مهاڳ: ڏکيي پنڌ جو مسافر
ڪي شاعر چون ٿا ته، نثر لکڻ ڏکيو آهي، ڪي نثر نويس چون ٿا ته شاعري لکڻ ڏکي آهي. پر ڪي ليکڪ ٻنهي شعبن ۾ هڪ جيتري حيثيت رکن ٿا. جيئن اسان وٽ شيخ اياز آڪاش جيڏو شاعر آهي ته نثر ۾ ڌرتيءَ جيڏو نثر نويس آهي. شاعريءَ جي صنفن جيان نثر ۾ پڻ ڪيئي صنفون ٿين ٿيون، جيئن ناول، ڪهاڻي، آتم ڪٿا، مضمون، ڊرامو، مقالو وغيره. اسان وٽ عام سمجهيو ويندو آهي ته مضمون ۽ مقالو هڪ ئي شيءِ آهي، پر ائين ناهي مضمون ۽ مقالي ۾ فرق آهي، مقالو هڪ گهڻ محنتي ۽ تحقيق طلب صنف آهي، جنهن ۾ دليل ۽ حوالا ڏئي، آخر ۾ نتيجو ڪڍيو ويندو آهي، نتيجي ۾ مقالي جو مقصد واضح نموني سمجهايو ويندو آهي. سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز لکيو آهي ته: ”شاعري رقص ڪندي آهي ۽ نثر پنڌ ڪندو آهي.“
سنڌ ۾ ڪيترائي نوجوان هڪ نئين تخليقي سفر جي پنڌ ۾ آهن ۽ هو شاعري، ڪهاڻي، ناول، مضمون، مقالي ۽ ٻين صنفن ۾ طبع آزمائي ڪندا رهن ٿا. پر مقالي لکندڙن جو تعداد ٿورو نظر اچي ٿو، ڇو ته مقالو، گهڻي محنت ۽ جفاڪشي وارو ڪم آهي. ادب ۾ پهريون نمبر ذهني تخليق کي چيو وڃي ٿو، جيئن، شاعري، ڪهاڻي، ناول، ڊرامو وغيره آهن، تحقيق کي ثانوي حيثيت آهي، پر آهي هي ڏکيو ڪم، جو ٻين جي تخليقن تي ويهي نور نچوئجي ٿو. پنهنجي قلم جي نوڪ سان دليل ڏئي ثابت ڪرڻو پوندو آهي ته، تخليق ۾ ڇا سمايل آهي ۽ سماج ۾ ان جي ڪيتري اهميت ۽ افاديت آهي، سو اهو ثابت ڪرڻ جو بار محقق تي آهي، نامور ڪهاڻيڪار ناول نويس ايوب عمراڻي چوندو هو ته ”قلم ڪلها ٿو ڇني.“
منهنجي سامهون نئين ٽهيءَ جي اڀرندڙ محقق رياض ڪلهوڙي جو ڪتاب ”لوچي لَڌَمِ لالَ“ پيو آهي، جنهن ۾ مخلتف موضوعن تي مقالا لکيا ويا آهن، ڪي اهڙا به موضوع آهن، جن تي شايد هن کان اڳُ نه لکيو ويو آهي. ”لوچي لَڌَمِ لالَ“ جو پهريون مقالو ”جديد سنڌي شاعريءَ جي علمبردار ڪشنچند بيوس جي شاعريءَ جو اڀياس“ آهي. ڪشنچند بيوس سنڌي شاعريءَ کي جدت جي هڪ نئين ڌارا سان روشناس ڪرايو، هُن فارسي زده شاعريءَ جو گس ڇڏي، هڪ نئين روايت جو بنياد وڌو، جنهن ۾ تشبيهون، استعارا ۽ ڪنايا پنهنجي ديس مان کنيا، بلبل ۽ گل جي روايتي انداز کي ختم ڪيو، هن مقالي ۾ ليکڪ واضح ڪيو ويو آهي ته: ”ڪشنچند بيوس وٽ فن به آهي فڪر به آهي، فن، فڪر کي ٽيڪ ڏئي کنيو بيٺو آهي ۽ فڪر وري فن کي اڀاريو بيٺو آهي.“
هن ڪتاب جو ٻيو مقالو ”سنڌي ادب ۾ مقدمه نگاريءَ جو فني ۽ فڪري جائزو“ آهي. سنڌ ۾ مشهور مقدما لکندڙ، هوتچند مولچند گربخشاڻي، شمس العلماء عمر بن محمد دائودپوٽو، پير حسام الدين راشدي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ٻيا آهن. مقدمو لکڻ به هڪ فن آهي. هن مقالي ۾ مقدمي لکڻ جو فن سمجهايو ويو آهي ۽ مقدمي جي وصف، معنيٰ ۽ تشريح پڻ ڏني وئي آهي. هي مقالو نَون محققن کي مقدمو لکڻ جو رستو هموار ڪري ٿو. مقدمي جي اهميت، خارجي پهلو، داخلي پهلو، تحقيقي، تنقيدي ۽ توصيفي راءِ، تحقيقي مقدما، تنقيدي مقدما، توصيفي مقدما ڪهڙا هوندا آهن، انهن بابت تفصيل سان سمجهايو ويو آهي، هن موضوع تي اسان کي ڪو اڳ لکيل مقالو نه ٿو ملي. جس آهي رياض ڪلهوڙي کي جنهن هن اهم موضوع تي قلم کنيو آهي.
هن ڪتاب جو ٽيون مقالو ”ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي مقدمه نگاريءَ جو تنقيدي جائزو“ آهي. سنڌي ادب ۾ مقدمي جي شروعات هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ شاهه جي رسالي جو مقدمو لکي ڪئي. مقدمو به نثر جي هڪ صنف آهي، پوءِ اهو ڪنهن نظم جي ڪتاب جو مقدمو هجي يا ڪنهن نثري ڪتاب جو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌي ادب جو هڪ وڏو مقدما نگار هو. هن جي پرک جي ڪسوٽي تمام مٿانهين هئي، هُو ، جيڪو مقدمو لکندو هو، ڇنڊي ڦوڪي لکندو هو. سندس لکيل مقدما هڪ سَنَدَ جي حيثيت رکن ٿا. سندس لوڪ ادب بابت لکيل مقدما سنڌي ادب ۾ هڪ الڳ حيثيت رکن ٿا ته تاريخ بابت لکيل مقدما جهڙوڪ: تاريخ معصومي جو مقدمو، چچ نامي جو مقدمو، تحفته الڪرام جو مقدمو مُستند مڃيا وڃن ٿا.
هن مقالي ۾ مصنف واضح ڪيو آهي ته ”مقدمي کي سنڌي ادب ۾ صنف طور متعارف ڪرائڻ وارو ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي آهي ۽ وري ان کي سنڌي ادب ۾ عروج تي پهچائڻ وارو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ آهي. ڊاڪٽر نبي خان بلوچ جي مقدمن کي پڙهون ٿا ته منجهن هڪ سٽاءُ، فن ۽ فڪر جو ڀرپور انداز سان ملي ٿو.“
هن ڪتاب جو چوٿون مقالو ”سچل سرمست جي سنڌي شاعريءَ ۾ اصطلاحن / محاورن جو تحقيقي اڀياس“ آھي. هن مقالي ۾ سچل سرمست جي شاعريءَ ۾ استعمال ٿيل اصطلاحن، محاورن، پهاڪن ۽ چوڻين تي بحث ڪيو ويو آهي. اصطلاح تشريح سان بيان ڪيا ويا آهن، جهڙوڪ: ڪانگ اڏائڻ، پير گهمائڻ، جوڳ پچائڻ، لاڳاپا لاهڻ، ڏونگر ڏورڻ، منهن ڦيرائڻ، ورهه وهائڻ، اکين ۾ جايون اڏڻ، رت روئڻ، هنجون هارڻ، اک اڙائڻ، رنگ لائڻ، ڪمر ٻڌڻ، وک وڌائڻ ، هٿ ٻڌڻ، لنئون لائڻ، پير ڀرڻ، لقب لائڻ جهڙا خوبصورت اصطلاح ۽ محاورا تشريح سان بيان ڪيا ويا آهن. مصنف واضح ڪيو آهي ته ”سچل سرمست پنهنجي شاعريءَ ۾ اصطلاحن ۽ محاورن کي ڪتب آڻي، پنهنجي شاعريءَ کي لساني آسودگي بخشي آهي.“
هن ڪتاب جو پنجون مقالو ”سچل لغات ۽ لغات سچل سرمست جو تقابلي جائزو“ آهي. لطيف کان پوءِ ٻئي وڏي اساسي شاعر سچل سرمست جي شاعريءَ تي لکيل ٻن لغتن جو اڀياس ڪيو ويو آهي. ”سچل لغات 1984ع“ سنڌ جي نامور محقق ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي ۽ ”لغات سچل سرمست 2017ع“ سنڌ نامور محقق ڊاڪٽر بدر ڌامراهي جي لکيل آهي. مصنف ٻنهي لغتن جو اڀياس ڪري واضح ڪيو آهي ته، ”ڊاڪٽر بدر ڌامراهي هن لغت ۾ لفظن جي بنيادي معنيٰ کان وٺي تفصيلي تشريح تائين وضاحت ڪئي آهي. جنهن سان پڙهندڙ وڌيڪ معلومات حاصل ڪري سگهي ٿو.“
هن ڪتاب جو ڇهون مقالو ”سر ڪاريل جو تحقيقي جائزو“ آهي. هن مقالي ۾ مصنف شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ جي ”سُر ڪارايل“ جو اڀياس ڪيو آهي. ڪارايل جي معنيٰ هنج يا مور عالمن ٻڌائي آهي پر هن سر ۾ ٻين پکين ۽ جانورن جو به ذڪر ڪيو ويو آهي، جهڙوڪ: هنج، مور، ٻگهه يا ڪنگ، ڪانيرو، شهباز، ڪرهه (اُٺُ)، هاٿي، ڀونرُ ۽ ٻيا پکي ۽ جانور شامل آهن. محقق وڏي محنت ڪري هن مقالي ۾ پکين ۽ جانورن جو بُڻ بڻياد، پکين جون وصفون (صفتون)، عادتون، چلتون پڻ بيان ڪيون آهن.
ستين مقالي ۾”شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ مذهبي لاڙي جو اڀياس“ ڪيو ويو آهي. اياز جديد سنڌي شاعريءَ جو امام ۽ اياز کان پوءِ جي شاعرن جو پيش رُو آهي. هن جي شروعاتي زندگي ۽ شاعري ترقي پسندي، روشن خيالي ۽ سيڪيولر هئي، پوءِ اياز تي ڇسي تنقيد ڪئي وئي جنهن ۾ مُلائيت شامل هئي. پوءِ به اياز ڪي مدرسا يا مسجدون ته ڪو نه وسايون هيون، ليڪن پنهنجي نظريي ۾ نرمي ضرور ڪئي هئي. هن مقالي ۾ محقق واضح ڪيو آهي ته ”شيخ اياز سنڌي ادب جو هڪ اهڙو شاعر هو، جنهن جو زندگي ڀر اسلامي شريعت سان ڪو به واسطو نه رهيو، ننڍپڻ به اهڙي ماحول ۾ پليو ۽ نپنو جو مذهبي حوالي سان عدم دلچسپيءَ واري ڪيفيت ۾ گذاريائين. هن جو خاندان پڙهيل ڳڙهيل ۽ شهري مزاج جو مالڪ هو. سندس تربيت پڻ اهڙي ئي ماحول ۾ ٿي جو هندو، مومن هڪ ٿيو واري واٽ ورتائين. مذهب کي فرد جو ذاتي مسئلو سمجهيائين.“
هن ڪتاب جي اٺين مقالي ۾ ”قاضي مقصود گل جي شاعريءَ جو تنقيدي اڀياس“ ڪيو ويو آهي. هن مقالي جي شروعات ۾ زندگيءَ جو احوال ڏئي، ڪتابن جو تعارف پيش ڪري سندس شاعريءَ تي تنقيدي نظر وڌي وئي آهي. قاضي صاحب جي شاعريءَ جي لکيل صنفن جهڙوڪ غزل، رباعي، ترائيل، دوهي ۽ ٻين صنفن جو اڀياس ڪيو ويو آهي. هي بهترين مقالن مان هڪ مقالو آهي. وڏي عرق ريزي سان لکيو ويو آهي. ليکڪ هن مقالي ۾ ثابت ڪيو آهي ته: “ قاضي مقصود گل هڪ سچو ۽ کرو شاعر هو. جنهن جي شاعريءَ ۾ مزاحمت، پيار ۽ محبت جا جذبا جهلڪا ڏيندي محسوس ٿين ٿا. سندس شاعريءَ پنهنجي دؤر ۾ ئي مقبوليت ماڻي هئي.“
هن چيو’مذهب‘ هجي ۽ مون چيو ’انسانيت‘
سمجهه جو ڦيرو هيو، ٻيو ته ڪو جهڳڙو نه هو .
( قاضي مقصود گل)
هن ڪتاب جي نائين مقالي ۾ ”ميين شاهه عنات رضوي جي شاعريءَ جو جائزو“ پيش ڪيو ويو آهي. ميون شاهه عنات رضوي سنڌ جي قديم شهر نصر پور جو رهاڪو هو، کيس وائيءَ جو موجد چيو ويندو آهي. هو سنڌ جي ڪلاسيڪي اساسي شاعرن ۾ اهم حيثيت رکي ٿو. محقق هن مقالي ۾ ثابت ڪيو آهي ته، شاهه عنات هڪ وڏو شاعر هو، جنهن وٽ فڪر ۽ فن جا خزانا آهن. شاهه ڪريم ۽ شاهه لطيف جي دؤرکي ڳنڍيندڙ هڪ ڪڙي آهي. شاهه عنايت رضوي پنهنجي ڪلام ۾ نالو ”عنات“ ڪري ڪم آندو آهي. سندس ڪلام ۾ بيش بها حڪمت جا خزانا لڪيل آهن.“
هن ڪتاب جو ڏهون مقالو ”نواز علي نياز جعفريءَ جي شاعريءَ جو اڀياس“ آهي. نواز علي نياز جعفريءَ جي شاعري ۽ شخصيت جو ذڪر سنڌ جي نامور محقق، عالم پيرحسام الدين راشديءَ پنهنجي ڪتاب ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ ۾ پڻ ڪيو آهي. نياز جعفريءَ جي شاعريءَ بابت چار نقطا بيان ڪيا ويا آهن، پهرئين نقطي ۾ هن جي دؤر کي غزل جي قافيا پئماني وارو دؤر چيو ويو آهي، ٻئي نقطي ۾ سنڌي شاعريءَ ۾ اردو شاعريءَ جو عمل دخل ڄاڻايو ويو آهي، ٽئين نقطي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته، شاعريءَ ۾ مبالغاآرائي حد کان وڌيڪ ٿيندي هئي. چوٿين نقطي ۾ ڄاڻايو آهي ته، هي دؤر نفيس مضمون کان عاري هو. رياض ڪلهوڙي هن مقالي ۾ واضح ڪيو آهي ته، نواز علي نياز جو شمار ٻئي قسم جي شاعرن ۾ ھو، يعني وٽس قدامت به هئي ته جدت به هئي. سندس شاعريءَ ۾ گل و بلبل جو ذڪر به آهي، ته منجهس حسن جي پرستش جو اظهار به آهي.
هن ڪتاب جي يارهين مقالي ۾ رئيس شمس الدين ”بلبل“ جي ادبي خدمتن تي بحث ڪيو ويو آهي. شمس الدين بلبل سنڌ جو ناليوارو شاعر، نثر نويس ۽ صحافي هو. رياض ڪلهوڙي هن مقالي ۾ واضح ڪيو آهي ته: ”شمس الدين بلبل ظرافت، کل، ڀوڳ ۽ چرچي ۾ پنهنجو مقصد بيان ڪري ويندو هو. ظاهر ته کل ۽ مسخري لڳندي هئي، پر ان ۾ هڪ ناصحانو انداز هوندو هو، جيڪو سندس تحرير جي زينت بڻبو هو. هي پنهنجي دؤر جي سڀني مرضن، بدعتن ۽ سماجي براين تان پردو هٽائي نهايت ڪاريگري سان سندن اصلي رنگ ۾ اهڙو ته نروار ڪري عوام آڏو آڻيندو هو، جو هر ڪو ڳالهه جي تهه تائين پهچي ويندو هو.“
”لوچي لَڌَمِ لالَ“ جا سڀئي مقالا منفرد لاجواب ۽ شاندار آهن. ليکڪ اوک ڊوک ۽ وڏي محنت ڪري، هيرا موتي ميڙيا آهن، جنهن تي کيس جس ڏجي ٿي، سندس مقالن جي ٻولي ۽ اسلوب نهايت منفرد ۽ وڻندڙ آهي، هن ڪوشش ڪري نوان موضوع چونڊيا آهن، ڪي موضوع اهڙا به آهن، جن تي هنن مقالن کان اڳ ڪنهن قلم ناهي کنيو. هي ڪتاب هڪ پاسي نون محققن لاءِ نئين راهه کولي ٿو، ته ٻئي پاسي سنڌ جي ڪلاسيڪي اساسي شاعرن، جديد شاعرن، روايتي شاعرن ۽ محققن جي سنڌي ادب ڪيل خدمتن جو سهڻي نموني تحقيقي، تنقيدي ۽ تجزياتي اڀياس پيش ڪري سندن فن ۽ فڪر کي اجاگر ڪري ٿو. اسان جي دوست نوجوان محقق رياض ڪلهوڙي جو تحقيقي پورهيو، اوهان کي ضرور پسند ايندو. سندس ڪيل محنت رائگان نه ويندي. اسين سندس هن پورهيي جي واکاڻ ڪريون ٿا ۽ کيس جس ڏيون ٿا.
مير حاجن مير
سيوهڻ شريف
03-01-2023