بابا فريد جا اشلوڪ
هڪ اداري “مقتدره قومي زبان اسلام آباد” طرفان ڇپايل هندي اردو لغت ۾ لفظ اشلوڪ جي معنيٰ هن ريت ڏنل آهي. اشلوڪ (شلوڪ) نظم، شعر، بيت، دوهو، مقفيٰ فقرو، انهيءَ لفظي معنيٰ جي لحاظ کان اشلوڪ شاعريءَ جي ئي هڪ صنف آهي. پنجابي زبان جو به سنڌي ۽ سرائڪي زبانن جيئن پنهنجو هڪ مٺِاس آهي جنهن ۾ بابا فريد ۽ گرونانڪ جي شاعريءَ صوفياڻي سوچ جو انوکو ۽ اثرائتو اظهار ڪيو آهي جنهن جو اثر سنڌي ٻوليءَ جي مَهان شاعر لطيف سائين به قبوليو آهي ۽ ڪيترن اشلوڪن ۽ شعرن کي شعوري طرح پنهنجو بنائيندي پنهنجن بيتن ۾ آندو آهي. مثال طور بابا فريد جو هڪ اشلوڪ آهي.
فريدا جو تين مارڻ مُڪيان، تنهان نه مارين گهم
آپڻي گهر جائي، پير تنها دي چم
يعني اي فريد! توسان جيڪي وڙهن تن سان
تون نه وڙهه، انهن جا پير چُمي موٽي
پنهنجي گهر هليو اچ.
لطيف سائين ساڳئي خيال کي هن ريت اظهاريو آهي.
هو چونئي تون مَ چئو واتان ورائي،
اڳ اڳرائي جو ڪري، خطا سو کائي،
پاند ۾ پائي، ويو ڪيني وارو ڪين ڪي.
تصوف سان تعلق رکندڙ عالمن ۽ شاعرن جي سوچ يونيورسل آهي ۽ اهي خارج/ ٻاهر بجاءِ باطن/ اندر جي اوجر کي اهم سمجهندا آهن. بابا فريد به هڪ اشلوڪ ۾ انهيءَ فڪر کي هن ريت بيان ڪري ٿو.
فريدا جي تون عقل لطيف، ڪالي لِک نه ليک،
آپڻي گريوان ۾، سِر نيوان ڪَر ديک،
يعني: اي فريد! جيڪڏهن تنهنجو عقل سچيت يا لطيف آهي ته ڪوجها ڪَم نه ڪر ۽ حق کي پائڻ لاءِ پنهنجو سِر جهڪائي اندر ۾ جهاتي پائي.
بابا فريد شڪر گنج جو فڪري تعلق صوفين جي چشتيه سلسلي يا مسلڪ سان آهي. سندس اشلوڪ “ گرو گرنٿ صاحب” يعني سکن جي مقدس ڪتاب مان گرمکي لپيءَ ۾ لکيل مليا آهن جنهن ڪري ڪيترا عالمَ ۽ مهقق انهن کي بابا فريد جو ڪلام مڃڻ لاءِ تيار نه آهن ۽ انهيءَ ڳالهه تي ڪافي تفصيلي بحث به ٿي چڪو آهي پر پنجابي ٻوليءَ جي هڪ وڏي دانشور محمد آصف خان پنهنجي ڪتاب “ آکهيا بابا فريد ني” ۾ نه رڳو بابا فريد جي حياتي ۽ سندس ڪلام تي بحٿ ڪيو آهي پر هن سلسلي ۾ ڦهلايل غلطين جي دَز دُور ڪرڻ ۾ به ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. بابا فريد جي آخري آرامگاهه پاڪ پتن ۾ آهي جتي هر سال هن جو عرس ٿيندو آهي. هڪ محقق عبدالعزيز ساحر ڪتاب “ اشلوڪ، بابا فريد کا منتخب ڪلام” جي صفحي 13 تي بابا فريد متعلق لکي ٿو، “ بابا فريد جا اشلوڪ نفس کان وٺي آفاق تائين جو منظر نامو ترتيب ڏين ٿا، اهي تهذيب ۽ اُن جي ڏسائن جي داخلي ۽ خارجي فضا کي سمجهڻ لاءِ هڪ معيار ۽ ماپو مهيا ڪن ٿا.بابا فريد جا شلوڪ ڏاهپ ۽ عرفان جو خزانو آهن، انهن جو هڪ پنهنجو علامتي يا اهڃاڻي نظام آهي. انهيءَ نظام جي اهڃاڻي ۽ معنوي مامرن تائين پهچ پنهنجي ماضيءَ جي روايتي ۽ فڪري وهڪرن طرف ڏانهن موٽڻ کان سواءِ ممڪن نه آهي.”
ننڍي کنڊ ۾ انسان دوستي ۽ اندر اجارڻ جي تعليم صوفياءِ ڪرام جي تعليمات ۾ موجود آهي پر اسان جا ماڻهو انهن بزرگن کي پير سمجهي پوڄڻ لاءِ ته تيار آهن پر سندن تعليمات کي سمجهڻ ۽ اُن تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. اهو ئي ڪارڻ آهي جو معاشرتي زندگيءَ جو تاڃي پيٽو اُکڙي ڌاڳا ڌاڳا ٿي رهيو آهي ۽ خود غرضي ۽ مفاد پرستي ديرو ڄمائي ورتو آهي. انساني قدرن جي انهيءَ ابتري ۽ زوال ساري سماج کي ساڻو ۽ بي ستو ڪري ڇڏيو آهي.
بابا فريد کي جيڪڏهين فڪري رهبر بنائي وٺجي ۽ اُن قبيلي جي صوفين جي سوچ کي سونهون بنائي وجود جو ورق ڌوئي وٺجي ته انهن هاڃيڪار حالتن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهجي ٿو.
بابا فريد جي چند اشلوڪن جو سنڌي ترجمو هيٺ ڏجي ٿو:
اي فريد! جنهن ۾ هوس آهي سو ڪوڙو پيار آهي،
ٽٽل ڇپر مينهن جي لار کي ڪيستائين روڪي سگهندي
اي فريد! مون سمجهيو ته پنهنجي ئي گهر ۾ آڳ دُکيل آهي، پر مٿي چڙهي ڏٺم ته گهر گهر ۾ آڳ لڳل آهي
اي فريد! جيڪڏهن تِرَ گهٽ هجن ته سوچي سمجهي مُٺ ڀرجان،
۽ جيڪڏهن محبوب ڪم سن هجي ته ڪڏهن به ناز نه ڪجان،
اي فريد! انهن ئي ٽنگن سهاري ڀٽڪين جنگل جنگل
اڄ پاسي ۾ پيل ڪَرو/ڪورو به دُور پيو لڳي.
اي فريد! فقيري وارو رستو ڏکيو آهي، اهڙو تيز ۽ سنهو آهي جهڙي ترار جي ڌار.
اي فريد! هُجي عجز، سهپ، مِٺي ماکي جهڙي زبان،
جنهن ۾ اِهي گُڻ هوندا تنهن کي ملندو ڀڳوان.