سنڌ شناسي

تحفة الڪرام

سنڌ جي تاريخ تي مير علي شير قانع ٺٽويءَ جي فارسيءَ ۾ لکيل تاريخي ڪتاب ”تحفة الڪرام“ جي ٽئين جلد جو سنڌي ترجمو پيش ڪري رھيا آھيون. ھن ڪتاب جو مرتب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ سنڌيڪار مخدوم امير احمد آھي. مير علي شير قانع ٺٽوي تحفة الڪرام ڪتاب 1181هه/1767ع ۾ لکي ٽن جلدن ۾ ورهايو. حقيقت ۾ مير علي شير ’تحفة الڪرام‘ لکي سنڌ ۽ سنڌين تي وڏو احسان ڪيو آهي، جيڪڏهن هي ڪتاب نہ هجي ها تہ اڄ سنڌ جي تاريخ جو گهڻو حصو ضايع ٿي چڪو هجي ها. ھي ٽيون جلد سنڌ ۾ راءِ گهراڻي کان وٺي ڪلھوڙن جي حڪومت واري زماني جي تاريخ تي بنيادي مواد مھيا ڪري ٿو. 

Title Cover of book تحفة الڪرام

باب يارهون: تيموري (مغل) شهنشاهن جي اميرن جو طبقو

مرزا غازيءَ جي وفات کان پوءِ (جا سنہ 1021 هجريءَ ۾ ٿي)، جڏهن خسرو خان بي پرواهي ڏيکاري ۽ هندوخان سندس هٿان لاچار ٿي پري ڀڄي ويو، تڏهن مير عبدالرزاق هي احوال حـضور ۾ عرض ڪيو، جتان حڪم ٿيو، ته ڪنهن ٻئي امير جي اچڻ تائين هو خسرو خان کي بيدخل ڪري، پاڻ اهي حدون پنهنجي قبضي ۾ آڻي، تنهن ڪري خسرو خان عاقبت انديشي ڪري، جيئن مٿي بيان ٿي چڪو، ملڪ مان هٿ ڪڍي ويو.

مرزا رستم
مرزا رستم بن سلطان حسين مرزا بن بهرام مرزا بن شاهه اسماعيل صفوي، جو پهريائين قنڌار جي آسپاس ۾ راور جي سرزمين جو حاڪم هو، اوزبڪن جي خراسان تي غلبي ڪرڻ کان پوءِ، مقابلي جي طاقت نه ساري، سنہ 1002 هجريءَ ۾ اڪبر بادشاهه جي خذمت ۾ پهتو هو ۽ هميشہ ملتان جو گورنر رهندو ٿي آيو، ]سو هاڻي[ ٺٽي جو گورنر مقرر ٿيو.
”منتخب التواريخ“ ۾ لکيل آهي، ته جهانگير بادشاهه هن کي پنجهزاري ]عهدي[ سان سر بلند فرمائي، ٺٽي جي حڪومت ۽ نگراني عطا ڪري، مير عبدالرزاق معموريءَ کي، ٺٽي جي آباديءَ جي قديمي دستور ۽ هلي چليءَ موجب جمعبندي ڪري، ]جملي پيدائش[ کيس جاگير ۾ ڏيڻ جو حڪم ڪيو، تنهن کان سواءِ ٻه لک رپيا نقد، انعام ۽ مدد خرچ طور حوالي ٿيس. جيئن، ته حـضور ظل الاهي (الله جي پاڇي) کي هن صوبي جي آباديءَ جو ڏاڍو خيال هو، تنهن ڪري ]اهو ملڪ[ مٿئين مرزا کي سپاري اتي جي رهاڪن ۽ رعيت جي دلجوئيءَ ۽ مخلوق جي آرام بابت تاڪيد ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته ترخاني گورنرن جي ڀڃ ڊاهه واري وقت ۾ ]هي ملڪ[ اعتدال کان نڪري ويو هو. حـضور اعليٰ جي دل ۾ اهوئي خيال هو، ته هو انصاف ۽ عدالت جا شرط جوڳي نموني بجا آڻيندو. هن جي هن سر زمين تي اچڻ کان پوءِ معاملو ابتڙ ظاهر ٿيو. لاچار ٿوري عرصي کان پوءِ کيس موقوف ڪري، ملڪ راجا ’سنگهه سن‘ جي حوالي ڪيو ويو ۽ فيصلو ٿيو، ته هو (مرزا رستم) جيستائين فريادين کي راضي نه ڪندو، تيسين کيس درٻار ۾ حاضريءَ جي اجازت نه ملندي. ]آخر[ ٻن سالن کان پوءِ اها بندش لاهي، سروپا سان نوازي، پهريائين الله آباد جي صوبي ۽ پوءِ پٽنه ۽ بهار ]جي حڪومت[ سان سرفراز فرمايائونس. پڇاڙيءَ جو شاهجهان جي ڏينهن ۾ گوشي نشيني اختيار ڪري آگري ۾ رهڻ لڳو، ۽ نيٺ گذاري ويو. هي شعر عمدو چوندو هو، جنهن ۾ ”فدا“ (1) تخلص ڪندو هو.
سندس ڀاءُ مرزا مظفر حسين پڻ قنڌار جو والي هو، ۽ اوزبڪن جي غلبي کان پوءِ سنہ 1003 هجريءَ ۾ اڪبر بادشاهه جي خدمت ۾ داخل ٿي سنبل ]جو پرڳڻو[ ]94[ جاگير ۾ ورتائين. هن کان پڻ عمدا شعر روايت ٿيل آهن.
مرزا رستم جو پٽ مرزا مراد، شاهجهاني اميرن مان هو ۽ ’التفاتخان‘ لقب هئس. هو پڻ تيز طبع هو ۽ برجستا شعر چيل اٿس.

مرزا مصطفيٰ خان
قصو ڪوتاهه - مرزا رستم کان پوءِ مرزا مصطفيٰ خان نالي هڪ امير ٺٽي جو ناظم مقرر ٿيو.

مرزا بايزيد بخاري
هن (مصطفيٰ خان) جي موقوف ٿيڻ کان پوءِ، مرزا (1) بايزيد ابن سيد مبارڪ خان ولد لال خان ولد سيد حبيب ولد سيد يعقوب ولد سيد صالح ولد سيد موسيٰ ولد سيد ابراهيم ولد سيد اسماعيل ولد سيد يحييٰ ولد سيد محمود ولد سيد رڪن الدين ولد سيد عبدالله ولد حـضرت مخدوم جهانيان بخاري جهانگيري، جلوس جي پندرهين سال، مطابق سنہ 1028 هجريءَ ۾ دوهزاري منصب حاصل ڪري، ٻه هزار پنج سؤ سوارن سان ٺٽي جو حاڪم مقرر ٿيو. هو هن کان اڳ بکر جو فوجدار هو.

نواب شريف الملڪ
انهيءَ کان پوءِ نواب شريف الملڪ عرف شريف خان يڪ - چشم ٺٽي جو حاڪم ٿي آيو. هن جي وقت ۾ جلوس جهانگيري جي ايڪيهين سال، مطابق سنہ 1035 هجريءَ، ۾ شاهزادو شاهجهان پيءُ کان ناراض ٿي، ڪي ٿورا خاص ماڻهو ساڻ وٺي، عراق عجم ]ڏانهن وڃڻ[ جي ارادي سان ٺٽي پهتو. ٺٽي ۾ ڪجهه وقت رهڻ جو ارادو هئس، پر شريف الملڪ جنگ ڇيڙي وڌي. ڪئين دفعا ٻنهي پاسن کان توبون ۽ تفنگ ڇوڙيا ويا. شهزادي به ٽي ڀيرا شهر جي اوڀر ڏکڻ ۽ اتر کان حملا ڪري شڪست کاڌي، هڪ ڀيري مڪليءَ جي پل جي ڀرسان پير بدر جي ويجهو سخت لڙائي لڳي، جنهن جي مـُـئلن جا هڏا انهيءَ زمين ۾ اڄ تائين ڏسبا آهن.
چون ٿا، ته هڪ ڀيري شاهزادي جي بيگم، جا حامله هئي، ڪجهه ڏاڙهن جي فرمائش ڪئي، جنهن تي شاهزادي خاص پنهنجي هٿ سان هن باري ۾ خط لکيو. هن جواب ڏنو، ته ”آءٌ پاڻهي ٿو بيگم ڏانهن موڪليان“، ۽ هڪدم هڪ فرنگي توب انداز کي وٺي، بيگم جي رهڻ واري تنبوءَ ۾ گولو اڇلائڻ جو حڪم ڏيئي چيائين، ته ”هتي اجهو ههڙا ڏاڙهون ٿيندا آهن“. گولي جي صدمي کان بيگم جو حمل، جنهن جا ڏينهن پورا ٿي چڪا هئا، خطا ٿي پيو.
ڪي چون ٿا، ته شريف الملڪ پاڻ دوربينيءَ ۾ ڏسي، شاهزادي کي نشان بنائڻ جي خيال کان توب کي باهه ڏني هئي، پر اتفاقاً شاهزادو هڪدم اک ڇنڀ ۾ جاءِ مٽائي ويو هو، ۽ نشان خالي ويو. هڪدم ڪاوڙ ۾ جنهن اک سان نشان ٻڌو هئائين، تنهن جو، هٿ هڻي، دوڏو ڪڍي ڇڏيائين، ۽ انهيءَ وقت کان ڪاڻو ٿيو. جيڪڏهن اها روايت سچي آهي، ته گوياڪ سندس بري ڪم جو نتيجو کيس سندس هٿان مليو.
قصو مختصر، ته انهيءَ جي بدلي ۾ شهزادي جي تخت تي ويهڻ سان کيس شاهي سزا ملي، ۽ سندس شامت کان ٻيا عهديدار رفيق پڻ تهمت هيٺ آيا.

مرزا عيسيٰ خان
مرزا عيسيٰ وڏي جي پٽ جان بابا جو فرزند هو. مرزا غازيءَ جي تخت نشينيءَ جي ابتدا ۾ ابوالقاسم سلطان سان شورش ۾ رفيق هو، ۽ مرزا کان ڇڄي وڃي سميجن ۾ موقعي جو منتظر رهيو. ابو القاسم جي گرفتار ۽ انڌي ڪرڻ کان پوءِ، ساهه جي ڊپ کان، ]شهنشاهه اڪبر[ جي حـضور ڏانهن ڀڄي ويو، جتي ملازمن جي لسٽ ۾ داخل ٿي قسمين قسمين خدمتون ادا ڪيائين. آخر سنہ 1037 هجري ]مطابق[ آخري سال جهانگيري جي ابتدا ۾، جهانگير ]طرفان[ چار هزار سوارن جي عهدي سان ٺٽي جي حڪومت مليس، ۽ جلد ئي ڪرنال جي نگرانيءَ تي مقرر ٿيو. شاهجهاني دور تائين انهيءَ طرح خوشيءَ سان وقت گذاريندو رهيو. سندس رانئڪ مڪليءَ ۾ هر ملڪ جي تماشائين جو تماشاگاهه آهي.
چون ٿا، ته ]رانئڪ لاءِ[ پٿر پاڻ انهيءَ پاسي کان موڪليا هئائين ۽ ارڙهن سالن ۾ تيار ٿي. ان جو خرچ نورائي ديهه جي آمدنيءَ مان ٿيو، جا سندن وڏن جي قبرن جي خرچ لاءِ انعام هئي.
چون ٿا، ته رانئڪ جي تعمير هلندي مرزا وفات ڪري ويو، ۽ سندس ڪامورن کڻي ڪم بند ڪيو، ورنه مرزا جي دل ۾ خيال هو، ته وڏي نشيمن جي سامهون چئني پاسن کان جوڳا نشيمن هڪ ٻئي جي جواب ۾ تيار ڪيا وڃن.

نواب امير خان
خير ڳالهه کـُـٽائڻي - انهيءَ کان پوءِ نواب امير خان مير ’ابوالبقا‘ ولد نواب قاسم خان ’نمڪين‘ هروي بن ملا مير سبزواري ]آيو[. شاهه جهان کي جنهن صورت ۾ مٿئين شريف خان جي همراهن تي ڪاوڙ هئي، ۽ ڪڪرالي جي ڄام جي گستاخي، جو سندس لشڪر جي بازار تي حملو ڪيو هئائين، نڪامره ذات جي ڌاراجن جي راڻي ۽ مٿئين راڻي جي جاگير جي اٺن جي سنڀاليندڙ حمل جت جون سهڻيون خدمتون ]به ياد هيس[، تنهن ڪري مٿئين نواب کي شهر تي مقرر ڪري موڪليائين. هو سنہ 1037 هجريءَ جي آخر ۾ روانو ٿي ٺٽي جي شهر ۾ پهتو. ٺٽي تي مقرر ٿيل اڪثر عهديدارن کي موقوف ڪري وٺ هيٺ آڻي، ڪڪرالي جي ڄام کي شاهي سزا ڏنائين. حمل جت ۽ ڌاراجن جو راڻو، حـضور ۾ پهچي سرفراز ٿيا. اميرپور سندس آباد ڪيل آهي ۽ سندس نالي تي سڏجي ٿي. تنهن جو سبب هي آهي جو هو امير ٿيڻ کان اڳ ۾ هڪ دفعو سوار ٿي انهيءَ پاسي کان اچي لنگهيو هو، ڌنارن برپٽ ۾ سندس ڏاڍي خذمت ڪئي هئي، جنهن تي راضي ٿي سندن حال احوال پڇيو هئائين، ۽ کيس معلوم ٿيو هو، ته اها زمين ويران آهي ۽ اتي جا ماڻهو مال چاريندا آهن ۽ سندن وقت ڏکيائيءَ ۾ گذرندو آهي. هاڻي جڏهن ٺٽي جو ناظم ٿي آيو، تڏهن انهيءَ احسان جي بدلي ڏيڻ لاءِ، انهيءَ زمين جي ڪڇ ڪرائي، مٿين ماڻهن جي نالي ڪيائين، جي سندس حڪم موجب آباد ڪري ڳوٺ ٻڌي ويٺا، هاڻي ]اهو ڳوٺ[ بٺوري، بهرام پور، درڪ، ۽ پليچار جو هيڊڪوارٽر آهي.
مطلب، ته مٿيون امير هڪ عاليشان امير هو. الله تعاليٰ سندس اولاد ۾ برڪت وڌي آهي. امير خاني ماڻهو(1) اهي آهن، جي سنڌ ۽ هند ۾ وڏي عزت ۽ علم ۽ دانائيءَ جي ڪمال ۾ مشهور آهن. سندس ]امير خان[ جي دانائيءَ بابت عجيب نقل مشهور آهن.
نقل آهي، ته هڪ ڏينهن آئيني ۾ منهن ڏسي پنهنجي عڪس تي ’سلام عليڪ‘ چيائين. حاسدن هن کي دماغ جو خلل سمجهي اچي بادشاهه کي عرض ڪيو. جڏهن کيس خبر پيئي تڏهن عرض ڪيائين، ته ”مون پنهنجي عڪس تي سلام هن ڪري ڪيو هو، جو پنهنجي سونهاريءَ ۾ ٿورا اڇا وار ڏسڻ ۾ آيم، ۽ انهيءَ خوشيءَ ۾، ته حـضور اعليٰ جي تربيت جي پاڇي ۾ ٻڍو غلام ٿيو آهيان، پنهنجي سونهاريءَ جي تعظيم بجا آندم“. سندس هي عرض حـضور کي پسند آيو. هن عقلمنديءَ ڪري سونهاريءَ جون اهي چڳون بلڪل ڇڏي ڏنيون هيون، جيڪي سندس خيال موجب مڇن کي تاب ڏيئي رهيون هيون. سندس نشانن مان چوڪ عبدالغني ۽ ملڪ مان جي وچ ۾، محلي ڀائيخان ۾، هڪ مسجد، جا هندن جي مڙهي ڊاهي ]ٺاهي ويئي هئي[، يادگار آهي. سندس رانئڪ مڪليءَ جي مقام ۾ آهي. سندس اولاد گهڻو ڪري بزرگ ٿيندا آيا آهن، جيئن ته ضياءُ الدين سيوستان جو فوجدار، ]95[ شمس الدين ۽ ملتفت خان، پنهنجي وقت جو محقق ۽ ولي مير ابو المڪارم تخلص ”مشهود“، جنهن جو بيان اڳتي ايندو، پڻ سندس اولاد مان آهي، (پڻ) عقلي ۽ نقلي علمن جو جامع مير عبدالرزاق پنهنجي وقت جي عجائبات مان هو.
چون ٿا، ته هو ڪن لفظن اچارڻ ۾ هڪڙ هو. پنهنجي صحيح تدبير سان انهيءَ کي بلڪل لڪائي ڇڏيو هئائين. ڇاڪاڻ، ته جن اکرن جي اچارڻ ۾ هٽڪ ٿيندي هيس، اهي اکر ڳالهائڻ بند ڪري ڇڏيا هئائين. ]ڪمال وري اهو جو[ هر زبان ۾ انهيءَ موجب ڳالهائيندو هو، ۽ جيڪڏهن ڪنهن وقت هڪ ٻوليءَ ۾ بند ٿيندو هو، ته يڪدم ٻي ٻولي ڳالهائڻ شروع ڪندو هو، سندس سمجهه جي قوت، ٻوليءَ تي ضابطو ۽ علمن جي جامعيت جو اندازو انهيءَ مان ڪري سگهجي ٿو.
مثال: واصل بن عطا وڏو فصيح هو، پر ’السع‘ هو، السع انهيءَ کي چوندا آهن، جيڪو ”را“ جي اکر کي اچاري نه سگهي، تنهن ڪري هو اهو تڪلف ڪندو هو، جو ”ر“ جو اکر ڪلام ۾ مطلق نه آڻيندو هو. هڪ ڏينهن کانئس پڇيائون، ته ’نيزو اڇلائي گهوڙي تي چڙهه‘ کي عربيءَ ۾ ڪيئن چيو ويندو؟ ”مطلب هو، ته هو چوندو: ”اطرح رمحک وارکب فرسک“، پر هن في البديهه چئي ڏنو: ”الق قناتک و اعل جوادک“.

نواب مظفر خان جهانگيري
بهرحال، امير خان کان پوءِ نواب مظفر خان جهانگيري عرف مير عبدالرزاق معموري، جو مٿي لکڻ موجب لوڌي خان کان پوءِ ترخان گهراڻي کان ورتل پرڳڻن جو امين هو ۽ خسرو خان کان پوءِ امانت سان گڏ ٺٽي جو ضابطو پڻ سندس هٿ ۾ هو، سو بالاستقلال ناظم مقرر ٿيو. ٺٽي جي گودري بازار واري جامع مسجد سندس نشانين مان آهي، جا امين هجڻ واري زماني ۾ ٺهرائي هئائين، ۽ ’خضري مسجد‘ جي نالي سان مشهور آهي. چون ٿا، ته اها پهريائين هندن جي مڙهي هئي، جنهن کي ’نهال درياءَ‘ چوندا هئا، مٿئين نواب سنہ 1017 هجريءَ ۾ اها ڀڃي جامع مسجد ٺهرائي.

سيد ابراهيم
تنهن کان پوءِ مٿي ذڪر ٿيل مير بايزيد بخاريءَ جي پٽ سيد ابراهيم کي حڪومت ملي.

نواب مغل خان
پوءِ سنہ 1057هجريءَ مطابق سنہ 21 جلوس شاهجهانيءَ ۾ نواب مغل خان ٺٽي جي حڪومت تي مقرر ٿي آيو. ڇهه سال مرادون ماڻيائين. سندس حڪومت جي عرصي ۾ سنہ 1059 مطابق سنہ 23 جلوسيءَ ۾ ٺٽي جو ملڪ شهزادي اورنگزيب جي حوالي ٿيو. بکر ۽ سيوستان جو علائقو شرطي زمينداريءَ طور عنايت ٿيو، تنهن کان اڳ ملتان جو صوبو انهيءَ شاهي تاج جي هيري کي تنخواه ۾ جاگير مليو هو، تنهن ڪري قاعدي موجب صوبي جا گورنر سندس نائب بنجي ساڻس واسطا رکڻ لڳا.

نواب ظفر خان
انهيءَ کان پوءِ سنہ 1063 هجريءَ مطابق سنہ 37 جلوسيءَ ۾، نواب ظفر خان ٺٽي جو نائب مقرر ٿيو. هو ڇهه سال رهيو، ۽ صاحبقران ثاني ]شاهجهان[ جي ڏينهن جو آخري حاڪم هي هو. ’مشڪين باغ‘ ، جنهن جو فقط نالو وڃي رهيو آهي، هن ٺهرايو هو.
هن جي ڏينهن ۾ شاهجهاني جلوس جي اوڻٽيهين سال مطابق سنہ 1065هه، ۾ داراشڪوه جو پٽ سپهر شڪوه، هفت هزاري عهدي سان ٺٽي جو سردار مقرر ٿي آيو. شهر جو اڳيون ناظم سندس نائب مقرر ٿيو.

قباد خان

جڏهن صاحبقرآن ثاني (شاهجهان) جي فرزند گرامي، بادشاهه اورنگزيب عالمگير جو وارو آيو، تڏهن سنہ 1069 هجريءَ ۾ قبادخان آيو. اتفاقاً سندس ڏينهن ۾ هن ملڪ جي رهاڪن تي سخت ڏڪار ۽ وبا جي مصيبت آئي، تنهن سان گڏ شهزادو محمد دارا شڪوه به اچي وارد ٿيو، جنهن جي لشڪر جي اچڻ ڪري هيڪاري نئين مصيبت پيدا ٿي.
مشهور آهي، ته ٺٽي ڏانهن اچڻ وقت، دارا شڪوه ]96[ دل ۾ سمجهي رهيو هو، ته اُتي جو قلعو رهڻ جي لائق هوندو، ]سو قلعو[ ڏسڻ سان چاهيائين، ته ”هيءُ ڪنهن جي حويلي آهي؟“ جڏهن ٻڌائين، ته دار الحڪومت ۽ قلعي جو شاهي محلات اهو آهي، تڏهن ڪاوڙجي ٻاهر نڪري انهيءَ کي باهه ڏيڻ جو حڪم ڏنائين. حڪم موجب شهر جي گهاٽ کي باهه ڏنائون. ’سوخـة گهاٽ‘ نالو اتان پيو.

نواب لشڪر خان
خير- قباد خان کان پوءِ، سنہ 1071 هجريءَ مطابق سنہ 3 جلوس عالمگيريءَ ۾، نواب لشڪر خان ٺٽي آيو، ۽ چار سال رهيو.

نواب غضنفر خان
پوءِ نواب غضنفر خان(1) سنہ 1075 هجريءَ مطابق سنہ 7 جلوس عالمگيريءَ ۾ ٺٽي ۾ آيو، ۽ ٽي سال رهي گذاري ويو.

نواب سيد عزت خان عرف عزت پير
پوءِ نواب عزت خان عرف عزت پير، جو بکر جو فوجدار هو، سنہ 1078 هجريءَ مطابق 10 جلوس عالمگيريءَ ۾، ٺٽي جي نوابيءَ جي عزت لڌي ۽ پورا ٻه سال گذاريائين.

نواب ابونصرت خان
ان کان پوءِ عالمگير بادشاهه جو مامون نواب ابو نصرت خان، جو هڪ ديندار ۽ پرهيزگار امير هو ۽ شعر گوئيءَ ۾ پڻ مهارت هيس، سنہ 1080 هجريءَ مطابق(2) سنہ 12 جلوس عالمگيريءَ ۾ ٺٽي جو ناظم ٿي آيو، ۽ ٻه سال گذاريائين.

نواب سعادت خان
انهيءَ جي موقوف ٿيڻ کان پوءِ، سنہ 1082 هجريءَ مطابق سنہ 14 جلوسيءَ ۾ نواب سعادت خان کي ٺٽي جي صوبيداري ملي.

نواب سيد عزت خان
اٽڪل ٻن سالن گذرڻ کان پوءِ، وري نواب سيد عزت خان ٻيو دفعو سنہ 1084 هجريءَ مطابق 16 جلوسيءَ ۾ ٺٽي جو ناظم ٿي آيو، ۽ ڇهه سال حڪومت هلايائين.

نواب خانه زاد خان
انهيءَ کان پوءِ، سنہ 1090 هجريءَ مطابق سنہ 22 جلوسيءَ ۾، نواب خانه زاد خان ٺٽي جي ڪاروبار جو ناظم ٿي آيو، ۽ اٽڪل پنج ورهيه گذاريائين، هن کي شعر ۾ چڱو ملڪو هو، سند شعر ڪتابن ۾ موجود آهن.

نواب سردار خان
هن جي موقوف ٿيڻ کان پوءِ، سنہ 1095 هجريءَ مطابق سنہ 27 جلوسيءَ ۾، نواب سردار خان ملڪ جي سرداري ماڻڻ لڳو. هو پورا ٽي سال رهيو. تقديراً سندس ڏينهن ۾ نهايت سخت وبا ۽ ڏڪار منهن ڪڍيو، ۽ انهيءَ وقت جي موت ۽ لڏ پلاڻ ڪري جيڪي هنڌ ويران ٿيا، سي وري ڪين وسيا.

نواب مريد خان
هن جي موقوف ٿيڻ بعد، 1099 هجريءَ مطابق سنہ 30 جلوسيءَ ۾ نواب مريد خان، جو اصل ۾ نومسلم راجا زادو هو، ٺٽي جو حاڪم ٿي آيو. چون ٿا، ته ساڻس ڪيترائي هزار راجپوت ساڻ هئا. شهر جي گهاٽ وٽ پهچڻ تي جڏهن معلوم ٿيس، ته شاهي محلات جي قلعي تائين پهچڻ ۾ ڳئون ڪـُـهندڙن قاصاين جي بازار مان ضرور لنگهڻو پوندو، تڏهن ڪجهه هنن جي پاس خاطريءَ ۽ ڪجهه پنهنجي اصليت جي اثر کان ٺٽي جي قاضيءَ، قاضي حسين ڏانهن پيغام موڪليائين، ته ”مون سان راجپوت قوم جي هندن جي وڏي جماعت ساڻ آهي، تنهن ڪري ڳئون ڪـُـهندڙن قاصاين جا دڪان رستي تان کڻائي ڇڏيو، متان هنن ماڻهن کي اها ڳالهه نه وڻي ۽ تڪليف پيدا ڪن“. جيئن ته شرع پرور بادشاهه جو قانون ههڙن ماڻهن جي مجبور ڪرڻ ۽ ڊيڄارڻ کان بيپرواهه هو، تنهن ڪري قاضي صاحب راتو رات قاصاين کي بازار جي ٻنهي پاسن، ]97[ دستور موجب، اڳيئين کان اڳرن دڪانن سينگارڻ جو تاڪيد ڪيو. مٿيون ناظم، دين پرور شهنشاهه جي حڪم جي تعميل ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو نه ڏسي، لاچار اڳين حاڪمن وانگيان انهيءَ رستي تان لنگهي ويو ۽ ٻه سال ٺٽي ۾ مقرر رهيو.
جنهن صورت ۾ سندس لشڪر کان مسلمانن کي ڏاڍي تڪليف ٿي پهتي، تنهن ڪري مکيه ماڻهن جي عرض ڪرڻ تي هن نموني جو شاهي فرمان آيو، ته ”سندس ’هيٺيان ٻه نقطا مٿان ڪري (مريد = مرتد) کي مسلمانن تي حڪومت ڪرڻ کان موقوف ڪريو.“ موقوف ٿيڻ کان پوءِ اکين جي ديد جهڪي هجڻ جي بيماريءَ سببان تغلق آباد عرف ڪلان ڪوٽ جي آبهوا طبع جي موافق ڏسي، ڪجهه وقت اتي ويٺو رهيو، ۽ بادشاهه پڻ سندس دلجوئيءَ خاطر ڪا به روڪ ڪانه ڪئي. قلعي جي ٿوري تعمير ۽ تغلق آباد جي ڪجهه آبادي انهيءَ جي ڪرايل آهي.

نيٺ جڏهن ٻيو ناظم ٺٽي ۾ ويهي دخيلڪار ٿيو، تڏهن هن کي حـضور ۾ گهرايو ويو.

نواب زبردست خان
نواب مريد خان جي حڪومت جي پوين ڏينهن ۾ سنہ 1101 هجريءَ مطابق 33 جلوسي، ٺٽي ۾ آيو، پر انهن ئي ڏينهن ۾ گذاري ويو(1)

نواب ابونصرت خان
انهيءَ کان پوءِ ساڳئي سال ۾ نواب ابو نصرت خان ٻيو دفعو آيو، ٻه سال ۽ ڪي مهينا گذاريائين.

نواب حفظ الله خان
هن جي موقوف ٿي هلئي وڃڻ کان پوءِ، شاهجهان بادشاهه جي وزير سعد الله خان جو پٽ نواق حفظ الله خان، سنہ 1103 هجريءَ مطابق سنہ 35 جلوسيءَ ۾، ٺٽي ۽ سيوستان جو حاڪم ٿي آيو. هي هڪڙو سخي ۽ صاحب توفيق امير هو. پيغمبر عليہ الصلواة والسلام جي عرس جي موقعي تي هزار ماڻهن لاءِ شاهاڻو دسترخوان پکيڙيندو هو، ۽ اول توڙي آخر ۾ پاڻ ڪؤنرو هٿ ۾ کڻي هٿ ڌئاريندو هو، جنهن وقت شاهزادو محمد معز الدين، ميان دين محمد (ڪلهوڙي) سرائيءَ کي پڪڙي آيو هو، تڏهن هن کي سيوستان واري درياءَ تي پـُـل ٻڌڻ جو حڪم ٿيو هو. جڏهن ڏٺائين، ته شيخ عبدالغني ٺٽي واري کان سندس حڪم موجب دل گهرئي نموني تي ڪم نٿو ٿي سگهي، تڏهن پاڻ بنفس نفيس بندوبست ڪيائين، ۽ سج جي گرميءَ جي جهڙپ کان سندس طبعيت کي تڪليف پهتي، جنهن جي سستيءَ کان سنہ 1112 هجريءَ ۾ سيوستان ۾ گذاري ويو. مير غلام علي آزاد،”يدبيضا“ سندس تاريخ، قرآن شريف جي هن آيت مان ڪڍي آهي: فَلَهُمْ جَنَّاتُ الْمَاْوي نُزُلاً بِمَا كَانُوْ يَعْلَمُوْنَ (سندس عملن جي انعام ۾ کين رهڻ لاءِ جنتون ڏنيون ويون آهن). ٺٽي جي حاڪم جي رهڻ وارو قلعو، جو اڃا تائين باقي آهي، انهيءَ جو ٺهرايل آهي. هن جي اڻ پوري رهڻ جو سبب هي هو، ته سوانح نگار(1) ]بادشاهه جي[ حـضور ۾ عرض پيش ڪيو، ته ”مقصد شهر پناهه ]ٺهرائڻ[ هو، پر هي پنهنجي حويليءَ لاءِ قلعو ٺهرائي رهيو آهي“، تنهنڪري انهيءَ جي خرچ جي مجرائي ڪانه ملي ۽ ڪم جتي هو اُتي رهجي ويو. باقي حـصو، مرزا باقي ترخان جي ڏينهن وارو، قائم رهندو آيو. ڪماليت ۽ بلاغت جي صاحب هجڻ ڪري شعر ڏاڍو لطيف چوندو هو.

سعيد خان
عرف خانه زاد خان سعيد خاني چنگيزخاني، سنہ 1113 هجريءَ مطابق سنہ 45 جلوسيءَ ۾، ٺٽي ۽ سيوستان جو ناظم مقرر ٿيو. پاڻ سيوستان ۾ ويهي پنهنجي پٽ ارشد خان کي ٺٽي موڪليائين.

مير امين الدين خان حسين
پوءِ مير امين الدين خان حسين ولد سيد ابو المڪارم، تخلص ”مشهود“، بن مير ابو البقاء عرف امير خان، جنهن جو ذڪر مٿي ٿي آيو، سنہ 1114 هجريءَ مطابق سنہ 46 جلوسيءَ ۾ ٺٽي جي حڪومت سان سرفراز ٿيو. ]98[ هو هڪ عاليقدر امير هو. گهڻو وقت ڪتابن جي مطالعي ۽ عالمن جي صحبت ۾ مشغول رهندو هو. چوڏهن علمن جي بيان ۾ ڪتاب ”رشحات الفنون“ ۽ ڪتاب ”معلومة الافاق“ سندس تصنيفات مان مشهور آهن.

”معلومة الافاق“مان ٻه نقل هتي لکجن ٿا:
نقل - عالمگير جي پوين ڏينهن ۾ ٺٽي جي سماواتي پرڳڻي ۾ نيلوفري ڍنڍ تي، جتي اڪثر برهمڻ، هندو ۽ چاچڪ رهندا آهن، هڪ چاچڪياڻي عورت کي ڇهين مهيني جو ڪچو ٻار ڄائو، جنهن کي انساني عضون مان ڪوبه عضوو ظاهر ڪونه هو. کيس چـُـرندو پـُـرندو ڏسي پيءُ ماءُ کي سندس پورڻ تي دل نه ٿي، ۽ سندس نگرانيءَ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. نيٺ رفتي رفتي انساني عضون، جهڙوڪ: اکيون، ڪن، نڪ، چپ، منهن، هٿ ۽ پير وغيره، جون نشانيون ظاهر ٿيڻ لڳيون. جيئن ٻار ڄمڻ جي پوري مدت گذري، تيئن هو به صحيح سالم عضون وارو ٻار بنجي پيو ۽ کير ڌائڪ ٻار وانگيان ماءُ جي ببن مان کير ڌائڻ لڳو. سندس پيءُ ماءُ کيس عمرڪوٽ وڃي پاليو. هو ڳالهائيندڙ ۽ اباڻي فن جو ماهر ٿي پيو، ۽ پندرهن سالن تائين جيئرو هو.
مثال - مادي شينهڻ جڏهن ٻچو ڄڻيندي آهي، جو ڄمڻ وقت فقط هڪ گوشت جو ٽڪرو هوندو آهي، ۽ منجهس ڪابه چـُـرپـُر يا حس ڪانه هوندي آهي. هو ٽن ڏينهن تائين انهيءَ حالت ۾ هوندو آهي ۽ شينهڻ هن جي نظرداري ڪندي آهي. تنهن کان پوءِ سندس پيءُ ايندو آهي، جو هن کي لاڳيتيون ڦوڪون ڏيندو آهي ۽ هو چرڻ پرڻ ۽ ساهه کڻڻ ۽ شڪل وٺڻ لڳندو آهي. پوءِ سندس ماءُ اچي کيس کير پياريندي آهي، ۽ هو صورت وٺڻ کان پوءِ ستن ڏينهن گذرڻ کان بعد اکيون کوليندو آهي، ۽ ڇهن مهينن کان پوءِ وقت گذران هٿ ڪرڻ سکندو آهي (عجائب الحيوانات، بحوالہ ”عين الحيات منتخب حيات الحيوان“).
نقل - عالمگير جي ڏينهن ۾، شهر ۾ هڪ حاملا عورت کي سور ڇهه ڏينهن هليا، پر ڇوٽڪارو ڪونه ٿيو. تنهن کان پوءِ (سور لهي ويا) ۽ اهو خيال بلڪل دفع ٿي ويو. ٿوري وقت کان پوءِ، قادر ڪارساز جي قدرت سان، انهيءَ عورت جي ران جي پاڙ ۾ ڦرڙي پيدا ٿي، جا وڏي ٿي ڦاٽي، ۽ انهيءَ مان هڪ ڇوڪري پيدا ٿي. زخم مرهمن رکڻ سان ميٽجي ويو، ۽ ڇوڪري ستين سال گذاري ويئي. تمثيل - عنايت خان نالي هڪ ٺٽي ۾ رهندڙ پٺاڻ جي زال ويم جي سورن ۾ گذاري وئي. اٽڪل ٽن سالن جي عرصي کان پوءِ، پاڙي جون زالون ڪنهن زيارت جي موقعي تي مڪليءَ جي مقام ۾ ويون. سندن ٻار راند روند ۾ مشغول هئا، ته انهن جي شور ۽ غل تي قبر مان هڪڙو ننڍڙو ٻار منهن ٻاهر ڪڍي، وري اندر هليو ويو. ٻارن هيءُ نئين ڳالهه ڏسي دهشت زده ٿي وڃي پنهنجن مائرن سان ڳالهه ڪئي، جن اچي ڏٺو، ته مٿئين پٺاڻ جي زال جي قبر ۾ انساني شڪل جو هڪ ٻار ڏسڻ ۾ ٿي آيو. وڃي هن کي ٻڌايائون، اچي جاچ ڪيائين، ته معلوم ٿيس ته اها عورت قبر ۾ صحيح سالم ستي پئي آهي، سندس بـُـبـُـن ۾ کير موجود آهي، ۽ هي ٻار جو انهيءَ مان پيدا ٿيو آهي، سو سندس بـُبُن مان کير ڌائي رهيو آهي. آخر هزارين حيلن سان اهو پٽ مئل ماءُ کان ڇني، گهر وٺي آيا، پر جيئن، ته سندس تربيت جو ڪجهه عرصو قبر ۾ گذري چڪو هو، تنهن ڪري هو فقط هيوليٰ (مادي صورت) رهيو ۽ ڳالهائي يا ٻڌي نٿي سگهيو. هو وڏي عمر ماڻي طبعي موت ۾ گذاري ويو. ڪتاب جي لکندڙ اهو ماڻهو ڏٺو هو ۽ هن جو احوال سندس عزيزن کان ٻڌو هو. سندس وفات تي هن وقت تائين اٽڪل ٿورا ڏينهن گذريا هوندا.

نواب يوسف خان ]ترمذي[
قصو ڪوتاهه - هن کان پوءِ، سنہ 1115 هجريءَ مطابق سنہ 47 هجري جلوسيءَ ۾، نواب يوسف خان ]ترمذي[ ٺٽي جو حاڪم ٿي آيو، ۽ هڪ سال کان پوءِ موقوف ٿيو.

نواب احمد يار خان
پوءِ نواب احمد يار خان - اصل برلاس قوم جو (ماڻهو)، سندس وڏا لاهور جي علائقي خوشاب ۾ رهندا هئا، سندس پيءُ الله يارخان لاهور ۽ ملتان جو گورنر ۽ اٽڪل چاليهه سال غزنين جو فوجدار هو، جيئن ٻئي جلد ۾ مذڪور آهي. مطلب ته مٿيون ]نواب[سنہ 1116 هجريءَ مطابق سنہ 48 جلوسيءَ ۾ ٺٽي جو ناظم ٿي آيو، ۽ ٽي سال حڪومت ڪيائين. هي ]اڃا[ عهدي تي برقرار هو، ته عالمگير بادشاهه سنہ 1118 هجريءَ ۾ 26 ذوالقعد تي گذاري ويو ۽ سندس وڏو پٽ بهادرشاهه پهرين محرم سنہ 1119 هجريءَ تي تخت نشين ٿيو. شاهي محلات جي قلعي جي اڀرندي دروازي جي سامهون عاليجان ]واهه[ واري پـُـل سندس نشاني آهي.

نواب سعيد خان بهادر
پوءِ، مٿئين سعيد خان جو پٽ نواب سعيد خان بهادر عرف عطر خان سنہ 1119 هجريءَ ۾ بهادر شاهه جي حڪم سان ٺٽي آيو، ۽ هڪ سال ۽ ڪجهه مهينن کان پوءِ موقوف ٿيو.

نواب مهين خان
سنہ 1121 هجريءَ ۾ نواب مهين خان ٺٽي جو ناظم ٿي آيو.

نواب شاڪر خان
پوءِ، سنہ 1123 هجريءَ ۾، ٺٽي جي حڪومت نواب شاڪر خان کي ملي.

نواب مهين خان
انهيءَ ئي سال نواب مهين خان ٻيو دفعو آيو. هن جي ڏينهن ۾ بهادرشاهه سنہ 1124 هجريءَ ۾ گذاري ويو، ۽ سندس پٽ معز الدين جهاندار شاهه گاديءَ تي ويٺو.

نواب خواجہ محمد خليل خان
ساڳئي ئي سال نواب خواجہ محمد خليل خان ناظم ٿي آيو. انهيءَ ئي سال نون مهينن جي عرصي اندر جهاندار شاهه کي لاهي، بارهه جي سيدن جي مدد سان فرخ سير گاديءَ تي ويٺو.

نواب عطر خان
]فرخ سير جي گاديءَ تي ويهڻ سان[ مٿئين سعيد خان جي پٽ سعيد خان (جنهن جو ذڪر پڻ مٿي ٿي آيو آهي) جو پٽ عطرخان ٺٽي آيو. هي ننڍي عمر جو ناتجربيڪار هو، سندس ڪاروبار سمورو محمد يعقوب ڪشميريءَ جي هٿ ۾ هو، تنهنڪري ٿوري وقت ۾ سندس انتظام بگڙي ويو، ۽ مير لطف علي خان سان (جنهن جو بيان اڳتي ايندو) کيس ڊگهي لڙائي ڪرڻي پيئي. جنهن صورت ۾ مٿئين مير جي حـضور ۾ ڏاڍي رسائي هئي، تنهن ڪري ظاهري شان و شوڪت ۽ موروثي بهادريءَ هوندي به، پوري سال جي گهيري، مورچن جي جنگ ۽ گهڻين اٽڪلن ويڙهائڻ کان پوءِ جنگ جي صف ۾ سوڀارو ٿيندي ٿيندي اوچتو قتل ٿي ويو.

مير لطف علي خان
مير محمد شفيع نالي، جنت آشيان عارفن جي اڳواڻ، مير محمد يوسف رضوي بکري (جنهن جو بيان اڳتي ايندو)، جي اولاد مان هو. مٿئين عطر خان کان ملڪ کسي خودمختياريءَ جو دم هڻڻ لڳو. هو هڪ سال گهيري ۾ رهي، ]بادشاهه جي[ حـضور ۾ پنهنجي پوري رسائي ڪري، هن ]عطرخان[ کي جنگ جي صف ۾ قتل ڪري، بالاستقلال حاڪم بڻجي ويٺو. هن جي حڪومت جي ابتدا سنہ 1125 هجريءَ کان پوءِ آهي. سنہ 1127 هجريءَ ۾ عطرخان جي قتل کان پوءِ ]99[ ’شجاعت علي خان‘ لقب مليس. هڪ سال وڌيڪ حڪومت هلايائين. هن کان اڳي يا هن کان پوءِ وڏن وڏن عهدن تي مقرر ٿيندو آيو، ۽ ڏاڍي عزت ۽ آبروءَ سان زندگي گذاريائين. ساڻس بهادري ۽ عزت ۾ سندس مٽ ٺٽي ۾ ڪي ٿورا پيدا ٿيا، ڪوبه حاڪم سندس سامهون مـُـڇن کي وَٽ نه ڏيندو هو. نهايت قابل ماڻهو هو، نثر ۽ نظم جو عمدو ملڪو هئس، ”همت“ تخلص ڪندو هو. آخر سنہ 1145 هجريءَ جي پوري ٿيڻ تي گذاري ويو. مير محمد حسن شاعر، سندس تاريخ ’اَدْخَله في الجَناتِ‘ مان ڪڍي آهي.
سندس فرزند رشيد مير غضنفر علي ۽ مير ذوالفقار علي حد درجي جي بزرگيءَ جي خوبين سان سينگاريل آهن. مير غضنفر علي 1183 هجريءَ ۾ گذاري ويو، ۽ مير ذوالفقار علي وڏن جو يادگار باقي آهي. الله تعاليٰ مٿئين خان جي اولاد ۾ ايتري، ته برڪت وڌي آهي، جو سندس پوٽن خواهه ڏهٽن مان مردن ۽ عورتن جو تعداد پنجاهه کان مٿي آهي، شل الله تعاليٰ اهلبيت جي گهراڻي ۾ اهڙي برڪت وجهندو رهي.

نواب اعظم خان
نواب اعظم خان ولد صالح بن فدائي خان، خان جهان بهادر عرف مير بابا ڪوڪلتاش جو پوٽو. خافي سيدن مان هو. هو مير لطف علي خان جي موقوف ٿيڻ کان پوءِ، 1128 هجريءَ مطابق سنہ 5 فرخسيريءَ ۾، ٺٽي جو ناظم مقرر ٿيو. پهريائين ٿوري وقت لاءِ سندس پاران خواجہ محمد خليل آيو، ۽ پوءِ پنهنجي سر اچي پهتو، ۽ اٽڪل چار ورهيه حڪومت هلايائين.
اتفاقاً، سندس اچڻ، ملڪي ماڻهن لاءِ قسمين قسمين آزارن جو باعث ٿيو، جهڙوڪ: ڏڪار، ۽ حق کي سڃاڻندڙ، شرعيت جي بنياد رکندڙ حقيقت جي سمنڊ جي دريتيم طريقت جي رمزن جي عارف ۽ عليم، خدا آگاهه مرشدن جي مرشد، شيخ عنايت الله صوفيءَ جي شهادت جو واقعو.
چون ٿا، ته اهو الله وارو، بٺوري پرڳڻي ۾ غازياهه (شايد غازي واهه) جي ڪناري تي، جهوڪ عرف ميرانپور جي ڳوٺ ۾، خدا پرست صوفين جي جماعت سان، الله جي يادگيريءَ ۾ مشغول هو، ته بلڙيءَ جي سيدن جي اڻبڻت (ڇاڪاڻ، ته سندس خاندان جا فقير هن نئين سلسلي جي ترقي ڏسي انهن کان ڇڄي هنن سان ملي رهيا هئا) ۽ نور محمد پليجي ۽ حمل جت جهڙن زميندارن جي چرچ تي (ڇاڪاڻ، ته انهن جي زمين ۾ فقير اثر ۽ رسوخ پيدا ڪندا ٿي رهيا) مٿئين ناظم، حـضور ۾ عرض ڪري، خدا يار خان عباسي (ميان يار محمد ڪلهوڙي) ۽ ٻين راڄن جي نالي امداد جو فرمان جاري ڪرائي، بي انداز لشڪر وٺي مٿن حملو ڪيو. پورن چئن مهينن جي گهيري ۽ فقيرن جي راتاهي جي ڌڪ سهڻ کان پوءِ، جنهن ۾ ٻاهرين جي بربادي اچي قريب پهتي هئي، آخر هڪڙي فقير غلطي ڪري اسم ذات (الله) جو نعرو هنيو، ۽ ٻيا به انهيءَ نعري ۾ ساڻس گڏجي پيا، جنهن ڪري پنهنجا پراوا ظاهر ٿي پيا، ۽ گهڻا ترار جو لقمو بڻايا ويا، ]تاهم[ اندرين تي فتح حاصل ڪرڻ امڪان کان ٻاهر هئي، تنهن ڪري ٺڳي ڪري انهن کي صلح سان وٺي، نائين صفر 1130 هجريءَ تي، جيڪي ڪرڻو هئس ڪري، ٺٽي ]100[ موٽي آيو، ۽ لشڪر جي خرچ جي عيوض واپارين تي پائو وجهڻ شروع ڪيائين. مخدوم رحمت الله طالب علم، جو وقت جو محقق ۽ پير هو، سوکيس منع ڪرڻ لڳو. جڏهن ڏٺائين، ته باز نٿو اچي، تڏهن انهيءَ لاءِ، ته من سندس اک کلي، هو شهر کان ٻاهر نڪري ويو، پر جنهن صورت ۾ مٿئين ناظم جي حق شناسيءَ جون اکيون لالـــچ جي ڪري بند ٿي چـُـڪيون هيون، تنهن ڪري انهيءَ ظاهري ۽ باطني علمن جي جامع (مخدوم) کي شهر جي ٻاهران آڻي، زنجيرن ۽ ڳـَـٽن ۾ ٻڌرائي، ڪيترو وقت قيد رکيائين جنهن ڪري اڪثر خدا وارا ۽ عام خلق مٿس ناراض ٿيا.

نواب مهابت خان
قصو ڪوتاهه، جڏهن فرخ سير رفيع الدرجات بن رفيع الشان ۽ رفيع الدوله، جنهن جو شاهجهان ]ثاني[ لقب هو، جي خلافت جي ستاري غائب ٿيڻ کان پوءِ، 1131 هجريءَ ۾، محمد شاهه بادشاهه غازيءَ جي شهنشاهيت جو سج حڪومت جي آسمان تي هميشہ لاءِ اڀريو (تخت تي ويٺو)، تڏهن شاهه عالم بهادر بادشاهه جي وزير اعظم محمد منعم خان، خان خانان جو پٽ نواب مهابت خان، سنہ 1132 هجريءَ مطابق سنہ 2 جلوسيءَ ۾ ٺٽي تي مقرر ٿيو. هو وڏيءَ عزت وارو امير، ڪم آزار، غريب پرور ۽ سير سلوڪ کان واقف هو. هميشہ فقيري ۽ ڪمال جي صاحبن سان صحبت رکندو هو، شاعرن سان پڻ چٽا ڀيٽي هوندي هيس. شعر جي واديءَ ۾ استادن طرح ڊڪ ڊوڙ ڪندو هو، ۽ ”ڪاظم“ تخلص هوندو هئس. خدا ]پاڪ[ جي مرضيءَ سنہ 1135 هجريءَ ۾ هن سر زمين ۾ گذاري ويو، ۽ سندس لاش لاهور جي رستي کان کڻي ويا.

سلطان محمود خان
کانئس پوءِ سندس صغير پٽ سلطان محمود خان جانشين ٿيو. جيئن ته ڪامورا اڪثر ماليات کائي ٿي ويا، تنهن ڪري فوتي نواب جي بيگم پٽ جي ڪاروبار سنڀالڻ لاءِ رضي محمد خان کي موڪليو هو. سنہ 36 (1136 هجري) ۾ اچي هڪ سال رهيو. پر شاهي محلات واري قلعي ۾ اندر جاءِ نه مليس. نيٺ ٻئي سال نواب سيف الله خان ناظم مقرر ٿيو، ۽ سندس پاران هالا ڪنڊي (هالا) واري سانوريہ قوم جي شاهه عبدالغفور جو ڀاءَ عبد السميع خان نائب ٿي ٺٽي آيو. ]هاڻي[ سلطان محمود خان موقوف ٿي موٽي هليو ويو، پر رضي محمد خان ]اڃا به[ حڪومت جي آسري ۾ ڪي ڏينهن ترسي پيو، ۽ تڪليف هيٺ آيو. هو نواب سيف الله جي اچڻ کان پوءِ دل شڪستو ٿي نڪري ويو.
چون ٿا، ته مٿئين نواب کيس نوڪريءَ جي تڪليف ڏني، پر هو پنهنجي ڪم جي رونق نه ڏسي موٽي هليو ويو. سندس رفيقن مان مرزا عبدالغفار، آقا عبدالڪريم، مرزا محمد حسين ۽ آقا محمد صادق، جن مان هر هڪ نامي گرامي هو، هتي رهجي پيا ۽ ڪافي ترقي ڪري پنهنجي کـُـٽيءَ گذاري ويا.

نواب سيف الله خان
اصل ۾ نواب ابراهيم خان ولد علي مردان خان جو محافظ (باڊي گارڊ) هو، ۽ مهيني ذو الحج سنہ 1137 هجريءَ ۾ ٺٽي آيو. هو هڪ عاليشان ۽ بلند مڪان امير هو. سندس ڏينهن ۾ ٺٽي، جيڪا رونق ورتي، سا وري خدا نصيب ڪري. ساڻس گڏ وڏا وڏا بزرگ هئا، ۽ هو بزرگن سان سندس مرتبي لائق هلت هلندو هو. شيعه مذهب کي ڏاڍو رواج ڏنائين. ]101[ هو ’امر‘ ۽ ’نهي‘ ۾ تمام گهڻي ڪوشش وٺندو هو، سڀني نشيدار شين کي بند ڪري ڇڏيو هئائين.
چون ٿا، ته هڪڙي لاقيد (بيدين) ماڻهوءَ سندس حـضور ۾ وڃي عرض ڪيو، ته ”نواب! اسان جي معشوقہ کي ڇو اسان کان ڇنو اٿؤ، جنهن کان سواءِ اسان بيقرار آهيون؟“ هن جي مراد ڀـَـنگ هئي. جواب ۾ فرمايائين، ته ”اوهان جي معشوقہ پينانگ ۽ رول ٿي پيئي هئي، تنهن ڪري کيس پردي ۾ وهاريو اٿم“. مطلب ته ڏاڍو خوش اخلاق ۽ پاڪباز حاڪم هو، جهڙس ڪي ٿورا لڀندا. اتفاقاً سنہ 1143 هجريءَ ۾ ڇن جي مرض ۾ گذاري ويو. کيس مڪليءَ تي ٻنهي امامن (؟) جي سامهون دفن ڪيائون. ”دست وي با دامن آلِ عباست“ (آل نبي جي دامن ۾ آهه هن جو هٿ)، تاريخ طور سندس قبر تي چٽيل آهي. سندس پٽ صادق علي خان کانئس پوءِ ڪجهه وقت شهر ۾ رهيو.

نواب دلير دل خان
تنهن کان پوءِ، سنہ 1143 هجريءَ جي پڇاڙيءَ ۾ نواب دلير دل خان، جو هڪ عاليشان امير هو، ٺٽي جو حاڪم ٿي آيو. ٻه سال نهايت انسانيت ۽ امن امان سان گذاريائين. ايتري ۾ ٺٽي جو صوبو اميرخان کي انعام مليو، ۽ اجاري تي ڏنو ويو.

نواب همت دلير خان
مٿئين دلير خان جي پٽ، نواب همت دلير خان، اهو خيال ڪري، ته متان ڪو ٻيو وڃي سندس پيءُ کان حساب ڪتاب جي طلب ڪري، امير خان کان مقرر ]رقم[ جو مقاطعو ٻڌي، سنہ 1145 هجريءَ ۾ ٺٽي پهتو. اگرچه جاگير مان ڦري اجاري جي صورت ۾ اچڻ ڪري وڏو فرق پيدا ٿي ويو، تاهم هن بختاور اٽڪل چار سال چڱيءَ طرح گذاريا.

نواب صادق علي خان
نيٺ هن جي موقوف ٿيڻ کان پوءِ، مٿئين نواب سيف الله جو پٽ نواب صادق علي خان، 1149 هجريءَ مطابق 19 جلوسيءَ ۾، امير خان کان ]ملڪ[ اجاري تي وٺي اچي ٺٽي ۾ لٿو. پهريون سال جيئن تيئن ڪري پورو ڪيائين، ۽ ٻئي سال ۾ نقصان ڀرڻو پيس. جيئن ته انهن ڏينهن ۾ نواب خدايار خان عرف ميان نور محمد ڪلهوڙي عباسيءَ جي وڪيل، حـضور وٽ انتظام ڪري ڇڏيو هو، تنهنڪري صادق علي خان اجاري ۾ کوٽ ڏسي، ملڪ مٿئين خدايار خان جي وڪيل شيخ غلام محمد ولد شيخ عزيز الله جي حوالي ڪيو، انهيءَ وقت کان، هندستاني حاڪمن جي حڪومت ٺٽي تان لهي ويئي، ۽ هميشہ لاءِ عباسي (ڪلهوڙ) گهراڻو بکر، سيوستان ۽ ٺٽي جي حڪومت تي سرفراز ٿيو.
جنهن صورت ۾ هن گهراڻي جي حڪومت سمن ۽ ترخانن جي حڪومت کان وڌيڪ، ۽ ارغونن جي شان و شوڪت سان همسر آهي، تنهن ڪري سندن ذڪر نرالي طبقي ۾ ڪجي ٿو ۽ وڌيڪ فائدي ۽ نمڪ جي حق ادا ڪرڻ خاطر، هن سلسلي جي بنياد ۽ سندن وڏن جو اجمالي ذڪر پڻ بيان ڪجي ٿو.