مختلف موضوع

سگا شهدادڪوٽ شاخ جي مختصر تاريخ ۽ ڪارڪردگي

 سنڌ گريجوئيٽس ائسوسئيشن پنهنجي وطن ۾ سماج جي جاڳرتا، اوسر ۽ ملڪ ۾ هڪ ترقي يافته ۽ پرامن سماج  جي اڏاوت لاءِ پنهنجي وت ۽ وس آهر اڌ صديءَ کان جاکوڙ ڪري رهي آهي. ھن ڪتاب ۾ سگا جي تاريخ، سگا شھداد ڪوٽ جو مختصر تعارف ۽ ڪارڪردگي، سگا مرڪز ۾ نامزد ٿيل شھداد ڪوٽ جي دوستن جو تعارف، سگا شھداد ڪوٽ جي ڪجهه ساٿين جا مختصر خاڪا، سگا شھداد ڪوٽ جي سھڪاري سٿ جو تعارف، سگا شھداد ڪوٽ بابت سگا مرڪز جي عهديدارن جا تاثرات شامل آهن. 

Title Cover of book سگا شهدادڪوٽ شاخ جي مختصر تاريخ ۽ ڪارڪردگي

حقيقي سماج سڌارڪ استاد محمد حسن پٺاڻ

شهدادڪوٽ شهر جي بنيادي رهاڪو ماڻهن مان ڪنهن به بزرگ کان اوهان پڇندا ته اوهان کي مست گو شو اگهاڙو فقير، علو کدڙو، چيٽوءَ جا سموسا، سانوڻ جا پڪوڙا، ديوان گلاب جا ڀڳڙا، ڪاڪي موج جا دال جا پن، رسُولي ۽ نانگي جي مِٺائي، ٽِئُون جي ڏهي، ڏيڏر فقير جا چرچا وغيره جا ذڪر تعريف سان ڪندا. اهڙي ئي نموني ڪيترائي هنرمند ماڻهو به هن تر جا مشهور هئا، جن لاءِ ماڻهو پري پري کان اچي انهن کان شيون وٺندا يا ٺهرائيندا هئا. انهن محنتي جفاڪش هڏڏوکي هنرمند ماڻهن منجهان شهدادڪوٽ شهر جي پراڻي اناج منڊي تي لوهارڪا دوڪان محمد پناه، علي حسن، گل حسن پٺاڻ ۽ محمد حسن پٺاڻ جن جا مشهور هوندا هئا. جن جا ڏاٽا ۽ ڪهاڙيون تمام گهڻيون مشهور هيون. جڏهن به لاباري جي موسم ايندي هئي ته پري پري کان ماڻهو استاد محمد حسن پٺاڻ جي دڪان تان ڏاٽا ۽ ڪهاڙيون وٺڻ ايندا هئا.
استاد محمد حسن پٺاڻ جي پيدائش شڃاڻپ ڪارڊ موجب 01 مارچ 1941ع ۾ ٿي. استاد محمد حسن پٺاڻ کي ٽي ڀائر هئا. محمد پناهه، علي حسن ۽ گل حسن جيڪي لوهارڪو ڪم ڪندا هئا. استاد محمد حسن پٺاڻ جا هٿ ننڍا هئڻ ڪري معذوري سبب ڀائر هن کان لوهارڪو ڪم نه ڪرائيندا هئا پوءِ اڳتي هلي وقت ۽ حالات جي مناسبت سان هن کي به لوهارڪو ڪم ڪرڻو پيو. استاد محمد حسن کي هڪ ڌيءَ ۽ هڪ پٽ نالي حاجي عبدالقادر پٺاڻ آهي جيڪي اڄڪلهه حيدرآباد ۾ رهن ٿا. استاد محمد حسن پٺاڻ ڪجهه وقت ناڪي منشي بڻيو پوءِ ميونسپالٽي چيئرمين جي ڦڏن ڪري نوڪري ڇڏي ڏنائين. لوهارڪي دڪان مان ئي گهر جو سفر بسر ڪرڻ لڳو. هن پرائيويٽ طور تي B.A ڪئي ۽ LLB ۾ شوڪت سومري ۽ اياز حسين سومري (MPA) سان گڏ داخلا ورتائين. استاد محمد حسن پوءِ LLB وچ ۾ ڇڏي ڏني.
سائين نظام الدين سومرو ۽ استاد محمد حسن پٺاڻ اسڪول ۾ گڏ پڙهندا هئا ۽ گهاٽا دوست هئا. ڪم ڪار ۽ گهمڻ ڦرڻ به گڏ هوندو هئن. پنهنجن ماڻهن لاءِ ڀلائي ۽ خير وارا ڪم پيا ڪندا هئا. هڪ دفعي ڪراچي ڪنهن ڪم سانگي ويا اُتي ڏٺائون ته هڪ جڳهه تي نائيٽ اسڪول جو بورڊ لڳل هو. پوءِ اچي شهدادڪوٽ ۾ لال شهباز قلندر نائيٽ اسڪول کوليائون جيڪو اڳتي هلي مرحوم استاد محمد يوسف سومري جي چوڻ تي 1975ع ۾ نظاميه نائيٽ اسڪول ٿي رجسٽرڊ ٿيو.
سائين نظام الدين پنهنجي دوستن جي ڪوششن سان شاهي بازار جي دڪانن مٿان مزدورن ۽ غريبن، هوٽلن تي ڪم ڪندڙن، ٻيڙي ڪاريگرن لاءِ تعليم ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو. ان جو نالو نظاميه نائيٽ اسڪول رکيو ويو، جيڪو وڏي عمر جي نوجوانن کي بنيادي تعليم ڏئي لکڻ پڙهڻ سيکاري پرائيوٽ امتحان ڏياري روزي روٽي جي قابل ڪرڻ لائق بڻائيندو هو. محمد حسن پٺاڻ ۽ شوڪت حسين سومرو 1975ع کان وٺي 1995ع تائين مسلسل نظاميه نائيٽ اسڪول ۾ پڙهائيندا رهيا. اهي پاڻ مختلف غريبن مزدورن وٽ وڃي انهن کي رات جو ڪم کان فارغ ٿي پڙهڻ لاءِ چوندا هئا. انهن کي پڙهي اڳتي ترقي ڪرڻ لاءِ اتساهه ڀريندا هئا. سوين شاگرد اڄ به نظاميه نائيٽ اسڪول کي ياد ڪندا آهن، جتي انهن جي زندگيءَ ۾ انقلابي تبديلي آئي. نظاميه نائيٽ اسڪول کي ويٽنامي اسڪول به چوندا هئا ڇاڪاڻ ته ڪچي ڇت کڙڪا ڪندي هئي پر پوءِ به ڪيترائي ميڙاڪا ۽ مقابلا لڳا پيا هوندا هئا.
سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن شهدادڪوٽ سان تعلق رکندڙ استاد محمد حسن پٺاڻ بابت اڪثر ماڻهو بيخبر هوندا ته استاد محمد حسن پٺاڻ سگا شهدادڪوٽ جو سڀ کان وڌيڪ رهندڙ جنرل سيڪريٽري هو. 1979 کان وٺي 1995ع تائين سگا شهدادڪوٽ شاخ طرفان هر سرگرمي جو روح روان هو. سگا مرڪز طرفان هدايتن تي ڪاميابي سان عمل ڪرائي ساٿين سميت پروگرامن ۽ ڪنوينشن ۾ ڀرپور شرڪت ڪندو هو. ساٿين سان ڏک سک، شادي غمي ۾ گڏ رهيو. سگا مرڪز جي پروگرامن ۽ حڪمن کي ڪاميابي سان عملي جامو پهرائڻ ۾ وسان ڪونه گهٽائيندو هو.
24 نومبر 1978ع ۾ دادوءَ ۾ سگا جو ٽيون ڪنوينشن ٿيو جنهن ۾ ساٿين محمد اسلم شيخ، الهورايو قريشي، نظام الدين سومرو، محترم سردار علي چانڊيو، پروفيسر ڪنعيه لعل سان گڏ شامل ٿيو. اهڙي طرح هر ڪنوينشن ۽ پروگرام ۾ استاد محمد حسن پٺاڻ مختلف ساٿين سميت شامل ٿيندو رهيو. 05 آگسٽ 1978ع تي سگا شهدادڪوٽ جي ساٿين نظاميه نائيٽ اسڪول ۾ هڪ گڏجاڻي ڪوٺائي جنهن ۾ شهدادڪوٽ جي اسسٽنٽ ڪمشنر محترم خواجه حاجي محمد جعفري خصوصي شرڪت ڪئي. سگا شهدادڪوٽ جي ساٿين مهمانن جي خدمت ۾ سپاسنامه پيش ڪيو ۽ شهر جي سماجي ڪمن ۾ بحري وٺڻ لاءِ خدمتون پيش ڪيون. هڪ يادگار ۽ ڀرپور گڏجاڻي ڪئي وئي، جنهن ۾ شهر جي سياسي، سماجي ۽ صحافي برادري شرڪت ڪئي. 14 سيپٽمبر 1979ع تي مهراڻ اسڪول ۾ مفت طبي ڪئمپ لڳرائي وئي، جنهن ۾ 335 مريضن کي مفت طبي مشورا ۽ علاج ڪيو ويو. سگا شهدادڪوٽ ادبي سنگت جي ٻي ڪچهري يادگار رهي، جنهن جي صدارت بهترين شاعر جناب گل حسن ٻرڙي پرنسيپال گورنمينٽ ڪاليج شهدادڪوٽ ڪئي. ان پروگرام ۾ آس پاس جي ڪيترن ئي شاعرن شرڪت ڪئي. سگا شهدادڪوٽ 03 جولاءِ 1980ع سٽي نظاميه نائيٽ اسڪول شهدادڪوٽ ۾ مرزا قليچ بيگ جي ورسي ملهائي. جنهن ۾ مرزا قليچ بيگ جي خدمتن کي ساراهيو ويو ۽ کيس خراج عقيدت پيش ڪيو ويو. سگا شهدادڪوٽ طرفان 18 آگسٽ 1980ع تي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي باري ۾ شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي. شهر جي پڙهيل لکيل ۽ باشعور ماڻهن نظاميه نائيٽ اسڪول ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي. ۽ شاهه لطيف جي شاعري ۽ فڪر تي گفتگو ڪئي وئي.
1980ع کي سگا مرڪز طرفان صحت جو سال ڪري ملهايو ويو. سگا شهدادڪوٽ طرفان ڪيتريون ئي صحت جون ڪيئمپون لڳايون ويون ۽ ڊرگ بئنڪ قائم ڪئي وئي. ڪيترن ئي ضرورت مندن ۽ بيمارن کي مفت مشورا ۽ دوائون ڏنيون ويون. 24 جنوري 1980ع تي سٽيزن ڪلب ۾ مفت اکين ۾ ڪئمپ لڳرائي وئي، جنهن ۾ اکين جي ماهر ڊاڪٽر صاحبن 417 مريضن کي مفت طبي مشورا ڏنا ۽ دوائون به ڏنيون.03 آگسٽ 1981ع ڳوٺ چاڪياڻي بمقام استاد غلام مصطفيٰ وڌو جي جاءِ تي مفت طبي ڪئمپ قائم ڪري 150 مريضن کي مفت طبي مشورا ڏنا ۽ علاج ڏنو ويو.02 جون 1981ع تي ڳوٺ رئيس اعتبار خان چانڊيو ۾ مفت طبي ڪئمپ قائم ڪري 213 غريب مريضن ۾ مفت دوائون ڏنيون ويون.

سگا شهدادڪوٽ ادبي سنگت ڪيتريون ئي محفلون ۽ ميڙاڪا ڪرايا. ڪامريڊ الاهي بخش قريشي سان شام ملهائي وئي. جناب مهرالله خان شيخ بزرگ سماجي ورڪر سان شام ملهائي وئي. سينيٽر نواب زاده مير يوسف علي خان سان شام ملهائي وئي. ڊاڪٽر محمد صالح شيخ جي حج واپسي تي گڏجاڻي رکي وئي. محترم خان محمد پنهور سان شام ملهائي وئي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو هر سال ميڙاڪو ڪيو ويو. علامه دائود پوٽي جي ورسي ڪئي وئي. تقريري مقابلا، غير طرحي مشاعرا ڪرايا ويا ۽ مرحوم نظام الدين جي ياد ۾ تعزيتي اجلاس سڏايو ويو.
28 آگسٽ 1987ع تي مهراڻ اسڪول ۾ مفت طبي ڪئمپ قائم ڪئي وئي، جنهن ۾ چيئرمين ميونسپل شهدادڪوٽ جناب عبدالجبار شيخ خصوصي شرڪت ڪئي. جڏهن ته ٻين معززن محترم مهراج گوپي ڪرشن (هندو پنچائت شهدادڪوٽ) محترم غلام حيدرخان جروار (چيئرمين تعلقه ڪائونسل) محترم حاجي واحد بخش شيخ (صدر آل مرچنٽ ايسوسيئيشن) ۽ ٻين سياسي، سماجي، ۽ صحافي برادري شرڪت ڪئي.03 جنوري 1989 تي ڪاروباري ۽ مالياتي ڪاميٽين جون ڪارروايون منعقد ڪرايون ويون، جنهن ۾سگا شهدادڪوٽ پاران هن سال کي سچل سرمست قرار ڏيڻ تي مرڪز سان تعاون ڪرڻ جو اظهار ڪيو ويو ۽ سچل جي ڪلام کي عام ڪرڻ لاءِ مختلف پروگرامن تي عمل ڪرڻ لاءِ فيصلا ڪيا ويا، جنهن مطابق چٽاڀيٽي جي ترتيب ڏنل پروگرامن ۾شرڪت ڪئي ويندي ۽ سچل ڪانفرنس گهرائڻ جو پروگرام ٺاهيو ويو.

13 فيبروري 1989ع سگا شهدادڪوٽ آفيس ۾سنڌ جي نامور هوميو ڊاڪٽر جناب ايس واشا صاحب سان شام ملهائي وئي، جنهن جي صدارت ڊاڪٽر ڪئپٽن محمد صالح شيخ ڪئي ۽ مهمان خاص ايس واشا صاحب هئا، مقررين ۾جناب محمد اسلم شيخ وڪيل، مسٽر ولي محمد مڱڻهار وڪيل، احمد علي صابر، رشيد خانواهي چانڊيو، شوڪت علي ۽ جناب محمد حسن پٺاڻ، ڊاڪٽر واشا صاحب کي سندس مفت علاج ۽ لاعلاج مريضن جي خدمت ڪرڻ تي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو ويو، جناب واشا صاحب سگا شهدادڪوٽ برانچ جي عرض تي پنهنجو ٽائيم طبي ڪئمپ ۾ڏيڻ جو اعلان ڪيو، بلديا شهدادڪوٽ جي ڪائونسلر حاجي حضور بخش طبي ڪئمپ ۾مفت دوائن ڏيڻ جو اعلان ڪيو.
سگا شهدادڪوٽ سان شروع کان وٺي سلهاڙيل محترم محمد اسلم شيخ چواڻي ته استاد محمد حسن پٺاڻ حقيقت ۾ سگا ۽ نظاميه نائيٽ اسڪول کي وڏو سهارو ڏنو. مڪمل وقت ڏيندو هو ۽ لوهارڪو ڪم به ڪندو هو. شام جو نظاميه اسڪول ۾ سڀ کان اڳ ۾ اچي ويهندو هو. ٻارن کي سليٽ وغيره تي ڪم ڏئي ڇڏيندو هو، جيستائين نظام الدين سومرو، مسٽر الهورايو قريشي، شوڪت سومرو ۽ مان (محمد اسلم شيخ) اچون. جيئن ته هي پاڻ مزدور هو، ان ڪري مزدورن جو وڏو احساس هوندو هو، ماڻهن کي وٺي اچي گڏ ڪري انهن کي سيکاريندو هو. ايترو همٿ وارو هوندو هو جو سگا جي ميٽنگ رکندا هئاسين ۽ جيڪڏهن ماڻهو ڪونه ايندا هئا ته وڃي انهن مان چئن پنجن کي پڪڙي پاڻ وٺي ايندو هو.
محمد حسن پٺاڻ بيزرر ۽ عوامي ماڻهو هو. ڪٿي به چوندا هئس ته پنڌ، سائيڪل يا عام بس ۾ هليو ويندو هو. مطلب ته هڪ مجاهد ماڻهو هو. ٻئي ڪنهن به ماڻهو جو ايترو حصو ناهي جيترو سگا شهدادڪوٽ جي سرگرمين ۾ استاد محمد حسن پٺاڻ جو آهي. سگا شهدادڪوٽ جو اهم ٿنڀو هو جنهن جي ڪري ڪيترا سال سگا شهدادڪوٽ سرگرم پئي رهي.
سگا طرفان 1989 ۾ بين الاقوامي سچل ڪانگريس جي موهن جي دڙي جي آمد تي سگا شهدادڪوٽ جي ساٿين محترم محمد اسلم شيخ ۽ استاد محمد حسن پٺاڻ پاڻ سان گڏ دهلن ۽ چپڙين تي جهمر وارا مهمانن جي آڌر ڀاءُ لاءِ آندا هئا جيڪي تمام گهڻو يادگار هئا. جنهن جو ذڪر محترمه وينا شرنگي پنهنجي ڪتاب ڪڇان ته ڪافر ۾ به ڪيو آهي.

1995ع کان پوءِ استاد محمد حسن پٺاڻ جي طبيعت خراب ٿي پئي. ڊاڪٽرن هن کي ڏاڪڻ تي مٿي چڙهڻ کان روڪيو ۽ نظاميه نائيٽ اسڪول دوڪانن جي ڇت تي هوندو هو. جنهن ڪري استاد محمد حسن پٺاڻ پنهنجي بدران اسڪول جو ئي شاگرد علي حسن کوکر ۽ ٻيا استاد ڪري رکيا جيڪي ساڳي محنت سان پڙهائيندا رهيا.
استاد محمد حسن پٺاڻ کي شاهه عبدالطليف جا ڪيترائي شعر ياد هوندا هئا ۽ هن جي ٻڌائڻ جو انداز به نرالو هوندو هو .سگا مرڪزي پروگرامن ۾ اڪثر ڪري ساٿي استاد محمد حسن پٺاڻ کان فرمائش ڪري شاهه جا بيت ٻڌندا هئا. استاد محمد حسن پٺاڻ شاهه جا بيت صوفياڻي انداز ۾ ٻڌائيندو هو. هو زندهه دل ماڻهو هوندو هو. سڀني ميمبرن کي گڏ کڻي هلڻ، سڀني کي وٺي اچڻ، در در وڃي ميمبرن کان فيس وٺڻ، ميٽنگ جو نوٽيس پهچائڻ ۾ نهايت ذميوار ۽ عوامي هو. سگا ڪئمپن ۾ به هڪ پير تي ڪم ڪندو هو. ٻين کي به ڪم لاءِ قائل ڪندو هو. استاد محمد حسن جو آواز ڪڙڪيدار ۽ وڏو هوندو هو ۽ پروگرامن ۾ پيو گونجندو هو.
سگا جي مرڪزي اڳواڻ محترم غلام حسين بلوچ ٻڌايو ته استاد محمد حسن نهايت ئي پيارو ماڻهو هوندو هو. هڪ دفعي محمد حسن هن کي هڪ خوبصورت ڪهاڙي ڏني. استاد محمد حسن پٺاڻ وٽ استقامت، محنت، سگا جي اعليٰ قيادت جي لاءِ اطاعت هوندي هئي. سگا جي اصولن جي پابندي ڪندو هو. مرڪزي پروگرامن ۾ پابندي سان شامل ٿيڻ ۽ ذميواري سان وقت اندر لکپڙهه ڪرڻ ۾ ڀڙ هوندو هو.
دنيا جو دستور آهي. جيڪو انسان ڄايو آهي ته اهو مرندو به. پر ڪي انسان اهڙا به هوندا آهن جيڪي موت کي مات ڏئي پنهنجن سٺن عملن ذريعي هميشه ياد رهندا آهن. اهڙي طرح استاد محمد حسن پٺاڻ جسماني طور تي هي فاني جهان 6 ڊسيمبر 2004ع تي ڇڏي ويو پر ان جي محنت ۽ سچائي ڪري ساڳيو جذبو سگا جي ساٿين ۾ اڄ به روان دوان آهي ۽ هلندو رهندو. جيڪو به خير جو ڪم ٿئي پيو ان ۾ استاد محمد حسن پٺاڻ ۽ ٻين بزرگ ساٿين جو حصو آهي. دعا آهي ته رب پاڪ اهڙين هستين کي جنت ۾ جاءِ ڏي. آمين