مختلف موضوع

سگا شهدادڪوٽ شاخ جي مختصر تاريخ ۽ ڪارڪردگي

 سنڌ گريجوئيٽس ائسوسئيشن پنهنجي وطن ۾ سماج جي جاڳرتا، اوسر ۽ ملڪ ۾ هڪ ترقي يافته ۽ پرامن سماج  جي اڏاوت لاءِ پنهنجي وت ۽ وس آهر اڌ صديءَ کان جاکوڙ ڪري رهي آهي. ھن ڪتاب ۾ سگا جي تاريخ، سگا شھداد ڪوٽ جو مختصر تعارف ۽ ڪارڪردگي، سگا مرڪز ۾ نامزد ٿيل شھداد ڪوٽ جي دوستن جو تعارف، سگا شھداد ڪوٽ جي ڪجهه ساٿين جا مختصر خاڪا، سگا شھداد ڪوٽ جي سھڪاري سٿ جو تعارف، سگا شھداد ڪوٽ بابت سگا مرڪز جي عهديدارن جا تاثرات شامل آهن. 

Title Cover of book سگا شهدادڪوٽ شاخ جي مختصر تاريخ ۽ ڪارڪردگي

پروفيسر جاويد احمد انڙ

شھدادڪوٽ سنڌ جي اهڙي علائقي سان تعلق رکي ٿو، جتي علم ۽ شعور جي آگهي کي هٿي ڏيڻ سچ پچ ته ان وقت اهو سولو ڪم نه هو، اهو دؤر 1978ع جو آھي، جڏهن سگا جي رضاڪار تنظيم جو جنم ٿيو. ۽ انهن شھدادڪوٽ جي سرواڻن ان شعور جي ڏياٽي کي ڪيئن روشن رکيو ۽ ان تسلسل کي قائم رکندي خلق خدا جي خدمت ڪئي ۽ سگا جو ٻرچم سربلند رکيو. اها هڪ طويل تاريخ آھي جنهن کي سهيڙي گڏ ڪرڻ ۽ ڳوڙھو اڀياس ڪرڻ کان پوءِ ان کي هڪ ڪتاب جي صورت ڏيڻ ۽ سگا شھدادڪوٽ جي رضاڪارن جي ڪوششن ۽ ڪاوشن کي امر ڪري ڇڏڻ جي برابر آھي.
ڪڇي ڪاڇوٽي نانگن ٻڌي نينهن جي،۔
جهڙا آيا جڳ ۾ تهڙا ويا موٽي،
انهين جي چوٽي، پورب ٿيندي پڌري.
جس ھجي پروفيسر خالد حسين چنا صاحب کي جنهن تمام گهڻي اپٽار ۽ ريسرچ کانپوءِ ھي تاريخي ڪتاب سهيڙيو آھي. هن اتساهيندڙ عمل تي کين جس پيش ڪجي ٿو. اميد ته هن ڪتاب ۾ لکيل مواد نئين نسل لاءِ ھڪ ڄاڻ جو خزانو ثابت ٿيندو.