مختلف موضوع

سگا شهدادڪوٽ شاخ جي مختصر تاريخ ۽ ڪارڪردگي

 سنڌ گريجوئيٽس ائسوسئيشن پنهنجي وطن ۾ سماج جي جاڳرتا، اوسر ۽ ملڪ ۾ هڪ ترقي يافته ۽ پرامن سماج  جي اڏاوت لاءِ پنهنجي وت ۽ وس آهر اڌ صديءَ کان جاکوڙ ڪري رهي آهي. ھن ڪتاب ۾ سگا جي تاريخ، سگا شھداد ڪوٽ جو مختصر تعارف ۽ ڪارڪردگي، سگا مرڪز ۾ نامزد ٿيل شھداد ڪوٽ جي دوستن جو تعارف، سگا شھداد ڪوٽ جي ڪجهه ساٿين جا مختصر خاڪا، سگا شھداد ڪوٽ جي سھڪاري سٿ جو تعارف، سگا شھداد ڪوٽ بابت سگا مرڪز جي عهديدارن جا تاثرات شامل آهن. 

Title Cover of book سگا شهدادڪوٽ شاخ جي مختصر تاريخ ۽ ڪارڪردگي

هڪ عظيم استاد سائين الهورايو قريشي صاحب

خيال ۽ يادون به جهرڪيءَ وانگي ٽپ ڏئي ڪڏهن ڪنهن ٽاريءَ تي ٿا ويهن ته ڪڏهن آزاد اُڏار ۾ دنيا جا لڪاءُ پسن. اوچتو ماضي بعيد جو هڪ منظر مرزا قليچ بيگ جي ڪتاب تي نظر پوڻ سان ذهن تي تري آيو، جيڪو مون کي شاگردي واري دور ۾ محترم سائين الهورايي قريشيءَ پنهنجي صحيح سان شاهه عبداللطيف جا شعر پڙهڻ کانپوءِ بطور انعام ڏنو هو. ڄڻ ڪالهوڪي ڳالهه آهي، زندگيءَ جا پل ۽ پهر، ڏينهن ۽ هفتا، مهينا ۽ سال ائين گذري ويا خبر ئي ڪانه پئي. خير ايتري پراڻي ڳالهه به ڪونهي جڏهن سنڌ ۾ ماڻهو واچون ۽ گهڙيال نه هئڻ ڪري سج جا پاڇا ڏسي وقت جو اندازو لڳائيندا هئا، پر يقينن شهدادڪوٽ ٽيڪسٽائيل مل ۽ ٽرين کي روزانو هلندي ڏٺو هو. اسان پنهنجو هاءِ اسڪول جي شاگردي وارو دور ياد ڪندي پنهنجن عظيم استادن کي اڄ به خراج تحسين پيش ڪيون ٿا.
انهن عظيم استادن منجهان سائين الهواريو قريشي به هڪ آهي. هو 21 اپريل 1937ع ۾شهدادڪوٽ شهر جي جڙيل شاهه محلي ۾پيدا ٿيو ۽ بنيادي تعليم شهدادڪوٽ مان حاصل ڪيائين. 1962ع ۾ايم اي اڪانامڪس ۾ پاس ڪري، پوءِ وري ايم اي سنڌي به ڪيائين، گورنمينٽ پرونشلائيزڊ هاءِ اسڪول ۾استاد طور ڪيئي سال پڙهايائين، ڪيترائي شاگرد اڄ به مختلف اعليٰ عهدن تي ملڪ ۽ قوم جو خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن، سائين الهواريو قريشي سنڌي ٻولي ۽ رياضي ۾مهارت رکندو هو، هو ڪرڪيٽ ۾دلچسپي رکندو هو ۽ اُن بابت تمام گهڻي ڄاڻ هوندي هيس. سائين الهورايو قريشي انهن استادن مان هڪ هو، جن جو نه صرف لکڻ پڙهڻ سان شوق هوندو هو پر اهي ٻين کي مختلف ڪتاب پڙهڻ لاءِ همٿائيندا به هئا.
سائين الهورايو قريشي شايد دنيا جي ڏاهي ماڻهو البرٽ آئن اسٽائن جي فلسفي کي سمجهي ورتو هو تنهنڪري هن جي عملي زندگي ۾ ٻين ڪاڻ جيئڻ جو جذبو نمايان نظر اچي ٿو. البرٽ آئن اسٽائن پنهنجي جڳ مشهور مضمون ”دنيا منهنجي نظر ۾“ لکي ٿو ته اسان ڀلي ڪيترا به ڪتاب پڙهون، ڪيترو به اونهو مطالعو ڪيون پر پوءِ به ان نتيجي تي پهچنداسون ته اسان جي زندگي جو مقصد صرف ۽ صرف ٻين ڪاڻ جيئڻ آهي.
سائين الهورايو قريشي پنهنجي طبيعت ۾ عوامي ۽ ملنسار ماڻهو هوندو هو. ماڻهن جي ڳالهه غور سان ٻڌندو هو. شاگردن جي والدين سان محبت سان پيش ايندو هو. ڀلي کڻي سائين الهورائي قريشي صاحب فلسفي جا اونها ڪتاب نه به پڙهيا هجن، پوءِ به ڄڻ زندگي کي صحيح سمجهي ورتو هئائين، اهو ئي سبب هو ته هن جي زندگي نهايت سادي هوندي هئي. هو شهر جي رهاڪن مان ڪيترن ئي نسلن کي پڙهائيندڙ باڪردار ۽ مثالي استاد هو. هن ڪڏهن به استاد هجڻ واري اعزاز ۽ رطبي جي برعڪس ڪم ڪيو هجي. سائين الهورايو قريشي جو آنڌي هجي يا مانجهي، سردي هجي يا گرمي، پيرين پنڌ گهر کان هاءِ اسڪول شهدادڪوٽ وقت کان اڳ پهچڻ ۽ دير تائين ويهڻ زندگيءَ جو معمول هوندو هو. سائين الهورايو قريشي بخيل طبيعت جو بلڪل نه هو ۽ اڪثر طور تي دوست ۽ والدين سان ڪچهري ڪندي، چانهه پيئندي، اخبار پڙهندي زندگي جو مزو وٺندو هو. اسان کي ياد آهي انهن ڏينهن ۾اسڪول ۾ راندين جو هفتو ڀرپور طريقي سان ملهايو ويندو هو. ملهه کان وٺي هر راند جا ڪيترائي مقابلا ٿيندا هئا ۽ آخر ۾هڪ اسٽيج ڊرامو ڀرپور طريقي سان ٿيندو هو.
سائين الهورايو قريشي سگا شهدادڪوٽ شاخ جي باني ميمبرن مان هو. جڏهن محترم سائين اشرف کهاوڙ صاحب سگا شهدادڪوٽ شاخ کي کولڻ لاءِ 1978ع ۾ ڪنوينر بڻجي آيو ته سائين الهورايو قريشي، سائين نظام الدين سومرو، استاد محمد حسن پٺاڻ، سائين محمد اسلم شيخ ۽ ٻين ساٿين گڏجي ڪري سگا برانچ قائم ڪئي. سائين الهورايو قريشي 1978ع يعني شروع کان وٺي سگا شهدادڪوٽ شاخ جو صدر رهيو. هو 1978ع کان 1986ع تائين مسلسل صدر رهيو ۽ پنهنجي صدارت واري دور ۾ڪيترائي سماجي ڪم سرانجام ڏنائين، هن ڪيتريون ئي صحت جو ڪئمپون ۽ علمي ادبي پروگرام ڪرايا. سگا مرڪز جي ڪنويشن ۽ سالگرهه جي پروگرامن ۾شرڪت ڪندو رهندو هو. هن شهدادڪوٽ شهر لاءِ بوائز ۽ گرلس ڪاليج جي قيام ۾بهترين ڪردار ادا ڪيو. رات جو شاهي بازار ۾نظاميه نائيٽ اسڪول پنهنجي سگا ساٿين سان گڏجي ڪيترائي سال هلايائين، جتان ڪيترائي شاگرد بنيادي تعليم حاصل ڪري ڪامياب زندگيءَ گذارڻ لڳا.
سگا شهدادڪوٽ شاخ سان شروع کان سلهاڙيل محترم محمد اسلم شيخ پنهنجي ڪتاب يادن جي خوشبو ۾ سائين الهورايي بابت لکي ٿو ته: هو شهدادڪوٽ جي قابل احترام استادن مان هڪ هيو، کيس ادب، تاريخ، فلسفي، سياست ۽ ڪرڪيٽ تي عبور حاصل هيو. تاريخي مثال ڏئي لاجواب ڪري ڇڏيندو هيو. مسٽر الهورايو مطالعي جو شوقين هيو، بحث مباحثن ڪري ڳالهين کي مڃائيندو هيو.

10 مئي 1985ع تي سگا جو نائون ساليانو ڪنوينشن هاليڊي ان ڪراچي ۾ ٿيو جنهن ۾ سائين الهورايي قريشي کي بهترين ڪارڪردگي عيوض سگا جو نشان ۽ سند ڏني وئي. ياد رهي ته هي اهو زمانو هو جڏهن ضياالحق سگا تي سرڪاري نوڪري واري ماڻهو جي ميمبر ٿيڻ تي پابندي مڙهي هئي پر سائين الهورايو قريشي مسلسل سگا شاخ جو صدر رهيو ۽ سماجي ڪم ڪندو رهيو. اهو هن جو نه صرف قوم سان محبت ۽ سچائيءَ جو اعليٰ مثال آهي پر هڪ وڏي بهادري پڻ آهي ڇو ته سگا مرڪز کان وٺي مختلف شاخن جا ڪافي نالي وارا ۽ سرگرم ساٿي سگا کان ضياءَ الحق جي بين کانپوءِ پاسيرا ٿي ويا هئا پر هي مرد مجاهد پنهنجي تر جي ماڻهن لاءِ سماجي ۽ علمي ڪم ڪندو رهيو.
سائين الهواريو قريشي هاءِ اسڪول شهدادڪوٽ جو بهترين هيڊ ماستر رهيو. ان جي دور ۾ڪيترائي پروگرام ٿيا ۽ تعليم جو معيار بهتر ٿيو. هو هاءِ اسڪول اعتبار خان چانڊيو ۽ پوءِ هاءِ اسڪول چاڪياڻي ۾ پڻ هيڊ ماستر ٿي رهيو. هن جي خدمت علائقي ۾اڄ به ياد ڪئي وڃي ٿي.
سائين الهواريو قريشي 13 جون 1998ع تي هن جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو، هن کي چار پٽ ۽ چار نياڻين جي اولاد آهي، وڏو پٽ غلام نبي (قمر)، عبدالرحمنٰ (بدر)، پروفيسر محمد ظفر ۽ صدر الدين قريشي بحيثيت استاد جي علم جي روشني ڦهلائي رهيا آهن.
مددي ڪتاب ۽ ماڻهو
1. سگا سهائي...سهيڙيندڙ اشارت حسين ميمڻ
2. يادن جي خوشبو..محمد اسلم شيخ شهدادڪوٽي
3. صدرالدين قريشي صاحب