مهاڳ: محبت پائي من ۾ رنڊا روڙيا جن
سڀ تعريفون ان مالڪ کي جڳائن جيڪو خالقِ ڪل ڪائنات آھي. ڪروڙين درود ۽ سلام ان عظيم هستي ۽ سندس آلِ اطھر تي جنھن جي صدقي هي ڪائنات جوڙي وئي.
انساني ڪيفيتون به عجيب ٿين ٿيون جو ڪڏھن درياھ بادشاه جيئان من موجن ۾ ته ڪڏهن وري ماٺار ۾. سو آءٌ به انسان آھيان ۽ ان ناتي مان به انھن ئي ڪيفيتن مان گذريو آھيان. مون لاءِ هيءُ پرمسرت موقعو آھي، جو اڄ ھڪ حقيقت کي قلم جي نوڪ هيٺ آڻيان ٿو، اها 2009ع جي ڳالھه آھي جڏهن آءٌ پھريون ڀيرو سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا) شاخ شھدادڪوٽ جو صدر ۽ پروفيسر خالد حسين چنا (هن ڪتاب جو ليکڪ) جنرل سيڪريٽري سگا شاخ شھدادڪوٽ چونڊيا وياسين. سڀ کان پھريائين پاڻ گڏ ويھي، سگا جي ڪم ڪارين بابت منصوبابندي تي غور ويچار ڪيوسين.کيس راءِ ڏيندي چيم: ”يار سگا شاخ شھدادڪوٽ جو ڳاڻيٺو انھن شاخن ۾ ٿئي ٿو، جيڪي شروعاتي دور ۾ قائم ٿيون ۽ اسان جي سينيئر ساٿين پنھنجو پگهر وهائي ۽ رَت سَت ڏئي هي ذميواري توهان ۽ اسان تائين پھچائي آھي. جيڪر ان جي تاريخي سفر کي قلمبند ڪجي، ته جيئن شھدادڪوٽ جي تاريخ جو هي پاسو به تاريخ جو حصو بڻجي وڃي.“ خالد صاحب وراڻيو ته ”ڳالھه ته وزنائتي ۽ ڀلي پر ان جو گهربل مواد ڪٿان هٿ ڪجي؟“ چيومانس ته ڪوشش ڪري ٿا ڏسون. پوءِ اِھا ڪوشش جاري رکي سين (جيتوڻيڪ آءٌ لڳاتار ٽي ٽينيوئر يعني نَوَ سال صدر رهيس ۽ پھرئين ٽن سالن کانپوءِ خالد چنه وڃي سگا مرڪز ۾ سيڪريٽري تعليم ۽ بعد ۾ ميمبر سِي اِي سِي جون ذميواريون سنڀاليون) پر اهو ڪم پايه تڪميل تائين ڪونه پھچائي سگهياسين. ڇاڪاڻ ته هن ڊگھي زنجير جون ڪڙيون هنڌان هنڌان ٽٽل ۽ غائب ٿيل هيون، سينيئر ساٿين کان انھن ڪڙين کي هٿ ڪرڻ جون ڪيتريون ئي ڪوششون ڪيون ويون پر پوءِ به هي ٽٽل زنجير جڙي نه سگهيو. تان ته اچي خير سان سگا مرڪز جي سال 2019ع جي اليڪشن کان پوءِ خوشقسمتي سان اسان جي شاخ شھدادڪوٽ جو کاهوڙي جوان خالد چنا سگا مرڪز جو سيڪريٽري جنرل جي عھدي تي چونڊجي آيو. تڏهن دل ۾ وري لطيف سائين جي هن سبق جي ياد گونجڻ لڳي:-
”کرڪڻا لاهي سک نه ستا ڪڏهين،
اوسيئڙو آھي،کاهوڙين کي پنڌ جو.“
سو هڪ ڀيري ڪنھن پروگرام (شايد سگا شاخ شھدادڪوٽ طرفان مھراڻ ٽي وي جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي رپوٽر مرحوم ضمير کرل جي ياد ۾ تعزيتي ڪيڙاڪو هو) ۾ گڏ ويٺا هئاسون، ته کيس ماضي جي خواب جي ساڀيان لاءِ يادگيري ڪرايم، ته جھٽ پٽ ۾ وراڻيائين ته سائين سگا مرڪز جي سموري رڪارڊ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرايان پيو ڪجھه مواد سگا شاخ شھدادڪوٽ جو به هٿ ٿيو آھي. هاڻي شاخ جي ساٿين کي تحرڪ ۾ آڻ ته ان ڪم کي پايه تڪميل تي ٿا پھچايون. بس ان کان پوءِ شاخ جي صدر انور علي سيال ۽ خصوصاً جنرل سيڪريٽري برادرم پروفيسر فدا حسين جوڻيجي کي گوش گذار ڪيم، جن وري شاخ جي ساٿين سان تڪڙا تڪڙا رابطا ڪري سگا شاخ شھدادڪوٽ جي ماضي بابت ڪجھه گهربل مواد هٿ ڪري هنگامي بنيادن تي خالد چنا تائين پھچائڻ ۾ لڳي ويا. ان جي موٽ ۾ خالد چنا مليل مواد جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري مون سان حال اوريندو ۽ ٿيل ڪم جي رفتار بابت آگاهي ڏيندو رهيو.
ڪروڙين ڪرم ڪريم جا جنھن خالد چنا جھڙي مصروف ترين ماڻھو جي هٿان هن تاريخي ڪم کي پايه تڪميل تائين پھچرايو. ڇوته آءٌ سمجهان ٿو ته چوڻ تمام سولو ڪم آھي پر ان جي تڪميل تمام اوکي آھي. جيڪو ڪم اسان کان ڏهن سالن تائين نه ٿي سگهيو اهو ڪم هن جفا ڪش ۽ اورچ انسان 4-5 مھينن ۾ پورو ڪري سچ ته اسان سگا شھدادڪوٽ جي ساٿين تي احسان ڪري ۽ شھدادڪوٽ جي تاريخ ۾ هن باب کي محفوظ ڪري اجاڳر ڪري ڇڏيو آھي.
مان سمجهان ٿو ته خالد چنا جي هي ڪاوش پير حسام الدين راشدي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ان خواهش جي هڪ باب جو سدباب آھي، جنھن ۾ ھنن، سنڌ جي نوجوانن کي اپيل ڪئي هئي ته پنھنجي پنھنجي علائقن جي تاريخ لکو ته جيئن سنڌ جي جامع تاريخ جڙي سگهي.
ڪنھن علائقي جي مڪمل تاريخ لکڻ تمام وڏو ۽ ڏکيو ڪم آھي، ڪوبه فرد ڪيتري به ڪوشش وٺي پر پوءِ به ڪوتاهي جو انديشو رهي ٿو. پر سياڻن سچ چيو آھي ته جهجهن کنئين ڇپر کڄي جي مصدق، ڀلا ڀاڳ آھن شھدادڪوٽ واسين جا، جو هن اوکي ڪم کي سر انجام ڏيڻ لاءِ ڪافي ساٿين جتن ڪيا، جن ساٿين پھريان قدم کنيان انھن ۾ پروفيسر سيد گل محمد شاه بخاري (جو ڪتاب ”شھدادڪوٽ جو علمي جائزو“ ڇاپو جنوري 1992ع ۽ سندس ٻيو ڪتاب ”شھدادڪوٽ جا قلمڪار ۽ شاعر“ ڇاپو 2000ع) سرفھرست آھن. شاهه صاحب پنھنجي ڪتابن ۾ فقط شھدادڪوٽ جي علمي ۽ ادبي پھلؤَ کي اجاڳر ڪيو آھي. ان کان پوءِ محمد اسلم شيخ قدم اڳتي وڌائيندي جون 1992ع ۾ ”شاداب شھدادڪوٽ“ جي عنوان سان ڪتاب شايع ڪرايو. جنھن ۾ شيخ صاحب شھدادڪوٽ جي جاگرافيائي تاريخ سان گڏوگڏ علمي. ادبي، سياسي، سماجي، ثقافتي ۽ ڪنھن حد تائين اقتصادي تاريخ کي قلمبند ڪيو پر تمام مختصر انداز ۾. ان بعد ڪامريڊ ولي محمد منڱڻھار سيپٽمبر 2007ع ۾ ”ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي مختصر سياسي جائزو“ جي نالي سان ڪتاب لکي شايع ڪرايو. جنھن ۾ گھڻو تڻو بحث شھدادڪوٽ جي سياست تي ٿيل آھي. هينئر سگا شاخ شھدادڪوٽ جي مختصر پر جامع انداز ۾ سماجي تاريخ لکڻ جو شرف خالد چنا کي حاصل ٿيو آھي. مٿي ذڪر ڪيل سڀئي ڪتاب ملي ڪري هن علائقي (شھدادڪوٽ) جي ڪلي تاريخ کي اجاگر ڪن ٿا.
اھا ڳالھه واضح ۽ صاف هئڻ گهرجي ته تحقيق هڪ اڻ کٽ علم ۽ وسيع ميدان آھي، جنھن ۾ هڪ محقق ۽ جاکوڙي ماڻھو نت نيون شيون ظاهر ڪري پيش ڪري ٿو. اھو سلسلو اڳئين علم ۽ تحقيق کي ائين جلا بخشي ٿو جيئين هڪ ڏِيئي مان ٻيو ڏِيئو روشن ٿئي ٿو، پر ٻيو ڏِيئو پھرئين ڏِيئي جي روشني قطعاً گھٽائي نٿو سگهي ۽ هو پھرئين ڏِيئي کان مدد حاصل ڪري پنھنجي روشني جو سفر جاري رکي ٿو. ائين ئي علمي سفر جو بنياد به پھرئين ئي معلومات تي هوندو آھي ۽ پھرئين يعني بنيادي معلومات ڪڏهن به ناڪاره ڪونه هوندي آھي. تحقيق ۾ به ان کي ئي بنياد بڻائي نئين تحقيق کي اڳتي وڌائي نت نئين معلومات قارئينِ ڪرام تائين پھچائي سگهجي ٿي. ائين ئي مون کي پڻ اميد آھي ته خالد چنا جي هن مختصر مگر جامع سگا شاخ شھدادڪوٽ جي تاريخ کي ڪو ٻيو دانشور ساٿي نئين تحقيق سان اڳتي وڌائيندو، ڇاڪاڻ ته تحقيق ۾ ڪابه ڳالھه حرف آخر ڪونه هوندي آھي.
هي ڪتاب سگا شاخ شھدادڪوٽ جي 42 سالن (يعني 1978ع کان 2020ع تائين) جي سفر جي مختصر تاريخ به آھي ته وري ان جي ڪارڪنن، سھڪاري ساٿين ۽ گهڻ گھرن جي سماجي خدمتن جو دستاويز پڻ. هي ڪتاب جھڙو به آھي جيئن به آھي، پنھنجي خوبين ۽ خامين سميت اوهان جي خدمت ۾ حاضر آھي. هي ڪتاب مستقبل ۾ ڪيتري اهمت ۽ افاديت جو حامل بڻجي سگھي ٿو يا ڪيترو ڪارائتو ۽ لاڀائتو ٿو ثابت ٿئي، ان جو فيصلو اوهان پڙهندڙن ۽ وقت جي تاريخدانن کي ئي ڪرڻو آھي، پر آءٌ ايتري چوڻ جو ضرور حق رکان ٿو ته ”هن ڪتاب جي شايع ٿي منظر عام تي اچڻ کان پوءِ اها قوي اميد ڪري سگهجي ٿي ته ايندڙ وقت ۾ نوجوان نسل کي فلاحي ۽ سماجي خدمت سرانجام ڏيڻ ۾ ھي ڪتاب ضرور رهنمائي فراهم ڪندو ۽ پڻ اتساھ جو سبب بڻبو.“
18 جولاءِ 2020ع
مهراڻ لائبريري
ڳوٺ اميد علي خان جوڻيجو
شهدادڪوٽ