جاکوڙي ڪردار سائين نظام الدين سومرو
موجوده ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي تعلقي شهدادڪوٽ ۾ ڪيتريون ئي سياسي، سماجي ۽ علمي ادبي شخصيتون ٿي گذريون آهن جن مان ڪي مشهور آهن ته ڪي وري گمنام آهن. اھڙين وساريل شخصيتن مان نظام الدين سومرو جي شصخيت پڻ ھڪ آھي. شهدادڪوٽ جي ھيءَ اها شخصيت آهي جنهن تي تمام گهٽ لکيو ويو آهي ۽ هن جي باري ۾ شهر جي تمام ٿوررن ماڻهن کي خبر هوندي. نظام الدين سومرو جي والد جو نالو حاجي در محمد سومرو آھي. هن جو گهراڻو مذهبي ۽ پيري مريدي وارو هو. نظام الدين جو چاچو ۽ سُهرو ملان گل محمد شهدادڪوٽ ڀرسان ڳوٺ ڪارڙا ۾ صُوفي خواجه احمد (وفات 1903ع) جو مجاور هوندو هو. خواجه احمد سومرو، نوشھرو فيروز جي صُوفي بزرگ ۽ شاعر شاھ نصيررح جو طالب ھو. اھو ئي سبب آھي جو تر جا ڪيترائي ماڻهو ملان گل محمد سومري کان دعا گهرائيندا هئا. نظام الدين جي امڙ امان شاهل سومرو گهر ۾ قرآن شريف پڙهائيندي هئي. ان ڪري هن جي خاندان کي علائقي جا ماڻهو عزت جي نگاهه سان ڏسندا هئا.
سائين نظام الدين سومرو 2 فيبروري 1940ع ۾ پيدا ٿيا. شهدادڪوٽ ۾ 1942 واري ٻوڏ کان وٺي 1944ع ۽ 1948ع واري دور تائين لاڳيتو ٻوڏون پئي آيون. ماڻهن جو واسطو گهڻو ڪري زراعت تي ھو، ان ڪري غربت ۽ پريشانيون تمام گهڻيون هيون. 1965ع واري پاڪ ڀارت جنگ بھ ماڻھن جي ذھنن تي اڻ مٽ چٽ ڇڏيا. اهڙي طرح سياسي سماجي ۽ مذهبي حالتون به عروج تي هيون . نظام الدين سومرو کي ڄمڻ کان وٺي اهڙيون حالتون ڏسڻيون پيون جنهن ۾ ڏک ئي ڏک هجن. نظام الدين سومري 1958ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو، ان کانپوءِ ڪاليج مان انٽر سائنس ۾ ڪيائين، غريب هجڻ ڪري وڌيڪ تعليم جاري نه رکي سگهيو. نظام الدين پوليس ۾ ڀرتي ٿيو پر ڪجهه ئي عرصي ۾ پوليس جي نوڪري ڇڏي سن 1966ع ۾ شھدادڪوٽ ۾ نيشنل بئنڪ آف پاڪستان ۾ گوڊائون ڪيپر ٿيو. نيشنل بئنڪ جو ان وقت مينيجر گل محمد چنا هو، جيڪو علم ادب ۽ ادبي محفلن جو شوقين هوندو هو. ان زماني ۾ شھدادڪوٽ شھر ۾ ادبي محفل ٿيندي هئي جنهن ۾ تر جا مختلف شاعر گڏ ٿيندا هئا. نظام الدين کي لکڻ پڙهڻ جو اڳ ۾ ئي شوق هيو. علم ادب وارن جي محفلن ۾ ويهي ماڻهن سان خوش اخلاقي سبب جلد گل محمد چنا ۽ ٻين جي صحبت ۾ سندن ويجهو ٿيڻ لڳو. انهن ڏينهن ۾ شاهه عبداللطيف سوسائٽي قائم ڪئي وئي ھئي، جنهن جو صدر خانبھادر پير بخش خان کهاوڙ کي ڪيو ويو، گل محمد چنا ۽ ٻين ساٿين جي ڪوششن سان شهدادڪوٽ ۾ ڪاليج قائم ٿيو، جنهن جو بنياد غلام مصطفيٰ شاهه کان رکرايو ويو.
نظام الدين سومري کي سماجي ڪمن ڪرڻ جي اهڙي ته جوت چڙهي جو گل محمد چنا کان به ٻه قدم اڳتي وڌي ويو. هن علائقي ۽ شھر ۾ ڪيئي سماجي ڪم ڪيا. ڏينھن رات غريب ماڻهن جي مدد ڪيائين. علمي ادبي ۽ ثقافتي ميڙاڪا ڪوٺرايائين.
شبينا تعليم بالغان سينٽر قائم ڪيائون جيڪو اڳتي هلي نظاميه نائيٽ اسڪول بڻيو.
شاهي بازار شهدادڪوٽ ۾ دڪانن مٿان جڙيل تعليم بالغان مرڪز نظاميه نائيٽ اسڪول پنهنجي مدد پاڻ تحت هلندو هو. شام جو ڪيترائي اڻ پڙهيل ماڻهو اچي لکڻ ۽ پڙهڻ سکي روزي روٽي لائق بڻيا ۽ چڱي زندگي گذارڻ لڳا. ڪيترن ئي خاندان جي زندگي بهتر ٿئي. محمد اسلم شيخ موجب نظاميه نائيٽ اسڪول کي ويٽنامي اسڪول به چوندا هئا. ڇاڪاڻ جو ڪچي ڇت کڙڪا ڪندي هئي پر پوءِ به اتي پڙهڻ پڙهائڻ جو ڪم ۽ ڪيترائي علمي ادبي پروگرام ٿيندا هئا.(ڪتاب يادن جي خوشبو، محمد اسلم شيخ ، صفحو نمبر 51)
شروعات ۾ نظاميه نائيٽ اسڪول ۾ مسٽر الھه ورايو قريشي، مسٽر سجاول خان وڌو، سائين سيتل داس لاڙڪاڻي وارو، علي عباس لانگاھ، محمد حسن پٺاڻ ۽ شوڪت علي سومرو شام جو سج لٿي کان رات جو دير تائين غريب، پورھيت ۽ مزدورن کي پڙھائيندا ھئا. ان دوران سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (SGA) شاخ شهدادڪوٽ جي آفيس به نظاميه نائيٽ اسڪول ۾ قائم ڪئي وئي ڇو ته محمد حسن پٺاڻ 1979ع کان 1992ع تائين اڪثر طور تي سگا شاخ شهدادڪوٽ جو جنرل سيڪريٽري ۽ شوڪت علي سومرو به اڪثر طور تي شاخ جو عهديدار رهندو آيو هو. سگا شهدادڪوٽ شاخ جون تنظيمي گڏجاڻيون ۽ پروگرام به اڪثر نظاميه نائيٽ اسڪول ۾ ٿيندا هئا. تنهن ڪري نظام الدين، محمد حسن پٺاڻ، محمد اسلم شيخ، الهورايو قريشي، شوڪت علي سومرو ۽ اشرف کهاوڙ اهڙن ساٿين جو جٿو هو جيڪي شهدادڪوٽ ۾ علمي ادبي ۽ سماجي ترقي لاءِ عملي ڪم ڪندڙ هئا.
05 آگسٽ 1978ع تي سگا شهدادڪوٽ جي ساٿين نظاميه نائيٽ اسڪول ۾ هڪ گڏجاڻي ڪوٺائي جنهن ۾ شهدادڪوٽ جي اسسٽنٽ ڪمشنر محترم خواجه حاجي محمد جعفري خصوصي شرڪت ڪئي. سگا جي ساٿين گڏجي مهمان خاص جي آڏو سپاس نامو پيش ڪيو ۽ شهر جي سماجي ڪمن ۾ بھري وٺڻ لاءِ خدمتون پيش ڪيون. 3 جولاءِ 1980ع تي نظاميه نائيٽ اسڪول ۾ سنڌ جي ھاڪاري عالم مرزا قليچ بيگ جي ورسي ملهائي وئي. 18 آگسٽ 1980ع تي شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جو ڏهاڙو ملهايو ويو. اهڙي طرح سگا شهدادڪوٽ جون سرگرميون سائين نظام الدين سومري جي قائم ڪيل نظاميه نائيٽ اسڪول ۾ سائين نظام الدين ۽ ساٿين جي دلچسپي جي ڪري ڪيترائي سال روان دوان رهيون. سگا جو ٽيون ڪنوينشن 24 نومبر 1978ع ۾ دادو ۾ ٿيو جنهن ۾ نظام الدين سومري سان گڏ شاخ جي صدر سائين الهورايي قريشي ۽ محترم محمد اسلم شيخ (وقتي جنرل سيڪريٽري) ۽ ٻين ساٿين شرڪت ڪئي. نظام الدين سومري جي سگا جي سرگرمين ۾ سنجيدگي سان حصو وٺڻ ۽ هر ننڍي وڏي پروگرام ۾ شامل ٿيڻ سبب سگا مرڪز ۾ 5 جولاءِ 1980ع جي اجلاس ۾ نائب صدر(مرڪز) مقرر ڪيو ويو، جيڪو سگا شهدادڪوٽ شاخ لاءِ وڏو اعزاز هو (ڪتاب سگا سهائي صفحو نمبر 19)
سگا شهدادڪوٽ طرفان ساٿين جي گڏيل ڪوششن سان صحت جي ميدان ۾ به ڪافي سرگرميون ٿينديون هيون. اهو ئي سبب آهي جو سگا جي 8 سالگرهه ۽ ادبي ايوارڊ جي تقريب 1980ع جي صدارتي خطاب ۾ ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ صاحب مهمان خاص عزت ماب جسٽس غوث علي شاهه صاحب سان مخاطب ٿيندي ٻڌايو ته صحت جي ميدان ۾ سگا پاران مفت طبي مشوري جا مرڪز گذريل ٻن سالن کان حيدرآباد، موري، لاڙڪاڻي، شھدادڪوٽ، شڪارپور، گهوٽڪي راڻيپور، ڀٽ شاهه، شهدادپور ۽ بدين ۾ ڪم ڪري رهيا آهن (حوالو: ڪتاب سگا سڪ سمونڊ“ صفحو نمبر 32) ۽ سگا شهداد ڪوٽ طرفان انهن ڏينهن ۾ ڊرگ بئنڪ (Drug Bank) قائم ڪئي وئي هئي، جتي غريب مسڪين ماڻهن کي نه صرف چڪاسيو ويندو هو پر دوا به مفت فراهم ڪئي ويندي هئي. (سگا سڪ سمونڊ صفحو نمبر 33)
ڪتاب سگا سهائي جي صفحي نمبر 22 تي لکيل آهي ته 26 مارچ 1981ع تي راڻيپور ۾ سگا جي پنجين سالياني ڪنوينشن جي موقعي تي مرڪز جون ترميم ٿيل آئين تحت چونڊون ٿيون جن ۾ هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا.
ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ چيئرمين
محمد نظر ميمڻ وائيس چيئرمين
نظام الدين سومرو وائيس چيئرمين
ولي محمد روشن سيڪريٽري جنرل
اهڙي طرح ٻيا به عهديدار چونڊيا ويا ۽ ساٿين ۾ ائسوسيئيشن جا ڪم ورهايا ويا. جناب نظام الدين سومري کي شهدادڪوٽ، نئين ديري، لاڙڪاڻي، موري، قمبر، ڪنڌڪوٽ ۽ نصيرآباد جي ساٿين سان رابطي جي ذميواري رکي وئي. سگا جي ٻين ساٿين تي به اهڙي طرح ذميواريون رکيون ويون. سيڪريٽري جنرل سگا محترم ولي محمد روشن ڇهين سالياني ڪارڪردگي 16 اپريل 1982ع تي سکر ۾ ٻڌائيندي چيو ته 16 عهديدارن کي انتظامي ڪم ورهائي ڏنو ويو هو. انهن سونپيل ڪمن مان جن عهديدارن پنهنجي ڪم کي نڀايو. انهن ۾ صرف نظام الدين سومرو، فضل الله قريشي ۽ خليل ميمڻ قابل ذڪر آهن. (ڪتاب سگا سهائي صفحو نمبر 22)
سگا جو ستون ساليانو ڪنوينشن 15 اپريل 1983ع مهراڻ هاسٽل موري ۾ ٿيو، جتي سيڪريٽري جنرل محترم ولي محمد روشن صاحب سگا جي سال 1982ع جي ڪارڪردگي بيان ڪندي ايوان کي ٻڌايو ته ڪراچي ۾ سي ايس ايس ڪلاس ۽ شهدادڪوٽ ۾ بالغن جي تعليم جو سينٽر (نظاميه نائيٽ اسڪول) نمايان حيثيت رکن ٿا. (ڪتاب، سگا سهائي صفحو نمبر 25)
نظام الدين سومري صاحب ۽ ساٿين جي محنتن جي ڪري سڄي اجلاس ۾ ڪم جي واکاڻ ڪئي وئي. نظام الدين سومرو عوامي جدوجهد وارو ماڻهو هو ۽ شهر جي سماجي ڀلائي وارن ڪمن ۾ نهايت مصروف رهندو هو. ويتر وري سگا مرڪز طرفان سڄي سنڌ جا سور سيني ۾ سانڍيو وتندو هو، پنهنجي ناچاڪي ۽ بيماري جو روڳ ڪنهن تي به عيان ٿيڻ نه ڏيندو هو. سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان پيار جي ڪري سردي ۽ گرمي هن تي اثر نه ڪندي هئي. هي اهو زمانو هو جڏهن 1983ع جولاءِ ۾ جنرل ضياءَ الحق سگا جهڙي مقصد ۽ رضاڪار اداري تي اھا پابندي ھنئي ته ڪوبه حڪومت ۾نوڪري وارو ماڻهو سگا جو ميمبر نه ٿو ٿي سگهي.سگا جي وڌندڙ مقبوليت ۽ ان طرفان عام ڀلائي جي ڪمن جي تيز رفتاريءَ کان ڊڄي سنڌ سان ازلي بغض رکندڙ مخصوص ٽولي جي ڪجهه اڳواڻن هن تنظيم تي تعصب، صوبي پرست ۽ ملڪ دشمي جا بي بنياد الزام مڙهڻ شروع ڪيا.( ڪتاب، جنهن دل پيتا عشق دا جام، پروفيسر مظهر الدين ميمڻ، صفعو نمبر 24)
پر سگا جا باشعور ساٿي ڪٿي ٿا مُڙن! ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان سماجي ڪم پيا ڪندا رهندا هئا. سائين نظام الدين سومرو صاحب انهن سختي وارن ڏينهن ۾ به سگا جو ڪم ڪار سڄي سنڌ ۾ ڪندو هو ۽ مرڪزي اڳواڻن سان رابطي ۾ رهندو هو. هن کي سگا سان جذباتي لڳاءُ هيو. هو ڳوٺ سڌار سنگت ۾ به سرگرم رهيو. ڳوٺن ۾ وڃي ماڻهن کي انهن جي مسئلن ۽ حل بابت ٻڌائيندو هو. سائين خان محمد پنهور سان به ڏاڍي لڳندي هيس جيڪو ڳوٺ سڌار سنگت جو روح روان هو. نظام الدين سومرو پاڻ سان لڳل ڪينسر جهڙي خطرناڪ بيماري جي پرواهه نه ڪندي معاشري کي لڳل ڪينسر سان بهادريءَ سان وڙهندي وڙهندي گلن واري مٽي ۾ خوشبوءَ وانگر سمائجي ويو. هو 19 آگسٽ 1978 ۾ هي فاني جهان ڇڏي ويو.
سگا جا اڳواڻ ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ ۽ ٻيا تر جا سڀ ساٿي آخري رسمن ۾ شريڪ ٿيا. 15 آگسٽ 1987ع تي شهدادڪوٽ شاخ جي ساٿين گڏجاڻي ڪري 21 آگسٽ 1987ع تي تعزيتي ميڙاڪو سڏايو، جنھن ۾ سائين نظام الدين سومري جي زندگي، ڪم ۽ ڪردار بابت کيس زبردست خراج تحسين پيش ڪيو ويو. ان ويھڪ ۾ سائين خان محمد پنهور خصوصي طور تي شرڪت ڪئي.
سگا جي مرڪزي اڳواڻ محترم غلام حسين بلوچ چواڻي ته نظام الدين سومري سان اڪثر گڏجاڻين ۾ ملاقات ٿيندي هئي. هن جي ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ، مظهرالدين ميمڻ ۽ خان محمد پنهور سان گھڻي ويجهڙائپ هوندي هئي. انھن ٻڌايو تھ ڳوٺان اچڻ کانپوءِ، سوير پهچڻ ڪري هو اڪثر ڪري اچي رمپا پلازه جي مسجد يا آفيس ٻاهران سمهي پوندو هو. هڪ دفعي ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ صاحب هن کان پڇيو ته هو گهڻو چپ چپ ڇو هو. هن ڪنهن کي به نه ٻڌايو ته شهدادڪوٽ کان ڪراچي سگا آفيس ايندي هن جو کيسو ڪٽجي ويو هو ۽ هن وٽ ڳوٺ واپس وڃڻ لاءِ پئسا ڪونه هئا پر ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ صاحب هن جي ويجهو هو، تنهن کي سندس زور ڪرڻ تي حقيقت جي خبر پئي. اهڙي طرح نظام الدين کي واپسي جا پئسا ڏنا ويا. هو خوددار ۽ سچو سماج سڌارڪ هو ۽ سگا جو ڪم عين عبادت سمجهي ڪندو هو.آخري دم تائين سگا تي پابندي ۽ سنڌين سان سُورن وارو سُور سيني ۾ کنيو ويو. نظام الدين پنهنجي حياتي ظلم ۽ جهالت واري نظام کي بدلائڻ لاءِ هڪ مثالي نظام الدين بڻجي سوين مشعلون ٻاري پنهنجو وارو وڄائي ويو. نظام الدين سومرو، ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ ۽ سگا جي ساٿين سان پرامن ترقي يافته سنڌ جو اميد ڀريي پوکيل ٻوٽي جي آخري دم تائين آبياري ڪندو رهيو.
مددي ڪتاب
1. يادن جي خوشبوءِ، محمد اسلم شيخ شهدادڪوٽي
2. سگا سهائي، سهيريندڙ اشارت حسين ميمڻ
3. سگا سڪ سمونڊ ، سهيڙيندڙ ماستر حيدر بخش
4. جنهن دل پيتا عشق دا جام، مرتب علي محمد ميمڻ
5. شاداب شهدادڪوٽ، محمد اسلم شيخ
**