مقتل جو مسافر منصور حلاج
بيدي و عند المسلمين قبح
انڪار ڪيو مون الله جي دين جو، اهو انڪار مون لاءِ واجب هئو ۽ مسلمانن لاءِ اهو گناهه آهي)
شيما مجيد ۽ علامه جاويد جي مرتب ڪيل ڪتاب “ حيات و ڪلام حسين بن منصور حلاج” تان ورتل، هيءُ عربي شعر ديوان حلاج ۾ موجود آهي.
نامياري ليکڪ ادريس شاهه جو ڪتاب، The way of sufi جيڪو پينگوئن بوڪس وارن ڇپرايو آهي سو تصوف جي حوالي سان هڪ معلوماتي ڪتاب آهي جنهن ۾ تصوف جي وصف، پس منظر ۽ تعليمات جي اُپٽار سان گڏ مشهور صوفي مسلڪن/ طريقن ۽ سلسلن بابت ڪافي معلومات ڏنل آهي ۽ ناليوارن صوفياءَ ڪرام جون جيون ڪٿائون ۽ سندن تعليمات جا حوالا به ڏنا ويا آهن. هن ڪتاب ۾ امام غزاليءَ جي تعليمات جو ذڪر ڪندي هڪ ڳالهه ياد رکڻ لائق هن ريت بيان ڪئي وئي آهي. “هڪ ڏهاڙي حضرت عيسيٰ هڪ هنڌان لنگهيو ته رستي جي پاسي کان ديوار تي ڪجهه خراب حال ماڻهو ويٺل ڏٺائين ۽ انهن کان پڇيائين، “توهان کي ڪهڙي پريشاني آهي” هُنن وراڻيو، “ اسان جو هيءُ حال جهنم جي خوف کان ٿيو آهي.”
حضرت عيسيٰ اڳيان وڌيو ته رستي تي ٽڙيل پکڙيل ٽولن جي صورت ۾ ڪي ماڻهو ويٺل نظر آيس، جن جي چهرن مان بي اطميناني ۽ پريشاني بکي رهي هئي. انهن کان پڇيائين، توهان کي ڇا ٿيو آهي؟
هنن وراڻيو: جنت جي خواهش اسان جو هيءُ حال ڪيو آهي.” حضرت عيسيٰ اڃان به اڳيان وڌيو ته ماڻهن جو ٽيون ميڙ نظر آيس، ائين پي لڳو ته هنن گهڻو ڪجهه ڀوڳيو آهي پر پوءِ به سندن چهرن تي سرهائي ٻهڪي رهي هئي. حضرت عيسيٰ انهن کان پڇيو: “ توهان ائين ڇو لڳي رهيا آهيو؟” هنن وراڻيو، “ اسان حق کي ڏسي/ ماڻي ورتو آهي ۽ انهيءَ ڪري انهي ڳالهه اسان کي معمولي مقصدن کان بي نياز بڻائي ڇڏيو آهي.” حضرت عيسيٰ فرمايو، “ بيشڪ اهي ماڻهو اهي آهن جيڪي پهتل آهن ۽ قيامت جي ڏينهن اهي ماڻهو ئي خدا جي حضور ۾ سرخرو ۽ مانائتا هوندا.” اها تمثيل انهيءَ ڳالهه کي چٽو ڪري ٿي ته عظيم مقصدن جي حاصلات لاءِ سوچيندڙ ۽ لوچيندڙ ماڻهو پتڪڙن مقصدن ۽ غرضن جا غلام نه هوندا آهن. انهيءَ ڪري نه خوف سندن پيڇو ڪندو آهي ۽ نه لوڀ کين پريشان رکندو آهي. اهڙا ماڻهو دوزخ محض ڌڙڪو ۽ جنت کي محض دلاسو سمجهندا آهن ۽ سندن پنڌ اڃان پراهون هوندو آهي. لطيف سائين سُر رامڪلي ۾ هيئن چوي ٿو.
ڪيهي ڪم ڪاپڙي ٿا اهڙي روش رون،
نڪا دل دوزخ ڏي نڪي بهشت گهرن،
نڪو ڪم ڪفار سين نڪا مسلماني مَن،
اڀا ائين چون ته پرين ڪجو پنهنجو
صوفياءِ ڪرام جا مختلف مڪاتب فڪر آهن جهڙوڪ سهر وردي، نقشبندي، قادري، چشتي، اويسي ۽ موالوي، اهي سڀ وحدت الوجود جا قائل آهن. مشهور صوفي بزرگ، منصور حلاج جي نالي سان عام طور مشهور آهي پر سندس اصل نالو ابو الاغيث حسين بن منصور حلاج يعني منصور سندس والد صاحب جو نالو هو نه ڪه سندس. هن جو جنم فارس ۾ 838ع ڌاري ٿيو ۽ قوميت جي لحاظ کان هو ايراني هئو. لفظ حلاج جي معنيٰ آهي ڪپهه پڃيندڙ يعني پڃارو. هن جو تعلق وچئين دور سان آهي جڏهن بغداد ۾ عباسي خلافت سان تعلق رکندڙ خليفو المقتدر حڪمران هو ۽ سنڌ تي به عباسين جي حڪمراني هئي ۽ سندن تختگاهه منصوره هئو جيڪو قديمي وستي برهمڻ آباد وٽ هئو ۽ هالا کان سانگهڙ ويندڙ رستي تي اڄ تائين برهمڻ آباد جا کنڊرَ موجود آهن. منصور حلاج جو تعلق عراق ۽ ايران سان انهيءَ ڪري ڳنڍيو وڃي ٿو جو هن جي وفات 26 مارچ 923ع تي بغداد ۾ ٿي. هن جي جيون ڪٿا جي اڀياس مان خبر پوي ٿي ته اصل ۾ هن جو واسطو حنبلي مڪتب فڪر سان هئو ۽ بعد ۾ هو قرمطين جي باطني فرقي سان سلهاڙجي ويو ۽ آخر ۾ تصوف جي وحدت الوجودي مڪتب فڪر جو ترجمان بڻجي ويو. هتي هن ڳالهه جي چٽائي به ضروري آهي ته اسلام جي ابتدائي دور ۾ ڪا به فرقه بندي نه هئي پر حضرت محمدﷺ کان پوءِ ٻه وڏا فرقا پيد اٿيا جن مان هڪ فرقي پاڻ کي شيعان علي سڏايو ته ٻين پاڻ کي سني سڏراوي. اهلسنت يعني سنين جا چار فقهي امام ٿيا. اِهي گروهه آهن حنفي، حنبلي، مالڪي ۽ شافعي، موجوده وقت سعودي عرب ۾ شافعين جي اڪثريت آهي ۽ ايران ۾ وري شيعن جي اڪثريت آهي. اهڙيءَ ريت دنياءِ عرب کان وٺي ٻين ملڪن ۾ به انهن فرقن ۽ انهن جي ذيلي فرقن جي موجودگي ملي ٿي. حنفي فرقي جو بنياد وجهندڙ امام ابو حنيفه آهي ۽ اڳتي هلي ساڳئي فرقي جا پوئلڳ ٻن گروهن ۾ ورهائجي ويا جن مان هڪڙن کي وهابي ياديوبندي چيو وڃي ٿو ته ٻي کي بريلوي يا اهلسنت سڏيو وڃي ٿو. وهابي مڪتب فڪر جو اڳواڻ علامه عبدالوهاب ۽ بريلوين جو اڳواڻ علامه احمد رضا بريلوي آهي. اهڙي طرح شيعن جا به ٻه وڏا فرقا ٺهي ويا جن مان هڪڙي کي اسماعيلي/ آغا خاني ۽ ٻي کي اثناعشري سڏجي ٿو. اسماعيلي، حاضر امام جا قائل آهن ته اثناعشري امام غائب جا مڃيندڙ آهن. اسماعيلي فرقي جو خاص طرح مصر ۾ وڏو اثر رهيو آهي ۽ فاطمي سلطنت هنن سان تعلق رکندڙ هئي. منصور حلاج جي ڏاڏي جو تعلق زرتشتي مذهب سان هئو. هن ننڍپڻ ۾ ئي قرآن پاڪ حفظ ڪري ورتو هئو ۽ سندس مزاج ۾ ابتداءَ کان وٺي دنياوي راحتن کان دوري ۽ صوفين سان صحبت قائم ڪرڻ جو رجحان موجود هئو. چون ٿا ته حسين بن منصور حلاج شاديءَ بعد حج ڪرڻ لاءِ مڪي مڪرمه ويو جتي هو هڪ سال ترسيو ۽ مسجد نبوي ڏانهن منهن ڪري روزي ۽ خاموشيءَ ۾ وقت گذاريائين. اتان کان پوءِ موٽي هو ڊگهي سفر تي روانو ٿيو ۽ دورانِ سفر درس تدريس سان گڏ لکڻ جو ڪم به ڪندو رهيو. هن جي سوانح لکندڙ ٻڌائين ٿا ته هن مختلف موضوعن تي عربيءَ ۾ 46 ڪتاب لکيا ۽ شاعريءَ سان شغف ڪري عربي زبان ۾ سندس شاعريءَ جو مجموعو “ديوان حلاج” جي نالي سان مشهور آهي. سندس لکيل ٻين ڪتابن جو وچور هيٺئين ريت آهي.
ڪتاب الابد والمابود
ڪتاب الاحرف المهدله و الا الزليھ والاسماء الڪلينة
ڪتاب لاصول والفروع
ڪتاب الامثال والابواب
ڪتاب تفسير قل هو الله احد
ڪتاب التوحيد
ڪتاب حمل النور والحيوات والارواح
ڪتاب خزانن الخيرات
ڪتاب خلق خلائق القرآن والاعتبار.
ڪتاب خلق الانسان والبيان
ڪتاب الدرت الي نصر القشوري
ڪتاب الذاريات ذروا
ڪتاب سرالعالم والمبعوث
ڪتاب السهرو و جوابھ
ڪتاب السياسيھ الي الحسين بن حمدان
ڪتاب السياسيته والخلفاءِ والامراءِ
ڪتاب شخص الطلمات
ڪتاب الصدق ولاخلاص
ڪتاب الصلو. ه والصلوات
ڪتاب الصيهون
ڪتاب طاسين الازل والجواهر کير والشجرت الزيتونيته النوريته
ڪتاب ظلم المدودوالماء المسکوب والحيوات الباقيته.
ڪتاب العدل والتوحيد.
ڪتاب علم البقاءَ والفناءَ
ڪتاب الغريب الفصيح
ڪتاب في ان الذي فرض عليکڪ القرآن لر آدڪ اليٰ معاد
ڪتاب قرآن قرآن الفرقان
ڪتاب القيامته والقيامات
ڪتاب الڪبر والعطمته
ڪتاب کبريت لاحمر
ڪتاب کيدالشيطان واامرالسطان
ڪتاب کيف کان وکيف يکون.
ڪتاب ليفيته بالمجاز
ڪتاب الکيفيته والحقيقته
ڪتاب لاکيف
ڪتاب الجليات
ڪتاب مدع النبي و المثل الاعليٰ
ڪتاب موابيدالعارفين
ڪتاب النجم اذاهري
ڪتاب نور النور
ڪتاب الوجود الاول
ڪتاب الوجود الثاني
ڪتاب هو هو
ڪتاب الهيا ڪل والعالم و العالم
ڪتاب اليقظه و بد والخلق
ڪتاب اليقين.
هن هندستان ۽ وچ ايشيا جو به دورو ڪيو ۽ پنهنجا ڪافي پرستار ٺاهيا، جن مان ڪيترائي سندس ٻي ۽ ٽئين دفعي مڪي جي سفر ۾ ساٿ رهيا. انهيءَ دوري ۽ سفر بعد هو بغداد ۾ رهي پيو. زندگيءَ جي ابتدائي حصي ۾ هو حضرت جنيد بغدادي جو پيروڪار رهيو ۽ اسرالمڪي جو به پوئلڳ ٿيو پر بعد ۾ انهن ٻنهي هن کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو. چيو وڃي ٿو ته هن جي ابتدائي استادن ۾ سهل التستري به شامل هو.
منصور حلاج فڪري طرح هڪ انقلابي انسان، فيلسوف، ۽ صوفي هئو. هن جو شعري ڪتاب .ديوان حلاج” پنهنجو مٽ پاڻ آهي. هن دشتِ سوس جو اڙانگو سفر به ڪيو، جنهن رڻ پَٽ ۾ ريتي، واريءَ جا طوفان ۽ واچوڙا پيادل هلندڙن کي ته ڇا پر اُٺن ۽ گهوڙيسوارن لاءِ به موت جو پيغام کڻي ايندا هئا. انهيءَ پس منظر ۾ منصور حلاج تي جميله هاشمي جو لکيل ناول “ دشتِ سوس” پڙهڻ وٽان آهي. انهيءَ کان علاوه منصور حلاج تي تحقيق لاءِ هيٺيان ڪتابَ به ڪارائتو مواد مهيا ڪن ٿا.
عشق ڪي رستي اپني، ليکڪ محبوب تابش
حسين بن منصور حلاج، ليکڪ لوئي ماسينيون، مترجم ڊاڪٽر صابر آفاقي
حسين بن منصور حلاج، ليکڪ طاهر منصور فاروقي
شهيد عشق، ترتيب ڏيندڙ محمد اڪرام چغتائي
تذڪره الاولياءَ، شيخ فريد الدين عطار.
ڪشف المحجوب، سيد علي بن عثمان هجويري.
ناول “دشتِ سوس” کي پڙهندي ماڻهو اهڙي دنيا ۾ کوئجي وڃي ٿو جو خود کي دشتِ سوس جو مسافر سمجهڻ لڳي ٿو ۽ ائين ڀائين ٿو ته هيءَ سڄي ڪائنات دشتِ سوس آهي ۽ پاڻ واريءَ يا ريت جو هڪ ذرڙو پر اهو ذرڙو جڏهن وسعت اختيار ڪري ٿو ته خود دشتِ سوس بڻجي وڃي ٿو. خليل جبران پنهنجي ڪتاب “ ريت اور جهاگ” ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته ابو الهول زندگيءَ ۾ فقط هڪ ڀيرو ڳالهايو ۽ هن چيو ته “واريءَ جو ذرو صحرا آهي ۽ صحرا واريءَ جو هڪ ذرو.” ۽ پوءِ هو سدائين لاءِ خاموش ٿي ويو. منصور حلاج جو سڄو فلسفو انهيءَ هڪ جملي ۾ اظهار جي وڃي ٿو. اهو ئي سبب آهي ته هن ڀير تي ڏونگو هڻي “ اناالحق” جو اعلان ڪيو جنهن جي معنيٰ آهي، “آئون حق يا سچ آهيان”. انهيءَ نعره اناالحق هڪ طرف شريعت جي صاحبن کي چيڙائي وڌو ته ٻي طرف انهيءَ دور جا مشائخ به هن کان ناراض ٿي پيا ڇاڪاڻ ته انهن مشائخن يا صوفين جو اهو خيال هئو ته حق جي پڌرائي کي راز ۾ رکڻ جي ريت اختيار ڪرڻ گهرجي ها جيڪا منصور نه ڪئي. هن جا سوانح نگار سندس زهد ۽ عبادت جا تذڪرا ڪندي کيس هڪ مثالي عبادت گذار به سڏين ٿا. چيو وڃي ٿو ته هو هر رات چار سئو رڪعتون ادا ڪندو هو ۽ جڏهن ماڻهن کائنس پڇيو ته هيڏن مرتبن کان پوءِ به تون ايتريون اذيتون ڇو ٿو برداشت ڪرين. ته هن وراڻيو ته دوست جو مفهوم ئي اهو آهي ته مصيبتن تي صبر ڪيو وڃي ۽ اهي جيڪي هن راهه ۾ فنا ٿي وڃن ٿا انهن ۾ سرهائي ۽ غم جو ڪو احساس باقي نٿو رهي. هن پنجاهه سالن جي ڄمار ۾ هئين فرمايو: “ اڃان تائين منهنجو ڪو به مسلڪ نه آهي پر مڙني مذهبن ۾ جيڪي سڀ کان ڏکيون شيون آهن مون اهي اختيار ڪري ورتيون آهن.”
انهيءَ دور جي مشهور بزرگ حضرت شبلي نعماني منصور بابت چيو ته مون ۾ ۽ حسين بن منصور حلاج ۾ فقط ايترو فرق آهي ته ماڻهن هن کي دانشور سمجهي قتل ڪري ڇڏيو ۽ مون کي ديوانو يا چريو سمجهي ڇڏي ڏنو. هن کي ظاهر پرست مفتين ڪافر قرار ڏيئي ڇڏيو ته ميدان عرفات ۾ هن چيو، “ اي الله! تون گمراهن ۽ ڀٽڪندڙن کي راهه ڏيکارڻ وارو آهين ۽ آئون جيڪڏهن واقعي ڪافر آهيان ته منهنجي ڪفر ۾ اضافو ڪري ڇڏ.” هن انهيءَ دعا ۾ هيئن به چيو، “ آئون توکانسواءِ ڪنهن به ٻي جي عبادت نٿو ڪريان ۽ تنهنجي احساسنن جو پنهنجي عاجزيءَ سبب شڪر به ادا نٿو ڪري سگهان.منهنجي پاران تون پاڻ ئي شڪر ادا ڪري ڇڏ، ڇاڪاڻ ته بندن لاءِ تنهنجي شڪر ادائي ممڪن ئي نه آهي.”
حسين بن منصور حلاج تصوف جي دنيا جو يڪتا مثال آهي. هن جي شهادت ۽ تعليمات جو فارسيءَ جي صوفي شاعرن کان وٺي ننڍي کنڊ هند ۽ سنڌ جي صوفي بزرگن ۽ شاعرن تي ڳوڙهو اثر ڏسڻ ۾ اچي ٿو. نامياري جرمن محقق اينمري شمل تصوف جي حوالي سان وڏي تحقيقي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي آهي. هن پنهنجي ڪتاب Pearls of Indus جي صفحي 96 تي پنهنجي مضمون The martyr mystic halaj in sindhi folk poetry ۾ سنڌ جي لوڪ شاعريءَ ۾ منصور حلاج جو ذڪر ڪيو آهي جيڪو پڙهڻ وٽان آهي. اِبن عربي، شمس تبريز، مولانا رومي، فريد الدين عطار کان منصور حلاج تائين وحدت الوجود جي نقطه نظر کي اردو، سرائيڪي ۽ سنڌي شاعريءَ ۾ اهم مقام حاصل رهيو آهي. منصور حلاج جو نعره اناالحق لطيف سائين ۽ سچل سرمست وٽ به موجود آهي. جيئن سچل چيو.
“سچو سو سبحان، عالم ليکي آدمي.”
لطيف سائين ساڳئي منصوري نعري کي لطيف انداز ۾ هن ريت بيان ڪيو آهي.
پيهي جان پاڻ ۾ ڪيم روح رهاڻ
نڪو ڏونگر ڏيهه ۾ نڪا ڪيچين ڪاڻ،
پنهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سور هئا.
ساڳئي سلسله عشق و عرفان ۾ سرائيڪي زبان جي مشهور صوفي بزرگ خواجه غلام فريد چوي ٿو.
ملان ويري سخت ڏسيندي،
بي شڪ هن استاد دليندي ابن العربي تي منصور
ملان مون کي پنهنجا شديد دشمن لڳندا آهن ۽ بي شڪ اسان هجرت دل وارن لاءِ ابن العربي ۽ شيخ منصور جهڙا ماڻهو استاد آهن)
اهڙيءَ طرح ٻي هنڌ خواجه غلام فريد هن ريت اظهاري ٿو
عاشق مست مدام ملامي
که سبهاني بن بسطامي
آکهه انالحق تهي منصور
دائمي عاشق لوگ سبحاني ما اعظم شاني
عاشق هميشه مست رهندا آهن پوءِ ڇو نه ڪيتري ملامت پوندي هجي. اهي سبحاني ما اعظم شاني جو نعرو لڳائي بايزيد بسطامي بڻجي ويندا آهن ۽ انا الحق جو نعرو هڻي منصور ٿي ويندا آهن
حضرت بايزيد بسطامي صوفي مت جو تمام وڏو نالو آهي ۽ هن انالحق واري نعري کي ٻي ريت اظهاريو يعني چيائين.
“ آئون سبحان آهيان ۽ منهنجو ڪيڏو نه اعليٰ ۽ عظيم شان آهي.”
هن موضوع تي مون ڪافي سال اڳ هڪ مضمون لکيو هئو “ سرمد ڇا ٿو سوچي؟” جيڪو ڪتاب سرمد ڇا ٿو سوچي ۾ موجود آهي. تصوف ۽ ملائيت در حقيقت ٻن ويچار ڌارائن جا نالا آهن ۽ انسان ذات جي نجات صوفين واري فطري ڌارا سان سلهاڙيل آهي. ملائيت وٽ نفرت، ڪروڌ ۽ وير آهي پر صوفي ته انهن جا به واهرو ٿين ٿا جيڪي ساڻن وير رکن ٿا.
صوفي لاڪوفي، ڪون ڀائيس ڪير،
منجهان ئي منجهه وڙهي، پڌر ناهيس پير،
جنين ساڻس وير، ٿئي تنين جو واهرو
(لطيف)
صوفي مت هڪ آفاقي ۽ عالمگير تحريڪ آهي، جيڪا مذهبي مت ڀيدن کان مٿاهين ٿي سڄي انسان ذات کي هڪ ڌاڳي ۾ پروئي ٿي ۽ نفرتن، برترين ۽ ويڇن کي مٽائڻ ۾ مددگار ٿئي ٿي. وجود جي وحدت مان مراد هيءُ آهي ته هيءُ پوري پرڪرتي/ ڪائنات هڪ اڪائي آهي جنهن ۾ ڪا به دوئي Dualty نه آهي. حسين بن منصور حلاج جو اهو نقطه نظر ظاهر پرست ملن ۽ مفتين جي سمجهه ۽ قبول ڪرڻ کان مٿاهون هو انهيءَ ڪري هن کي ڪافر قرار ڏيئي سوريءَ سزاوار بڻايو ويو.
اڄ ايڪيهين صديءَ جا طالبان دهشتگرد ۽ داعش جا حامي ملان ۽ مفتي دنيا کي دوزخ ته بنائي سگهن ٿا پر جنت ۾ تبديل نٿا ڪري سگهن ۽ اهي حقيقت پسندي ۽ وسعت قلبي جا ازلي ويري آهن ۽ سندن انڌي ۽ ڪوتاه نظري عالمي اخوت ۽ برادري لاءِ زهر قاتل آهي انهيءَ ڪري اُهي شمس تبريز، منصور حلاج ۽ سرمد جا قاتل آهن. منصور جو سفر اڙانگو سفر آهي ۽ هن راهه جو گذر ئي قتل گاهه کان ٿئي ٿو جتي سر جو سانگو لاهڻو پوندو آهي ۽ سِر عيوض سُرڪي وٺڻ جو سودو منصور جهڙا مٿير ماڻهو سستو سمجهندا آهن.
آخرڪار 26 مارچ 922ع تي سرعام کيس سوريءَ چاڙهيو ويو . هڪ روايت آهي ته منصور کي هڪ ميدان تي آندو ويو جتي ماڻهن کي چيو ويو ته هن کي سنگسار ڪن ۽ ماڻهن حڪم جي تعميل ۾ نه چاهيندي به هن تي پٿر وسائڻ شروع ڪيا ۽ انهيءَ ميڙ ۾ موجود شبلي رسم نڀائيندي هن تي هڪ گل ڦٽو ڪيو ته منصور کان رڙ نڪري ويئي. منصور کان پڇيو ويو ته هن ٻين جي پٿرن تي رڙ نه ڪئي ۽ شبلي جي گل تي هن کان رڙ ڇو نڪتي ته هن وراڻيو ته ٻي خلق ته اڻڄاڻ هئي پر شبلي کي سندس منزل ۽ مقام جي خبر هئي ته به هن حاڪم جي حڪم جي تعميل ڪندي هن ڏانهن گل ڦٽو ڪيو. هن مثال مان هيءَ سبق به ملي ٿو ته لوڪ ڪهڙو به وهنوار ڪري پر باخبر دوستن جو ڄاڻي ٻجهي بي خبر بڻجڻ يا لوڪ واري رسم ادا ڪرڻ جو عمل ڏکوئيندڙ هوندو آهي. اهڙي حالت ۾ جسم نه پر احساس مجروح ٿيندا آهن ۽ ماڻهو پاڻ کي اڪيلائي جي سئو سالن جي قيد ۾ بند ڀائيندو آهي.
هي بي سمجهه سمجهو، هي اڻڄاڻ ڄاڻو،
ڀري بزم ۾ مون اڪيلو گذاريو
(اياز)
اڪيلائيءَ جو اهو احساس ماڻهوءَ کي ٽوڙڻ ۽ ڀورڻ لاءِ جيتوڻيڪ ڪافي آهي پر منصور حلاج پنهنجي سچاين واري نقطه نظر سان اهڙي والهاڻي وابستگي جو ڌڻي هئو جو مقتل جي ميدان تي به اٽل ۽ اڏول رهيو. اهڙا ماڻهو ئي تاريخ جو تت ۽ روح عصر هوندا آهن. منصور تي فتوائون ڪڍندڙ مُلن مفتين ۽ سندس قاتلن جي قبرن جو ڪو به پتو نه آهي پر ڪٿي انهن جون قبرون هونديون به ته انهن تي ڪو به گلن چاڙهڻ وارو نه هوندو آهي ۽ اتي ڪتا ئي رڳو پيشاب ڪندا هوندا پر منصور وقت جي دل ۾ اڄ به ڌڙڪي رهيو آهي سندس سوچ ۽ فڪر جي سرهاڻ ڏسائن کي واسي رهي آهي.
منصور حلاج جي سوانح نگارن هن کي مليل سزا جو هن ريت به ذڪر ڪيو آهي ته پهريائين هن جي ٻنهي هٿن کي ڪپيو ويو ته هن رت هاڻن هٿن سان پنهنجي منهن کي لال ڪري ڇڏيو ته جيئن رت وهڻ ڪري سندس چهري تي پيلاڻ نظر نه اچي ۽ پوءِ سندس ڄنگهن کي ڪپيو ويو، پوءِ زبان وڍي ويئي ۽ بعد ۾ سندس سر ڌڙ کان ڌار ڪري هن جو انت آندو ويو پر هو هر دفعي مسڪرائيندو رهيو. چون ٿا ته آخر م سندس جسم جون ٻوٽيون ٻوٽيون ڪري انهن کي باهه ڏني وئي ۽ سندس رک درياءِ دجله ۾ اڇلائي وئي.
منصور حلاج جي شهادت پٺيان هڪ وڏو عنصر سياسي هئو ڇاڪاڻ ته هو هڪ طوفان بڻجي اڳتي وڌي رهيو هو ۽ عباسي خليفي المقتدر کيس پنهنجي تخت ۽ تاج لاءِ وڏو خطرو ڄاڻي سندس انت آندو ۽ انهي عمل ۾ ملان ۽ مفتي سندس ساٿاري رهيا. مولانا ابوالڪلام آزاد پنهنجي مضمون “ سرمد شهيد” ۾ لکيو آهي، “ جڏهن به حڪمرانن کي ڪنهن حق پرست جو انت آڻڻو هوندو آهي ته جلاد جي تلوار ۽ مفتيءَ جو قلم گڏوگڏ هليا آهن. چون ٿا ته جڏهن هن کي قيديءَ جي صورت ۾ درٻار ۾ آندو پي ويو ته هڪ صوفيءَ کائنس پڇيو، “ عشق ڇا آهي؟ هن وراڻيو ته “ اهو توهان کي اڄ يا سڀاڻي يا ٻي ڏينهن معلوم ٿي ويندو.” هن کي انهيءَ ڏينهن قتل ڪيو ويو، ٻي ڏينهن ساڙيو ويو ۽ ٽئين ڏينهن هن جي رک (ڦلهيار) اڇلائي وئي.
مون پنهنجي ڪتاب “ ورق ورق زندگي” ۾ لکيو آهي، “اي دشتِ سوس ۾ خيمه زن،! منصور حلاج جو ڪو پار ڪو پتو؟ خيمه زن پنهنجي اکين تان اڇا ڇپر هٽائيندي چيو، “ هو جيڪو ڪرهن جو قافلو ڪاهيندو پيو وڃي اُن جي جَرس جي هَر لار ۾ منصور جي تار آهي ۽ ها! دشتِ سوس جي بي پناهه وسعتن کي مُٺ ۾ ويڙهي وٺندين ته منصور کي پائي وٺندين.” پوءِ هو اچن ڇپرن وارو خيمه زن بي نيازيءَ سان ڇپر اکين تي واري طول تي اهلي پيو ۽ اکيون ٻوٽي ڇڏيائين ڄڻ ته سڄو دشتِ سوس هن جي ڇپرن هيٺ ڍڪجي ويو هو.
خليل جبران صحيح چيو هئو، “ ابوالهول زندگيءَ ۾ فقط هڪ ڀيرو ڳالهايو ته واريءَ جو ذرو صحرا آهي ۽ صحرا واريءَ جو ذرو ۽ پوءِ هو خاموش ٿي ويو. سڄي پرڪرتي يعني ڪُل ڪائنات هڪ آواز ٿي نعره مستانه بلند ڪري رهي آهي. اناالحق، اناالحق، اناالحق.
لطيف سائين جي فڪر ۽ تخيل تي به منصور حلاج گهنگهور گهٽا جيئن ڇائنيل رهيو ۽ اهڙيون کوڙ ساريون شاهديون سندس شاعريءَ ۾ موجود آهن. جهڙوڪ.
* جَر ٿَر تِک تنوار، وڻ ٽڻ وائي هيڪڙي،
سڀيئي شئي ٿيا، سوريءَ سزاوار،
همه منصور هزار ڪهڙا چاڙهيو چاڙهئين؟
* سِر ڍونڍيان ڌڙ نه لهان، ڌڙ ڍونڍيان سِرُ ناهه،
هٿ ڪرايون آڱريون، ويا ڪپجي ڪانهه
وحدت جي وِهانءِ جي وياسي وڍيا.
* سپت پچار پرين جي، سپت هوت حضور،
ملڪه مڙيو منصور، ڪُهي ڪهندين ڪيترا؟