مختلف موضوع

سگا شهدادڪوٽ شاخ جي مختصر تاريخ ۽ ڪارڪردگي

 سنڌ گريجوئيٽس ائسوسئيشن پنهنجي وطن ۾ سماج جي جاڳرتا، اوسر ۽ ملڪ ۾ هڪ ترقي يافته ۽ پرامن سماج  جي اڏاوت لاءِ پنهنجي وت ۽ وس آهر اڌ صديءَ کان جاکوڙ ڪري رهي آهي. ھن ڪتاب ۾ سگا جي تاريخ، سگا شھداد ڪوٽ جو مختصر تعارف ۽ ڪارڪردگي، سگا مرڪز ۾ نامزد ٿيل شھداد ڪوٽ جي دوستن جو تعارف، سگا شھداد ڪوٽ جي ڪجهه ساٿين جا مختصر خاڪا، سگا شھداد ڪوٽ جي سھڪاري سٿ جو تعارف، سگا شھداد ڪوٽ بابت سگا مرڪز جي عهديدارن جا تاثرات شامل آهن. 

Title Cover of book سگا شهدادڪوٽ شاخ جي مختصر تاريخ ۽ ڪارڪردگي

هڪ جفاڪشي انسان: ڪيپٽن ڊاڪٽر محمد صالح شيخ

جڏهن مشرقي ۽ مغربي پاڪستان هوندو هو، تنهن دور ۾ شهدادڪوٽ اڄوڪي دور جي بلڪل برعڪس هوندو هو. اهو بلڪل ننڍڙو ۽ مختصر هوندو هو. صحت يا تعليم جون خاص سهولتون ڪونه هونديون هيون، پر جيڪڏهن شهدادڪوٽ شهر جي اوائلي ۽ شروعاتي ڊاڪٽرن جا نالا کڻبا ته انهن جي لسٽ ۾ ڊاڪٽر محمد صالح شيخ جو نالو ضرور ايندو. چوندا آهن ته ڊاڪٽر ۽ طبيب دوا درمل ڏيندو آهي باقي ڦڪيون تڏهن فرق ڪن جڏهن امر ٿئي الله جو. ڊاڪٽر محمد صالح شيخ جي هٿ ۾ الله تعالي اهڙي شفا رکي هئي جو هو سڄي تر لاءِ هڪڙي وڏي غنيمت بڻجي ويو. سڄو ڏينهن هن جي اسپتال مريضن سان ڀري پئي هوندي هئي. غريب، مسڪين ڪيترن سالن کان بيمارين ۾ ورتل مرد ۽ عورتون ڊاڪٽر محمد صالح جي احوالن چرچن تي ۽ هلڪي ڦلڪي دوا تي خوش ٿئي ويندا هئا. رب پاڪ هن کي غير معمولي حافظو ڏنو هو ۽ هوبنيادي طور هتي جي شروعاتي رهاڪو هجڻ ڪري تر ۽ آس پاس جي هر ماڻهو، انهن جي وڏن ۽ ننڍن کي چڱي طرح نه صرف سڃاڻيندو هو، پر انهن جا پاڻ ۾ ڪهڙا مسئلا آهن ، ڪير ڪنهن سان ساڙ ڪري ٿو يا نه ٿو ٺهي وغيره جي به خبر هوندي هئي ڇو ته مريض هن کي دل جو بار هلڪو ڪرڻ لاءِ پنهنجن عزيزن ۽ مائٽن جا سور به سليندا هئا. هوگهرن ۾ سس نهن ، ساهيڙي يا مائٽياڻين جا جهيڙا مريض عورتن جي سائيڊ وٺي انهن جي دل جي ڳالهه ڪري ائين خوش ڪري ڇڏيندو هو جو مريض جي رت ئي وڌي ويندي هئي. هو نفسيات جو وڏو ڄاڻو هو. ماڻهن جا معاشي ۽ معاشرتي مسئلن تي ڳالهائي انهن کي کلائي پنهنجي وات جي مٺاس سان پريشان ماڻهن کي خوش ڪري موڪليندو هو. هن جي زبان مان نڪتل لفظ گهڻن لاءِ دوا ۽ علاج جو ڪم ڪندا هئا. ڪيترن ماڻهن لاءِ وڏي وٿ ۽ سهارو هو. مريض فري گري موٽي هن وٽ اچي خوش ٿئي ويندا هئا. هن وٽ جادو هو الائي ڇا هو، پر مريض کي پوري پڪ هوندي هئي ته جي هو ٺيڪ ٿيندو ته ڊاڪٽر صالح وٽ ٿيندو ۽ ڊاڪٽر محمد صالح به معمولي فيز وٺي علاج ڪري الله تعالي جي حڪم سان ٺيڪ ڪري ڇڏيندو هو. هو اڄ جي ڊاڪٽرن کان مختلف هو جيڪي ٽيسٽون رپورٽون ڪرائي مريض جي خرچن سان چيلهه ئي چٻي ڪري ڇڏين ٿا پر هو مريض جي نبض ڏسي حوال پڇي دوا لکي ڏيندو هو.وڌيڪ شفا الله تعالي ڏيندو هو.

اڄ به جيڪڏهن اوهان ڪنهن جهوني حجم وٽ ويندا ۽ ٿورو احوال پڇندا ته هو اوهان کي وارن ٺاهڻ دوران نه صرف سڄي شهر جو بلڪه ملڪ جو احوال منٽن ۾ ٻڌائيندا ۽ وار به ٺهي ويندا. اهڙي طرح سڄي شهر جي ڊاڪٽرن تي اهڙو ته ڪمال جو تبصرو ڪندا جو ڄڻ ته انهن وٽ وڏا تجربا هجن. هر هڪ ڊاڪٽر تي واري واري سان تبصرو ڪندا. هر ڪنهن جي ڪانه ڪا خوبي يا اوڻائي بيان ڪندا. ڊاڪٽر محمد صالح لاءِ چوندا ته هن کي وڏو حافظو آهي. يادگيري جو پڪو آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو کان پنهنجن ابن ڏاڏن جا نالا وسري وڃن ته اچي ڊاڪٽر صالح کان پڇن. هو انهن کي چار پنج پيڙهين تائين جا نالا سولائي سان ٻڌائي سگهندو. واقعي به رب پاڪ هن کي تمام گهڻو حافظو ڏنو آهي.جيڪو به شخص هڪ دفعو هن سان مليو پوءِ سڄي زندگي هن کان نه وسرندو آهي. ڊاڪٽر محمد صالح چئي ٿو ته اهو هن تي رب پاڪ جو خاص ڪرم ۽ امڙ جون دعائون آهن . هن جا والدين بنيادي سنڌي تعليم پڙهيل هئا ۽ هن جو والد غلام رسول شيخ شهر ۾ درزڪو ڪم ڪندو هو ۽ گهر جو خرچ پکو ڪڍندو هو. 02مارچ 1940ع تي غلام رسول شيخ کي پهريٽو پٽ ڄائو جنهن جو نالو محمد صالح رکيو ويو. رب جي حڪم سان ۽ والدين جي دعائن سان هو واقعي به وڏو صالح نڪتو. غلام رسول شيخ کي ٻيا به پنج پٽ ۽ چار نياڻيون رب پاڪ عطا ڪيون پر محمد صالح پنهنجي مٽ پاڻ آهي.
محمد صالح شيخ پرائمري کان ميٽرڪ جي تعليم شهدادڪوٽ ۾ ئي حاصل ڪيائون ۽ 1959ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول شهدادڪوٽ مان سنڌ يونيورسٽي بورڊ مان ميٽرڪ جو امتحان فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪيائون ۽ جڏهن کان وٺي هاءِ اسڪول شهدادڪوٽ قائم ٿيو آهي ته هو پهريون شاگرد هو جيڪو ميٽرڪ جي امتحان ۾ فرسٽ ڊويزن ۾ آيو هو. ان کان پوءِ هن حيدرآباد گورنمينٽ ڪاليج ۾ داخلا ورتي جتي پهرين ڏينهن تي ئي ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ هالا وارو (باني سگا) مسعود نوراني نوابشاھ وارو (اسٽوڊنٽ ليڊر، سنڌ جو لا ايڊوائزر ھيو ۽ هاڻي ڪراچي جو مشھور ليبر ڪورٽ جو وڪيل) ۽ فضل صديق شيخ مٽياري وارو (سابق سيڪريٽري ليول جو ماڻهو ۽ سنڌ منرل ڊپارٽمينٽ جو آفيسر) جن سان ملاقات ۽ دوستي ٿي . اهي گورنمينٽ ڪاليج جو سڄو وقت هاسٽل ۾ روم ميٽ پڻ رهيا ۽ اڄ تائين سندن چواڻي اها دوستي قائم ۽ دائم آهي.
محمد صالح شيخ جي مسلسل محنت ۽ شوق ڪري خوشقسمتي سان MBBS لاءِ لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو ۾ داخلا ٿئي وئي. هن جو ۽ هن جي والدين جو خواب ساڀيان ٿيو. هن ڊاڪٽري پڙهڻ دوران به محنت ڪري ڪيترائي انعام ۽ ميڊل پڻ حاصل ڪيا. ان کان پوءِ Medicine ۽ Children وارن وارڊن ۾ هائوس جاب ڪيائون. بعد۾ R.B.U.T ۾ اسپتال شڪارپور ۽ سول اسپتال دادو ۾ ميڊيڪل آفيسر طور مقرر ٿيا.
هڪ ڏينهن ڊاڪٽر محمد صالح ۽ ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ ۽ استاد بخاري (سنڌ جو مشهور شاعر ۽ ان وقت جو دادو ڪاليج جو ليڪچرر) ويٺي ويٺي دادو ۾“سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن” جو پايو رکيو ۽ ان جي ميمبرشپ ڪرڻ ۾ لڳي ويا. ڊاڪٽر محمد سليمان ان ڏس ۾ پنھنجي تن، من ۽ ڌن سان محنت ڪرڻ لڳي ويو .سگا اڄ سنڌ جي تعليم ۽ سماجي کيتر ۾ تمام بهترين ۽ وڏي تنظيم آهي جنهن مان ڪافي فردن فائدو حاصل ڪيو آهي.

1971ع ۾ پاڪ هند جي جنگ جي ڪري فوج جا ڊاڪٽر، آفيسر هندستان ۾ ڦاٿل هئا انهن جي خال کي ڀرڻ لاءِ ڊاڪٽر محمد صالح شيخ صاحب جن پاڻ کي والنٽئير طور پيش ڪيو ۽ سندن کي ڪيپٽن جي Rank ۾ لاهور ڇانوڻي ۾ مقرر ڪيو ويو ۽ جلد ئي اڳين مورچن ۾ 09 بلوچ رجمينٽ جو R.M.O ڪري روانو ڪيو ويو جتي پڻ 09 بلوچ رجمينٽ جي قصور سيڪٽر جي بارڊر تي ڊاڪٽر جي حيثيت سان هن حصو ورتو جنهن جي نتيجي ۾ ڊاڪٽر محمد صالح شيخ جن کي پاڪ آرمي جي طرفان تمغه جنگ ڏنو ويو. ان کان پوءِ جڏهن فوج جا پنهنجا ڦاٿل ڊاڪٽر موٽي آيا ته سول ڊاڪٽرس کي رليز ڪري واپس موڪليو ويو.
1974ع شهدادڪوٽ ۾ پنهنجي ڪلينڪ کولي پرائيويٽ ڊاڪٽري شروع ڪيائون. ان دوران پاڪستان ميڊيڪل ايسوسئيشن جي شاخ پڻ کولرائڻ ۾ مدد ڪئي جنهن ۾ پاڻ صدر جي حيثيت سان رهيا. اڳتي هلي سگا جي شاخ شهدادڪوٽ ۾ پڻ قائم ڪرڻ لاءِ مدد ڪيائون جنھن سان اڄ تائين سلھاڙيل ۽ معاون طور شامل آھن ۽ ڊاڪٽر محمد صالح شيخ سگا شهدادڪوٽ جا بنيادي ميمبر آهن ۽ 1978 کان وٺي اڄ ڏينهن تائين شامل حال رهندا پيا اچن. سگا شهدادڪوٽ جي اکين جي ڪئمپ کان وٺي هر ننڍي وڏي پروگرام ۾ ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان شامل رهيا آهن.
ڊاڪٽر محمد صالح شيخ اهڙي طرح 1974 کان 2017ع تائين پنهنجي زندگي جا 43 سال شهدادڪوٽ ۾ مناسب فيز، مختصر علاج ۽ کل ڀوڳ جي چاشني سان شهر ۽ پسگردائي جي ماڻهن جي خدمت ڪندا رهيا.هن وقت پنهنجن پٽن ، پوٽن ۽ گهر وارن سان اڪثر ڪراچي ۾ رهن ٿا ۽ اڪثر وقت عبادت ۾ گذارين ٿا. رب پاڪ هن کي شاد ۽ آباد ڪري ! صحت ۽ سلامتي عطا ڪري! ۽ هو پنهنجي اهل عيال سان خوش هجي! آمين