رقصِ درويشان ۽ ڌمال
“جي تون فارسي سکئين، گولو توءِ غلام،”
ايءُ عامن سندو عام، خاصن مان ڪين ٿئي.
ٺٽي جي آخوند محمد صالح ارغونن جي حڪمباوجود فارسي پڙهائڻ بدران سنڌي پڙهائڻ کي فوقيت ڏني جنهن ڪري ٺٽي جي ارغون حڪمرانن سندس زبان وڍائي ڇڏي. در حقيقت سنڌي عالمن ۽ شاعرن جو فارسيءَ جي جبري استعمال خلاف مزاحمت جو هڪ اَڻ مِٽ اهڃاڻ آهي جيڪو سنڌ جي قومي مزاحمت جو روشن باب آهي.
ٻوليون مواصلات جو ذريعو آهن. انهي ڪري ڪنهن به ٻوليءَ جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ ڪو ڏوهه نه آهي پر اصل ڳالهه جبريت ۽ لساني شاونزم جي آهي، جنهن تحت مقامي ۽ ديسي ٻولين کي سندن فطري حق کان محروم ڪري مٿن ڌارين ٻولي مڙهڻ واري غير فطري سوچ آهي جنهن جي نندا ڪرڻ هر قوم جو بنيادي حق آهي. لطيف سائين ۽ ان دور جي مٿي ذڪر ڪيل شاعرن ۽ آخوند محمد صالح جو عمل هڪ فطري عمل هئو ۽ انهي ۾ ڪا به عصبيت نه هئي. سنڌ جي عالمن ۽ شاعرن نه رڳو فارسي پر عربي ۽ هندي ٻولين کي به پڙهيو ۽ انهن تي دسترس حاصل ڪئي ۽ انهن ٻولين جي ادب ۽ شاعريءَ مان به فيض حاصل ڪيو.
چيو وڃي ٿو ته لطيف سائين هميشه مولانا روميءَ جي مثنوي پاڻ سان گڏ رکندو هو پر هن پنهنجي خيالن جي اظهار لاءِ سنڌي ٻوليءَ کي ئي سڀ کان وڌيڪ اثرائتو ذريعو سمجهيو ۽ فارسي غزل ۽ عربي قصيدي بجاءِ بيت ۽ وائي جي صنفن کي ئي بهتر سمجهيو.
فارسيءَ جي ناميارن شاعرن جي هڪ ڊگهي لسٽ آهي جن جي ناماچاري دنيا ۾ هلندڙ آهي. حافظ شيرازي، سعدي، فردوسي، رودڪي، دقيقي، قرت العين طاهره سان گڏ ۽ سوين فارسي شاعر آهن ۽ انهن مڙني ۾ مولانا رومي هڪ الڳ مقام رکندڙ صوفي بزرگ ۽ شاعر آهي جنهن جو اثر ننڍي کنڊ جي صوفي بزرگن تي نمايان آهي. مولانا رومي جي شآعريءَ جو مشهور ڪتاب “ مثنوي مولانا رومي” آهي جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته:
مثنوي و مولوي و معنوي
هست قرآن در زبانِ پهلوي
لطيف سائين تي هن مثنويءَ جو ڳوڙهو رنگ چڙهيل آهي، انهي ڪري لطيف سائين پنهنجي شاعريءَ لاءِ به ساڳئي دعويٰ ڪئي آهي ته:
جي تو بيت ڀانيا سي آيتون آهين،
نيو مَن لائين، پريان سندي پار ڏي.
مثنويءَ جي شروعات هنن شعرن سان ٿئي ٿي.
بشنواز ني چون حکايت مي کنند
و زجدائيها شکايت مي کنند
(ترجمو: بانسري کان ٻڌو جيڪا پنهنجي حڪايت/ ڳالهه بيان ڪري ٿي پر اصل ۾ هوءَ پنهنجي پاڙ کان جدائي جي شڪايت ڪري ٿو)
لطيف سائين سُر معذوري ۾ چيو آهي:
وڍيل ٿي وايون ڪري، ڪُٺل ڪوڪاري،
هن پن پنهنجا ساريا، هي هنجون هڏن لئهءِ هاري.
مولانا رومي جو اصل نالو محمد ۽ لقب جلال الدين هئو. سندس والد محترم ۽ ڏاڏي جو نالو به ساڳيو هئو ۽ سندس والد جو لقب شيخ بهاءُ الدين هو. مولانا رومي جي ولادت ايران جي شهر بلخ ۾ ٿي جيڪو خراسان صوبي ۾ واقع هئو. سندس ولادت ڇهين ربيع الاول 606 هجري مطابق 1193ع ۾ ٿي ۽ سندس زندگيءَ جو آخري حصو ترڪيءَ جي شهر قونيه ۾ گذريو ۽ پاڻ 25 جماد الثاني 672هه مطابق 1260ع ۾ اُتي ئي لاڏاڻو ڪيائين ۽ سندس مزار مقدس به قونيه ۾ واقع آهي. اول ۾ هيءُ صرف شرعي علم جي تدريس ڪندو هو پر پوءِ مشهور صوفي بزرگ شمس تبريز جي فيض سان صوفين جي دائري ۾ داخل ٿي انهن جي رنگ ۾ رڱجي ويو. اهو سڀ ڪجهه ڪيئن ٿيو انهيءَ لاءِ مختلف روايتون آهن. شمس تبريز هن جو ذهني ۽ فڪري مرشد هئو ۽ هو بذاتِ خود هڪ نياري دنيا جو ماڻهو هئو. جنهن جي تفصيلات لکڻ لاءِ هڪ الڳ ۽ جامع مضمون جي ضرورت آهي. شمس تبريز جي غزلن جو مجموعو “ ديوان شمس تبريز” آهي جنهن لاءِ محققن جو هڪ رايو هيءُ به آهي ته اهو ديوان به مولانا رومي جي تخليق آهي جيڪو هن عقيدت طور پنهنجي مرشد جي نالي ڪري ڇڏيو. اها راءِ تحقيق جي طلبگار آهي. مثنوي، شاعريءَ جي اُها صنف آهي جيڪا نظم جي هڪ صورت آهي جنهن جي هربند ۾ ٻه سٽون/ مصراعون اچن ٿيون ۽ مسلسل مختلف مضمونن کي بيان ڪنديون وڃن ٿيون. علامه اقبال به مولانا رومي کان متاثر هو ۽ هن هڪ نظم ۾ پاڻ کي “مريد هندي” ۽ مولانا کي “مرشد رومي” ڄاڻائي پنهنجي ۽ مولانا جي فڪري هم آهنگي کي بيان ڪيو آهي.
مولانا رومي فڪري طرح وحدت الوجودي صوفي هئو ۽ هن جي طريقي کي “موالوي” طريقو سڏيو وڃي ٿو جنهن ۾ حق تائين رسائي لاءِ سماع ۽ رقص لازمي جزا شمار ڪيا وڃن ٿا ۽ سندس پوئلڳن کي موالوي يا درويش سڏجي ٿو. سندس مزار تي جيڪو سماع ۽ رقص ٿئي ٿو تنهن کي “رقص درويشان” سڏجي ٿو. هيءُ رقص عام طرح جي رقصن کان ڪافي مختلف آهي ۽ انهي جي پويان هڪ خاص تصور ڪارفرما آهي جيڪو انسان کي انا کان آجو ڪري بلندين ڏانهن وٺي وڃڻ جو وسيلو آهي. هن رقص درويشان ۾ شامل مُريد سفيد جُبي ۾ ملبوس هوندا آهن ۽ چيلهه وٽ کين ڪمربند (پٽو) ٻڌل هوندو آهي ۽ جُبو پيرن تائين هوندو آهي ۽ سندن مٿي تي ڳاڙهيون ڊگهيون تُرڪي ٽوپيون پهريل هونديون آهن. لباس جي اڇاڻ روشني يا نيڪي جي علامت سمجهي ويندي آهي. رقص جو طريقو هيءُ هوندو آهي ته هڪ زمين تي وڇايل غاليچي تي درويش گهيري جي صورت ۾ بيٺل هوندا آهن. انهي رقص جا پنج مرحلا هوندا آهن. پهرئين مرحلي تي نعت خواني ڪئي ويندي آهي. ٻي مرحلي تي نڙ وڄايو ويندو آهي. جيڪو مولانا جو پسنديده ساز هئو. انهي ٻي حصي کي “ فراق” جو نالو ڏنو ويو آهي ٽين مرحلي ۾ سماع ڪندڙ هڪ ٻئي کي کيڪاريندا ۽ پنهنجائپ جو اظهار ڪندا آهن. اها ادائگي دائري ۾ ٽي ڀيرا ڦيرا ڏيئي ڪئي ويندي آهي. انهن جو پير/ اڳواڻ نوڙي محبت ۽ احترام جو اظهار ڪندو آهي ۽ پوءِ ٻيا به واري واري سان ائين ڪندا آهن ۽ رقص جو ڦيرو ۽ نڙ جو سُر بدستور جاري رهندو آهي. انهي عمل جي پويان هيءُ تصور آهي ته درويشن جو هڪ ٻئي سان لڳاءُ، انسان ذات سان وابستگي ۽ پوري ڪائنات سان محبت آهي ۽ هيءُ اهو عشق آهي جيڪو مڙني شين کي جوڙيرکڻ جو ذريعو آهي. چوٿون مرحلو وري اهو هوندو آهي جنهن ۾ آڌر ڀاءُ جا چار طريقا هڪ ٻئي پويان ادا ڪيا ويندا آهن ۽ آخر ۾ پنجون مرحلو فاتحه/ دعا تي ختم ٿيندو آهي. انهن مرحلن دوران درويش عجز ۽ نياز جو مظاهرو ڪندي ڪنڌ جُهڪائي نوڙندا آهن. جنهن مان سندن حقيقي هڪڙي حق اڳيان تابعداري ظاهر ٿيندي آهي ته اسان سڀ هڪ ڪُل جا جزا آهيون ۽ انهي ڪُل ۾ سمائجي وڃڻ سان ئي سندن نرواڻ يا نجات ٿئي ٿي.
هن رقص درويشان ۾ نڙ نوازي سان گڏ تيزيءَ سان پنهنجي محور ۽ ڪائنات جي محور تي ڦِرندي سندن جُبا هوا ۾ پکڙجي پکين جيئن اُڏامڻ لڳندا آهن ۽ مٿن وجد واري ڪيفيت طاري ٿي ويندي آهي. حق جي هيڪڙائي ظاهر ڪرڻ لاءِ اِهي درويش پهريائين ٻانهون ۽ هٿ ڇاتيءَ تي رکي الف جي نشاني ٺاهيندا آهن ۽ پوءِ ٻين مرحلن دوران ائين ڦيرا ڏيندا آهن جيئن سج جي چوڌاري گرهه گردش ڪندا آهن يا ائٽم ۾ نيوٽران جي گرد اليڪٽران ۽ پروٽان ڦرندا رهندا آهن. جيئن نڙ جي لئه تيز ٿيندي ويندي آهي تيئن تيئن انهن جي رقص ڦيري ۾ به تيزي ايندي ويندي آهي. انهي رقص دوران هنن جي ساڄي هٿ جي تِري آسمان ڏانهن کليل هوندي آهي ڄڻ ته آسماني نعمتن کي وصول ڪري رهيا آهن ۽ کاٻي ڦهليل ٻانهن جي تِري زمين ڏانهن مُڙيل هوندي آهي ڄڻ ته ساڄي هٿ ۾ آيل نعمتون کاٻي هٿ سان زمين وارن کي عطا ڪيون پيون وڃن.
مولانا رومي جي انهي فلسفي ۾ دوئي کي ڪو به دخل نه آهي ۽ هو پوري پرڪرتي يعني ڪائنات کي هڪ شئي سمجهي ٿو ۽ سمجهائي ٿو ته جهڙيءَ ريت پاڻيءَ جا سڀ وهڪرا وڃيو سمنڊ سان گڏجي سمنڊ ٿيو وڃن اهڙي طرح سڀ ڪثرتون/گهڻايون هڪ وحدت ۾ سمائجيو وڃن ۽ عشق ئي اها قوت آهي جيڪا مڙني جُزن کي ميڙي ڳنڍي هڪ ڪريو ڇڏي، انهي ڪري فنا في الله ٿيڻ ئي انسان جي اجتماعيت جو واحد وسيلو آهي.
سماع نه رڳو سماعتن کي جاڳائي ٿو پر اندر کي به اجاري ٿو. انهي ڪري اهو صرف ظاهري حظ/ سرهائي حاصل ڪرڻ جو وسيلو نه پر پنهنجي انا کي خيرباد چئي هڪ لافاني انا ۾ سمائجي وڃڻ جو به گس ڏسي ٿو. هن جهان ۾ جيڪا هڻ هڻان ۽ نفرت جي بازار گرم آهي انهي جو بنيادي ڪارڻ “ انا” آهي جيڪا انسان کي خود غرض، مطلب پرست ۽ خونخوار بنائي رهي آهي.
انهي ڪري ئي لطيف سائين چيو، “جنين ڀانيو پاڻ، ڪئين توائي تن کي”
مولانا جي “رقص درويشان” جيان سنڌ ۾ قلندر شهباز جي مزار تي روزانه ڌمال ٿئي ٿي پر ترتيب ۽ تنظيم جي لحاظ کان ٻنهي ۾ ڪي قدر فرق آهي پر آخري خيال ۽ مقصد ساڳيو ئي آهي ته گهنڊن، توتارن ۽ نقارن تي مست ٿي رقص ڪرڻ سان انسان پنهنجي انا کي ماري ٿو ۽ پاڻ تي وجد واري ڪيفيت طاري ڪري روحاني منزلون طئه ڪري ٿو. قلندر شهباز به وحدت الوجودي صوفي هئو ۽ هن به اِڪائي جو درس ڏنو ۽ پاڻ پڻي کان لاغرض ٿيڻ جي تلقين ڪئي. قلندر جي انهي ڌمال ۾ به رومي واري نڙ نوازي ۽ رقص درويشان جو رنگ رچيل آهي. انهيءَ ڌمال جي تاريخي پس منظر سمجهڻ لاءِ اسان سائين جي ايم سيد جي انهي خطبي مان ڪجهه اقتباس/ ٽڪرا پيش ڪريون ٿا جيڪو خطبو هن بزم صوفياءِ سنڌ جي ڏهين ڪانفرنس جي موقعي تي قلندر شهباز جي ميلي وقت 1 نومبر 1969ع ۾ ڏنو.
قلندر لعل شهباز هڪ مکيه بزرگ آهي. اهو صاحب جڏهن هن شهر (سيوهڻ) ۾ آيو ته اهو ان وقت “ شو ڌرام” جو مکيه مرڪز هو. مسلمان نالي جا ان ۾ موجود هئا. اهو ڪيترين خرابين جو اڏو هو. ليڪن حضرت قلندر شهباز رح آمد بعد، اتحادِ انسانيءَ جي نقطي نگاهه کان اهڙو رويو اختيار ڪيو ويو جو ٻنهي مذهبن جي پوئلڳن جي دلين تي قابض ٿي ويو. هندو، ان کي راجا هري ڀرتري جو اوتار ڪري مڃڻ لڳا، ته مسلمان ان کي دين فطرت جو پرچارڪ سمجهي، پيروي ڪرڻ لڳا. جنهن صورت ۾ هو نهايت وڏي عمر ۾ هتي آيو هو، گهڻو وقت حيات نه رهيو. ليڪن هڪ سال جي ٿوري عرصي اندر، جڏهن هن وفات ڪئي ته هندن هن کي سندن مکيه مندر ۾ دفن ڪرڻ جي اجازت ڏني ۽ شيوَ جا جملي پوڄاري ڦري حضرت شهباز رحه جا ملنگ بڻجي پيا.
رواداريءَ جو اهو عالم آهي، جو ان جا ملنگ، اڃا تائين ڪيتريون ئي قديم رسمون قائم رکندا اچن، جي اڪثر شوَ جي پوڄارين وٽ مروج آهن. جهڙوڪ.
نفيل وڄائڻ، جا اُتر هند ۾ شِوَ جي مندرن ۾ ناد يا ناقوس جي عيوض وڄائي ويندي آهي.
صبح، شام جو نقارا، گهنڊ ۽ نفيلون وڄايون وڃن ٿيون، جن جو شو مندرن ۾ اڃا تائين رواج جاري آهي. ان کي آرتي سڏيندا آهن.
ملنگ، ڏاڙهي ڪوڙائي، مهر هڻائين ٿا ۽ چرش پئين ٿا، جو دستور به شِوَ جي پوڄارين ۾ اڃا تائين هليو اچي.
ميلي جي موقعي تي نقارن جي ڌمال جو رقص به انهن رسومات مان هڪ آهي.
درگاهه جي دروازن تي چڙا ٽنگيل آهن، جي شيو مندرن جي دروازن تي ٽنگيل گهنڊن جي يادگيري تازي ڪرائين ٿا. (خطبات سيد صفحه 176)
مٿين اقتباسن مان معلوم ٿيو ته صوفياءِ ڪرام مذهبي مت ڀيد کان سواءِ سڄي انسان ذات لاءِ ايڪي، برادري ۽ وحدتِ فڪر و نظر جا حامي آهن پوءِ اهو قونيه ۾ رقص درويشان هجي يا قلندر جي ڌمال ٻڌ ڌرم هجي يا هندو ڌرم، جين مت هجي يا زر تشقي فڪر. يا اسلام. سڀني جي منزل ساڳئي آهي، ڀلي راهون مختلف ڇو نه هجن. انسان ۾ جيڪڏهن سهپ ۽ رواداري هجي ته خدا جي زمين تنگ نه آهي. جيڪڏهن انسان تنگ نظريي ۽ تنگدليءَ جو شڪار آهي ته جنت نما زندگي به جهنم بڻجي پوي ٿي. ڪائنات جي گوناگوني جو ڪو ڇيهه ئي نه آهي.
انت بحر دي ڪل نه ڪائي،
رنگي رنگ بنايا، الله آدمي بن آيا.
مولانا رومي هجي يا شاهه باهو، بلي شاهه هجي يا سچل سرمست، بيدل هجي يا بيڪس، سامي هجي يا شاهه لطيف سڀ هڪڙي ئي پنڌ جا پانڌيئڙا ۽ ساڳئي عشق جا ساکي آهن. روميءَ جي رقص ۾ به اندر جي اوجر ٿئي ٿي ۽ قلندر جي ڌمال ۾ به روح کي ڪمال نصيب ٿئي ٿو.
نقاري تي لڳندڙ هر هڪ ڏونڪو ماڻهوءَ کي ننڊ مان جاڳائي محو رقص ٿيڻ تي آماده ڪري ٿو ۽ جڏهن ڌمال هنئي وڃي ٿي ته قدم اڳيان ۽ قدم پويان ڪندي وارن کي ڇنڊڪو ڏيئي منهن تي ڪيرايو ۽ ڪنڌ کي ڌوڻيو وڃي ٿو ۽ اهڙي طرح وجد جي ڪيفيت ۽ سرمستيءَ جي عالم ۾ ماڻهو ڪٿان کان ڪٿي پهچي وڃي ٿو. اها ساري ڪيفيت انسان جي پنهنجي شعور ۽ تحت الشعور سان لاڳاپيل هوندي آهي ۽ ماڻهوءَ کي ان جو ادراڪ نه هوندوآهي ته هُن جو ڪَرهو ڪيڏانهن ڪاهيندو پيو وڃي. هو هڪ حيرت جي عالم ۾ سرگردان هوندو آهي ۽ ڪڏهن پاڻ کي زمين تي ته ڪڏهن آسمان ۾ سير ڪندو پسندو آهي ۽ هُن جي حيرت جي انتها اُتي ٿيندي آهي جتي هو فريد الدين عطار جي “منطق اطير” وانگي پکين جي پارليامينٽ سڏائي ٻين پکين سان گڏ “سيمرخ” (پکين جي بادشاهه) جي تلاش ۾ ولر سان گڏ اڏامندو ويندو آهي ۽ رستي ۾ اڏرندي اڏرندي سڀ پکي پساهه پورا ڪري ويندا آهن پر سيمرخ جو ڪو به سراخ نه لڳندو آهي. آخر ۾ باقي ٽيهه پکي وڃي بچندا آهن جيڪي هڪ هنڌ لهندا آهن ۽ پوءِ سوچيندا آهن ته پاڻ ٽيهه پکي ئي وڃي بچيا آهيون سو ڳالهه جي ڳنڍ اُتي کلي ٿي ته سميرخ (معنيٰ پکي) ٻيو ڪو ڪونهي اهي ته پاڻ خود آهيون.