ديو جانس کان شاهه عنايت شهيد تائين
پيهي جان پاڻ ۾، ڪيم روح رهاڻ،
ته نڪو ڏونگر ڏيهه ۾، نڪا ڪيچين ڪاڻ،
پنهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سُورَ هئا.
ابن العربي، منصور حلاج، شمس تبريز ۽ روميءَ کان وٺي لطيف سائين تائين انهيءَ فڪر هڪ ڊگهو سفر ڪيو آهي. انهي فڪر جا آثار اسان کي ڀڳت ڪبير، ميران ٻائي ۽ گوتم ٻڌ ۾ به ملن ٿا جنهن ۾ انهيءَ فڪر جي آفاقيت ۽ عالمگيريت جو اندازو بخوبي لڳائي سگهجي ٿو. اهو فڪر صرف روحاني رمزن تائين محدود نه آهي پر انساني سماجي روين تي به انهي جو عملي اثر رهندو آيو آهي. روح جي پاڪيزگي حقيقت ۾ فڪر و عمل جي پاڪيزگيءَ سان مشروط آهي ۽ فڪر و عمل جي پاڪيزگي فقط زباني جمع خرچ ۽ ڏيکاءَ تائين محدود نه آهي پر ماڻهوءَ جي هر فعل ۾ ان جي موجودگي ضروري آهي. جڏهن عام ماڻهو اها صورت اختيار ڪري ٿو ته اسان اُن کي “انسان” جي نالي سان تعبير ڪريون ٿا، مولانا رومي انهي کي مردِ ڪامل سڏي ٿو، جرمن فيلسوف فريڊرڪ نٽشي ان کي “فوق البشر” سان تعبير ڪري ٿو، لطيف سائين پنهون پاڻ هئڻ” جو نالو ڏي ٿو، حسين بن منصور حلاج اُن کي “ ان الحق” سڏي ٿو، سچل سائين ان کي “ سچو سو سبحان عالم ليکي آدمي” چوي ٿو.
ماڻهپي جي عام سطح کان مٿي جي انسانن ۾ آهي گُڻ ۽ خوبيون پيدا ٿين ٿيون ۽ جيڪي منجهس دوئي يعني ٻيائي جو خاتمو آڻي ڇڏين ٿيون ۽ انهي مردِ ڪامل ۾ استغنا ۽ بي نيازي پيدا ٿي وڃي ٿي. اهو گڻ لوڀ، ڪروڌ ۽ خوف کان انسان کي مٿڀرو ڪري ڇڏي ٿو. اهڙا انسان ئي تاريخ جا نه وسرندڙ ورق بڻجي ويندا آهن ۽ نه رڳو هڪ جاءِ ۽ هڪ دور لاءِ اتساهه مهيا ڪندا آهن پر انهن جون مهرون هر دور تي ثبت رهنديون آهن.
بادشاهن ۽ شهنشاهن جون شهنشاهتون ته مِٽجي وينديون آهن پر انهن جا فقيري ورثا ۽ يادون ڪڏهن به مٽجي نه سگهنديون آهن. سندن سَڏَ پڙاڏا بڻجي صدين تائين پيا گهر گهر گونجندا آهن. سندن ڪنڌ ڦاسيءَ گهاٽ تي به اُچا رهندا آهن، سندن سِرَ اڏيءَ تي ايندي به مسڪرائيندا آهن ۽ سندن بي نيازيءَ جو اِهو عالم هوندو آهي جو ڪنهن جابر جو جبر، ڪنهن مڪار جو مڪر ۽ ڪنهن فاتح عالم جو ڏهڪاءُ به سندن سَرير ۾ ڪنبڻي پيدا نه ڪري سگهندو آهي.
چون ٿا ته محمود غزنويءَ (جنهن هندستان تي سترهن ڪاهون ڪيون هيون ۽ سومناٿ مندر کي فتح ڪيو هئو) هڪ ڀيرو پنهنجي دور جي هڪ بزرگ خواجه ابوالحسن خرقاني کي خط لکيو هئو ته منهنجي درٻار مان ٿي وڃ ته ان بزرگ ابوالحسن خرقاني خط جي پويان هيءَ عبارت لکي خط واپس ڪيو هئو.
“ لک رحمتون هَجن اُن بادشاهه تي جيڪو فقير جي دروازي تي اچي ۽ لک لعنتون هجن ان فقير تي جيڪو بادشاهه جي در تي وڃي.”
هڪ روايت مطابق ٺٽي جي مغل گورنر اعظم خان صوفي شاهه عنايت کي پنهنجي درٻار ۾ اچڻ لاءِ سنيهو موڪليو ته صوفي شاهه عنايت اعظم خان کي جواب موڪليو ته “اسان پنهنجي پيرن کي توڪل جي مينڌي لڳايو ويٺا آهيون جنهن ڪري درٻار ۾ حاضر ٿيڻ کان قاصر آهيون.” هيءَ روايت ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن ٻي بزرگ ڏانهن به منسوب هجي. صوفي شاهه عنايت شهيد جي حوالي سان هيٺ بيان ٿيندڙ واقعو البته مستند تاريخي حوالي سان نامياري عالم غلام محمد مهر جي ڪتاب “ تاريخ عهد ڪلهوڙا جلد پهريون صفحو 227 تي موجود آهي ته “ جڏهن ٺٽي جو مغل گورنر اعظم خان صوفي صاحب سان ملڻ لاءِ سندس رهائش گاهه واقع ميران پور (جهوڪ شريف) تي ويو ته صوفي صاحب جي دروازي تي دربان ويٺل ڏٺائين ۽ پوءِ ملاقات دوران صوفي صاحب کي فارسيءَ ۾ چيائين، “ در درويش را دربان نه باشد” (يعني درويش جي در تي دربان نه هئڻ گهرجن) انهيءَ تي شاهه عنايت به کيس فارسيءَ ۾ وراڻي ڏني “باشد تا سگ دنيا نه آيد” (يعني دربان هئڻ گهرجن ته جيئن دنيا جا ڪُتا اندر نه اچي سگهن) اعظم خان موٽي ٺٽي آيو پر شاهه عنايت جو اِهو جواب سندس اندر ۾ جهير وجهندو رهيو. هن کي تصور ۾ ئي نه هئو ته هيءَ فقير تن ماڻهو حاڪمِ وقت اڳيان اهڙيءَ جرئت، بي باڪي ۽ بي نيازيءَ جو اظهار ڪري سگهي ٿو. بعد ۾ ميران پور جي معرڪي ۾ شاهه عنايت ۽ سندس فقير ساٿين شهادت ماڻي پنهنجي مشن ۽ عظمت جو علم بلند رکي ڇڏيو. اڄ به جهوڪ ۾ گنج شهيدان موجود آهن.
سر در قدمِ يار فدا شد چه بجاشد،
اين بارِ گران بود ادا شد چه بجاشد
(يار جي قدمن ۾ سر فدا ٿيو ته بجا/ سٺو ٿيو. اهو وڏو بار هو جيڪو ادا ٿيو ته بجا ٿيو)
سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب “ جيئن ڏٺو آهه مون” جي ابتدا ۾ مٿيون فارسي شعر ڏنو آهي ۽ پاڻ سندن ٻي ڪتاب “ سنڌ جا سورما” ۾ شهيد شاهه عنايت جو به بطور هيرو ذڪر ڪيو آهي. شهيد شاهه عنايت تي محترم حضور بخش صوفي جو ڪتاب ۽ محترم ڊاڪٽر محمد علي مانجهي جي پي ايڇ ڊي واري ٿيسز جيڪا ڪتابي صورت ۾ ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي چُڪي آهي سي پڙهڻ جهڙا ڪتابَ آهن. ان کانسواءِ پير حسام الدين شاهه راشديءَ جو مضمون جرمن اسڪالر اينمري شمل جو مضمون ڪتاب Pearls of Indus ۾ ۽ سبط حسن جو مضمون ڪتاب “ نويد فڪر ۾ ڦهليل آهن. اها بيباڪي انسان ۾ فقط تڏهن پيدا ٿي سگهي ٿي جڏهن هو طمع کي تمام/ختم ڪري ڇڏي ٿو ۽ خوف کان مٿاهون ٿي وڃي ٿو. مون پنهنجي هڪ مضمون “انسان جي تلاش” ۾ يونان جي هڪ اهڙي بيباڪ ۽ بي نياز ڪردار ديوجانس ڪلبي جو ذڪر ڪيو آهي ۽ اِهو مضمون جون 1987ع ۾ ڇپيل منهنجي ڪتاب “ سرمد ڇا ٿو سوچي؟” ۾ آهي جنهن جا ڪجهه اقتباس/ ٽڪرا هن ريت آهن.
ديو جانس 413 قبل مسيح ۾ يونان جي شهر سينوب ۾ پيدا ٿيو ۽ هن جو پيءُ سونارڪو ڌنڌو ڪندو هئو. هو ڳوٺ کي ڇڏي اٿينس آيو جتي لٺ هٿ ۾ کنيو پيرين اگهاڙو پيو گهمندو هئو. ماڻهن جي ٺٺولين، چٿرن ۽ کِلن تي هُن کي ڪا به ڪاوڙ نه ايندي هئي. هو ماڻهن جي انهيءَ هلڪڙائپ تي رڳو حڪيماڻي خاموشي اختيار ڪندو هئو ۽ خوش ٿيندو هئو. هن جي ذات سان جيڪي واقعا ۽ قول منسوب آهن انهن مان هن جي بي نيازي، بهادري، سچ گوئي، آزاد خيالي ۽ ظرافت طبعي جو پتو پوي ٿو. روايت آهي ته هڪ ڀيري سڪندراعظم هن وٽ ويو ۽ هو اُنهي مهل اُگهاڙي بدن اُس ۾ ويٺو هئو. سڪندر ويجهو وڃي چيس، “آئون سڪندر آهيان.” هن بي نيازيءَ سان وراڻيو، “ آئون ديو جانس آهيان. سڪندر پڇيس، “ تون مون کان ڊڄين نٿو؟” هن حاضر جوابيءَ سان پڇيس، “تون نيڪ آهين يا بد؟” سڪندر چيو، “نيڪ” هن موٽ ۾ چيو، “جيڪڏهين تون نيڪ آهين ته پوءِ توکان ڇو ڊڄان.” سڪندر اِهو ڏاهپ ڀريو جواب ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائينس، “تنهنجي ڪا ضرورت هجي ته ٻڌاءِ. ديوجانس وراڻيو، “في الحال ته صرف هڪ ضرورت اٿم ته تون هتان هٽي وڃ، ڇاڪاڻ ته تو منهنجي اُس روڪي آهي.”
هڪ دفعي جو واقعو آهي ته ڪنهن ڳالهه تان ڪي ماڻهو هن کي جهلي فلپ مقدونيءَ وٽ وٺي ويا. فلپ هن کان پڇيو، “تون ڪير آهين؟” هن تُز جواب ڏنو، “تو وانگر هڪ جاسوس.” فلپ کي هن جو جواب وڻيو ۽ هن کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا نه ڪيائين، هڪ ڏيهاڙي هن ڏٺو ته هڪڙي ڇوڪر ٻُڪ ۾ پاڻي پئي پيتو، هن يڪدم پنهنجو پاڻي پيئڻ وارو پيالو ڦٽو ڪري ڇڏيو ۽ چيائين هيءُ ڇوڪر مون کان زياده سياڻو آهي. هڪ ڀيري هڪڙي امير هن کي پاڻ وٽ اچڻ لاءِ چوائي موڪليو ته جيڪڏهين نه ايندين ته مارائي ڇڏيندوسانءِ. ديو جانس نياپي آڻيندڙ کي چيو ته: “اِها ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي. اِهو ڪم هڪ پتڪڙو زهريلو جيت به ڪري سگهي ٿو.” هڪ ڏينهن هن ڏٺو ته سپاهين هڪ چور کي جنهن سرڪاري خزاني مان مال چورايو هو، سزا پئي ڏني. هن وڏا ٽهڪ ڏيئي چيو: “ڏسو، ڏسو هو وڏا چورَ ننڍي چور کي سزا پيا ڏين.”
هڪ ڀيري ڪنهن ماڻهوءَ کائنس پڇيو، : ماڻهو انڌن، لولن لنگڙن کي خيرات ڏين ٿا، پر فلسفين کي ڪو نه ٿا ڏين، سو ڇو؟ هن برجستو جواب ڏنو، “ماڻهو انڌن، لولن لنگڙن کي خيرات انهي ڪري ڏين ٿا جو کين انڌي ۽ لولي لنگڙي ٿيڻ جو ڊپ آهي، پر هنن کي فيلسوف ٿيڻ جو خوف ڪو نه آهي.”
ديوجانس جي عادت هئي ته ڏينهن جي سهائي ۾ به بتي ٻاري کڻندو هو ۽ بيو جهاتيون پائيندو هو. ماڻهو پڇندا هئس ته ڇا پيو ڳولين ته چوندو هئو، “ انسان پيو ڳوليان.”
غالباَ اها روايت مولانا جلالدين رومي کي به معلوم ٿي هئي تڏهن ته هُن پنهنجي مثنوي ۾ لکيو آهي.
دي شيخ باچراغ همي گشت گردِ شهر،
کِز دام ودد ملولم و انسانم آرزوست.
يعني ڪالهه شيخ ڏيئو کڻي شهر ۾ ڦري رهيو هو ۽ چئي رهيو هو ته ڍور ڍڳي مان مايوس آهيان، مون کي آرزو آهي ته انسان جي آهي.
صديون گذري ويون آهن، ديو جانس کان وٺي رومي ۽ رومي کان وٺي اڄ تائين وقت کي انسان جي تلاش آهي ۽ خبر نه آهي ته “اهو انسان” ڪڏهن ملندو.