مختلف موضوع

سگا شهدادڪوٽ شاخ جي مختصر تاريخ ۽ ڪارڪردگي

 سنڌ گريجوئيٽس ائسوسئيشن پنهنجي وطن ۾ سماج جي جاڳرتا، اوسر ۽ ملڪ ۾ هڪ ترقي يافته ۽ پرامن سماج  جي اڏاوت لاءِ پنهنجي وت ۽ وس آهر اڌ صديءَ کان جاکوڙ ڪري رهي آهي. ھن ڪتاب ۾ سگا جي تاريخ، سگا شھداد ڪوٽ جو مختصر تعارف ۽ ڪارڪردگي، سگا مرڪز ۾ نامزد ٿيل شھداد ڪوٽ جي دوستن جو تعارف، سگا شھداد ڪوٽ جي ڪجهه ساٿين جا مختصر خاڪا، سگا شھداد ڪوٽ جي سھڪاري سٿ جو تعارف، سگا شھداد ڪوٽ بابت سگا مرڪز جي عهديدارن جا تاثرات شامل آهن. 

Title Cover of book سگا شهدادڪوٽ شاخ جي مختصر تاريخ ۽ ڪارڪردگي

ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءِ بهار جي : عبدالرسول سومرو

سنڌ ڪيترن عظيم ۽ جليل قدر انسانن کي جنم ڏنو آهي، جيڪي اڄ به تاريخ جا اهم ورق ۽ باب آهن. بلڪه خود تاريخ آهن انهن ۾ هڪ عظيم انسان ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ به آهي جنهن سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن (سگا) قائم ڪري، سنڌي قوم تي وڏو احسان ڪيو.
سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن (سگا) سنڌي قوم جو عظيم پليٽ فارم آهي، سگا جي پليٽ فارم تان، سماجي حقن جي حاصلات، قومي ناانصافين، پنهنجن ادارن جي مالڪي ڪرڻ، ٻرندڙ مسئلن وغيره لاءِ اجتماعي طور آواز اٿارڻ ۽ جدوجهد ڪرڻ لاءِ هي سنڌي قوم جو اعليٰ ۽ مضبوط پليٽ فارم آهي.
سگا ڪجهه ڏينهن ۾ پنهنجي وجود جي سفر جا 48 سال پورا ڪندي، هن عرصي دوران رياست پاران ملڪ دشمني، تحسب پرستي جا الزام لڳا. ان سان گڏوگڏ ڌارين جون نفرتون ۽ پنهنجن جون ناراضگيون پڻ پلئي پيون ۽ ذاتي مفاد حاصل ڪرڻ جا پڻ طعنا مليا.
هن عرصي دوران 1983ع ۾ سنڌ دوستي ڪارڻ هڪ آمر ڪاري قانون سان سگا ۾ سرڪاري ملازم جي ميمبر ٿيڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي ۽ ان سان گڏوگڏ ٻيا به تنگ نظر جا قدم کنيا ويا. جنهن سبب پنهنجا به منهن موڙي ويا.
پر سگا جي سرواڻ ۽ ساٿين کي سلام آهي جن ڊڪٽيٽر جي دام ۽ دهشت جي باوجود به ثابت قدم رهندي منزل ڏانهن پنهنجو سفر جاري رکيو. شايد انهيءَ لاءِ مرشد لاکيڻي لطيف فرمائي ٿو ته:
”ڪنڊا مون پيرين توڙي لک لڳن،
آنگر اڳوٺي نه مڙي ڇپون پير ڇنن،
ويندي ڏانهن پرين جتي جات نه پائيان“


سگا کي اهو اعزاز آهي ته هن اهڙا ڪارڪن پيدا ڪيا، جن پنهنجي وجود کي ختم ڪري پاڻ ارپڻ واري جذبي سان سگا جي سينڌ سنواري ڇڏي.
هڪ اهڙو ڪارڪن جنهن سياسي، سماجي، علمي، ادبي شهر شهدادڪوٽ ۾ جنم ورتو، ان شهري سگا شاخ جنهن مرحوم نظام الدين سومري جهڙي بي لوث ڪارڪن ۽ اڳواڻ پيدا ڪيا، ان شاخ محترم خالد حسين چنا صاحب جهڙو اڳواڻ به ڏنو.
محترم خالد حسين چنا وڏو خوشنصيب شخص آهي جو ان کي محترم نور محمد سيال جهڙا الستي اندر جا صاف، وسيع قلب ۽ سچا دوست مليا، سيال صاحب 2013ع ۾ سگا جي مرڪزي چونڊن ۾ چنا صاحب کي اميدوار ٿيڻ لاءِ همٿايو، هن چونڊن ۾ چنا صاحب سڀني کان وڌيڪ ووٽ کڻي پهريون نمبر آيو. چنا صاحب کي سگا جي اهم ذميواري ملي، يعني سيڪريٽري تعليم ٿيو. جيڪڏهن سگا جي وجود جو مطالعو ڪبو ته معلوم ٿيندو ته سگا جي وجود جو اهم ڪارڻ تعليم آهي، انهيءَ ڪري سگا جي مقصدن ۾ تعيلم کي وڏي اهميت حاصل آهي. ان وقت مان سگا جي ڪابينا جو حصو يعني وائيس چيئرمين هئس، ان ڪري چنا صاحب سان ويجهو رهڻ جو موقعو مليو. معلوم ٿيو ته چنا صاحب بردبار ۽ ارادي جو پختو، ڪنهن سبب مايوس نه ٿيندڙ، صابرين، ملن سار، خوش اخلاق، سليم طبيعت جو مالڪ آهي پر هي ٿورو ضدي به آهي، هي محبت ۾ وڏي ۾ وڏي ڳالهه مڃي وٺندو آهي پر ڏاڍ ۾ ننڍي کان ننڍي ڳالهه به نه مڃيندو آهي ڇو نه کڻي ڪيترو به نقصان ٿئي.
چنا صاحب لاءِ سيڪريٽري تعليم هڪ لحاظ کان فائديمند ذميواري هئي، ڇاڪاڻ ته چنا صاحب جو واسطو تعليم سان آهي ۽ هو تعليم ۾ بهتر ڄاڻ رکندڙ شخصيت آهي پر چنا صاحب کي ذميواري نڀائڻ ۾ ڪافي دشواريون هيون، هڪ ته هي ڪراچي شهر کان تمام پري شهدادڪوٽ شهر جو رهاڪو هو، ان کان علاوه اندريون ۽ ٻاهريون رڪاوٽون دشواري جو اهم سبب هيون. پر مون اڳ چيو آهي ته هو ارادي جو پختو انسان آهي هن سڪريٽري تعليم جون ذميواريون سنڀالي، ٿر جي شهر ڪلوئي کان وٺي سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب جي دنگ تي قائم شهر ڪشمور جي روشن تارا اسڪول سان گڏ سڀني اسڪولن جو دورو ڪري جائزو ورتو ته جيئن اسڪولن ۾ اصلاحات بامقصد ۽ لاڀائتا ڪري سگهجن. ان سان گڏ، روشن تارا مرڪزي ڪاميٽين جي گڏجاڻين کي بامقصد بنائڻ، روشن تارا اسڪولن جي تدريسي عملي جي تربيت ڪرائڻ، اسڪولن جي وچ ۾ ”اسان جو شاهه“ جي عنوان سان چٽا ڀيٽي جا مقابلا ڪرائڻ، هڪ نصابي نصاب رائج ڪرڻ، روشن تارا ٻالڪ مئگزين شايع ڪرڻ، ورلڊ ٽيچر ڊي جي موقعي تي روشن تارا اسڪولن جي استادن کي مڃتا ايوارڊ ڏيڻ، سالياني امتحانن جي مانيٽرنگ ڪرڻ وغيره جهڙا قدم کنيا ۽ انهن ۾ ڪاميابي ماڻي.
روشن تارا مرڪزي ڪاميٽي کي بامقصد بنائڻ:
اوهان چڱي طرح ڄاڻيندا هوندا ته هن ڪاميٽي جو اسڪول مينيجيٽ جو چيئرمين ۽ پرنسپال ميمبر هوندا آهن هي ڪاميٽي وڏي اهميت واري هوندي آهي. هن ڪاميٽي جي گڏجاڻي ۾ پري پري کان ساٿي شرڪت ڪندا آهن پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته هن ڪاميٽي جي گڏجاڻيءَ کي گهٽ اهميت ڏني ويندي آهي.
محترم چنا صاحب اڪثر ڪري سڀني اسڪولن جو جائزو ورتو هو، انهيءَ ڪري انهن کي مختلف ڪيٽيگرين ۾ ورهايو ته جيئن انهن کي آسانيءَ سان ترقي وٺرائي سگهجي ۽ اسڪول جو رڪارڊ ۽ ڪارڪردگي کي بهتر بنائڻ جهڙا بامقصد قدم کڻي نه رڳو فيصلا ڪيا پر ان تي عمل به ڪرايو.
تدريسي عملي جي تربيت:
اها حقيقت آهي ته استاد جيڪڏهن تربيت وارو آهي ته هو بهترين تعيلم ڏئي سگهي ٿو. اهو روشن تارا اسڪول جي قيام جو مقصد پڻ آهي انهيءَ ڪري هن پهرين شرط سان استاد جي تربيت ڪرائي. ان سبب روشن تارا اسڪولن جي ساک ۾ اضافو ٿيو.

”اسان جو شاهه“
ٻار جيڪو قوم جو آئيندو آهي جيڪو موجوده وقت ۾ نيٽ، ڪمپيوٽر ۽ ٽچ موبائل ۾ ايترو ته مصروف ٿي ويو آهي جو هن کي اها ڄاڻ نه آهي ته منهنجي سنڌي قوم جو محسن ڪير آهي پنهنجي ٻار کي مرشد شاهه عبداللطيف ڀٽائي بابت ڄاڻ ڏيڻ سگا جو اهم مقصد پڻ آهي انهيءَ ڪري اسڪولن وچ ۾ ”اسان جو شاهه“ جي عنوان سان چٽا ڀيٽي جا مقابلا ڪرايا ويا. سڀني روشن تارا اسڪولن کي چئن ڪلسٽرن ۾ دادو، گهوٽڪي، گلشن حديد ۽ هالا ۾ ورهايو ويو. ان ۾ شاهه جي بيتن مان شاهه جي سمورن ڪردارن بابت ٽيبلا پيش ڪرڻ ۽ شاهه سائين بابت سوال جواب ڪيا ويا. پروگرام ٿيڻ تي سڄي سنڌ ۾ اسان جو شاهه جون صدائون بلند ٿيون.

يڪ نصابي نصاب:
جيڪڏهن روشن تارا اسڪول ڪراچي شهر جو ٻار آڪسفورڊ جو نصاب پڙهي ٿو ته اهو حق ٿر جي روشن تارا اسڪول ڪلوئي جي ٻار کي به آهي ته هو آڪسفورڊ جو نصاب پڙهي، جيڪڏهن روشن تارا اسڪول گلشن حديد ڪراچي شهر جو ٻار آڪسفورڊ نصاب پڙهي ٿو ته اهو حق سنڌ جي ننڍي شهر گهوٽڪي جي ٻار جو به آهي ته هو آڪسفورڊ جو نصاب پڙهي، ان ڪري اسڪولن جي منظوري سان يڪ نصابي نصاب جو نظام لاڳو ڪيو ويو.

روشن تارا ٻالڪ مئگزين:
1. تواريخ ۾ پهريون ڀيرو روشن تارا ٻالڪ مئگزين جي اشاعت سان هڪ ته اسڪولن جو پاڻ ۾ ۽ مرڪز سان گهرو رابطو قائم ٿيو.
2. هر اسڪول کي ڄاڻ پوي پئي ته ميرپورخاص ۽ ميهڙ اسڪولن جي ٻارن اهڙا مضمون لکيا يا ڇاپيا آهن. سچل ڳوٺ اسڪول کي ڄاڻ پوي پئي ته سيوهڻ شريف اسڪول ۾ ڪهڙيون سرگرميون ٿيون.
3. سڀني اسٽيڪ هولڊرن کي ڄاڻ پئي ته روشن تارا اسڪول سگا جا اسڪول آهن ۽ انهن ۾ ڪهڙيون سرگرميون ٿين پيون.
4. ٻار کي پنهنجي صلاحيتن کي ظاهر ڪرڻ جو موقعو مليو.
5. هن مئگزين سان ٻار جي همت افزائي ٿئي پئي.

مڃتا ايوارڊ:
بيشڪ استاد روشن تارا اسڪول جي ڪاميابي جو راز آهي اهو لازمي آهي ته استاد جي همت افزائي ٿيڻ گهرجي. ”ورلڊ ٽيچر ڊي“ جي موقعي تي روشن تارا اسڪول جي استادن کي مئنيجمينٽ جي چونڊ بعد مڃتا ايوارڊ ڏيڻ جو سلسلو چنا صاحب شروع ڪرايو، اهو اڳ ڪڏهن نه ٿيو هو.
پهريون پروگرام سنڌ جي تاريخي وڏي درسگاهه سنڌ يونيورسٽي ۾ هڪ عظيم ڪردار شيخ اياز جي نالي سان منصوب ٿيل آڊيٽوريم ۾ ٿيو، جيڪو اڄ به جاري آهي.

سالياني امتحانن جي مانيٽرنگ:
هن جو مقصد روشن تارا اسڪولن جي سالياني امتحان کي بامقصد ۽ ساک وارو بڻائڻ ۽ مانيٽرنگ لاءِ اهم ماڻهن تي مشتمل مختلف ٽيمون ٺاهيون ويون.
سگا مرڪز پاران هنن سمورين سرگرمين جي مڃتا طور بيسٽ سيڪريٽري ايجوڪيشن تي گولڊ ميڊل سان نوازيو ويو.
2021-2019ع جي مدي لاءِ چنا صاحب سيڪريٽري جنرل بڻيو. هن ڀيري به هن کي فرض نڀائڻ ڪافي رڪاوٽون هيون. رڪاوٽون هر سچي ۽ کري ماڻهوءَ جي سامهون اينديون آهن اها تلخ حقيقت آهي.

چنا صاحب سيڪريٽري جنرل جون ذميواريون سنڀالڻ سان هيٺيون سرگرميون ۽ سڌارا آندائون، جهڙوڪ:
1. آفيس ۾ انتظامي سڌارا.
2. مرڪزي آفيس ۾ قائم لائبريري ۽ مظهر ريسورس سينٽر کي بامقصد ۽ بهترين ترتيب وار بڻايو ۽ سگا ڪارنر قائم ڪئي.
3. اها حقيقت آهي ته شاخن جا عهديدار ۽ ڪارڪن سگا جو سرمايو آهن، انهن ۾ صدر ۽ جنرل سيڪريٽري ٻئي اهم عهدا آهن. ڇاڪاڻ ته صدر شاخ جي نمائندگي ڪري ٿو ۽ جنرل سيڪريٽري شاخ جو رڪارڊ محفوظ ڪري ٿو. ان لاءِ لازمي آهي ته اهي ٻئي ڄاڻ ۾ مضبوط هجن. ان لاءِ ضروري آهي ته انهن جي تربيت ٿيڻ گهرجي. اهو سگا جو پراڻو خواب ۽ خيال هو، پر هن تي ويجهي ماضي ۾ عمل نه ٿيو هو، چنا صاحب جي ذميوارين سنڀالڻ کانپوءِ سڀني شاخن کي مختلف فيزن ۾ ورهايو. جڏهن ته هن وقت تائين ٻن فيزن تي مشتمل سگا جي مختلف شاخن جي صدر ۽ جنرل سيڪريٽرين جا ٻه تربيتي ورڪشاپ ٿي چڪا آهن.
4. چنا صاحب ڪيترين مصروفيتن ۽ مجبورين هوندي به هو هر شاخ جي هر تقريب ۽ پروگرام اهو وڏو هجي يا ننڍو ان ۾ شريڪ ضرور ٿيو.
5. ڪافي وقت کان بند پيل سگا سماچار مئگزين شايع ٿيو، هي مئگزين هڪ ته مرڪز جو شاخن سان رابطي جو اهم ذريعو آهي ۽ ٻيو ته هن سان شاخن ۾ سرگرمي اچي ٿي ڇاڪاڻ ته مئگزين ۾ شاخن جون سرگرميون ڇپجن ٿيون.
6. روشن تارا ٻالڪ ميلو، هي سگا جو پراڻو سوداءُ هيو جيڪو 20 سال کان ڪن سببن ڪري ٿي نه سگهيو هو. ائين کڻي چئجي ته ڄڻ ته هو خواب هيو، الله تعاليٰ جي مهرباني سان هي ميلو نيٺ 21، 22 ۽ 23 مارچ 2020ع تي سنڌ ميوزم حيدرآباد ۾ منعقد ٿيو.
جڏهن ميلي جو اعلان ٿيو ته حالتون اهڙيون پيدا ٿي ويون ۽ وس وسا پيدا ٿي ويا ته شايد ميلو وري ملتوي ٿيندو يا ناڪام ٿيندو، ڇاڪاڻ ته نانگ جو کاڌل نوڙيءَ کان ڊڄي، پر اهو ڪاميابي سان منعقد ٿيو ۽ حيدرآباد جي تواريخ ۾ ڪامياب ميلن مان ڪنهن سماجي تنظيم جو ٻيو ميلو هو، جيڪو ڪاميابي سان منعقد ڪيو ويو. ضرور هن وڏي پروگرام ۾ گهٽ وڌايون ٿيون هونديون پر مجموعي طور تي هي ميلو شاندار ۽ ڪاميابي سان منعقد ٿيو. اهو چنا صاحب ۽ بلي صاحب کي خدا اعزاز بخشيو.
جنهن کانپوءِ ڪجهه ڏينهن ۾ تنظيم جا ٻه وڏا پروگرام ٿيڻا هئا، جن ۾ هڪ ڪنوينشن ۽ ٻيو اينيوئل ڊي، اينيوئل ڊي ۾ نواڻ ڏسڻ ۾ آئي. چنا صاحب نواڻ ۽ ڪاميابي جو ٻيو نالو آهي هي ٻئي پروگرام به ڪاميابي سان منعقد ٿيا.
هنن سرگرمين ڪري چنا صاحب سگا جي ساٿين جو محبوب ٿي ويو ڪن شاخن بهترين سيڪريٽري جنرل جا ايوارد ڏنا ته ڪن ساٿين لکندي چيو ته مرحوم مظهر ميمڻ کان پوءِ چنا صاحب سيڪريٽري جنرل جون ذميواريون بهترين طور تي نڀايون آهن.
خداوند تعاليٰ چنا صاحب کي ڪيترين خوبين سان نوازيو آهي. هن جي تحرير، تقرير ۽ گفتگو ۾ وڏو اثر رکيو آهي. اهو سنڌي ۾ هجي يا انگريزي ۾ چنا صاحب پراون کي جلد پنهنجو بڻائي ڇڏيندو آهي. چوڻي آهي ته ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا، جيڏانهن هڻ ته اوڏانهن کپي. شايد ”مين نه مانون“ اڃان هڪ هنڌ ڪامياب نه ٿيو آهي، لڳو ٿو دهلي اڃان دور آهي.
هن سموري عمل ۾ ظاهر ٿئي ٿو ته جيڪڏهن مقصد سچو هجي ۽ ارادو پختو هجي ته مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ڪابه شي يا ڪوبه عمل رڪاوٽ بڻجي نه ٿو سگهي. ٻيو ته هيرو ڀل اڳڙي ۾ ٻڌل هجي يا جوهر جي شيشي جي شوڪيس ۾ سجايل هجي پر هيرو هيرو آهي.
ڪنهن شاعر سچ چيو آهي ته:
ماڻهو سڀ نه سگهڻا، پکي سڀ نه هنج
ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه، اچي بوءِ بهار جي.

دعاگو


25 اپريل 2020ع