مقدمو: ولايت (سنڌ) جي تعريف ۽ سندس خـصوصيتن جي بيان ۾
”سنڌ“ تي اهو نالو ’حام‘ بن نوح عليہ السلام جي پٽ، ’هند‘ جي ڀاءُ ’سند‘ جي نالي پٺيان پيل آهي. هيءُ سڄيءَ زمين جي ايڪهٺ ملڪن مان ٽيتاليهين ملڪ جو نالو آهي. پهرين اقليم (ولايت) سندس اتر کان، ۽ ٻي ولايت سندس وچان لنگهي ٿي. هي ملڪ پهرين، ٻي، ٽين، چوٿين ۽ پنجينءَ ولايت ۾ مشترڪ آهي. جيئن اڳتي تفصيل سان ايندو. پر هن جو گهڻو ڀاڱو ٻيءَ ولايت جي خط هيٺ آهي، تنهن ڪري مڪي مطهره ۽ مديني منوره جي پاڪ زمين سان هن زمين جو حقيقي قرب ثابت آهي. چون ٿا، ته آڳاٽي سمي ۾ سنڌ جي پسگردائيءَ جي ڪنهن جبل ۾ اُٺ گم ٿيو هو، جو ٽن ڏينهن کان پوءِ وڃي حجاز کان نڪتو ]2[ جنهن زماني ۾ محمد بن قاسم سنڌ جي جهاد تي آيو هو، تڏهن ]بغداد کان[ قاصد ستن ڏينهن ۾ ايندا ۽ واپس ويندا هئا. ظاهر ۾ ٿو ڏسجي، ته حادثن جي صدمن، جبلن ۽ سمنڊن جي گهاٽائيءَ سبب، اهو رستو بند ۽ گم ٿي ويو آهي.مڪران جو جبل سندس اولهه طرف، ۽ ڪيڪانان جو جبل ان جي حدن ۾ داخل آهي. فليس جو بيابان، جو ويهه فرسنگ (60 ميل) ڊگهو، ۽ پاڻيءَ جي اڻاٺ ۽ ڏکيائيءَ ڪري مشهور آهي، سو منجهس آهي، ۽ جو بحر محيط وٽ، جنهن کي بحر عمان به چوندا آهن، انتها ڪري ٿو. سنڌوندي، جا ڪشمير جي جبلن مان نڪري ٿي، ۽ ڪابل جي جبلن وٽان ٻي ندي به ساڻس ملي ٿي ۽ ملتان وٽ سيحون نديءَ سان ملي، اٽڪ سان شامل ٿي، سمنڊ ۾ پوي ٿي، تنهن جو پاڻي نهايت صاف ۽ روشن آهي، جو اونهاري ۾ نهايت ٿڌو هوندو آهي. سنڌ جي زبان ۾ ان کي ”مهراڻ“ چوندا آهن. مرزا حيدر، ”رشيديءَ“ لکيو آهي، ته ’ڏکڻ وارن جبلن مان جيڪو پاڻي ڏکڻ ڏانهن وهي ٿو، جهڙوڪ: نيلاب (نيلم)، بياس، چناب، لاهور ۽ سلطانپور واري ندي ۽ باجواره ندي، اُهو سمورو هندي سمنڊ ۾ پوي ٿو، ۽ سندس نالو ”سنڌو“ ندي آهي‘ . اڄ ڪالهه سنڌ جي درياءَ جو هيٺيون حـصو، جو هندستان جو لنگهه آهي، تنهن کي هن ملڪ ۾ هر جڳهه جدا جدا نالا ڏنل آهن، ۽ پنجاب تائين ڪيترا نالا اٿس. هن ملڪ جي زمين، آب هوا جي عمدگيءَ ۽ صبح ۽ شام جي لطف کان مشهور آهي. پنجاب جي طرف وارو مٿيون حصو گرميءَ، ۽ سمنڊ کي ويجهو ڀاڱو، اگرچ لٿي پٿي گرم آهي، ٿڌاڻ ۾ مخصوص آهي. سنڌ جي زمين مردم خيز آهي، ۽ سندس رهاڪو، ’مسڪينيءَ‘ ۽ لياقت ۾ ممتاز آهن. هتان علم ۽ يقين، فقيريءَ ۽ معرفت جا صاحب گهڻا پيدا ٿيندا رهن ٿا، جيئن اڳتي هلي معلوم ٿيندو. انشاءَ الله تعاليٰ.
پراڻي زماني کان، سنڌ جي رهاڪن ۾ ڪي رسمون مشهور آهن، جي اگرچه جهالت جون عادتون آهن، تاهم جيئن ته عجيب آهن، تنهن ڪري انهن جو ذڪر ڪجي ٿو.
جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ تي ڪنهن وڏي گناهه جي تهمت رکي ويندي آهي، تڏهن هو پاڻ کي پاڪدامن ثابت ڪرڻ لاءِ، وڏيءَ باهه مان ”سمندر“ (1) وانگيان پاڪ، ۽ حضرت خليل وانگيان بنا ڪنهن کٽڪي جي لنگهي ڏيکاريندو آهي. جيئن عنقريب ’مارئيءَ‘ ۽ ’سسئيءَ‘ جي احوال ۾ ايندو.
گرم ڪوڏر جو هٿ ۾ کڻڻ جو رواج اڃا تائين جاهلن ۾ هلندو اچي، جنهن جو ڪجهه بيان ’مارئيءَ‘ جي ذڪر ۾ ايندو. اهو هن طرح ڪندا آهن، جو تهمتيءَ جي هٿ تي، وڻ جو سائو پن ڪچي ڌاڳي سان ٻڌي، پوءِ ڪوڏر گرم ڪري، ان جي مٿان رکندا آهن، ۽ هو ٻٽي وکون آهستگيءَ سان کڻندو آهي. اڪثر ڪري ڏٺو ويو آهي، ته پن يا ڪچي ڌاڳي کي ڪو به نقصان نه پهتو آهي، پر جڏهن ڪوڏر زمين تي اڇلائي وئي آهي، تڏهن مٽيءَ کي ڀوڳڙين جي واريءَ وانگيان جوش ۾ آندو اٿس. يقيناً سچ جي برڪت آهي، نه ته اهڙيءَ باهه کان هٿ ڇو نٿو سڙي؟ ويجهڙائيءَ ۾ هڪ معتبر ماڻهوءَ کان ٻڌو ويو ته ”هڪ زال، ٻيءَ زال جو ڪنگڻن جو جوڙو چورائي، انڪاري ٿي ويئي. جڏهن ڪوڏر کڻڻ جو وقت آيو، تڏهن اها مڪريل عورت، اهو ڪنگڻن جو جوڙو هڪ ڪپاهه سان ڀريل ڇليءَ ۾ وجهي، ائين ظاهر ڪندي ميدان ۾ آئي، ڄڻ ته ان وقت هوءَ انهيءَ ڪم (ڪتڻ) ۾ رڌل هئي. اچڻ سان اها ڇلي، فريادڻ عورت جي هٿ ۾ ڏنائين، ته ’مان جيستائين امتحان ڏيئي پورو ڪريان، تيستائين تون هيءَ جهلي بيهه‘ . پوءِ چيائين، هن ڳالهه جي سچائيءَ ثابت ڪرڻ لاءِ، ته ’مون فلاڻيءَ جي ڪنگڻن جو جوڙو لڌو هو، مگر وري انهيءَ کي ڏنو اٿم، ڪوڏر کڻان ٿي‘ . ائين ڪرڻ سان هن کي ڪوبه ايذاءُ ڪونه آيو. جڏهن ته حق حق آهي، تنهن ڪري فريادڻ عورت غصي ۾ اچي، اها زنبيل کڻي زمين تي اڇلي، ۽ انهيءَ مڪريل عورت جي مڪر جو پڙدو ڦاٽي پيو.“
هڪ ڊگهي ڪاٺي اونهي پاڻيءَ ۾ کوڙي، تهمتيءَ کي چوندا آهن، ته ڪاٺيءَ کي وٺي، ٽٻي هڻي، پاڻيءَ جي تري ۾ وڃي ]3[ ويهي. هوڏانهن هڪ تير ڇوڙيندا آهن، ۽ هڪڙو ماڻهو وڃي اهو تير کڻي ايندو آهي. انهيءَ کان پوءِ ڪاٺيءَ کي چوريندا آهن. جيڪڏهن تهمتي بيڏوهي هوندو آهي، ته انهيءَ وقت تائين ويٺو هوندو آهي، ۽ اشاري تي نڪري ايندو آهي، نه ته پاڻيءَ جي تر ۾ هرگز ويهي نه سگهندو آهي.
هن ملڪ جي ماڻهن ۾ ڪيتريون اٽڪلون، ۽ جنتر منتر جادوءَ طور چالو آهن. مثلاً: ٻئي جي مهيءَ مان مکڻ چورائي، پنهنجي مهيءَ ۾ آڻڻ. هڪ معتبر ڳالهه ڪئي ته ” آءٌ هڪ ڳوٺ ۾ هڪ زال وٽ مهمان هئس، جنهن کي هڪ ڳئون جي کير جي مهي هئي. مکڻ ڪڍڻ جي وقت، باهه جي بهاني سان پاڙي واريءَ جي گهر ويئي، پاڙي واريءَ جي اڳيان مهيءَ جو وڏو ٿانو، مکڻ ڪڍڻ لاءِ رکيل هو. هيءَ زال اٽڪل ڪري موٽي آئي، ۽ پنهنجي هڪ ڳئونءَ جي کير جي مهيءَ مان ڏهوڻو مکڻ ڪڍيائين.“
ڪن جابلو ماڻهن ۾، جن کي ”مانسنگهه“ چوندا آهن، ”ڦڻيءَ“ جو علم(1) مشهور آهي. ڦڻيءَ جي تازن ليڪن مان هو جيڪي چاهيندا آهن، سو معلوم ڪندا آهن، جو صحيح واقعي جي موافق ظاهر ٿيندو آهي. ڳالهه ٿا ڪن، ته ”جابلو ماڻهن جو هڪ ٽولو، دشمن جي ڊپ کان لڏي ڪنهن جاءِ ڏانهن وڃي رهيو هو. ٿوري پنڌ کان پوءِ، هڪ ’مانسنگهه‘ ، ڦڻي ڏسي چيو، ته ’اسان جي پٺيان، حملي ڪرڻ لاءِ، هڪ فوج پهچي رهي آهي، ۽ حيلي کان سواءِ ڇوٽڪارو ڪونه ٿيندو.‘ پوءِ چيائين ته ’جيڪو پاڻي مـَـشـَـڪن ۾ هجيوَ، سو سڀ زمين تي هاري، انهيءَ جي وچان لنگهي وڃو‘ . اتفاقاً، دشمن جي فوج ۾ ٻيو ’مانسنگهه‘ ، ڦڻيءَ جي رستي هنن جي حالت معلوم ڪرڻ لڳو ۽ ڏٺائين، ته هو ’درياء‘ ٽپي ويا آهن، جنهن ڪري هو مايوس ٿي موٽي ويا، ۽ هي حيلو هنن جي آزاديءَ جو وسيلو ٿيو.“ هيءَ ته ٿوري ڳالهه آهي، پر هيءَ قوم، ڦڻيءَ جي رستي گهڻيون خبرون ڏيندي آهي.
ٻه ٽي هٿ هڪ ٻئي ۾ گڏي، زمين تي کوليندا آهن، انهيءَ جي وسيلي ڳجهيون ڳالهيون معلوم ڪندا آهن.
جگر کائيندڙ زالون (ڏائڻيون) هونديون آهن، جي پڻ غيب جي ڳالهين کان واقفيت رکنديون آهن. جيئن ’مرزا باقيءَ‘ جي احوال ۾ ظاهر ٿيندو.
”جوڳڻ“ جو علم، جو اڪثر زالن ۾ ظاهر ٿيندو آهي، راجا ڏاهر جي قصي ۾ ان جي سچائي ظاهر ٿيندي.
”ورتيه“ نالي هڪ قوم آهي، جيڪي گداگرن جي صورت ۾ ڦرندا وتندا آهن. هي دل جون ۽ گذريل ڳالهيون ٻڌائي، ماڻهن کي ٺڳيندا آهن، ۽ ايندڙ ڳالهيون ٻڌائيندا آهن، جيڪي گهٽ واقع ٿينديون آهن.
پير سڃاڻڻ جي فن ۾، ڪي ماڻهو اهڙا ته ماهر آهن، جيڪي صرف پير جي نشان مان مرد، عورت، پنهنجي يا پرائي جو فرق معلوم ڪندا آهن، ۽ جبل خواه ميدان ۾ پير نه وڃائيندا آهن، بلڪ گهڻو ڪري پاڻيءَ مان به نشان سڌو ڪڍي ويندا آهن.
ڪڇ جي سر زمين ۾ هڪ اهڙي جماعت آهي، جيڪي تتر جي آواز مان چڱائي يا برائي معلوم ڪندي آهي. اهڙيءَ طرح، ٻين پکين ۽ حيوانن جي خاص جاين تان نڪرڻ مان به برائيءَ ۽ ڀلائيءَ جي خبر ڏيندا آهن. هڪ شخص ڳالهه ڪئي، ته ”هڪ جماعت سان گڏيو ٿي ويس، ته اوچتو هڪ ماڻهوءَ چيو، ته ’توهان ڀلي پويان اچو، آءٌ تڪڙو ٿو وڃان، ڇاڪاڻ ته پکين جي آواز مان، گهر ۾ مهمانن جي اچڻ جي خبر پوي ٿي، ۽ فلاڻو عزيز هن وقت فوت ٿي ويو آهي‘ آخر ائين ئي هو، جيئن هن چيو هو.“
(اهڙيءَ ريت) هن ولايت جا ڪي عجائب، ايندڙ بيان جي ضمن ۾ پنهنجين جاين تي مذڪور ٿيندا. خاتمي ۾ جبل جا عجائبات بيان ٿيندا.
جيئن، ته وڏن ڪتابن ۾ فقط نالن ۽ واقعات جي بيان تي اڪتفا ٿيل آهي، تنهن ڪري هتي ڪجهه مشهور حالات جو مختصر طور اضافو ڪجي ٿو، ته جيئن انهيءَ احوال جي مقابلي ۾، هڪ خاص [4] طرز معلوم ٿئي.
مخفي نه رهي، ته اڳيان سنڌي ماڻهو جيئن ته فارسي زبان کان ناواقف هئا، تنهن ڪري ملڪ ۽ بادشاهن جي احوال ۾، ڪو به ڪتاب وجود ۾ ڪونه آيو. مگر سال 613 هجري ۾، اُچ جو ويٺل، علي بن حامد بن ابوبڪر ڪوفي، هن ”ماٿريءَ“ ڊوڙي (هي خيال رکي)، بکر ۽ الور جي شهر ۾ اچي پهتو، ۽ اچي عرب جي پسمانده خاندانن جي بزرگن کي ڏٺائين ۽ پڇا ڪيائين، ته جيئن کيس اسلام جي فتح جو سچو پچو احوال معلوم ٿي سگهي. نيٺ قاضي اسماعيل بن علي بن محمد بن موسيٰ بن طائي کي وڃي هٿ ڪيائين، جنهن بزرگ وٽ عربي زبان ۾ هڪ مسودو ڏٺائين، جو سندس وڏن سنڌ ۽ سنڌ جي فتح جي واقعن جي تفصيل متعلق لکيو هو، ۽ انهيءَ جو پارسيءَ ۾ ترجمو ڪيائين. انهيءَ کان پوءِ مير محمد معصوم بکريءَ، ۽ تنهن کان پوءِ مير محمد طاهر نيسانيءَ، اڪبر ۽ جهانگير جي زماني ۾ تصنيفون ڪيون. ساڳيءَ طرح ”ارغون نامو“، ”ترخان نامو“ ۽ ”بيگلر نامو“ پڻ لکيا ويا. ان کان پوءِ جا حالات، ڪنهن به بيان ڪونه ڪيا آهن.
هنن ڪاغذن جو ڪارو ڪندڙ (مصنف)، الله تعاليٰ جي تائيد ۽ توفيق سان پنهنجي وقت تائين (موجود ٿيل) متفرق ڪتابن مان چونڊ ڪرڻ جي وسيلي ]نئين سر هن ميدان تي[ وک وک کڻي ٿو، ۽ ڪن تازن احوالن جي تحقيق بابت ڊڪ ڊوڙ ڪري ٿو. اميد ته عام خواهه خاص ماڻهن کي ]سندس اهو سفر[ پسند پوندو. ”رب يسر وتمم بالخير“ (اي موليٰ آسان ڪر، ۽ خير سان پورو ڪر!)
___________
(1) ”سمندر“ نور جي شڪل جو هڪ جانور ٿيندو آهي، جو باهه ۾ رهندو آهي ۽ باهه هن کي اصل نه ساڙيندي آهي. چون ٿا، ته جيڪڏهن ڪنهن جاءِ تي باهه سؤ ورهيه ساندهه ٻرندي آهي، ته اتي سمندر پيدا ٿي پوندو آهي.
(1) اصل متن جي فارسي عبارت اجها هن طرح آهي: ”ديگر - ’علم شانہ‘ معروف بعض مردم کوه است، کہ شانرا ’مانسنگہ‘ نامند، از خطوط شانہء تازه هرچہ خواهند دريابند، وراست بواقعہ افتد“. اصل ۾ لفظ ”شانہ“ آهي، ۽ شانہ جي معنيٰ آهي ”ڦڻي“ يعني وارن کي سنوارڻ جي ڦڻي، ڪورڪي ڪم ۾ استعمال ٿيندڙ ڦڻي، جا گهڻو ڪري ڇيتين جي ٺهيل ٿيندي آهي، ۽ انهيءَ ۾ سٽ جون تندون لنگهائي اُڻندا آهن، رڍ يا ٻڪريءَ جي اڳين ٽنگن جي منڍ ۾ هڪ چپترو هڏو، جو پاسيرين سان ڳنڍيل ٿيندو آهي، وغيره. ڪتاب ۾ غالباً ”شانہ“ مان مراد رڍ يا ٻڪريءَ جي ڦڻي آهي. فارسي زبان جي اصطلاح ۾ پڻ ”شانہ بين“ اهڙي ماڻهوءَ کي چوندا آهن، جو ٻڪر جي تازي ڦڻي ڏسي ان مان ڪنهن ڳالهه بابت اڳڪٿي ڪري سگهي (ڏسو فارسي، انگريزي ڊڪشنري، تاليف اسٽينگاس). مرزا قليچ بيگ پڻ پنهنجي مخصوص انداز ۾ هن عبارت جو ترجمو هن طرح ڪيو آهي: ”اتي جي جابلو ماڻهن کي، اڳڪٿي يا غيب جي ڳالهه ڪرڻ لاءِ هيءُ هنر ايندو هو، ته هڪڙي ڇيلي کي ڪهي، هڪڙي دستي يا اڳين ران ڪڍي، انهيءَ جون ليڪون ۽ نشان ڏسي، غيب جي خبر ڏيندا هئا“ (ڏسو ”قديم سنڌ ۽ ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو“، ص 3)