مختلف موضوع

سگا شهدادڪوٽ شاخ جي مختصر تاريخ ۽ ڪارڪردگي

 سنڌ گريجوئيٽس ائسوسئيشن پنهنجي وطن ۾ سماج جي جاڳرتا، اوسر ۽ ملڪ ۾ هڪ ترقي يافته ۽ پرامن سماج  جي اڏاوت لاءِ پنهنجي وت ۽ وس آهر اڌ صديءَ کان جاکوڙ ڪري رهي آهي. ھن ڪتاب ۾ سگا جي تاريخ، سگا شھداد ڪوٽ جو مختصر تعارف ۽ ڪارڪردگي، سگا مرڪز ۾ نامزد ٿيل شھداد ڪوٽ جي دوستن جو تعارف، سگا شھداد ڪوٽ جي ڪجهه ساٿين جا مختصر خاڪا، سگا شھداد ڪوٽ جي سھڪاري سٿ جو تعارف، سگا شھداد ڪوٽ بابت سگا مرڪز جي عهديدارن جا تاثرات شامل آهن. 

Title Cover of book سگا شهدادڪوٽ شاخ جي مختصر تاريخ ۽ ڪارڪردگي

سگا شهدادڪوٽ شاخ جي سماجي خدمتن جو سفر: ”راز“ علي گل ڀُٽو

سگا جو بنيادي اساسو سنڌ ۾ پکڙيل ان جون شاخون ۽ شاخن جو بنياد سندن سماج سيوڪ ڪارڪن آهن، سنڌ کي ٻين سان گڏ تعليم ۽ صحت جي محم وڏي اورچائي واري ڪم جي ضرورت آهي، خاص طور تي سنڌ جون ٻهراڙيون بهتر تعليم ۽ صحت جي سٺين سهوليتن کان محروم آهي، ان ڪري سگا جي منشور ۾ ٻين ڳالهين سان گڏ تعليم ۽ صحت تي وڌيڪ ڌيان ڏنو وڃي ٿو. تعليم ۾ روشن تارا اسڪول ۽ صحت ۾ مختلف بيمارين جون طبي ڪئمپون مسڪينن جي ڄڻ درن تي لڳايون ويندو آهن. سال ۾ سڄي سنڌ ۾ سوين طبي ڪئمپون لڳائي مفت طبي امداد، چڪاس ۽ دوائون ڏنيون وينديون آهن. اهڙن بنيادي خدمتن ۾ سگا شهدادڪوٽ شاخ جي سوين ڪارڪنن جون سارهه جوڳيون ڪاوشون شامل آهن.
شهدادڪوٽ شاخ جي 1978ع ۾ قائم ٿيڻ کان پوءِ شاخ جي ڪارڪنن دلي جذبي سان ڪارڪنن جو تعداد وڌايو، ڪارڪنن جو اهو اورچائي وارو جذبو ڏسي پڙهيل طبقو سماجي سيوا ڏانهن ڏاڍو تيزيءَ سان مائل ٿيڻ لڳو. اهڙي طرح شاخ جي سماجي سيوڪ قافلي ۾ واڌارو ايندو رهيو. مقرر وقت تي شاخ جون چونڊون ٿينديون رهيون، عهديدار ايندا ويندا رهيا، مگر سندن خدمتن جي جذبي ۾ ماٺار نه آئي، عهديدار صرف انتظامي امور آسانيءَ لاءِ چونڊيا ويندا آهن. مگر ميدان ۾ ڪارڪن ۾عهديدار ۾ ڪو به فرق نه هوندو آهي. مختلف دؤرن ۾ سوَ کان مٿي ڪارڪن سگا شهدادڪوٽ جو اثاثو رهندا پيا اچن، جن ۾ تاحيات ميمبر، عام ميميبر، عورت ميمبرن جو به چڱو تعداد شامل آهي، سگا شهدادڪوٽ شاخ مقامي خدمتن جي مد ۾ وڏو اثر رسوخ رکي ٿي. معاشري جي هر شعبي ۾ شاخ جا ڪارڪن موجود آهن، جيڪي تر جي عوام جي خدمت فرض سمجهي ڪن ٿا.
1980ع واري ڏهاڪي واري شروعات ۾ جڏهن فوجي آمر جنرل ضياءُالحق سگا جي پابندي هنئي ته ان پابنديءَ جو اثر شهدادڪوٽ شاخ تي به پنهنجي طور پيو، پر ڪارڪنن همٿ سان عوامي رابطي ۽ خدمتن جو دامن پنهنجي هٿن مان نه ڇڏيو، انهيءَ ڪري ئي جڏهن 1988ع ۾ محترمه شهيد بينظير جي د‍ؤر حڪومت ۾ تنظيم تان پابندي هٽي ته پردي جي پويان ڪم ڪندڙ ڪارڪن وڏي جذبي سان عام ماڻهن ۾ خدمت جو پيغام کڻي شروع ٿي ويا. جيئن ته شدادڪوٽ ۽ سندس ٻهراڙيون تعليم ۽ صحت جي سهولتن ۾ ڪافي پٺتي پيل آهن. جتي شاخ جي ڪارڪنن کي عام حالتن کان وڌيڪ محنت ۽ اورچائي جو جذبو ڪتب آڻڻو پوي ٿو. ان جذبي سبب خاص طور تي عوامي طبقن ۽ سرڪاري سطح تي وقت بوقت وڏي مڃتا ملندي رهي آهي، قدرتي آفتن خاص طور تي برساتين ۽ ٻوڏ جي صورتحال ۾ سگا جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن جو اهم ڪردار رهيو آهي. ڪارڪنن ٻوڏ ۽ برسات متاثرن لاءِ کاڌي پيتي جو سامان ۽ طبي دوائون گڏ ڪري کين سهولتن خاطر سندن دروازن تي پهچايو. ڪئمپن مان هزارين مريضن کي فائدو ٿرو. طبي ڪئمپن ۾ چمڙي، مٺا پيشاب، سائي ۽ عام مريضن کي فائدو پهچايو ويو آهي، شاخ جون عام ۽ ڪاروباري ڪاميٽيءَ جون وقت سر گڏجاڻيون ڪري مرڪز سان به ويجهو رابطو رکيو ويو آهي، ان بنياد تي شاخ کي ڪافي ڀيرا انعام به مليا آهن، شاخ جا محنتي ڪارڪن مرڪزي سطح جي عهدن تي ڪم ڪري چڪا آهن ۽ اڃان به ڪري رهيا آهن.
سگا شهدادڪوٽ مضبوط شاخ رهي آهي، جيڪا اڄ به محترم انور علي سيال ۽ فدا حسين جوڻيجي جي قيادت ۾فعال طور ڪم ڪري رهي آهي.