باب ستون: سمن ڄامن جو طبقو
ڄام انڙ بن ٻانڀڻيو(1)
سومرن جي زور ختم ٿيڻ کان پوءِ، سمن ماڻهن، جي اڳ رعيت جي حالت ۾ کيتيءَ تي گذران ڪندا هئا، گڏ ٿي، هن (ڄام انڙ) کي”ڄام“ جو لقب ڏيئي، پنهنجو سردار ڪيو. اهو 752 هجريءَ ۾ ٿيو. مٿئين ڄام ٿورن ڏينهن ۾ وڏي طاقت پيدا ڪري،”ملـَـڪ رتن“ (2) ۽ ٻين انهن ترڪ آفيسرن سان، جيڪي سيوهڻ ۾ آفيسر هئا، جنگ ڪري کين قتل ڪري ڇڏيو. آخر ٽي سال ۽ ڇهه مهينا حڪومت ڪري، گذاري ويو.
ڪن جو چوڻ آهي، ته سندس وڪيل”ڪاهي بن تماچيءَ“ جي ساڻس دشمني هئي، تنهن ڪري علي شاهه ۽ ملڪ فيرزو کي بکر مان بهرام پور آڻي، کيس قتل ڪرايو ۽ ٽن ڏينهن کان پوءِ انڙ جي ماڻهن اچي مـَـلڪ فيروز کي ڪـُـٺو.
ڄام جوڻو بن ٻانڀڻيو
ڀاءُ کان پوءِ ملڪ جو وارث ٿي، وڏو لشڪر ساڻ وٺي، ٺٽي وٽان درياء ٽپي، اچي بکر جي ڳوٺن ۾ ڦر لٽ ۽ قتلام شروع ڪيائين. ترڪ لاچار ٿي ڇڏي ويا. هيءُ پوءِ ]49[ سنڌ ۾ خودمختيار ٿي رهڻ لڳو. نيٺ سلطان علاؤالدين پنهنجي ڀاءُ الغ خان کي ملتان پرڳڻي جو گورنر مقرر ڪيو، جنهن”مـَـلڪ تاج ڪافوري“۽”تاتار خان“ کي، ڄام جوڻي جي ڪڍڻ لاءِ سنڌ موڪليو، پر ڄام جوڻو هن کان اڳيئي فوت ٿي ويو هو(1). سندس حڪومت جو عرصو تيرنهن يا چوڏنهن سال رهيو(2). شاهي لشڪر، بکر وٺي سيوهڻ ۾ اک وڌي.
ڄام تماچي
ڄام جوڻي کان پوءِ،”ڄام تماچي”بن ڄام انڙ حڪومت جي تخت تي ويٺو. سلطان (علاؤالدين) جو لشڪر کيس اهل عيال سميت قيد ڪري، دهليءَ وٺي ويو(3).
ڄام ٻانڀڻيو (اول)
سما قوم ٿرڙيءَ ۾ گذارڻ لڳي ۽ ڄام ٻانڀڻي (اول) بن ڄام انڙ پندرنهن سال مٿن سرداري ڪئي.
ڄام خير الدين بن تماچي
مير معصوم جي چوڻ موجب: ”ڄام خير الدين“ ولد ڄام تماچي پيءُ جي مرڻ کان پوءِ، بادشاهه جي حڪم سان، دهليءَ کان سنڌ ۾ اچي ]ملڪ تي[ متصرف ٿيو. ]هن جي ڏينهن ۾[ سلطان محمد شاهه، طغي غلام جي پويان پئي، جيئن مٿي بيان ٿي آيو، ٺٽي جي سرزمين ۾ پهتو ۽ اتي گذاري ويو. سلطان فيروز سندس جانشين ٿي، دهليءَ واپس وريو. ڄام خير الدين”سن”تائين سندس تعاقب ڪري، ٻه ٽي دفعا ڪجهه ٽڪرا کائي واپس موٽي آيو. هن رعيت کي عدل ۽ انصاف سان خوش رکيو. نقل آهي، ته هو هڪ ڏينهن سير تماشي لاءِ نڪتو، ۽ هڪ کڏ ۾ ڪجهه هڏا پيل ڏسي، ٿورو وقت بيهي، حاضرين ڏانهن منهن ڪري چيائين، ته”ڪي مظلوم آهن، جي انصاف گهر رهيا آهن!”جاچ مان معلوم ٿيو، ته ست سال اڳ هتي گجرات جو هڪ قافلو لٽيو ويو هو ۽ ماڻهو ماريا ويا هئا. هن مال ڇڏائي، وارثن ڏانهن موڪليو، ۽ قاتلن کان قصاص ورتو.
ڄام ٻانڀڻيو (ٻيو)
خير الدين کان پوءِ هن جو پٽ ”ڄام ٻانڀڻيو“ (ٻيو) گاديءَ تي ويٺو. ]هن جي ڏينهن ۾[ سلطان فيروز شاهه هڪ دفعو اچي موٽي ويو، ۽ ٻئي دفعي کيس قيد ڪري وٺي ويو(1). ٿوري وقت کان پوءِ سندس حسن خدمتون (چڱيون نوڪريون) ڏسي، کيس ڇٽ عنايت ڪري، سنڌ جي حڪومت تي موڪليائين. هو پندرنهن سال حڪومت ڪري گذاري ويو. ”ساموئي“ جو شهر هن ٻڌايو هو. ڪي چون ٿا، ته ٻڌايل ڀنڀي بن انڙ جو آهي، پر هن انهيءَ کي وڌايو هو.
ڄام تماچي
ڄام ڀنڀي کان پوءِ سندس ڀاءُ ”ڄام تماچي“ حڪمران ٿيو، ۽ تيرنهن سال آرام سان گذاري، وفات ڪري ويو.
ڄام صلاح الدين
انهيءَ ]ڄام تماچي[ کان پوءِ سندس پٽ ڄام ”صلاح الدين“ گاديءَ تي ويٺو. هن، سنڌ جي بندوبست کان پوءِ، ڪڇ تي ڪاهيو ۽ فتح سان موٽي آيو. هو پندرهن سالن کان پوءِ وفات ڪري ويو(1).
”حديقته الاوليا“ جي مصنف، شيخ حماد جماليءَ جي ڪرامتن ۾ لکيو آهي، ته ڄام جوڻي، ڄام تماچيءَ ۽ هن جي پٽ صلاح الدين کي قيد ڪري دهليءَ موڪليو هو، جتان هو مٿئين شيخ (حماد) جي دعا سان، قيد و بند مان آزاد ٿي سنڌ ۾ پهتا، ۽ جوڻي کي ڊاهي ملڪ جا وارث ٿيا. پهريائين پيءُ، پوءِ پٽ پنهنجي حڪومت جو وارو ڪاميابيءَ سان وڄايو. ]هن ڳالهه جو[ مٿئين بيان ]50[ سان، جو ”معصوميءَ“ تان ]ورتل[ آهي، پورو اختلاف ظاهر آهي(2)، ۽ علم الله وٽ آهي.
”نوريءَ“ جو قصو
]نوري[ ذات جي گـَـندري ’ڪنجهر‘ ڍنڍ جي مهاڻن جي ڇوڪري ]هئي، جنهن[ ڄام تماچيءَ جي صبر ۽ سڪون تي ڌاڙو هنيو هو. ڄام تماچيءَ جي ساڻس عشق ۽ بيقراريءَ جو قصو، سنڌي زبان جي بيتن ۾، هڪ خاص سر ۾ مشهور آهي. ڄام هن جو سڱ، سندس مائٽن کان وٺي، کيس پنهنجي پـَـٽ، راڻي بڻائي، ڪنجهر جي ڪناري تي سندس لاءِ عاليشان ماڙي ٺهرائي. ٻنهي جون قبرون مڪليءَ تي، شيخ حماد جماليءَ جي پيرانديءَ وٽ، هڪ حـُـجري ۾ يادگار طور باقي آهن.
ڄام نظام الدين
ڄام صلاح الدين کان پوءِ، سندس پٽ ”ڄام نظام الدين“ حڪومت جي تخت تي ويهي، پنهنجن چاچن: سڪندر، ڪرن، بهاؤالدين ۽ آمر کي قيد مان ڪڍي، هر هڪ کي ڌار ڌار پاسن ڏانهن موڪلي، ملڪ جو ڪاروبار هڪڙي منشيءَ جي حوالي ڪري، ]پاڻ[ عيش عشرت کي لڳي ويو. ٻن سالن ۽ ڪجهه مهينن کان پوءِ سندس چاچا کيس غافل ڏسي، لشڪر وٺي شهر ۾ گهڙي پيا. ڄام نظام الدين وٺي ڀڳو. سندس چاچا پٺيانس پيا، پر ڄام نظام الدين گجرات ڏانهن نڪري ويو، ۽ رستي ۾ گذاري ويو.
ڄام علي شير
شهر جي مکيه ماڻهن، هيءَ بدانتظامي ڏسي، ڄام ”علي شير بن تماچيءَ“ کي گمناميءَ جي گوشي مان ڪڍي، حڪومت جي تخت تي وهاريو. هن ملڪ جو ضابطو ۽ انتظام ٺيڪ ڪري، آرام سان وقت گذارڻ شروع ڪيو، ۽ رات جو ڪن ڳاڻ ڳڻين ماڻهن سان چانڊوڪيءَ جي سير تي نڪرندو هو. ڄام تماچيءَ جا پٽ: سڪندر، ڪرن ۽ فتح خان(1)، جي رڻن پٽن ۾ سرگردان رهندا هئا، ڄام علي شير جي هن حال کان واقف ٿي، راتين جو پنڌ ڪري ڏينهن جو جهنگ ۾ لڪي اچي شهر جي ويجهو پهتا، ۽ شهر جي ماڻهن جو هڪ ٽولو پاڻ سان متفق ڪري، چنڊ جي تيرهين تاريخ، جمعي رات، جڏهن ڄام علي شير پنهنجي دستور موجب هڪ ڊونڊڙيءَ ۾ سير ڪري رهيو هو، تڏهن کيس جهلي قتل ڪيائون. علي شير جي حڪومت جو زمانو ست سال هو.
ڄام ڪرن
انهيءَ ]ڄام علي شير[ کان پوءِ ڄام ”ڪرن“ حڪومت جي گاديءَ تي ويٺو. هيءُ شهر جي مکيه ماڻهن کان ناراض هو. اتفاقاً انهن ٽي ڏينهن، يا ٻئي ڏينهن، فتح خان بن سڪندر جي اشاري سان، کيس طهارتخاني جي دروازي تي ڪـُـٺو(1).
ڄام فتح خان
]ڄام ڪرن کان[ پوءِ ڄام ”فتح خان“ بن سڪندر پندرنهن سال(2) ]حڪومت هلائي.[
ڄام تغلق
تنهن ]ڄام فتح خان[ کان پوءِ ڄام ”تغلق“ بن سڪندر بادشاهيءَ جي تخت تي ويٺو. تغلق آباد جو قلعو عرف ”ڪلان ڪوٽ“ انهيءَ جو اڏايل هو، جو اڻ پورو رهجي ويو(3).
ڄام سڪندر
]ڄام تغلق کان[ پوءِ، ڄام”سڪندر بن فتح خان“ (1) حڪومت جي گاديءَ تي ويٺو. هيءُ تمام ننڍو هو، تنهن ڪري سيوهڻ ۽ بکر جي حاڪمن سندس تابعداري قبول نه ڪئي. ]هن مٿن چڙهائي ڪئي ۽ اڃا[ ٺٽي کان نڪري نصرپور تائين مس پهتو هو، ته ]پويان[ مبارڪ نالي ڄام تغلق جي هڪ دربان، بغاوت ڪري، پاڻ کي”ڄام مبارڪ”جو لقب ڏنو. ٺٽي جي مکيه ماڻهن، ٽن ڏينهن اندر، هن کي ڪڍي، سڪندر کي گهرايو ]51[. سڪندر ڏيڍ سال راڄ ڪري گذاري ويو.
ڄام رائڏنو(2)
سڪندر جي فوت ٿيڻ جي خبر ٻڌي، ڄام”رائڏنو“، جو ڄام تغلق جي ڏينهن ۾ ڪڇ ۾ رهندو هو، ۽ انهن ماڻهن سان لاڳاپو پيدا ڪيو هئائين. لشڪر گڏ ڪري اچي شهر ۾ سهڙيو، ۽ چيائين، ته”حڪومت ڪرڻ لاءِ نه، بلڪ مسلمانن جي ننگ ۽ ناموس کي بچائڻ لاءِ آيو آهيان: توهان جنهن کي به تخت تي وهاريندا، پهريائين آءٌ انهيءَ جي بيعت ڪندس“. ]شهر جي[ سربرآوردن کيس ئي حڪومت لاءِ چونڊيو. هن ڏيڍ سال جي عرصي ۾ سڄي سنڌ ملڪ کي، سمنڊ کان وٺي ماٿيلي ۽ اوٻاوڙي جي سرحد گاجريلي ۽ ڪنڍيءَ تائين، صاف ڪري ڇڏيو. سندس حڪومت کي ساڍا اٺ سال گذريا هئا، ته سندس خاص ماڻهوءَ ڄام سنجر کي اچي بادشاهيءَ جو شوق جاڳيو، ۽ هن (ڄام رائڏنو) کي شراب ۾ زهر ملائي ڏنائين، جنهن ڪري ٽن ڏينهن ۾ گذاري ويو.
ڄام سنجر
هن ]ڄام رائڏني[ کان پوءِ”ڄام سنجر“ حڪومت جي تخت جو مالڪ ٿيو. چون ٿا، ته هو نهايت سهڻو ۽ خوبصورت هو. هڪ درويش جو ساڻس باطني عشق هو. هڪ ڏينهن ]سنجر[ درويش کي چيو، ته”بادشاهي ڪرڻ گهران ٿو، پوءِ ڀلي ته کڻي رڳا اٺ ڏينهن هجي“. درويش وراڻيو، ته”اٺ سال بادشاهه رهندين!”جڏهن هو درويش جي دعا سان تخت تي ويٺو، تڏهن ماڻهن خود بخود سندس تابعداري اختيار ڪئي. هن جي وقت ۾ خلق ڏاڍو سکيو گذاريو. جمعي ڏينهن فقيرن کي ججهي خيرات ڏيندو هو، شرعيت وارن کي لائق وظيفا ۽ پگهارون ڏنائين. آخر اٺن سالن کان پوءِ گذاري ويو.
ڄام نظام الدين
]ڄام سنجر[ کان پوءِ”ڄام نظام الدين“ عرف ”ڄام نندو“ بن بانبهنيه (ڀنڀو) بن انڙ بن صلاح الدين بن تماچي بادشاهيءَ جي تخت تي قابض ٿيو. هو هڪدم ٺٽي کان بکر ويو ۽ اتي هڪ سال ويهي، ملڪ جو پورو پورو بندوبست ڪري، پنهنجي خانه زاد (گهر ڄائي غلام)”دلشاد“ کي اتي ڇڏي، موٽي آيو. هيءُ هو (سما) قوم ۾ سڀني کان وڌيڪ عادل، شاندار ۽ ڊگهو عرصو حڪومت ڪندڙ ثابت ٿيو. هن جي ڏينهن ۾ عالم، سيد، صالح ۽ عام ماڻهو بلڪل آرام سان وقت گذاريندا هئا. اسلامي طريقو ايترو ته رائج ٿي چڪو هو، جو ڪوبه ماڻهو نماز ۽ روزي کان خالي نه هو. ملتان جي حاڪم سان دوستيءَ جو رستو مضبوط ڳنڍي ڇڏيو هئائين. ڪنهن به طرف کان ڪوبه فساد پيدا ڪونه ٿيو. هر هفتي ڪـُـڙهه ۾ وڃي، گهوڙن جي پيشانيءَ تي هٿ گـُـهمائي چوندو هو، ته”اي غازيو! آءٌ توهان تي هنان رکڻ نٿو چاهيان، ڇاڪاڻ ته چئني طرفن کان مسلمان حاڪم آهن: دعا ڪريو، ته شرعي سبب کان سواءِ ڪٿي به وڃڻو نه پويم، متان مسلمانن جو خون منهنجي گردن ۾ پوي!“
سندس نيڪ بختيءَ ۽ پرهيزگاريءَ متعلق عجيب داستان ۽ اندر جي صفائيءَ بابت روشن نشانيون مشهور آهن. نقل آهي، ته هڪ بزرگ، جو وڌيڪ صحيح قول موجب، ’قاضي عبد الله‘ آهي، جنهن جو مقبرو، شيخ حماد جماليءَ جي مقبري جي پويان مشهور آهي، جو لاش از غيبي مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي، پنهنجي دفن ٿيڻ واريءَ جاءِ تي اچي ظاهر ٿيو، ۽ هڪ بزرگ کي خواب ۾ اشارو ڪيائين، ته ’منهنجي لاش تي جنازي جي نماز اهڙو ماڻهو پڙهائي، جنهن سمجهه واري ٿيڻ کان وٺي، (هڪ قول موجب) آسمان ڏانهن وضوءَ کان سواءِ نه ڏٺو هجي، ۽ (ٻيءَ روايت موجب) پنهنجي اوگهڙ تي به نظر نه وڌي هجي“. ٻئي جي اوگهڙ ته پري رهي! بهر حال تمام گهڻي ڳولا کان پوءِ به، خود ڄام نظام الدين کان سواءِ ڪو ٻيو اهڙو ماڻهو هٿ نه آيو، تنهن ڪري جنازي جي امامت پاڻ ڪيائين.
پڻ ”رساله قطبيه“ ۾ سيد مراد شيرازي رحمت الله عليه جي احوال ۾ لکيل آهي، ته هو (ڄام نظام الدين) هڪ ڏينهن جهنگ مان ٿي لنگهيو، ته هڪ مئل ماڻهوءَ سندس رستو جهلي کيس چيو، ته”هن جاءِ تي مون کي چورن ڦري شهيد ڪيو آهي، مون کي گجرات ۾ يتيم ٻار آهن، تون منهنجو انصاف ڪر!“ اتي بيهي، تحقيقات ڪري، هن (مردي) جو مال موٽائي گجرات موڪليائين، ۽ قاتل کان قصاص ورتائين. هيءُ نقل، مٿي ذڪر ڪيل انهيءَ نقل سان ٺهڪي ٿو اچي، جيڪو ڄام خير الدين جي احوال ۾ بيان ٿي آيو، ۽ علم الله وٽ آهي.
هن پنهنجي بادشاهيءَ جي شروعات ۾ ساموئي ڇڏي، ان جي بدران موجوده ]ٺٽي واريءَ[ سرزمين تي، جيئن پنهنجي جاءِ تي بيان ٿيندو، شهر ٻـَـڌائي، تختگاهه بنايو.
سندس بادشاهيءَ جي پوين ڏينهن ۾، ”شاهه بيگ“ جي لشڪر، قنڌار کان اچي، اڪڙي، چانڊوڪي، سنديچه ۽ ڪوٽ ماڇيءَ جي ڳوٺن کي ڦريو. سندس پويان، درياخان، سيويءَ تائين(1) ڪاهي ويو ۽ سخت لڙائي ڪري، شاهه بيگ جي ڀاءُ ابومحمد(1) مرزا کي ڪـُـهي، فتح سان موٽي آهيو. هن جي ڏينهن ۾ شاهه بيگ وري سنڌ تي لشڪر نه موڪليو.
سندس حڪومت جو عرصو ٽيهتر ورهيه هو، ڪن ٽيهٺ ۽ ٽيتاليهه پڻ چيو آهي، پر وڌيڪ صحيح ائين آهي، ته پنجاهه کان گهٽ ۽ ٽيتاليهن کان مٿي آهي، مطابق 914 هجريءَ، جيئن هن قوم جي بادشاهيءَ جي ابتدا کان هن سال (ڄام نظام الدين جي وفات) تائين معلوم ٿو ٿئي.
ڄام فيروز
کانئس ]ڄام نظام الدين کان[ پوءِ ”ڄام فيروز“ ولد ڄام نظام الدين تخت تي ويٺو. هيءُ ننڍيءَ عمر جو هو، تنهن ڪري ]ڄام نظام الدين جي[ وصيت موجب، سندس استاد ۽ مدار المهام، ڄام نظام الدين جو پٽيلو ”دريا خان“، مقرر ٿيو. ]ڄام[ سنجر جي پوٽي ڄام”صلاح الدين“ لڪ جي دعويٰ ڪئي، پر درياخان ۽ سارنگ خان کيس بيهڻ نه ڏنو، ۽ هو سلطان مظفر گجراتيءَ ڏانهن، جنهن جي نڪاح ۾ سندس سوٽ هئي، ڀڄي ويو. فيروز، پوري خودمختياريءَ ملڻ کان پوءِ، بيخبريءَ جي نشي ۾ چور ٿي، عيش عشرت کي لڳي، دريا خان جي هٿ مان نڪري ويو، ]جنهن تي[ دريا خان پنهنجي جاگير”ڪاهان“ (ڳاهن)(2) ۾ وڃي گوشي نشين ٿي ويهي رهيو. ڄام صلاح الدين وجهه وٺي، سلطان مظفر جي مدد سان اچي ٺٽي تي قبضو ڪيو. فيروز جي ماءُ(1) ]اهو حال ڏسي[ پٽ کي درياخان وٽ وٺي ويئي ۽ ]اڳين[ اوڻائين کان توبهه ڪري، مدد گهريائين. دريا خان ]ڪجهه[ حيلي ۽ ]ڪجهه[ لڙائيءَ سان ڄام صلاح الدين کي تڙي،ڄام فيروز کي نئين سر خود مختار بڻايو. هيءُ هن دفعي پڻ درياخان سان چڱيءَ طرح نه هليو، بلڪ دولت شاهي ۽ نورگاهي مغلن جي ٽولي ۽ ڪيبڪ ارغون کي، جي سندس وقت ۾ شاهه بيگ کان ڇڄي ٺٽي آيا هئا، هن اميد تي، ته هو کيس ڪم ايندا ۽ درياخان جي چنبي مان هن کي ڇوٽڪارو ڏياريندا. پاڻ وٽ نوڪر رکي، کين ٺٽي جي مغلواڙي محلي ۾ رهايائين، پر بيوقوف ايترو نه ڄاتو، ته اهي ماڻهو سندس مٿان ڪهڙو ڏکيو ڏينهن آڻيندا!
مطلب ته جڏهن نفساني خواهشن ۾ گرفتار ٿي، حڪومت هلائڻ کان بيخبر رهيو، تڏهن مير قاسم ڪيبڪيءَ ملڪ جي حالت معلوم ڪري وڃي شاهه بيگ کي پهچائي، ] ۽ سنڌ[ فتح ڪرڻ جي ترغيب ڏني(2)، ۽ سنہ 921 هجريءَ ۾ شاهه بيگ هزار سوار، سيويءَ کان سنڌ ]53[ موڪليا، جن مان هرهڪ، رستم ۽ اسفند يار جي مٽ هو. هنن اچي ڳاهن ۽ باغبان جي ديهن کي ڦريو.
مخدوم جعفر بوبڪائيءَ، مرزا عيسيٰ ترخان کان نقل ڪيو آهي، ته شاهه بيگ جي لشڪر، انهيءَ حملي ۾ اهڙا هزار اُٺ هٿ ڪيا، جي رات جو باغن جي نارن ۾ ڪم ڪري رهيا هئا، ٻئي ]سامان[ جو اندازو هن مان لڳائڻ گهرجي. تنهن کان پوءِ، جنهن صورت ۾ سما قوم جي زوال جو وقت اچي چڪو هو، تنهن ڪري فيروز جي ماءُ، درياخان جي ايڏي هلندي ڏسي، جنهن ۾ پنهنجي پٽ جو فقط نالو ڏسڻ ۾ ٿي آيس، وڃي سنہ 924 هجريءَ ۾ شاهه بيگ کي دعوت ڏني. شاهه بيگ، جو اڳي ئي مير قاسم جي هرکائڻ تي تياري ڪري رهيو هو، سو هاڻي ته پنهنجو بخت مردان موجب ڏسي، انهيءَ پاسي جي بندوبست کان فارغ ٿي، جلد ئي سنہ 926 هجريءَ ۾ ٺٽي تي چڙهي آيو. ڄام فيروز ۽ سندس ماءُ انهيءَ پنهنجي کڏ کنيل کان ڏاڍو پشيمان ٿيا، پر ڪو به فائدو نه ٿيو، ڇاڪاڻ ته هٿ جي وڍيءَ جو نڪو آهي ويڄ نه طبيب. دريا خان لشڪر گڏ ڪري، شاهه بيگ کي سامهون ٿيو. ’عاليجان‘ (1) جي ڪناري تي، جو ٺٽي کان هيٺ هڪ واهه آهي، ٻئي ڌريون پاڻ ۾ ٽڪريون. سنڌي ماڻهو ۽ سندن گهوڙا، ڪلاهه پوش مغلن جي هيبت کان، پهريئن ئي دفعي ٽاهه کائي ڀڄي ويا. درياخان پاڻ ڪن ڳاڻ ڳڻين ماڻهن سان گڏ، خوب هٿ پير هلائي، قتل ٿي ويو. فيروز بدبخت ٻار ٻچا ٺٽي ۾ ڇڏي، ’پير آر‘ (پير پٺو) ڏانهن ڀڄي ويو. شاهه بيگ 11 محرم سنہ 927 هجريءَ (2) تي فتح جا نغارا وڄائيندو، ٺٽي ۾ داخل ٿيو. فيروز بدبخت جي حڪومت جو عرصو، ڄام صلاح الدين جي ٿورن ڏينهن سميت، ٻارنهن سال ۽ ڪجهه مهينا آهي. هن واقعي جي تاريخ ”خرابيءَ سنڌ“ (سنہ 927 هجري) لکي اٿن.
مٿئين بيان موجب، سمن جي حڪومت جو جملي عرصو پورا هڪ سؤ پنجهتر سال آهي. اگرچ هن کان پوءِ پڻ ڄام فيروز ڪجهه وقت ملڪ جي هڪ حصي ۾ رهندو آيو، پر جنهن صورت ۾ خودمختار حڪومت ڪانه ڪيائين، تنهن ڪري ڄامن جي گهراڻي جي بادشاهي اُتي پوري ٿي.
چون ٿا، ته شاهه بيگ جو لشڪر يارهين تاريخ کان ويهينءَ تاريخ تائين شهر کي ڦريندو ۽ قيد ڪندو رهيو. قاضي قاضن جا ٻار ٻچا پڻ قيد ٿي پيا هئا، جنهن تي هو چرين وانگيان پنهنجن وڃايلن کي ڳوليندو ۽ سڀڪنهن ڳليءَ ۽ رستي ۾ ڦرندو ٿي رهيو. آخر مرزا شاهه بيگ جي پيش امام حافظ محمد شريف جي ذريعي، هڪ عريضو پيش ڪري، قيدين کي ڇڏائڻ جو حڪم ورتائين.
سمن ڄامن جي ڏينهن جا امير
مخفي نه رهي، ته ڄام نظام الدين جي وقت کان اڳ، سمن جا حاڪم خود وحشي هئا، ۽ سندن امير پڻ اهڙائي هئا. ڄام نظام الدين جي ڏينهن ۾ ڪجهه انسانيت پيدا ٿي، ۽ سندس اميرن مان ڪي ٻه ٽي ناليرا ۽ اخلاق جي زيور سان سينگاريل سردار ٿي گذريا آهن، انهن جو مختصر احوال ڏجي ٿو:
ڄام نظام الدين جو وزير دلشاد
جيئن مٿي گذري آيو، بادشاهيءَ جي شروعات ۾ کيس بکر ۾ ڇڏيو هئائين، ۽ هن نهايت عقلمنديءَ سان انهيءَ پاسي جو جوڳو انتظام ڪري، ڏاڍي بهادري ۽ انسانيت ڏيکاري هئي. اگرچه هيءُ اصل ۾ گهر ڄاول غلام هو، پر سندس بلند جوهر سببان، سڀئي آزاد خواه غلام ماڻهو سندس ساراهه ڪندا هئا. سنہ 912 هجريءَ ۾، ڄام نندي جي پوين ڏينهن ۾، ڪنهن موقعي تي ٺٽي کان ڪاهي وڃي اُچ کي لٽي آيو. سندس فوت ٿيڻ جو واقعو معلوم نه آهي.
دريا خان
پهريائين”قبوليو“ نالو ]هئس[، ڄام نظام الدين جي وزير”لکدير“ ]54[ يا”لکسير“ جو غلام هو. چون ٿا، ته هو اصل ۾ سيد زادو هو، جو زماني جي حادثن ڪري قيد ٿي پيو، ۽ کيس لکدير خريد ڪيو. وڌيڪ صحيح به اها روايت آهي.
هڪ ڏينهن ڄام نظام الدين شڪار ڪندي، رستي جي ڊوڙ ڊڪ کان اڃارو ٿي، ڏينهن جي عين گرميءَ وقت پاڻي گهريو. لکدير جي آبدار قبولئي پاڻيءَ جو پيالو ڀري، انهيءَ لاءِ ته ڄام پاڻي آهستگيءَ سان پيئي، انهيءَ ۾ ٿورا ڪک وجهي ڇڏيا، ۽ ٻڌايو، ته”ڪک انهيءَ لاءِ وڌا اٿم، ته جيئن ڄام ههڙيءَ گرميءَ ۾ پاڻي يڪدم نه پئي، متان ڪو کيس نقصان پهچي!“ ڄام کي سندس هيءَ دانائي ڏاڍي وڻي ۽ هن جي ٻانهن، اُتي جو اُتي لکدير کان وٺي، مٿس”دريا خان“ نالو رکيو، ۽ سندس ذاتي جوهر ڏسي، تربيت ڪري، کيس بلند درجي تي رسايو. هو جلد ئي وڏو درجو حاصل ڪري، دلشاد وزير ۽ ٻين اميرن کان به اڳتي ٽپي، مدار المهام ۽ امير الامرا ٿيو، ۽”مبارڪ خان“ لقب مليس. ميران سيد محمد جونپوريءَ جي ٺٽي ۾ اچڻ تي، باوجوديڪ ڄام، عالمن جي چرچ تي هن سان اعتقادمنديءَ سان پيش نه آيو هو، مگر هن انهيءَ بزرگوار جي سچيءَ دل سان خدمت ڪري، انهيءَ وقت جي صاحب جي خوشنودي حاصل ڪئي. مطلب ته ڄام کيس پٽ سڏيندو هو ۽ فوت ٿيڻ کان پوءِ پنهنجو پٽ کيس سپاري ويو هو، جيئن مٿي گذري آيو، سنہ 927 هجريءَ ۾ شاهه بيگ جي لشڪر هٿان شهيد ٿيو. مڪليءَ ۾ دفن ٿيل، ۽ اهل الله جي زيارتگاهه آهي.
علاؤ الدين
سندس پٽ علاؤالدين پڻ اميرن جي سلسلي ۾ داخل هو. هو شاهه بيگ کي هٿ لڳو، جنهن مٿس نوازشون ڪيون.
محمد خان ۽ متن خان
دريا خان جا ٻيا ٻه پٽ ]هئا. هنن[ پيءُ جي واقعي کان پوءِ پنهنجي جاگير ۾، جا ٽلٽيءَ ۽ ڪاهان (ڳاهن) وٽ هئي، شان شوڪت پيدا ڪيو، مگر ڪجهه ڪري نه سگهيا.
سارنگ خان
سارنگ خان پڻ ڄام نظام الدين ۽ ڄام فيروز جي ڏينهن جو ناليرو امير هو. سندس بهادريءَ ۽ عقلمنديءَ جي ذريعي وڏا وڏا ڪم سر انجام ٿيندا هئا.