مختلف موضوع

سگا شهدادڪوٽ شاخ جي مختصر تاريخ ۽ ڪارڪردگي

 سنڌ گريجوئيٽس ائسوسئيشن پنهنجي وطن ۾ سماج جي جاڳرتا، اوسر ۽ ملڪ ۾ هڪ ترقي يافته ۽ پرامن سماج  جي اڏاوت لاءِ پنهنجي وت ۽ وس آهر اڌ صديءَ کان جاکوڙ ڪري رهي آهي. ھن ڪتاب ۾ سگا جي تاريخ، سگا شھداد ڪوٽ جو مختصر تعارف ۽ ڪارڪردگي، سگا مرڪز ۾ نامزد ٿيل شھداد ڪوٽ جي دوستن جو تعارف، سگا شھداد ڪوٽ جي ڪجهه ساٿين جا مختصر خاڪا، سگا شھداد ڪوٽ جي سھڪاري سٿ جو تعارف، سگا شھداد ڪوٽ بابت سگا مرڪز جي عهديدارن جا تاثرات شامل آهن. 

Title Cover of book سگا شهدادڪوٽ شاخ جي مختصر تاريخ ۽ ڪارڪردگي

تاريخ رقم ڪندڙ: سائين خالد حسين چنا : رفيق احمد سرهيو

والنٽيئرزم بنيادي طرح ماڻهن سان ڳانڍاپي جو نالو آهي ۽ ان جو مقصد ئي اهو آهي ته پنهنجو وقت ۽ صلاحيتون ماڻهن جي ڀلائي لاءِ استعمال ڪري. شھدادڪوٽ۾ رضاڪاريت جي جي نسرڻ جو زمانو 1978ع آھي جڏهن اتي سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جوبنياد پيو.
ان وقت خلق خدا کي اتساه ڏيڻ ۽ انهن کي پنهنجن حقن متعلق روشناس ڪرائڻ ۽ چار ماڻهو گڏجي ويهي ڪنهن مسئلي تي ويچارڻ تمام ڏکيو ۽ اڻانگهو ڪم هو پر ان وقت اهڙين حالتن ۾ سردارن ۽ ميرن جي چنبي مان نڪرڻ لاءِ سگائي رضاڪارن جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو ڪرڻ ۽ پنهنجا مسئلا پاڻ حل ڪرڻ وارو اتساهيندڙ عمل انتهائي اثرائتو ثابت ٿيو جيڪو سگا شھدادڪوٽ جي رضاڪارن جي حقيقي تاريخ ۽ سچ جي فتح آھي بلڪل شيخ اياز جي هنن سٽن وانگر.
شال اهو تون سمجهين
ڏات وڏي شيءِ ناهي
پر سچ وڏي شيءِ آھي
جو سچ مچائي مچ
سو مچ وڏي شيءِ آھي.
سو سمورو سچ ۽ تاريخ هڪ ڪتابي صورت اختيار ڪري ٿو جنهن جو ڪريڊٽ محترم سائين خالد حسين چنه صاحب ڏي وڃي ٿو، جنهن پنهن جي قلمي پورهئي سان هڪ تاريخ رقم ڪئي آھي.
هونئن به اها تاريخي حقيقت آهي ته والنٽيئر کي ٻيو ڪجهه به نه پر سندس خدمتن ۽ ڪيل ڪمن جي صرف مڃتا Appericiation جي ضرورت هوندي آهي ۽ سگا شهدادڪوٽ جي والنٽيئرز پاران ڪيل خدمتن تي لکيل هي ڪتاب يقينا شھدادڪوٽ سميت جملي پڙھڻدڙن لاءِ نئين ڄاڻ جو اضافو ثابت ٿيندو.
نسل لاءِ ھڪ ڄاڻ جو خزانو