سنڌ شناسي

تحفة الڪرام

سنڌ جي تاريخ تي مير علي شير قانع ٺٽويءَ جي فارسيءَ ۾ لکيل تاريخي ڪتاب ”تحفة الڪرام“ جي ٽئين جلد جو سنڌي ترجمو پيش ڪري رھيا آھيون. ھن ڪتاب جو مرتب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ سنڌيڪار مخدوم امير احمد آھي. مير علي شير قانع ٺٽوي تحفة الڪرام ڪتاب 1181هه/1767ع ۾ لکي ٽن جلدن ۾ ورهايو. حقيقت ۾ مير علي شير ’تحفة الڪرام‘ لکي سنڌ ۽ سنڌين تي وڏو احسان ڪيو آهي، جيڪڏهن هي ڪتاب نہ هجي ها تہ اڄ سنڌ جي تاريخ جو گهڻو حصو ضايع ٿي چڪو هجي ها. ھي ٽيون جلد سنڌ ۾ راءِ گهراڻي کان وٺي ڪلھوڙن جي حڪومت واري زماني جي تاريخ تي بنيادي مواد مھيا ڪري ٿو. 

Title Cover of book تحفة الڪرام

باب پهريون: راءِ گهراڻو

ڄاڻڻ گهرجي ته مٿي لکيل موجب، جڏهن سنڌ جو ملڪ، ”سنڌ“ جي نالي پٺيان سڏيو، ۽ ان ڏانهن منسوب ٿيو، ته هن جو اولاد، هڪ ٻئي پويان انهيءَ ملڪ ۾ حڪومت ڪندو رهيو، ۽ انهن مان ڳاڻيٽي کان ٻاهر قومون پيدا ٿيون، جن جو ڪتابن ۾ بيان ڪونه ٿيو آهي. مثلاً: ’نبيہ‘ (1)، ’تاڪ‘ ۽ ’موميد‘ (2) قومون، واري واري سان حڪومت ڪنديون رهيون. انهن جو تفصيل پڻ معلوم نه ٿي سگهيو. تنهن ڪري، پوئين ۾ پوئين طبقي ”’راءِ‘ گهراڻي“ جي بيان کان شروع ٿو ڪجي، تنهن کان پوءِ ٻين قومن جو بيان ڪيو ويندو.
هنن جو تختگاهه ”الور“ جو شهر هو. ملڪ جون حدون، اڀرندي کان ڪشمير ۽ قنوج، الهندي کان مڪران ۽ عربي سمنڊ جي ڪناري يعني ديبل بندر، ڏکڻ کان سورت بندر ۽ اُتر کان قنڌار، سيستان، سليمان جبل، ڪردان ۽ ڪيڪانان تائين هيون.
جنهن صورت ۾ هن گهراڻي جي ابتدا پڪيءَ طرح معلوم نه آهي، تنهنڪري جيڪي نالا معلوم ٿيا آهن، انهن جي ٿوري بيان تي اڪتفا ڪجي ٿي. ”راءِ ديوائج“ عاليشان بادشاهه هو. مٿين حدن ۾، سندس حڪومت مستقل طور هلندڙ هئي. هندستان جا سڀ بادشاهه، سندس مخلص ۽ خيرخواه هئا. ڄاڻو ڪامورن جي هٿ هيٺ ساري ملڪ ۾ ڪاروبار دل گهرئي نموني ٿي هليو. سندس مرڻ تي، هن جو پٽ ”راءِ سيهرس“، تخت ۽ تاج جو مالڪ ٿيو، ۽ پيءُ واري رستي تي گهڻو وقت عيش ۽ آرام ۾ زندگي گذاري، تخت کان تختي (غسل ڏيارڻ جو تختو) ڏانهن روانو ٿيو (مري ويو). کانئس پوءِ، سندس ناليري فرزند ”راءِ ساهيسيءَ“ حڪومت جي گاديءَ ۽ بادشاهيءَ جي تخت تي مرادون ماڻي، ڪيترو عرصو گذاريو ۽ وڏن واريون رسمون چڱيءَ طرح جاري رکيون. انهيءَ کان پوءِ سندس پٽ ”راءِ سيهرس ’ٻيو‘ “ جاءِ نشين ٿيو. هن تي نيمروز جي بادشاهه ڪاهه ڪئي. انهيءَ خبر ٻڌڻ شرط، هن ڪيچ جي حدن وٽ سندس سامهون ٿي]5[، لڙائيءَ جو ميدان سينگاريو. صبح کان منجهند تائين جنگ جي باهه ڀڙڪندي رهي. اوچتو سندس نڙيءَ ۾ تير وڃي لڳو ۽ ساهه ڏنائين. نيمروز جو بادشاهه، سندس لشڪرگاه لٽي پوئتي موٽي ويو. سيهرس جي لشڪر گڏ ٿي، سندس پٽ ساهيسيءَ کي تخت تي وهاريو. ”راءِ ساهيسي ’ٻيو‘“، وڏن کان به وڌيڪ وڻندڙ عادتن جو مالڪ هو، ۽ ٿوري ئي وقت ۾ بادشاهيءَ جي حدن جو بندوبست ڪري، تختگاه ۾ آرام سان رهڻ لڳو ۽ ڍل جي عيوض رعيت کي ڇهن قلعن: اُچ، ماٿيلو، سيورائي، مؤ، الور ۽ سيوستان جي زمين، مٽيءَ سان ڀرڻ جو حڪم ڏنائين.
چون ٿا، ته هن وٽ ”رام“ نالي هڪ سيڪريٽري، ۽ ”ٻڌيمن“ نالي هڪ وزير هو. هڪ ڏينهن ”سيلائج“ نالي هڪ مشهور برهمڻ جو پٽ، ”چچ“ نالي، رام سيڪريٽريءَ وٽ لنگهي آيو. سندس صحبت کان سيڪريٽري ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ کيس وزير تائين پهچايائين. اتفاقاً، چچ جي خاص ملازم بنجڻ کان ٿورو وقت پوءِ، وزير بيمار ٿي پيو، ۽ هوڏانهن، ٻاهران آيل ڪن خطن جي پڙهڻ لاءِ، راءِ جو سڏ ٿيو، جيئن ته (وزير) انشاء جي فن ۾ چچ جي ڪامل مهارت ڏسي چڪو هو، تنهن ڪري هن کي پنهنجي پاران موڪليائين. راجا محلات ۾ اندر هو، ۽ چچ کي اندر سڏيائين. راجا جي زال، راڻي ”سوهنديءَ“ پڙدي ۾ وڃڻ گهريو، پر ساهسيءَ چيو، ته برهمڻ کان ڪهڙو پڙدو آهي؟ (1) ۽ برهمڻ (چچ) جي اندر اچڻ کان پوءِ، ساهسي هن جي فصاحت بلاغت کان ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ کيس جوابن لکڻ جو حڪم ڪيائين، ۽ جڏهن راجا وٽ سندس انشاء پردازيءَ ۾ ڪمال ثابت ٿيو، تڏهن حڪم ڪيائين، ته ”اڄ کان پوءِ پرائيويٽ سيڪريٽريءَ جو عهدو کيس ڏنو وڃي، جيئن محلات ۾ اندر اچي ضروري سوال جواب ڪندو رهي. “ انهيءَ وچ ۾ راڻيءَ جي دل چچ ڏانهن مائل ٿي، وڃي بي اختياريءَ جي حد کي پهتي، وصال لاءِ ڪيترائي پيغام موڪليائين، پر چچ نه قبوليا. نيٺ چچ جو ڪاروبار ترقي ڪري ويو، ۽ ننڍا وڏا، سندس احسان ۽ قابليت جا ممنون ٿي پيا. اتفاقاً، بخت جي ياوريءَ سان، راءِ ساهسي موت جي بيماريءَ ۾ مبتلا ٿيو. راڻيءَ چچ کي گهرائي چيو، ته ”راءِ جو حال اجهو اهو آهي، کيس ڪو به فرزند ڪونه آهي، ضرور سندس مائٽ ملڪ جا وارث ٿيندا، جي توکي ۽ مون کي ڪين ڇڏيندا، ]تنهن ڪري ارادو اٿم[ ته ڪو حيلو هلايان، جيئن راجائي توکي ملي وڃي.“ چچ جي قبول ڪرڻ تي، راڻيءَ اميرن کي پيغام موڪليو، ته ”راءِ ساهيسيءَ کي ڪجهه افاقو ٿيو آهي، ليڪن ٻاهر نڪرڻ جي طاقت ڪانه اٿس. هوڏانهن ڪيترا ڏينهن گذري ويا آهن، جو ملڪن جو سوال جواب مهمل رهندو ٿو اچي. تنهن ڪري هن وقت حڪم ڪيو اٿس، ۽ پنهنجي مهر چچ جي حوالي ڪئي اٿس، ته سندس پاران تخت تي ويهي، نائب جي حيثيت ۾، ملڪ جو ڪاروبار هلائي. توهان سڀ حاضر ٿيو.“ حڪم جي تابعداري ڪري، سڀني اميرن ۽ مکيه ماڻهن حاضر ٿي چچ جو سلام ڪيو، ۽ ]سندس اڳيان[ گوڏا کوڙيا. جلد ئي ساهيسي ]6[ گذاري ويو. راڻيءَ پهريائين، ته اهو بندوبست ڪيو، جو سندس مڙس جي وفات جي خبر ڪنهن کي به ڪن ڪانه پيئي. پوءِ ]راءِ جي[ انهن ويجهن عزيزن کي، جيڪي ملڪ جا دعويدار هئا، هڪ هڪ ڪري وصيت جي بهاني سان گهرائي قيد ڪيائين، تنهن کان پوءِ مسڪين مائٽن کي گهرائي چيائين ته ”ملڪ جي دعويدار سردارن کي، توهان لاءِ قيد ڪيو اٿم، توهان مان هر هڪ کي گهرجي، ته قيدخاني ۾ وڃي، جنهن کي پنهنجو حريف سمجهي، انهيءَ کي ڪـُـهي ڇڏي، ۽ وڃي سندس گهر تـَـڙ ۽ عهدي تي متصرف ٿي، چچ جي تابعداري قبول ڪري، جيئن کيس سموريون مرادون حاصل ٿين.“ سـُـڃن مائٽن، هن کي غنيمت سمجهي، هڪدم ائين ڪيو. تنهن کان پوءِ هر هڪ کي گهرائي، نوازي، چچ جي حوالي ڪيائين، ۽ مڙس جو لاش ٻاهر ڪڍي ساڙيائين.
هنن مٿين پنجن راجائن جي حڪومت جو عرصو، هڪ سؤ ستٽيهه سال لکيو اٿن. تنهن کان پوءِ برهمڻن جي حڪومت شروع ٿي.

____________
(1) نبيسہ - ”ن“
(2) ماميد - ”ن“
(1) ”فتحنامه“ يعني ”چچنامه“ (ص20) ۾ لکيل آهي ته: ”راجا، راڻيءَ کي چيو، ته ’هڪ نامحرم حرم ۾ اچي ٿو، تنهن ڪري تون پڙدي ۾ وڃ‘ . جنهن تي راڻيءَ سوهنديءَ وراڻيو ته ’ڪيترا رذيل نوڪر اندر اچن ٿا، جيڪڏهن هڪ برهمڻ اندر ايندو، ته منهنجو هن ڏانهن ڪهڙو توجهه ٿيندو، يا مون کي هن کان ڪهڙو شرم رکڻو آهي، جو مان هن کان لڪان‘ !“.