سنڌ شناسي

تحفة الڪرام

سنڌ جي تاريخ تي مير علي شير قانع ٺٽويءَ جي فارسيءَ ۾ لکيل تاريخي ڪتاب ”تحفة الڪرام“ جي ٽئين جلد جو سنڌي ترجمو پيش ڪري رھيا آھيون. ھن ڪتاب جو مرتب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ سنڌيڪار مخدوم امير احمد آھي. مير علي شير قانع ٺٽوي تحفة الڪرام ڪتاب 1181هه/1767ع ۾ لکي ٽن جلدن ۾ ورهايو. حقيقت ۾ مير علي شير ’تحفة الڪرام‘ لکي سنڌ ۽ سنڌين تي وڏو احسان ڪيو آهي، جيڪڏهن هي ڪتاب نہ هجي ها تہ اڄ سنڌ جي تاريخ جو گهڻو حصو ضايع ٿي چڪو هجي ها. ھي ٽيون جلد سنڌ ۾ راءِ گهراڻي کان وٺي ڪلھوڙن جي حڪومت واري زماني جي تاريخ تي بنيادي مواد مھيا ڪري ٿو. 

Title Cover of book تحفة الڪرام

باب چوٿون: عباسي گهراڻي وارن جي گورنرن جو طبقو

جڏهن ’عباسي‘ گهراڻي جو پهريون خليفو ”سفاح“ خلافت جي تخت تي ويٺو، تڏهن سن133 هه ۾ پهرين فوج(1) سنڌ ڏانهن موڪلي، ’بنو اميه‘ جي گورنرن کان سنڌ کسي ورتائين. چئن سالن کان پوءِ، ”ابو جعفر منصور“ عباسيءَ سنڌ ۽ هند تي وري ٻيو لشڪر چاڙهي موڪليو. هارون رشيد جي وقت ۾ فضل برمڪيءَ جو ڀاءُ ”موسيٰ برمڪي“ سنڌ جو گورنر ٿي آيو، ۽ جيڪا به آمدني ٿـَـي ٿي، سا سخا ڪندو ٿي ويو، جنهن ڪري موقوف ڪيو ويو، ۽ سندس جاءِ تي ”علي بن عيسيٰ بن ماهان“ مقرر ٿي آيو. انهيءَ وقت ۾ ’ساڪوره‘ (ساڪرو) جي سرزمين ۾ ’ٿرڙيءَ‘ جو مضبوط قلعو، ’بڪار‘ جو شهر ۽ انهيءَ سر زمين يعني الهندي سنڌ جون ڪي ٻيون وستيون، هڪ وڏي تبع تابع(2) شيخ ابوتراب جي هٿان، جنهن جي مزار ٻين شهيدن (جي مزارن) سان گڏ خدا وارن لاءِ زيارت گاهه آهي ۽ سندس گنبذ تي تعمير جي تاريخ 171هه لکيل آهي، فتح ٿيون هيون، ۽ ڀنڀور جو شهر ۽ ٻيا مٿي بيان ٿيل ڳوٺ ويران ٿي رهيا هئا، ۽ ماڻهو ٻين جاين ڏانهن لڏي رهيا هئا. تنهن کان پوءِ، ”ابوالعباس“ سنڌ جو گورنر ٿي آيو ۽ گهڻو عرصو اتي رهيو. مامون جي وقت ۾ هندستان جو ڪجهه حـصو وڌيڪ سندن گورنرن جي هٿ ۾ آيو] 26[. تنهن کان پوءِ، بغداد جي ”آل تميم“ جا ڪي ماڻهو سنڌ جي حڪومت تي مقرر ٿيا. ’سامره‘ جا رهاڪو عرب پڻ وڏي انداز ۾ تميم سان گڏجي سنڌ ۾ آيا، ۽ سڪونت اختيار ڪيائون. گهڻي عرصي گذرڻ ڪري جيئن ’بني تميم‘ مان بگڙي ”ٿهيم“ ٿي پيو، ساڳيءَ طرح ’سامره‘ وارن مان پڻ هزارن جي تعداد ۾ مستقل قوم (قبيلو) ”سومرا“ تيار ٿي پيئي، جنهن ۾ ڪيئي سرڪش سردار پيدا ٿيا، جن جو بيان اڳتي هلي ٿيندو.
نيٺ ”القادر بالله، ابو العباس احمد بن اسحاق بن المقتدر بالله“ جي خلافت ]واري وقت[ ۾، رمضان شريف 416هه جي وچ ڌاري، سلطان محمود غازي، غزنيءَ کان ملتان پهتو، ۽ اچ هٿ ڪري، القادر بالله جي ماڻهن کي سنڌ مان ڪڍي ڇڏيائين، مٿي ذڪر ڪيل ابتدا موجب، عباسي خليفن جي گورنرن جي حڪومت جو عرصو جملي ٻه سو ٽياسي سال آهي.
مخفي نه رهي، ته ’سومره‘ قوم (قبيلو) درحقيقت ٻه سؤ ورهيه اڳي، سنڌ ملڪ جي ڪجهه حـصي تي غالب هئي، پر جنهن صورت ۾ ڍل ڀريندا هئا، ۽ مسلمان حاڪمن جي اطاعت جو ڳانو پنهنجي ڳچيءَ ۾ ٻڌيو ايندا هئا، تنهن ڪري انهن جو ذڪر نه ڪيو ويو، بلڪ غزنوين، غورين ۽ دهليءَ جي شهنشاهن جي گورنرن جي بيان کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ، سندن حڪومت جي علحدي ذڪر ۾، انهن جا ڪي نالا ۽ احوال ذڪر ڪيا ويندا.