سنڌ شناسي

تحفة الڪرام

سنڌ جي تاريخ تي مير علي شير قانع ٺٽويءَ جي فارسيءَ ۾ لکيل تاريخي ڪتاب ”تحفة الڪرام“ جي ٽئين جلد جو سنڌي ترجمو پيش ڪري رھيا آھيون. ھن ڪتاب جو مرتب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ سنڌيڪار مخدوم امير احمد آھي. مير علي شير قانع ٺٽوي تحفة الڪرام ڪتاب 1181هه/1767ع ۾ لکي ٽن جلدن ۾ ورهايو. حقيقت ۾ مير علي شير ’تحفة الڪرام‘ لکي سنڌ ۽ سنڌين تي وڏو احسان ڪيو آهي، جيڪڏهن هي ڪتاب نہ هجي ها تہ اڄ سنڌ جي تاريخ جو گهڻو حصو ضايع ٿي چڪو هجي ها. ھي ٽيون جلد سنڌ ۾ راءِ گهراڻي کان وٺي ڪلھوڙن جي حڪومت واري زماني جي تاريخ تي بنيادي مواد مھيا ڪري ٿو. 

Title Cover of book تحفة الڪرام

مهاڳ

بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمـنِ الرَّحِيْمِ

اَلْحَمْدُ لِلّهِ رَبِّ الْعَالَمِيْنَ وَ الْعَاقِبَةِ لِلْمُتَّقِيْن وَ الصَّلواةِ وَ السَّلاَمِ عَلي سَيِّدِ الاَنْبِيَاءَ وَ الْمُرْسَلِيْنَ وَعَلي آلِه وَ اَصْحَابِه اَجْمَعِيْن:

هن کان اڳ مير معصوم جي تاريخ سنڌ ۽ چچنامي جو سنڌي ترجمو ناظرين ڪرام جي هٿن ۾ پهچي چڪو آهي. هيءُ ترجمو به ساڳين انهن اصولن تي ٿيل آهي، جن تي هن کان اڳين ٻن ڪتابن جو ترجمو ٻڌل آهي، تنهن ڪري هتي وڌيڪ تفصيل جي ڪا به ضرورت ڪانه ٿي ڏسجي. فقط هيترو ذڪر سو لازمي آهي، ته ترجمو ڪرڻ وقت تحفـة الڪرام کي فتح نامي (چچنامه)، تاريخ معصوميءَ، بيگ لارنامه، فتوح البلدان بلا ذري ۽ ڪن ٻين تاريخن سان ڀيٽيو ويو آهي ۽ جتي جتي ڪو اختلاف نظر آيو آهي، ته انهيءَ جو ذڪر حاشيي تي، حوالي سان، ڪيو ويو آهي. سنڌ جي بزرگن جا جيڪي ڪجهه وڌيڪ حالات معلوم ٿي سگهيا آهن، اهي حاشيي تي ڏنا ويا آهن. هن ڪري ڪتاب جي افادي حيثيت گهڻو وڌي ويئي آهي. اڃا به هن ڪتاب تي تحقيق ۽ تفتيش جي گهڻي گهرج آهي. جهڙوڪ مغليه گورنرن جي سلسلي ۾ مصنف مير قانع گهڻي گڙ ٻڙ ڪئي آهي، سومرن ۽ سمن بابت گهڻو ڪجهه لکڻ جي گنجائش آهي، محمد بن قاسم کان پوءِ، بني اميہ خواه بني عباس گهراڻن جا جيڪي گورنر سنڌ ۾ آيا، تن متعلق عربي تاريخن ۾ ڪافي مواد موجود آهي. جن جن عالمن، فاضلن، شاعرن، الله وارن وغيره جو ذڪر تحفـة الڪرام ۾ آهي، تن مان ڪيترن متعلق ٻين تذڪرن ۽ تاريخن مان ڪافي معلومات جو ذخيرو گڏ ٿي سگهي ٿو. علي هذا القياس. مگر انهيءَ ڪم لاءِ ڪافي وقت کپي. في الحال مٿي ڏيکاريل قدر تي اڪتفا ڪئي ويئي آهي. اميد ته قدردان حضرات وٽ هيءَ محنت قبول پوندي. هاڻي اصل ڪتاب تحفـة الڪرام متعلق ٿورو لکي، قارئين سان انهيءَ جو تعارف ڪرائڻ واجب آهي.
جيڪڏهن مخدوم محمد عاقل عرف مخدوم پير محمد کهڙن (رياست خيرپور) واري جي لکيل تاريخ ”آئينـهء جهان نما“ کان قطع نظر ڪجي (ڇاڪاڻ ته اهو ڪتاب هڪ شخص جي هٿن ۾ آهي، جو ڪتاب ڏيڻ ته پري رهيو پر ڏيکارڻ لاءِ به تيار ناهي) ته پوءِ سنڌ جي تاريخ تي فارسي زبان ۾ لکيل، قديم ڪتابن مان ”تحفـة الڪرام“ بهترين ۽ آخرين ڪتاب آهي.
حقيقت ۾ مير علي شير ”قانع“ ٺٽوي تحفـة الڪرام لکي، سنڌ ۽ سنڌين تي وڏو احسان ڪيو آهي. جيڪڏهن هيءُ ڪتاب نه هجي ها، ته اڄ سنڌ جي تاريخ جو ڪافي حصو ضايع ٿي ويل هجي ها. هن ڪتاب ۾ نه فقط سنڌ جي بادشاهن جي تاريخ ڏنل آهي، پر سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن بلڪ جهنگن ۽ جبلن ۾، جيڪي درويش، مجذوب، صوفي، خوشنويس، شاعر، سيد، قاضي، عالم ۽ فاضل رهندا هئا، تن مان گهڻن جو ٿورو ڪي گهڻو احوال ڏاڍيءَ محنت سان هٿ ڪري ڪتاب ۾ داخل ڪيو ويو آهي ۽ وڌيڪ لاءِ پڙهندڙ کي گوياڪ هڪ شاهراه ڏيکاري اشارو ڪيو ويو آهي ته ”داديم ترا ز گنج مقصود نشان - گر، نرسيم تو شايد برسي“ .
هيءُ ڪتاب ٽن ڀاڱن ۾ لکيل آهي. پهريان ٻه ڀاڱا دنيا جي تاريخ سان تعلق رکن ٿا باقي ٽيون ڀاڱو سنڌ لاءِ مخصوص آهي. جنهن ۾ مؤلف راءِ گهراڻي کان سنڌ جي تاريخ شروع ڪري، پنهنجي وقت يعني ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي احوال تي ختم ڪئي آهي. تنهن کان پوءِ سنڌ ۾ رهندڙ مختلف قسمن جي بزرگن جو ذڪر آندو ويو آهي. ڪتاب سنه 1180هه ۾ لکجڻ شروع ٿيو ۽ سنه 1181هه ۾ لکجي پورو ٿيو. ”تحفـة الڪرام“ جي حرفن جو جيڪڏهن ابجد جي حساب موجب تعداد وٺبو، ته 1180 ٿيندو، جو ڪتاب جي شروع واري سال ڏانهن اشارو آهي.
هن ڪتاب جو ٻيو ۽ ٽيون ڀاڱو سن 1304هه ۾ بمبئي مان هڪ پڪي جلد ۾ ڇپجي شايع ٿيو هو. اهو ڇاپو هاڻي ناياب آهي. صحت جي لحاظ کان به اهو ڇاپو نهايت غلط ۽ ردي آهي. ڪتاب جا قلمي نسخا به ڪن ڪن خاص ماڻهن وٽ موجود آهن، مگر اهي به تمام ناقص ۽ غلطين سان ڀريل آهن.
مون تي جڏهن ”سنڌي ادبي بورڊ“ طرفان تحفـة الڪرام جي سنڌي ترجمي ڪرڻ جو ڪم رکيو ويو ۽ مون خدا تي توڪل رکي بسم الله ڪئي، تڏهن ڇاپي نسخي ۾، جو عزيزم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کان ترجمي لاءِ عاريتاً مليو هوم، ايتريون، ته غلطيون ڏسڻ ۾ آيون، جن جو ڪو حد حساب ڪونه هو. بلڪ ڪيتريون عبارتون، ته منهنجي سمجهه کان ٻاهر هيون. مان سنڌي ادبي بورڊ جو مشڪور آهيان، جن هڪ ٺهراءُ پاس ڪري، هيءُ موقعو ميسر ڪري ڏنو ته مان، بورڊ جي خرچ تي لاهور وڃي، خود مصنف مير قانع جي هٿ اکرين لکيل نسخي تان، جو سنڌين جي بد ذوقيءَ ۽ ناقدريءَ کان وڃي لاهور پهتو آهي، ڇاپي نسخو ڀيٽي اچان. پڻ بورڊ، انهيءَ نسخي جي مالڪ مولوي محمد شفيع، سابق پرنسپال اورينٽل ڪاليج لاهور، سان لکپڙهه هلائي، کيس انهيءَ لاءِ آماده ڪيو ويو، ته هو صاحب، اوتري وقت لاءِ، پنهنجو ڪتاب پنجاب يونيورسٽيءَ جي لئبريرين جي حوالي ڪندو، جيتري وقت لاءِ مون کي انهيءَ ڪتاب جي ڏسڻ جي ضرورت هوندي. انهيءَ سڄي معاملي طئي ٿيڻ کان پوءِ، مون لاهور وڃي، اتي 21 ڏينهن رهي، ڇاپي نسخي کي قلمي نسخي سان ڀيٽيو ۽ ڀيٽڻ تي ٻنهي نسخن ۾ تمام گهڻو فرق ڏسڻ ۾ آيو، جو سمورو قلمبند ڪيو ويو. انهيءَ لحاظ سان موجوده ترجمو خود مصنف جي دستخطي نسخي جو ترجمو آهي. ترجمو پوري ڪرڻ کان پوءِ اسان کي مرحوم مير نور محمد خان حيدرآباديءَ جي ڪتبخاني مان، عزيزم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي معرفت تحفـة الڪرام جو خطي نسخو مليو، هي نسخو 12 محرم 1233هه ۾ مير مراد علي خان جي حڪم سان لکيو ويو هو. اگرچہ هن ۾ به صحت جو التزام تمام گهٽ آهي، تاهم ٻين نسخن جي مقابلي ۾ چڱو آهي. هيءُ نسخو مصنف واري نسخي کان ڪن جاين ۾ مختلف آهي. اسان کي جيڪڏهن ڪنهن اختلاف ۾ ٿورو گهڻو وزن ڏسڻ ۾ آيو آهي، ته حاشي ۾ نسخي ”ن“ جي عنوان سان اسان اهو اختلاف لکي ڇڏيو آهي.
مصنف جي دستخطي نسخي مان هيءَ ڳالهه چڱيءَ طرح واضح ٿئي ٿي، ته هن اگرچہ تحفـة الڪرام، سن 1181هه ۾ پورو ڪري ڇڏيو هو ۽ ڪتاب جا قلمي نسخا به سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجي ويا هئا. پر تنهن هوندي به جڏهن جڏهن کيس ڪا نئين ڳالهه معلوم ٿيندي ويئي، ته اها پنهنجي قلمي نسخي ۾ درج ڪندو ٿي ويو، ۽ جيڪي ڳالهيون اڳتي هلي سندس ئي تحقيق موجب غلط ثابت ٿيون آهن، تن کي ڊاهي ٿي ڇڏيائين. اهڙيءَ طرح ڪتاب جي اصلاح ۽ محواثبات جو سلسلو سندس وفات سن (1203هه) تائين جاري رهيو. شايد اهوئي سبب آهي، جو تحفـة الڪرام جا، جيڪي به ڇاپي يا خطي نسخا اسان جي نظر مان گذريا آهن، تن ۾ يڪساني ۽ هڪ جهڙائي بلڪل ڪانه آهي.
اسان مٿي ڄاڻائي آيا آهيون، ته مصنف ”تحفـة الڪرام“ ٽن ڀاڱن يا جـُـلدن ۾ لکيو. هيءُ ترجمو، فقط ڪتاب جي ٽئين جلد جو آهي، جنهن جو تعلق سنڌ سان آهي. مناسب آهي، ته ناظرين کي پڻ تحفـة الڪرام جي پهرين ٻن جلدن جي باغ جو سرسري سير ڪرايون، ته جيئن هو سڄي ڪتاب جي اهميت ۽ گوناگونيءَ جو اندازو ڪري سگهن ۽ ڏسن، ته ناخلف سنڌين جي غفلت کان، اسان جي بزرگن جون ڪهڙيون نه عجيب و غريب محنتون ضايع ٿي ويون يا ڌارين جي هٿن ۾ پهچي ويون.
پهريون جلد: هن جلد ۾ هڪ مقدمو ۽ ٽي دفتر آهن. مقدمي کي ٻن حصن ۾ ورهائي هر هڪ حصي جو نالو ”ذڪر“ (بيان) رکيو ويو آهي. ”ذڪر“ ۾ مخلوقات جي ابتدا ۽ ٻئي ”ذڪر“ ۾ جنن جي پيدائش جو بيان آهي.
ٽن دفترن مان پهرئين دفتر جا ٽي ڀاڱا آهن. هر هڪ ڀاڱي کي ”طبقي“ جي نالي سان سڏيو ويو آهي. پهرئين طبقي ۾ بيبين جو بيان آهي. ٻئي طبقي ۾ اسلام کان اڳ ٿي گذريل بادشاهن جو ۽ ٽئين طبقي ۾ انهيءَ وقت جي حڪيمن، زاهدن ۽ مشهور شاعرن جو ذڪر آهي.
ٻئي دفتر کي پنجن حـصن ۾ ورهايو ويو آهي ۽ هر هڪ کي ”مجلس“ نالو ڏنو ويو آهي. پهرينءَ ”مجلس“ ۾ حضور پاڪ عليه الصلواة والسلام جن جي پيدائش جي ابتدا، ٻيءَ ”مجلس“ ۾ سندن حالات، ٽينءَ ”مجلس“ ۾ خلفاءِ راشدين رضي الله عنهم جو احوال، چوٿينءَ ”مجلس“ ۾ امامن پاڪن جو ذڪر ۽ پنجينءَ ”مجلس“ ۾ اهل بيت ڪرام جي مشهور مشهور هستين جو بيان آهي. ٽيون دفتر ٽن ڀاڱن ۾ تقسيم ڪيل آهي. هر هڪ ڀاڱي تي ”طَّبقي“ جو نالو رکيو ويو آهي. انهن مان پهرين طبقي کي وري ٽي ڀاڱا ڪري هر هڪ ڀاڱي کي ”مقصد“ سڏيو ويو آهي. پهرين ”مقصد“ ۾ بني اميه گهراڻي جي خليفن جو بيان آهي. ٻئي ”مقصد“ ۾ ٽي مقالا آهن. پهريون مقالو خاص بني اميه گهراڻي جي انهن اميرن جي بيان ۾ آهي، جيڪي عراق عرب ۽ عراق عجم جي حڪومت تي سرفراز هئا. ٻئي مقالي ۾ بني اميه جي خراسان وارن اميرن ۽ ٽئين ۾ بني اميه گهراڻي جي ڪن مکيه ماڻهن جو احوال آهي. ٽئين ”مقصد“ ۾ خاص انهن ماڻهن جو احوال ڏنو ويو آهي، جن بني اميه جي حڪومت واري دور ۾ بغاوتون ڪيون.
ٻيو طبقو پنجن حصن ۾ ورهايل آهي ۽ هر هڪ حصي کي ”مذڪور“ لقب ڏنو ويو آهي. پهرئين ”مذڪور“ ۾ عباسي خليفن جو ذڪر آهي. ٻئي ۾ انهن عباسي شخصيتن جو بيان آهي، جن مصر ۾ خلافت جو لقب لڌو. ٽئين ۾ عباسين جي اميرن، وزيرن ۽ سندن نامي گرامي ماڻهن جو احوال ڏنو ويو آهي. چوٿين ۾، جن ماڻهن عباسي دور ۾ بغاوتون ڪيون، تن جو بيان “ پنجين ۾ قرمطين جو ذڪر آهي.
ٽئين طبقي جا حصا ڪيا ويا آهن. هر هڪ حـصي جو نالو رکيو ويو آهي ”اساس“ . پهرين ”اساس“ ۾ انهن مسلمان بادشاهن جو احوال آهي، جيڪي بني عباس گهراڻي جي خلافت وقت دنيا ۾ ڪٿي نه ڪٿي بادشاهه هئا. اهڙن يارهن گهراڻن جو احوال ڏنو ويو آهي. پهريون طاهري گهراڻو، ٻيو صفاري گهراڻو، ٽيون ساماني گهراڻو، چوٿون غزنوي گهراڻو، پنجون غوري گهراڻو، ڇهون آل بويه يعني ديلمي گهراڻو، ستون سلجوقي گهراڻو، اٺون خوارزمشاهي گهراڻو، نائون اتابڪ گهراڻو، ڏهون اسماعيلي گهراڻو ۽ يارهون ڪرمان جو فراختائي گهراڻو.
ٻئي اساس ۾ فقط انهن شاهي گهراڻن جو احوال آهي، جن روم تي حڪومت ڪئي. اهڙا اُٺ گهراڻا ٻڌايا ويا آهن: پهريون قيصر گهراڻو، ٻيو سلجوقي گهراڻو، ٽيون دانشمندي گهراڻو، چوٿون سليقي بادشاهن جو گهراڻو، پنجون منڪو چڪي اميرن جو گهراڻو، ڇهون قرامان گهراڻو، ستون ذوالقدر گهراڻو، ۽ اٺون عثماني بادشاهن جو گهراڻو.
ٽئين اساس ۾ حرمين شريفين - زادهما الله شرفا و تعظيما - جي شريفين جو ذڪر آهي. چوٿين اساس ۾ ترڪستان جي خانن يعني چنگيزخان ۽ سندس اولاد جو بيان آهي. پنجين اساس ۾، ابوسعيد خان بهادر کان پوءِ، جيڪي ايران ۾ ننڍڙا بادشاهه ٿيا، تن جو احوال آهي ۽ اهڙا پنج گهراڻا هئا. ڇهين اساس ۾ قراقرونيلو گهراڻي جي بادشاهن جو احوال ڏنو ويو آهي. ستين اساس ۾ دياربڪر (روسي ترڪستان) جي اقاقونيلو بادشاهن جو ذڪر آهي. اٺين اساس ۾ ايران جي صفوي گهراڻي جو ۽ نائين اساس ۾ خاص صاحب قرآن امير تيمور گورگان ۽ سندس اولاد جو احوال آهي، جن ايران ۽ توران تي حڪومت هلائي.
ٻيو جلد: هن جلد ۾ ڪل ست مقالا ۽ هڪ خاتمو آهي. ستن مقالن ۾ ستن ئي ولايتن جو ترتيب وار ذڪر، انهن جي مختصر جاگرافي ۽ اتي جي بادشاهن، اميرن، وزيرن، خداوارن ولين، عالمن، ۽ ٻين ڪمال جي صاحبن جو احوال ڏنل آهي.
خاتمي کي ٻن حصن ۾ ورهائي، هر هڪ حـصي کي ”نمود“ نالو ڏنو ويو آهي. پهرئين نمود ۾ مشهور ۽ مکيه مکيه شهرن جي وچ ۾ مفاصلو ڏيکاريل آهي. ٻئي نمود ۾ انهن ملڪن جو مختصر بيان آهي جيڪي ستن ولايتن جي احاطي کان ٻاهر آهن.
هن فهرست مان صاف ظاهر ٿيو، ته هيءُ جو بمبئي واري ڇاپي ۾ فقط احمدآباد، گجرات ۽ اتي جي حاڪمن ۽ بزرگن جو ٿورو بيان ڏيئي، انهيءَ کي تحفـة الڪرام جو پهريون جلد سڏيو ويو آهي، انهيءَ سان تحفـة الڪرام جي حقيقي پهرئين جلد جو ڪو به واسطو ڪونه آهي. حقيقت ۾ پهريون جلد هڪ ضخيم ڪتاب آهي، جو فلسڪيپ پيپر کان به وڏيءَ سائيز تي، نهايت گنجان ۽ گهاٽن اکرن ۾ 320 صفحن تي شامل آهي. اسان لاهور ۾ رهڻ وارن ڏينهن ۾ ڪتاب جي پهرئين ۽ پوئين صفحي جي عڪسي ڪاپي وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پنجاب يونيورسٽيءَ جي لئبريرين، روٽو گراف مشين تي اهڙي عڪسي تصوير وٺي موڪلڻ جو وعدو به ڪيو مگر افسوس جو هن صاحب اهو وعدو پورو نه ڪيو.
آخر ۾ ناظرين حـضرات کان صرف هيءَ استدعا آهي، ته جيڪڏهن کين منهنجي هيءَ ناچيز محنت پسند اچي، ته مون عيبدار کي پنهنجي خير جي دعا کان نه وسارين. وآخردعوانا ان الحمد لله رب العالمين.

مخدوم امير احمد، عفي عنه
پرنسيپال، اورينٽل ڪاليج،
حيدرآباد، سنڌ
14- نومبر 1955ع