مختلف موضوع

سگا شهدادڪوٽ شاخ جي مختصر تاريخ ۽ ڪارڪردگي

 سنڌ گريجوئيٽس ائسوسئيشن پنهنجي وطن ۾ سماج جي جاڳرتا، اوسر ۽ ملڪ ۾ هڪ ترقي يافته ۽ پرامن سماج  جي اڏاوت لاءِ پنهنجي وت ۽ وس آهر اڌ صديءَ کان جاکوڙ ڪري رهي آهي. ھن ڪتاب ۾ سگا جي تاريخ، سگا شھداد ڪوٽ جو مختصر تعارف ۽ ڪارڪردگي، سگا مرڪز ۾ نامزد ٿيل شھداد ڪوٽ جي دوستن جو تعارف، سگا شھداد ڪوٽ جي ڪجهه ساٿين جا مختصر خاڪا، سگا شھداد ڪوٽ جي سھڪاري سٿ جو تعارف، سگا شھداد ڪوٽ بابت سگا مرڪز جي عهديدارن جا تاثرات شامل آهن. 

Title Cover of book سگا شهدادڪوٽ شاخ جي مختصر تاريخ ۽ ڪارڪردگي

استادن جو خدمتگار ۽ سماجي ورڪر : ممتاز علي ڀٽي

ممتاز علي ڀٽي شهدادڪوٽ ويجهو پنهنجي اباڻي ڳوٺ حسڻ (حسن) ڀٽي ۾ 01 جنوري 1959ع تي جنم ورتو، پرائمري تعليم صديقي مدرسه اسڪول شهداد ڪوٽ مان 1969ع ۾ پاس ڪيائين، سندس بنيادي استاد محترم سائين مانجهي خان ڀٽي هو. سيڪنڊري تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول شهدادڪوٽ مان 1974ع ۾ مڪمل ڪري وڌيڪ تعليم لاءِ لاڙڪاڻي روانو ٿيو. جتان 1977ع ۾ انٽر ڪيائين، جنهن بعد سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان بي اي ۽ ايم اي ڪيائين. جڏهن ته بي ايڊ ۽ ايم ايڊ علامہ اقبال اوپن ويونيورسٽي اسلام آباد مان پاس ڪيائين.
ممتاز علي ڀٽيءَ کي ننڍپڻ کان سياست ۽ سماجي خدمت جو شوق هو. جنهن تحت 1979ع ۾ سردار مرحوم عبدالغني ڀٽي کي بلدياتي اليڪشن ۾ مدد ڪيائين. 1980ع ۽ شهداد ڪوٽ ٽيڪسٽائيل مل ۾ نوڪري وٺي مزدور يونين جي پليٽ فارم تان پورهيتن لاءِ خدمتون سرانجام ڏنائين.
ممتاز علي ڀٽي 1988ع ۾ تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد طور مقرر ٿيو. کيس 1983ع ۾ سئي گيس ۾ نوڪري جو آرڊر به مليو، پر عملي سياست ڪرڻ سبب ۽ پ ٽ الف جي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ سبب انڪار ڪيائين. 1995ع ۾ نوجوان ڀٽي برادريءَ جو بنياد وجهي صدر بڻجي ويو.جتان پڻ سماجي ڪارڪن جي حيثيت ۾ ڪم ڪيائين.
ممتاز علي ڀٽي 1996ع ۾ پ ٽ الف جي اليڪشن ۾ جنرل سيڪريٽري طور حصو ورتو ۽ سينيئر استادن جي ٺهيل پينل کي شڪست ڏئي ڪامياب ٿي ويو. جنرل سيڪريٽري جي عهدي تي استادن جي خدمتن عيوض کيس 1999ع ۾ ٻيهر بنا مقابلي جنرل سيڪريٽري منتخب ڪيو ويو .
ممتاز علي ڀٽي 1996ع ۾ ئي شهدادڪوٽ سگا ۾ محترم محمد اعظم جروار جي چوڻ تي ميمبر ٿيو. کيس سگا جي پليٽ فارم تي رضاڪاراڻي طور تي بي پهچ ماڻهن جي خدمت ڪرڻ جو ڀرپور جذبو هو. سندس چواڻي ته بي سهارا ماڻهن جي خدمت ڪرڻ ۾ کيس دلي سُڪون ملندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ تائين سگا ۾ BMC جي ميمبر طور ڪم ڪندي خوشي محسوس ڪري رهيو آهي.
ممتاز علي ڀٽي شهر جي ٻين به ڪيترن ئي اهم مسئلن تي آواز اٿاريندو ۽ غريب ماڻهن جي مدد ڪندو رهيو آهي. اميد آهي ته زندگي جا ٻيا باقي لمحا به سِگا جي پليٽ فارم تان ماڻهن جي مدد ڪندو رهندو.