گهڻو مختلف آهي جنهن عملي طرح معاشي ۽ سماجي سڌارا آندا.
موجوده وقت افسوسناڪ صورتحال اها آهي ته درگاهه جهوڪ جي مريدن کي ميران پور مان جيڪو پيغام ۽ درس ڏنو ويو هئو سو عملي شڪل ۾ نظر نٿو اچي. انهيءَ ڪري ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته اندر کي اجارڻ سان گڏ سماج ۾ ڪي هاڪاري ۽ تعميري لاڙا پيدا ڪري شهيد عنايت جي مشن کي پورنتا تائين پهچايو وڃي.
صوفي عنايت شهيد پنهنجي دور جو هڪ يگانو ۽ باغي ڪردار هئو جنهن جي تحريڪ هڪ طرف مُلن ۽ مفتين کي ڇيڙائي وڌو ته ٻي طرف مقامي زميندارن ۽ پيرن کي پنهنجو دشمن بنائي ڇڏيو ۽ ٽئين طرف مغل حاڪم به سندس سر جا سودائي ٿي پيا ۽ اهي سڀ سگهاريون ڌريون ٺٽي ۾ مغل گورنر اعظم خان جي سربراهي هيٺ ڪلهوڙن سميت متحد ٿي صوفي عنايت خلاف محاذ آرائي لاءِ تيار ٿي ويون. ٺٽي جو هڪ شاعر عطا ٺٽوي ته مغل گورنر جي خوشامد ۽ صوفي شاهه عنايت جي بيان ۾ سڀ حدون اورانگهي ويو ۽ صوفي صاحب خلاف زهر اوڳاڇڻ لڳو. هن سلسلي ۾ مون پنهنجي ڪتاب “ ورق ورق زندگي” جي صفحي نمبر 57 تي انهيءَ صورتحال جو ذڪر هن ريت ڪيو آهي.
“اي ٺٽي جي مٽيءَ کي لڄائيندڙ فارسيءَ جا صاحبِ ديوان شاعر عطا ٺٽوي! توئي ته شهيد عنايت صوفي لاءِ لکيو هو ته، “جيستائين جهوڪ ۾ دشمنجيئرو ويٺو هوندو، تيستائين سنڌ ۾ امن قائم نه ٿي سگهندو.”
تو! هيئن به چيو هو ته، “ نيچ شيطان جو خاتمو شيطان سوز شعلي سان آندو ويو.”
تو! شهيد عنايت جي شهادت کي، “جام بدبو سوخته” (بدبوءِ جو جام سڙي رکي ٿي ويو) سان تعبير ڪيو هو. اي عطا! ڇا تون مُلان قوي جو ٿڃ پياڪ ڀاءُ ته نه آهين؟ تنهنجي ڄمڻ کان ته تنهنجي ماءُ کي ڪُسانجو ٿئي ها ته اهو وڌيڪ بهتر هو.”
عطا ٺٽوي مغلن جي هڪ طرف دلاليءَ جو فرض نڀايو ته شهيد شاهه عنايت صوفي پنهنجي لازوال فڪر و عمل سان ڌرتيءَ ۽ تاريخ جو قرض چُڪايو. ڪهڙو ڪردار اُتم آهي ان جو فيصلو وقت ڪري چڪو آهي.
مٿي منهنجي ڪتاب مان ڏنل اقتباس ۾ ٻن ڪردارن سرمد شهيد ۽ مُلان قوي جا نالا آيل آهن ۽ بهتر سمجهان ٿو ته انهن بابت به ڪجهه ذڪر ڪندو هلان. سرمد شهيد هڪ عالم ۽ شاعر هئڻ سان گڏوگڏ هڪ وڏو واپاري به هئو ۽ هڪ ڀيري هو جڏهن پنهنجي خادمن سان گڏ واپار سانگي ٺٽي ننگر پهتو، جيڪو انهيءَ مغليه دور ۾ هڪ عاليشان واپاري مرڪز هئو، ته ٺٽي جي سونارڪي بازار ۾ هڪ خوبصورت سوناري ڇوڪر اڀيچند کي ڏسي مٿس موهت ٿي پيو ۽ سودي وٺڻ بدران پنهنجيءَ دل جو سودو ڪري ويٺو ۽ سڀ مال و متاع کان بي نياز ٿي ٺٽي ۾ ئي ويهي رهيو ۽ آخرڪار مجذوب بڻجي ويو ۽ انهيءَ حالت ۾ شاهجهان جي صوفي منش پٽ دارا شڪوه وٽ دهلي پهچي ويو. اڀيچند جي نينهن هُن کي حق تائين رسائي جي قابل بنائي ڇڏيو ۽ مال ملڪيت هُن لاءِ تڇ بڻجي ويا. سرمد اصل ۾ يهودين جي ربي قبيلي سان تعلق رکندڙ هئو جن اسلام قبولڻ بعد ايران ۾ رهائش اختيار ڪري ورتي هئي. سرمد کي خواب و خيال ۾ ئي نه هئو ته هو واپار سانگي ٺٽي پهچي پنهنجي سموري دولت تان دستبردار ٿي هڪ سهڻي ڇوڪر جي هڪ جهلڪ جو اهڙو ديوانو ٿي ويندو جو ٺٽي جي گهٽين ۾ سندس يادون رهجي وينديون. اصل ۾ هُن کي جنهن ازلي سونهن جي تلاش هئي سا کيس اڀيچند جي صورت ۾ نظر آئي ۽ کيس ايترو بيخود بڻائي ڇڏيو جو هو پنهنجي بدن تي اوڍيل ڪپڙن کان به بي نياز ٿي ويو ۽ اها عريانيت ئي سندس لباس بڻجي ويئي.
ڈھانپا کفن نے داغ عیوب برھنگی
ورنہ میں ہر لباس میں تنگ وجود تھا۔
(غالب)
هندستان جي تاريخ ۾ هيءُ اهو دور هئو جڏهن شاهجهان جي پيرسني سبب سندس ننڍو پٽ اورنگزيب سازشون سٽي تخت تي قابض ٿيڻ جي رٿابندي ڪري چڪو هئو ۽ هن پنهنجي پوڙهي پيءُ کي قيد ڪرائي پنهنجي ڀائرن دارا شڪوه، شجاع ۽ مراد کي قتل ڪرائي دهليءَ جو تخت ماڻي ورتو. هن سرمد کي به راهه تان هٽائڻ لاءِ مٿس مُلان ۽ مفتين کان فتوائون ڪڍرايون ته سرمد اگهاڙو رهي شرعي اصولن جي ڀڃڪڙي ڪري ٿو انهيءَ ڪري هو واجب القتل آهي. سرمد خلاف اها فتويٰ صادر ڪندڙ مفتيءَ جو نالو هئو ملان قوي.
جڏهن سرمد کي گرفتار ڪري درٻار ۾ آندو ويو ته ملان قوي پڇيس ته هو اگهاڙپ اختيار ڪري غير شرعي عمل ڇوڪري رهيو آهين ته اُن تي سرمد وراڻيو، “چه کنم شيطان قوي است” (ڇا ڪريان شيطان قوي/سگهارو آهي). سرمد جي جواب ۾ استعمال ٿيل لفظ “قوي” ذو معنيٰ آهي. بهرحال ٿيڻو اُهو هو جيڪو اورنگزيباڳ ۾ ئي طئه ڪري ڇڏيو هو ۽ ڪُفر جي فتويٰ بعد سرمد کي شهيد ڪيو ويو. سندس قبر اڄ به دهليءَ جي جامع مسجد جي احاطي ۾ موجود آهي. هندستان جي مشهور عالم ۽ اسڪالر مولانا ابوالڪلام آزاد پنهنجي مضمون “سرمد شهيد” ۾ لکيو آهي ته “ايشيا” ۾ سياست هميشه مذهب جي لبادي ۾ رهي ڪيترن ئي بي گناهن جا سر قلم ڪيا آهن. مفتيءَ جو قلم ۽ جلاد جي تلوار هميشه گڏوگڏ هلندا رهيا آهن.”
سندم تفصيلي مضمون “سرمد ڇا ٿو سوچي” ساڳئي عنوان واري ڪتاب ۾ موجود آهي. سرمد شهيد جون رباعيون به ڪتابي صورت ۾ ڇپيل آهن. محترم شيخ اياز هڪ هنڌ لکيو آهي ته، “اورنگزيب جي هميشه سرمد سان پنجه ڪشي رهي آهي. جنهن ۾ سرمد جي شهادت اورنگزيب جو ابدي موت آهي.”
سندم ڪتاب “ورق ورق زندگي” جو هيءُ اقتباس به هن سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي.
“ ٺتي جو تذڪرو اڀيچند ۽ سرمد جي ذڪر کانسواءِ ڇُسو ۽ اڌورو آهي. اورنگزيب عالمگير جي تيخ ستم جو هيءُ مقتول/ شهيد جامع مسجد دهلي جي اڱڻ ۾ مدفون آهي پر سندس روح جون اڏارون ٺٽي جي سونارا بازار جو طواف ڪري رهيون آهن ۽ سندس محبوب، جنهن لاءِ پاڻ ئي چيو هئائين، “ نمي دانم خدائي من کيست، اڀيچندا است، اڀيچند است” (خبر نه آهي ته منهنجو خدا ڪير آهي، بس ايترو ڄاڻان ٿو اڀيچند آهي، اڀيچند آهي).
اڄ به اڀيچند، سون بازار ۾ ڌوڙ ڌئي جيان سرمد جون وڃايل محبتون ڳولي رهيو آهي.
سرمد شهيد ۽ صوفي عنايت شهيد، ٻنهي جي شهادت مغليه دور حڪومت جو ڪارو ڪارنامو آهي.
مغرب جي مشهور محقق محترمه اينمري شمل پنهنجي مٿي ذڪر ڪيل ڪتاب ۾ شاهه عنايت شهيد تي سنڌ جي برک عالم پير حسام الدين شاهه راشدي جي سهڪار سان تفصيلي طرح عنايت شهيد متعلق خيال آرائي ڪئي آهي جيڪا اڀياس لائق ۽ ڪارائتي آهي. هوءَ ڪتاب جي صفحي نمبر 150 تي لکي ٿي.
“ اها عجيب ڳالهه آهي ته ناليواري انگريز ليکڪ سارلي (جنهن لطيف سائين جي حيات ۽ شاعري تي پنهنجو مشهور ڪتاب Shah of bhit لکيو جنهن جو سنڌي ترجمو “ ڀٽ جو شاهه” جي عنوان سان ڇپيل آهي ۽ اهو پهريون ڪتاب آهي جنهن ۾ لطيف سائين جي شاعريءَ کي سماجي ۽ اقتصادي پس منظر ۾ پرکڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. (رنگريز)
پنهنجي لکڻيءَ ۾ شاهه عنايت جهوڪ واري جو ذڪر نه ڪيو آهي. جنهن هن علائقي يا صوبي جي سماجي، مذهبي تاريخ ۾ تمام اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
اهو دهليءَ ۾ مغل سلطنت جو دور آهي جنهن ۾ اورنگزيب جو وڏو پوٽو فرخ سير (1719-1712ع) حاڪم هئو ۽ سنڌ ۾ 1707 ۽ 1729 درميان مغلن جا نوَ گورنر آيا ويا آهن. شاهه عنايت شهيد جو ابتدائي طرح اسان کي تذڪرو ٺٽي جي مشهور عالم، مورخ ۽ شاعر مير علي شير قانع (وفات 1789ع) جي ڪتابن “مقالات الشعراءَ” ۽ “تحفته الڪرام” ۾ ملي ٿو. ازانسواءِ ٺٽي جي ٻن شاعرن محسن ٺٽوي جي ديوان جي تعارف ۾ به ملي ٿو ۽ ٻي صاحب ديوان شاعر عطا ٺٽوي جي ديوان ۾ به شاهه عنايت شهيد جو تذڪرو موجود آهي. عطا ٺٽوي شاه عنايت جو بدترين دشمن هئو. اينيمري شمل شاهه عنايت جو جنم 1065/1655ع جهوڪ شريف (ميران پور) ۾ ڄاڻايو آهي ۽ اِهو به لکيو آهي ته هِن ڳوٺ جو نالو “ ميرانپور” محمد ميران جونپوري جي نالي پٺيان پيو جيڪو ڪجهه عرصو هِتي ٽِڪيو هئو ۽ هَن ڪيترن ئي عالمن ۽ صوفين کي متاثر ڪيو جن ۾ اڪبر جي نون رتنن مان ابوالفضل ۽ فيضي جو والد شيخ مبارڪ به هئو ۽ ڪلهوڙن جا شروعاتي حاڪمَ به هئا (خاص طرح آدم شاهه ڪلهوڙو ۽ سندس وڏڙا) شاعر عطا ٺٽوي ٺٽي جي نئين گورنر اعظم خان کي خوب ڀڙڪايو ۽ شاهه عنايت کي مشهور مرهٽه ڪردار شيوا جي سان ڀيٽيو جنهن مغلن خلاف وڏي ويڙهاند ڪئي هئي شيوا جي پنجابي قوم پرستن وٽ هيرو جو درجو رکي ٿو ۽ لاهور جي عجائب گهر ۾ سندس سامان يادگار طور محفوظ رکيل آهي. شمل لکي ٿي ته: “ ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته بکر جي پير شاهه سراج الدين، جيڪو شاهه عنايت جي مخالفن مان هڪ هئو ۽ اُن وقت دهليءَ ۾ هئو تنهن ڪمزور مغل حڪمران فرخ سير جا به ڪَن ڀريا ۽ جهوڪ جي درويشن خلاف ڪارروائي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. اعظم خان بلڙي جي سيد عبدالواسع، زميندار نور محمد پليجو ۽ ڪلهوڙا حڪمران يار محمد کي به پاڻ سان اتحادي بنائي ورتو ۽ مغل بادشاهه جي اجازت کان پوءِ ڪارروائي جو آغاز ڪندي جهوڪ کي گهيرو ڪري ورتو جيڪو گهيرو ڇهن مهينن تائين جاري رهيو. آخرڪار معرڪو متو ۽ هزارين فقير شهيد ٿي ويا جن جون اجتماعي قبرون “ گنج شهيدان” جي نالي سان سڏجن ٿيون جن مان ٽي گنج شاهه عنايت شهيد جي مزار وٽ قبرستان ۾ موجود آهن ۽ هڪ گنج شهيدان ٿورو پرڀرو اُتر اولهه ۾ موجود آهي. انيءَ ويڙهه کي “ميرانپور جو معرڪو سڏيو ويندو آهي جنهن جو تفصيل ڪافي عجيب ۽ دلچسپ آهي ۽ مير علي شير قانع جي ڪتاب “مقالات الشعرا” ۽ اينيمري شمل جي ڪتاب سيد هسام الدين راشدي جي مضمون، مولانا غلام رسول مهر جي ڪتاب “تاريخ ڪلهوڙا” مولانا اعجاز الحق قدوسي جي ڪتاب “تذڪره صوفياءِ سنڌ” “شاهه عنايت شهيد” ليکڪ صوفي حضور بخش ڊاڪٽر محمد علي مانجهي جي ڪتاب “صوفي عنايت شهيد ۽ اُن جي مسلڪ جا شاعر” ، سائين جي ايم سيد جي ڪتاب “سنڌ جا سورما” مان ملي سگهي ٿو.
روايت آهي ته ميان يار محمد ڪلهوڙي قرآن پاڪ وچ ۾ آڻي صوفي عنايت کي ڳالهه ٻولهه لاءِ راضي ڪيو ۽ جڏهن صوفي صاحب حاضر ٿيو ته کيس گرفتار ڪري ٺٽي جي مغل گورنر اعظم خان وٽ پيش ڪيو ويو جتي انهن ٻنهي درميان جيڪا گفتگو ٿي ان جو گواهه محمد رضا شاهه بخاري آهي ۽ اِهو احوال قانع پنهنجي ڪتاب “مقالات الشعرا” ۾ ڏنو آهي ۽ اينمري شمل انهن مڪالمن کي پنهنجي مٿي ذڪر ڪيل ڪتاب جي صفحي 162-163-164 تي ڏنو آهي، جنهن جو اسان هيٺ سنڌي ترجمو ڏيئي رهيا آهيون. چيو وڃي ٿو ته شاهه عنايت شهيد جا اڪثر مڪالما ديوان حافظ جي شعرن تي مشتمل آهن. جنهن مان صوفي شاهه عنايت جي علميت ۽ فارسي داني جي به پروڙ پوي ٿي.
اعظم خان: “ تو هيءُ بغاوت ڇو برپا ڪئي؟”
عنايت: اِهو سڀ مقدر جو معاملو آهي، انهيءَ ۾ اسان جو ڪهڙو قصور آهي، اسان جي قسمت ئي اهڙي ٺاهي ويئي هئي.
محمد رضا: اي دوست! سجاڳ رهه! اها ننڊ جي دنيا نه آهي سوچ سمجهه بنا نه ڳالهائي، هيءُ فيصلي قضا جو مقام آهي.
عنايت: هنن مون کي نيڪيءَ جي گهتيءَ مان لنگهه ئي نه ڏنو، توهان ان کي پسند نٿا ڪريو ته پوءِ تقدير کي ئي تبديل ڪري ڇڏيو.
اعظم خان: سزا لاءِ تيار ٿي وڃ!
عنايت: جيئن سون لاءِ آڳ هوندي آهي تيئن درويشن لاءِ سزا.
اعظم خان: تو، پاڻ کي بدنام ڇو ڪيو آهي ۽ پاڻ کي سزا جي لائق ڇو بنايو آهي؟
عنايت: عاشق ٻيو ڇا ڪري سگهن ٿا سواءِ الزامن کڻڻ جي؟ ڪو به سورمو تقدير جي تيرن سامهون ڍال نه کڻندو آهي.
اعظم خان:هاڻي جڏهن تون قتل ڪيو پيو وڃين، ته زندگيءَ جي آس ڪيئن ڪري سگهين ٿو؟
عنايت: جنهن جي اندر ۾ عشق هجي سو ڪڏهن به مري نٿو سگهي. دنيا جي دستاويز تي منهنجي ابدي مهر لڳي چڪي آهي.
اعظم خان: تو سردارن جي حڪم تي تابعداري ڪندي ٻاهر ڇو نه نڪري آئين؟
عنايت: اسان مريد ڪعبه ڏانهن مُنهن ڪيئن ڪري سگهون ٿا جڏهن ته مرشد مئخاني ڏانهن منهن ڪري ويهي.
اعظم خان: تنهنجون خواهشون پوريون نه ٿي سگهيون آهن ته پوءِ تون مغموم آهين؟
عنايت: مون انهيءَ گهڙيءَ کان عشق جي چشمي مان وضو ڪيو آهي ۽ تڏهن کان هر موجود تي جنازي نماز پڙهي ڇڏي آهي.