مهديت جو تصور ۽ مهدوي تحريڪ
بهائي عقيدي کي فروغ ڏيڻ ۾ پارسيءَ جي مشهور شاعره قرات العين طاهره جو وڏو ڪردار رهيو آهي جنهن کي وقت جي جابر حڪمرانن قيد ڪرائي مارائي ڇڏيو. قرائت العين طاهره تي منهنجو لکيل ليک اخبار سنڌ ايڪسپريس ۾ 15 سيپٽمبر 2013ع تي “ايراني شاعره قرت العين طاهره” جي عنوان سان ڇپيل آهي. بهائي نقطه نظر کي سمجهڻ لاءِ بهائي پبلشنگ ٽرسٽ (شاخ) پاڪستان ڪراچي طرفان سيد ابوالعباس صاحب رضوي جارچوي جو ڪتاب “ظهور قائم آل محمدﷺ” پڙهڻ جوڳو آهي. ايران ۾ امام خميني جي آندل انقلاب کان پوءِ بهائين کي سخت عذابن کي منهن ڏيڻو پيو آهي. اهي هندستان، پاڪستان، آفريڪا ۽ ٻين ملڪن ۾ اڄ به وڏي تعداد ۾ موجود آهن.
جيئن ته مسلمانن ۾ مهديت جو دروازو کليل رکيو ويو. انهيءَ ڪري دنيا، خاص طرح وچ مشرق ۾ ڪافي ماڻهن مهدي هئڻ جي دعويٰ ڪئي آهي جن ۾ سيد ميران محمد جونپوري ۽ غلام احمد قادياني به شامل سمجهيا وڃن ٿا. مسلمانن جي تاريخ جو اڀياس ڪندي ٻن عجيب و غريب ڪردارن جو پتو لڳي ٿو جن متعلق ڄاڻ حاصل ڪرڻ دلچسپي کان خالي نه آهي.
هڪڙو عبدالله بن سباءُ، جنهن جو تفصيلي احوال شاهه عبدالعزيز محدث دهلوي جي ڪتاب “ تحفته اثنا عشريه” ۾ موجود آهي ۽ ٻيو حسن بن صباح” جنهن تي ڪتاب به لکيل آهن ۽ سندس تعلق اسماعيلي فرقي سان ڄاڻايو وڃي ٿو. هن جي پوئلڳن کي “حشيشي” يعني ڀَنگ واپرائيندڙ به سڏيو ويو آهي ۽ هن ڏانهن اِها ڳالهه به منسوب ڪئي وئي آهي ته هن فرضي جنت به زمين تي ٺاهي ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪڻ شروع ڪيو هئو ۽ هڪ طاقتور شخصيت بڻجي ويو. محترم ڊاڪٽر غلام علي الانا پنهنجي انگريزي ڪتاب “اسماعيلي موومينٽ ان سنڌ، ملتان، اينڊ گجرات” ۾ حسن بن صباح تي توريل تڪيل لفظن ۾ اظهارِ خيال ڪيو آهي. ڊاڪٽر صاحب جو خيال آهي ته اسماعيلي داعين جي گنانن/تعليمات ۾ تصوف جو رنگ به شامل آهي.
سنڌي ادب ۾ محترم ڊاڪٽر محمد علي مانجهيءَ جي ٿيسز/ڪتاب صوفي شاهه عنايت شهيد ۽ سندس سلسلي جا شاعر” هڪ ملهائتو واڌارو آهي. هن پنهنجي هن ڪتاب ۾ ميران محمد جونپوري ۽ مهدوي تحريڪ بابت ڪم جون ڳالهيون لکيون آهن. هن پنهنجي انهيءَ ڪتاب جي صفحي 86 تي “ مهدوي تحريڪ” جي سري هيٺ لکيو آهي.
“ هن تحريڪ جو باني سيد ميران محمد جونپوري هو، جيڪو سلطان محمود شرقيءَ جي دور ۾ 21 جمادي الاول 847هه/9 سيپٽمبر 1443ع تي جونپور ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو سيد خان ۽ والده جو نالو بي بي آمنه هو، جيڪو پوءِ مريدن بدلائي ظهور مهديءَ جي روايت موجب “ سيد عبدالله ۽ بي بي آمنه” ڪري ڇڏيو.
سيد ميران محمد شيخ دانيال جونپوريءَ کان ظاهري ۽ باطني تعليم وٺي (چيو وڃي ٿو ته) اهڙو ڪمال ڏيکاريو جو سندس استاد شيخ دانيال سندس مريد ٿيو ۽ اُتي جي علمائن کيس “ اسدالعلماءِ “ جو لقب ڏنو” (صفحو 86
“ سندس تحريڪ جا هيٺيان خاص اصول هوندا هئا. (1) ترڪ مال (2) هجرت (3) صحبت صادقين (4) گوشه نشيني (5) توڪل (6) طلب ديدار حق (7) عشر (8) گهڻو ذڪر. سندس تحريڪ جي حلقي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ اهو ضروري هو ته هو پنهنجي ملڪيت ميمبران تحريڪ جي حوالي ڪري ته اُهي اُن کي تحريڪ جي راهه ۾ خرچ ڪن.
مهدوي تحريڪ وارا مساوات تي گهڻو زور ڏيندا هئا. دائري جا فرد جيڪو ڪجهه محنت ۽ مشقت سان حاصل ڪندا هئا ان کي سمورا فرد پاڻ ۾ ورهائيندا هئا. زڪوات کان سواءِ پنهنجي ڪمائيءَ جو ڏهون حصو دائري جي بيت المال ۾ جمع ڪندا هئا. جنهن مان دائري جا خرچ پکا پورا ڪيا ويندا هئا. هي دنياوي شان شوڪت کان پري رهندا هئا ۽ صحيح معنيٰ ۾ سادي زندگي بسر ڪندا هئا.
محترم ڊاڪٽر ميان محمد سعيد پنهنجي تصنيف “ تذڪره مشائخ شيراز هند (جونپور)” ۾لکي ٿو ته: “ مهدوي تحريڪ درويشاڻي هئي مگر باني تحريڪ جي شخصي دعوائن جي ڪري محدود رهجي ويئي.” مغل دور ۾ مهدوي تحريڪ ڏاڍو زور وتو هو. هند، سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ دائرا قائم ٿيا. مڪران، دکن، گجرات ۽ ٻين هنڌن تي هن تحريڪ جي پوئلڳن جا وڏا وڏا دائرا قائم ٿيا. صفحو: 88-89
انهن سببن جي ڪري ئي ملان، مفتي، زميندار ۽ حاڪم مهدي جونپوري جا سخت مخالف ٿي پيا ۽ هن جي خلاف فتوائون ڪڍي کيس واجب القتل قرار ڏيندا رهيا. اها ساڳئي ماجرا صوفي شاهه عنايت سان به ٿي ڇاڪاڻ ته هُن به دائري وارو نظام رائج ڪري مسڪينن ۽ مظلومن کي اجتماعيت جو درس ڏنو ۽ عملي طرح جديد اصطلاح ۾ ڪميون قائم ڪيو جنهن ۾ سڀ افراد پاڻ کي هڪ ڪٽنب جو ڀاتي سمجهي رضاڪاراڻي طور تي ڪمايل رقم ۽ شيون وچ تي رکندا هئا ۽ سڀ گهرجائو پنهنجي پنهنجي گهرج آهر ان مان فيضياب ٿيندا هئا. جيتوڻيڪ مهدي جونپوري شاهه عنايت کان گهڻو اڳ پنهنجي تحريڪ هلائي هئي ۽ ان کي سگهارو بنايو هئو پر نه شاهه عنايت سندس مريد هئو ۽ نه خليفو پر انهيءَ حقيقت کان انڪار به نٿو ڪري سگهجي ته مهديءَ جي تحريڪ کان هو متاثر نه هئو ڇاڪاڻ ته معاشي پروگرام جي حوالي سان ٻنهي تحريڪن ۾ تمام گهڻي هڪجهڙائي آهي. اهوئي سبب آهي جو وقت جا ملان، مفتي، زميندار ۽ حاڪم ۽ پير ٻنهي جا مخالف هئا.
مولائي شيدائي پنهنجي ڪتاب “بلوچستان مين مهدوي تحريڪ” ۾ لکيو آهي ته مڪران بلوچستان ۾ مهدي جونپوري جا پوئلڳ وڏي تعداد ۾ موجود آهن. جيڪي “ذڪري” سڏجن ٿا. منهنجو هن ئي اخبار ۾ ذڪرين بابت هڪ ليک “اهي ذڪري ڪير آهن” جي عنوان سان ڇپيو هئو. انهن ذڪرين جي ڪا به مسجد نظر نه ايندي، هنن جا اسماعيلين وانگيان “ذڪر خانه” آهن جڏهن ته اسماعيلين جي گڏ ٿيڻ واري جاءِ کي “جماعت خانو” سڏجي ٿو.
مهدي جونپوري جي ڪِن ڳالهين سان اختلاف به ڪري سگهجي ٿو پر هن جي “دائري” واري نظام جي اهميت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ۽ اهو نٿو چئي سگهجي ته اهو تصور غلط آهي. تصوف جا سماج سان جڙيل اهو عملي ڪارنامو آهي.
موالان ابوالڪلام آزاد پنهنجي ڪتاب “تذڪره” ۾ ميران محمد جونپوري بابت تفصيلي بحث ڪندي لکيو آهي ته.
“ انهي زماني ۾ مهدوي فرقي جو هر طرف چرچو عام هئو ۽ درٻاري عالمن لاءِ انهيءَ فرقي جي قتل ۽ ڪافر گيري جو مشغلو وبنهه دلپسند ۽ ڪامياب مشغلو هو. انهن ماڻهن کي هر زماني ۾ پنهنجي دل لڳي ۽ حڪمراني لاءِ فرقي بندي ۽ جنگ ۽ مسلمانن جي قتل لاءِ ڪو نه ڪو شغل ضرور ملڻ گهرجي. انهيءَ ڪري حالتن جي حساب سان اُن کان وڌيڪ ڪو ٻيو مشغلو نٿي ٿي سگهيو.
هيءُ فرقو سيد محمد جونپوري ڏانهن منسوب آهي، جنهن متعلق چيو وڃي ٿو ته هو مهدي هئڻ جو دعويدار هئو. جيتوڻيڪ اڳيان هلي هن فرقي جي عقيدن ۾ نت نيون ۽ اوپريون ڳالهيون ۽ عقيدا شامل ٿي ويا،پر منهنجو خيال آهي ته ان جو بنياد صداقت ۽ حق پرستيءَ تي پيو هئو يعني حق ۽ شريعت کي نئين سر جيارڻ جي دعوت ۽ تبليغ ۽ امر بالمعرفو ونهي عن المنڪر جي فرض جو قائم ڪرڻ ان جو اصل مقصد هو خود سيد محمد ۽ هن جي پيروڪارن جي پهرين جماعت سان لاڳاپيل اڪثر بزرگ تمام گهڻا پاڪ نفس ۽ خدا پرست انسان هئا. هن جا مخالف به هن جي علميت زهد ۽ تقويٰ جا مڃيندڙ آهن. (صفحو 46-47)
مولانا ابوالڪلام آزاد سيد ميران محمد جونپوري جي تعليمات تي بحث ڪندي جاهل صوفين جي بدعتن تي به تنقيد ڪئي آهي. هو لکي ٿو ته: سيد ميران محمد جونپوري ماڻهن کي هيءَ راهه ڏسي ته سڀ کان وڏو مجاهدو يعني نفس ڪشي يا رياضت اهو آهي ته خدا جي خلق کي سڌي واٽ ڏيکاريو ۽ شرعي احڪام جي راهه ۾ پنهنجون جانيون به نڇاور ڪري ڇڏيو. عشق جي صداقت ۽ قلب جي پاڪائي هُن جي دعوت اهڙي تاثير بخشي هئي جو ٿورڙي ئي عرصي ۾ هزارين ماڻهو هن جي حلقي ۾ داخل ٿي ويا ۽ ڪيترن ئي حڪمرانن هن جي بيعت ڪئي. هن جي حلقي جي ماڻهن جا طور طريقا ڪجهه عجيب عاشقاڻا ۽ والهاڻا هئا. هن جي حڪمن مان پهرين منزل هجرت هئي. جيڪو انهيءَ راهه ۾ پير پائي ان کي گهر جي ته پاڻ کي وطن جي قيد کان آزاد ڪري ۽ گهر ٻار ڇڏي پنهنجي طريقت جي برادري وارن جو ساٿي بڻجي وڃي، ٻي منزل مال ملڪيت کي تياڳڻ آهي. بس مال ڪنهن هڪ فرد جو نٿو ٿي سگهي. جنهن وٽ جو به هجي سو پنهنجي رفيقن ۾ ورهائي ڇڏي.” وقت جي عالمن هن جي انهيءَ تعليم جي سختيءَ سان مخلافت ڪئي. غالبا سندس سنڌ مان نيڪالي جو به اصل سبب اها تعليم هئي جنهن کان ملان، پير ۽ جاگيردار خائف هئا.
صوفي شاهه عنايت شهيد جي فڪر ۾ به ساڳئي ڳالهه ملي ٿي جنهن ڪري وقت جا پير، زميندار ۽ حاڪمَ هُن جي مخالفت تي سندرو ٻڌي بيٺا. محترم ڊاڪٽر محمد علي مانجهي پنهنجي اڳيان ذڪر ڪيل ڪتاب ۾ مهدوي تحريڪ ۽ تصوف تي تفصيلي خيال آرائي ڪئي آهي. هن سلسلي ۾ مولائي شيدائي پنهنجي ڪتاب “جنت سنڌ”، “بلوچستان مين مهدوي تحريڪ” ۽ محترم بدر ابڙي پنهنجي ڪتاب “منڇر گورک گاج دنيا” ۾ به مهدوي تحريڪ تي اختصار سان لکيو آهي. بهرحال مهدي جونپوري ۽ صوفي شاهه عنايت شهيد جو معاشي فڪر ڪارل مارڪس واري اشتراڪي سماج کي ڪافي قريب آهي پر اشتراڪي سماج تائين رسائي لاءِ مارڪس جدلياتي ماديت ۽ تاريخي جدليات ذريعي ترقيءَ جون مختلف منزلون طئه ڪري پهرين سوشلزم جي قيام جو اظهار ڪيو آهي ۽ ان کان پوءِ غيرطبقاتي سماج جو خيال پيش ڪيو آهي جتي رياستن جو وجود به ختم ٿي ويندو مهدي جونپوري ۽ شاهه عنايت سماج جي ارتقا تي معروضي موضوعي لحاظ کان نظر وڌي آهي مارڪس به معروضي حالتن جو جائزو پيش ڪيو آهي. انهن ٻنهي معروضي ۽ موضوعي جائزن جو نقطه عروج اجتماعيت ۽ عالمگير برادري ۽ امن عالم آهي.
سبط حسن ناليوارو سماجوادي دانشور ۽ محقق رهيو آهي. هن پنهنجي مضمون “ شاهه عبداللطيف ڪي شاعري” ۾ انهيءَ مهدوي تحريڪ جو اظهار هنن لفظن ۾ ڪيو آهي.
“ ڊاڪٽر سورلي جو ڪتاب پڙهي جتي مون کي سنڌ جي هنرمندن ۽ هارين جي پورهئي کان واقفيت حاصل ٿي اُتي ان سونهري دور جي خوش انتظامين جي اصل حقيقت به کلي سامهون آئي. جنهن کي تاريخ ۾ مغليه دور جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. (تڏهن اهو اندازو لڳائڻ ڪو اوکو نه هئو ته جنهن جاگيري نظام جو نقطه عروج اورنگزيب جو زمانو هو ان جي زوال جي سطح ڇا وڃي بيهندي) پوءِ تصور جي اکين فقيرن جا اهي دائرا ڏٺا جن کي سيد محمد جونپوري جي خاص مريد آدم خان ڪلهوڙو قائم ڪيو هو ۽ پنهنجي شهادت جي رت سان رنگين بنايو هو. فقيرن جي سرفروشي جي انهيءَ روايت کي شاهل خان ڪلهوڙي، نصير محمد خان ۽ دين محمد خان وڌيڪ روشن ڪيو پر جُٺ پوي مصلحت انديشين تي جو اسان جا تاريخ نويس فقيرن جي تحريڪ کان ائين پاسو ڪريو لنگهيو وڃن جو ڄڻ ته اها تحريڪ تاريخ جي صفحن تي بدنما داغ آهي. (اُهي لوڪ زمين کي گڏجي کيڙيندا، فصل اپائيندا ۽ اُن مان ضرورت مطابق لاڀ حاصل ڪندا هئا).افڪار تازه، مرتب ڊاڪٽر سيد جعفر احمد صفحو 30-31 ڇپائيندڙ مڪتبه دانيال ڪراچي)
هتي مارڪسزم سان واڳيل نون دوستن جي رهنمائي لاءِ ٻن اصطلاحن سوشلزم ۽ ڪميونزم جي بنهه مختصر سمجهاڻي ڏيڻ ضروري ٿو سمجهان. سوشلزم جو ترجمو آهي سماجواد ۽ ڪميونزم جو ترجمو آهي اشتراڪيت سوشلزم ۾ رياست جو وجود قائم رهڻو آهي پر پيداواري ذريعا نجي ملڪيت بجاءِ رياست جي ملڪيت هوندا. جڏهن ته ڪميونسٽ يا اشتراڪي سماج ۾ ڪنهن به رياست جو وجود رهڻو نه آهي.
سوشلسٽ سماج جو اصول: اهليت مطابق ڪم ۽ ڪم مطابق اجرت.
ڪميونسٽ سماج جو اصول: اهليت مطابق ڪم ۽ ضرورت مطابق اجرت.
مهدي جونپوري واري دائري جو تصور ڪميونسٽ/ اشتراڪي سماج وارو آهي. هن صورتحال تائين پهچندي انسان کي تمام ڊگهو سفر ڪرڻو ۽ شعور جي سطح کي تمام وڏي بلنديءَ تي رسائڻو آهي ته جيئن انسان رضاڪاراڻي نموني جيئڻ، ڪم ڪرڻ ۽ زندگي گذارڻ جو ڍنگ سکي وٺي.
سيد ميران محمد جونپوري متعلق ٻن عام مغالطن جي تصحيح اسان ضروري سمجهون ٿا. (1) مهدي جونپوري جي تعليمات ۾ هڪ اصول “مجاهده” جي نالي سان مذڪور آهي جنهن کي غلط تشريح ذريعي جهاد يا جنگ و جدل سان تعبير ڪيو ويو آهي. فيروز الغات ۾ لفظ “مجاهده” جي معنيٰ هِن ريت ڏنل آهي. “ڪوشش، جدوجهد، نفس ڪشي، رياضت”
اهڙي ريت مهدي جونپوري جي اصول مجاهد جو مفهوم ٿيندو نفس مارڻ يا رياضت ڪرڻ نه ڪه تلوار کڻي گهوڙي تي چڙهي اسلام جي نالي تي انسانن جو قتلام ڪرڻ.
هڪ ٻيو مغالطو محترم مولائي شيدائي پنهنجي ڪتابڙي “بلوچستان مين مهدوي تحريڪ” ۾ لکيو آهي ته بلوچستان جي ذڪري فرقي وارن جو تعلق مهدوي تحريڪ سان آهي جيڪا ڳالهه به درست نه آهي. بلوچستان جي ساحلي علائقن مڪران، آرماڙ ۽ گوادر وغيره ۾ موجود ذڪري فرقي وارن جو مذهبي پيشوا محمد اتاقي هئو. هن اٽڪ ايراضي سان تعلق رکڻ ڪري اتاقي سڏيو ويو. ذڪري فرقي جون پنهنجون ريتون رسمون آهن ۽ سندن ساليانو حج ڪوهِ مراد تي ٿيندو آهي ۽ آهي فقط الاهي ذڪر کي ڪافي سمجهندا آهن ۽ انهن علائقن ۾ سندن عبادتگاهه کي “ذڪر خوانو” سڏج يٿو ۽ مهدوي تحريڪ سان سندن ڪو به فڪري ۽ عملي تعلق نه آهي. محترم علي احمد بروهي پنهنجي ڪتاب “هسٽري آف ٽوم اسٽونس سنڌ اينڊ بلوچستان” ۾ تفصيلي احوال ڏنو آهي ته اهي ذڪري ڪير آهن.