سر ڪارايل جو تحقيقي جائزو
ABSTRACT:
The word ”Sur“ means a model of singing. The surs are sung as ”Rags“ in Indian classical music. In Shah jo Rislao, the Surs are named according to their subject matter. The underlying theme is how the individual is to cultivate the godly attributes, negate his ego so as to evolve to a better human being. Sur Karayal is the main Chapter of Shah jo Risalo. This chapter consists of 3 cantos, 56 poems and 5 wayees.
جيئن بهار رنگيني آڻي ٿو، خوشبو فرحت بخشي ٿي ۽ موسيقي سڪون رسائي ٿي، تيئن شاهه جي شاعري زندگيءَ جا سبق سيکاري ٿي. ”شاهه جو رسالو“ سنڌي ٻوليءَ جو عظيم شاهڪار ۽ لازوال ورثو آهي. شاهه جو رسالو سنڌ جو قومي ڪتاب آهي. ”شاهه جو رسالو، دنيا جي جملي مذهبي تعليم جو نچوڙ ۽ سنگم ۽ سنڌي تهذيب جي سموريءَ حاصلات جو روح آهي“.(1) ٽيهن سرن تي مشتمل شاهه جو ڪلام ڪائنات جي تمام رنگينين سان ٽمٽار آهي. شاهه صاحب پنهنجي ڪلام ۾ اول کا ازل تائين، دنيا کان آخرت تائين، زمين کان آسمان تائين، اتر کان ڏکڻ تائين، اوڀر کان اولهه تائين، سئي کان جبل تائين، قطرن کان سمنڊ تائين، ڏينهن جي روشنين کان رات جي اونداهين تائين ۽ بي جان کان جاندارن تائين سڀني جو ذڪر ڪيو آهي. ذڪر به اهڙي انوکي انداز ۾ ڪيو اٿائين جو ڏندين آڱريون اچيو وڃن. شاهه جي رسالي جو هر سُر پنهنجي مٽ پاڻ آهي. سرن جي ترتيب به اهڙي رکي اٿائين جو تِر جي گنجائش به باقي ناهي. پاڻ پنهنجي شاعريءَ لاءِ، سر سهڻيءَ ۾ لکيو اٿائين ته:
جي تو بيت ڀانيا سي آيتون آهين.
”سر ڪارايل“ شاهه جي رسالي جو هڪ خوبصورت سر آهي. هن سُر جو نالو موضوع جي مناسبت سان رکيو ويو آهي. ”ڪارايل“ هنج پکيءَ کي سڏيو ويندو آهي، جيڪو هميشه گَھري پاڻيءَ ۾ رهندو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”جامع سنڌي لغات“ ۾ ڪارايل لفظ جي معنيٰ مورُ يا هنج لکي آهي. ڪارايلُ جنهن جو جمع ڪارايلَ آهي. هي اسم خاص، مذڪر جي صيغي ۾ اچي ٿو. سنسڪرت ۾ ڪلاپي مور کي چون. ”ڪارايل“ رسالي ۾ سر ۽ راڳ جو نالو آهي. ڪلياڻ آڏواڻيءَ پنهنجي رسالي ۾ ”ڪارايل“ جي معنيٰ مور يا هنس (هنج) ڄاڻائي آهي. فقير امداد علي سرائي لکي ٿو ته: ”ڪارايل جي صحيح ۽ بهتر معنيٰ جيڪا شاهه صاحب جي بيتن جي ثابتيءَ ۽ شاهديءَ مطابق ملي آهي سا، 1. ڪارو اسيل نانگ، جيڪو هڪ فقير نانگ يا پير نانگ آهي، جيڪو انسان ذات کي هر گز نه ڏکوئيندوآهي، جانسين ان کي ڇيڙ ڇاڙ کونئس يا مٿس لت نه اچي. 2. هنج آهي، هنج پکيءَ کي به ڪارايلُ ڪوٺيو ويو آهي”.(2) هن سر ۾ جن پکين جو ذڪر آهي تن ۾ هنج، ڪانگ، لَلي، ٻگهه، شهباز، مور، ڪانيرو. هن سر ۾ پکين سان گڏ جيتن ۽ جانورن جو به ذڪر ٿيل آهي جيتن ۾ ڀوئنر ۽ نانگ جڏهن ته جانورن ۾ هاٿي ۽ اٺ جو ذڪر آيل آهي. سر ڪارايل شاهه صاحب جي رسالي ۾ مختصر سرن منجهان هڪ آهي. ٽن داستانن تي مشتمل هن سر ۾ 56 بيت ۽ 5 وايون ڏنل آهن. شاهه صاحب جي هن سر ۾ 17 بيت اهڙا آهن جيڪي مولانا روميءَ جي حڪايتي بيتن جون سڪون لاهن ٿا.
هن سر ۾ شاهه صاحب پکين کي تمام گھڻو ساراهيو آهي. پکي اسان جي ماحول جو حصو آهن. پکي ڪائنات ۾ الله پاڪ جي طرفان هڪ حسين تحفو آهن. پکي سهڻن رنگن، سهڻن ڳچين، مٿي جي موڙن، خوبصورت چهنبن وارا ٿين ٿا. هنن جو ٻوليون انيڪ قسمن جون ٿين ٿيون. سنڌ جو خطو دنيا جي انهن خطن مان هڪ آهي جن خطن ۾ گھڻي مان گھڻا پکي رهندا آهن. هتي هڪڙا اصلي ڄائو مائو پکي هوندا آهن ۽ ٻيا سانگي لاڏائو پکي هوندا آهن. سانگي پکي اتر جي طرف کان سرديءَ جي شدت سبب هزارن سالن کان سنڌ ۾ ايندا ويندا آهن. سنڌ جون ڍنڍون ڍورا، درياءَ ۽ ٻيلا انهن جي آماجگاهه پئي رهيا آهن. سنڌ گزيٽيئر ۾ ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي لکي ٿو ته: ”سنڌ جون گونا گون طبعي حالتون سنڌو ۽ ان جي بئراجي واهن تي آباد ٿيندڙ ميدانن ۾ پکين جو کاڌو ۽ پاڻِي ايترو ته گھڻو آهي جو انهن جي وڏي اڪثريت هتي رهي ٿي“.(3) شاهه صاحب جي هن سر ۾ جن پکين، جانورن ۽ جيتن جو ذڪر ڪيو آهي، سي هيٺين ريت آهن.
1. هنج: Goose
هنج پکي پاڻيءَ جي سڀني پکين ۾ تمام وڏو ۽ سهڻو ٿئي ٿو. هن جي ڳچي سهڻي ۽ خمدار ٿئي ٿي ۽ هن جي شڪل وڻندڙ آهي. هن جا کنڀ اڇا ٿيندا آهن انهن ڳالهين جي ڪري قديم زماني کان ماڻهو هنج جي تعريف ڪندا آيا آهن. هندوستان جي ديو مالا ۾ هنج (هنس) پکيءَ کي ايتري اهميت آهي جو سرسوتي ديويءَ کي هنس پکيءَ تي سوار ٿيل ڏيکاريو ويندو آهي. هن سر ۾ ”هنج“ جي آيل ذڪر بابت ڊاڪٽر بشير احمد ”شاد“ لکي ٿو ته: ”هنج مان سالڪ جي مراد ”مرشد ڪامل“ آهي. جيڪو انسانن کي سئين راهه سونهائي ٿو. ڪائنات ۾ سڀ کان ڪامل ۽ اڪمل هستي حضورﷺ جن جي آهي، جتان رشد و هدايت جا چشما ڦٽي نڪتا”.(4)
هنجهه مڙيئي هنجهه، ميرو منجھن ناهه ڪو
جتي پيين سنجهه، سو سر ڪئائون سُرهو
(ڪارايل 1، 7)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هن بيت جي تشريح هن طرح ڪئي آهي ته: ”سڀئي هنج سهڻا ۽ خوبصورت آهن. انهن ۾ ڪو به خراب ۽ بدشڪل نه آهي. انهيءَ ڪري جتي به کين سج لهي وڃي يا رات پوي ته هو هيٺ لهي جڏهن پاڻيءَ تي اچن ته انهيءَ چشمي کي (خراب ۽ بدبودار ڪرڻ بجاءِ) خوشبودار ۽ وڻندڙ ڪريو ڇڏين. (اهو سندن سهڻن عادتن جي ڪري آهي)”.(5)
2. مور: Peafowl
تمام سهڻو ۽ وڻندڙ رنگن وارو هي اڻلڀ پکي، جنهن جو سندر مک ۽ سندر پک ٿيندو آهي. جنهن کي ڏسڻ سان اکين کي آرام ۽ روح کي راحت ملي ٿي. سنڌي اصطلاح ۽ عام چوڻيءَ موجب مور جي ٻي معنيٰ سهڻو آهي. سنڌي مائرون ۽ پيئر پٽن کي مور پٽ ڪري سڏيندا آهن. مور اصل ۾ برصغير جو رهاڪو آهي. هي ٽولين ۾ رهندڙ پکي آهي. ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، مرزا قليچ بيگ جو حوالو ڏيندي لکيو آهي ته: ”ٽي هزار سال اڳ حضرت سليمان اڀرندي وارن ملڪن مان پنهنجي جهازن ۾ مور کڻائي ويو هو ۽ سڪندر بادشاهه انهن کي يورپ ۾ مشهور ڪيو. مور تمام سهڻو آهي. سندس ماديءَ کي ڊيل چئبو آهي. مور جيتن، گلن جي مکڙين ۽ وڻن جي گوئنچن تي گذران ڪندو آهي. هو نانگن ۽ بلائن توڙي سرندڙ ساهه وارن کي ماري کائي ڇڏيندو آهي.”(6)
موران موٽڻ ميهڻو، نوڻي نانگ نه ڪن
ڪارايل ڪارن کي ڳارا ڪئو ڳهن
وٽيين وهه پين، سڪ سرڪيين نه لهي.
(ڪارايل3، 9)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هن بيت جي تشريح هن طرح ڪئي آهي ته: ”مور (نانگ سان) ويڙهه ۾ پٺتي هٽڻ پاڻ لاءِ عيب ۽ طعنو سمجهن ٿا. پر نانگ به ڪڏهن نوڙت يا هيٺاهين ڪو نه وٺن. مور ڪارن نانگن کي ڊگھا ٽڪر ٽڪر ڪريو نوڙين وانگر لڙڪايو وات ۾ وجھي ڳڙڪائيندا وڃن. مور وٽيون ڀري وهه پيئڻ وارا آهن. سندن سڪ سرڪين سان لهڻ واري ناهي”.(7)
3. ٻگھه يا ڪنگ
هنج جيان سفيد رنگ وارا هي پکي سنڌ ۾ عام ٿين ٿا. رنگ ۾ ته هن پکيءَ جي هنج سان هيڪڙائي آهي پر عادت، فطرت ۽ سونهن جي لحاظ کان هنج انفراديت رکندڙ پکي آهي. جيتوڻيڪ ٻگهه به پاڻيءَ جو پکي آهي پر سندس گذارو ڏيڏرن ۽ ننڍڙين مڇين تي هوندو آهي. ڊاڪٽر بشير احمد ”شاد“ هن سر ۾ ٻگھن جي ذڪر بابت لکي ٿو ته: ”ٻگھن ۾ هنج جي هستي مڃيل آهي، هتي ٻگهه مان مراد عام دنيوي انسان آهي، جيڪو ٻگهه وانگردنيا جي ڍنڍ مان ڍونڍ جو متلاشي رهي ٿو”.(8)
ٻگا ڪوهه ٻجھن، ته سپن ۾ ڇا سپجي
ڦريو ڦهيارن کي ورئو وات وجھن
سندي ذات هنجهن، منهه لايو موتي چڻي
(ڪارايل 2، 4)
هن بيت ۾ شاهه صاحب ٻگهه پکيءَ ۽ هنج پکيءَ جي ڀيٽ ڪئي آهي ۽ چوي ٿو ته ٻگھا پکي ڇا ڄاڻن ته سپن جي اندر ڪهڙي قيمتي شيءَ (موتي) موجود هوندي آهي. هو ته ڦري گھري وري به سنهي مڇيءَ کي چهنب سان پڪڙي پيا کائيندا آهن. اهي هنج پکي ئي آهن جيڪي پنهنجي منهن (هر صورت ۾) موتي ڳولهي پيا چڳندا آهن.
4. ڪانيروBlack Ibis
ڪانيرو ڍانڍي پکي آهي ۽ سنڌ جي هر وستي واهڻ جي ڍنڍن، ڍورن ۾ اڪثر پيو چوڳو ڪندو آهي. ڪو خاص ڌيان به ڪو نه لهندو آهي شڪل صورت ۾ به خاصو نه آهي هر ڪو ڏسي کيس نظر انداز ڪندو آهي. سنڌ ۾ بزدل انسان کي ڪانير پکي سان ڀيٽ ڏني ويندي آهي. شاهه سائين پنهنجي رسالي ۾ مختلف هنڌن تي هن پکيءَ جو ذڪر ڪيو آهي.
وئا مور مري، هنجهه نه رهيو هيڪڙو
وطن ٿيو وري، ڪوڙن ڪانيرن جو.
(ڪارايل 2، 20)
5. شهباز
جامع سنڌي لغات مطابق شهباز مذڪر (فارسيءَ ۾ شهه معنيٰ وڏو، + باز) پکيءَ جو هڪ قسم، شهباز معنيٰ وڏو باز. هي پکين جو بادشاهه آهي. شهباز گوشت خور پکي آهي. هن جو گذران اڪثر ڪري تتر تلور ڪانگ، ڪٻر ، جهرڪي، ڳيري، پاليهر ڪٻوتر، هرڻن ننڍن گهيٽن، سهن ۽ ڍانڍي پکين جي شڪار تي هوندو آهي. شهباز کان سڀ پکي ٽهندا آهن. ڇو ته هو انهن جو شڪار ڪندو آهي. باز جو پڻ قصن ڪهاڻين ۾ اڪثر ذڪر ملندو آهي. ماڻهو بازن کي پالي، انهن جي وسيلي پکين ۽ جانورن مان هرڻ ۽ ڦاڙهي جو شڪار ڪندا آهن. هن جا چنبا ٻين پکين جي ڀيٽ ۾ انتهائي مضبوط ۽ جڪڙيندڙ آهن. جنهن سبب جيڪو به پکي يا جانور هن جي چنبن جي جڪڙ ۾ آيو، تنهن جو بچڻ مشڪل ٿي پوندو آهي.
ڪوڙِي راندِ، ڪوڙو چَٽڪو
لِکَ سِينءِ لَلو پَتو
ليو جِئن لامين چَڙهين، ڪِئو ڪارايَلَ ڪَٽِڪو
ڪِ تو ڪَنين نه سُئو، شَهبازَ جو سَٽِڪو.
(ڪارايل3، وائي 1)
6. ڪَرَهَه (ڪرهو) يا اُٺُ Camel
سنڌ جي ثقافت ۾ اُٺ کي اهميت حاصل آهي. شاهه صاحب جي بيتن ۾ پڻ ٻين جانورن جي ڀيٽ ۾ اُٺ کي وڌيڪ حيثيت حاصل آهي. سنڌ ۾ ڊيلٽا واري علائقي ۾ اُٺن جي وڏي پئماني تي پالنا ٿئي ٿي، جنهن ۾ 200 کان 500 تائين جا وڳ نظر ايندا آهن. اٺ، راجستاني صحرا کان وٺي سنڌ، بلوچستان، ايران، عرب ملڪن ۽ آفريڪا جي اوڀر ۽ اتر واري علائقن ۾ پالتو جانور طور ملي ٿو.
جي مان چارائين، جيڪَرَ جيڏيون وو
ڪَرَهَ سندانِ چاريان
جي مان چارائين وي ميان، تان مُئي جيارين
پيرين آءٌ نه پُڄَڻِي، ڪَرَهَلَ هُوءِ نه جَهلِين
ڳجِھي آءٌ نه وَڃِڻي، پَڌَر پرين نه نِين.
(ڪارايل3، وائي 2)
7. هاٿي Elephant
هاٿي خشڪي جي جانورن مان سڀ کان وڏو جانور آهي.هاٿي پنهنجي الڳ حيثيت ۽ رُتبو رکندوآهي، هاٿي ڏُٻرو هوندو ته به اُن جي قدر ۽ قيمت ۾ ڪا گهٽتائي نه ايندي. هاٿي لاءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ چوڻي آهي ته ”هاٿي جيئري لهي لک ته مُئي لهي سوا لک”. هاٿي قد ڪاٺ، هاٺيءَ ۽ بُتَ ۾ هڪ ڳورو جانور ٿيندو آهي. هاٿيءَ جي هڏن کي عاج ڪوٺبو آهي. جيڪو قديم زماني کان وٺي زيور طور استعمال ٿيندو آهي. موئن جي دڙي مان عاج جا اهڃاڻ مليا آهن.
سَنهان ڀانءِ سَپَ، وِياءَ واسِينگنِ جا
لَتاڙيا لطيفُ چئي، چوريا وِجَھن چَپَ
تَنِي جِي جھڙپَ، هاٿي هنڌان نه چُري.
(ڪارايل3، 8)
ڊاڪٽر نبي بخش سان بلوچ هن بيت جي سمجھاڻيءَ ۾ لکي ٿو ته: ”انهن نانگن کي ضعيف (بي اثر) نه سمجهو جيڪي واسينگن جا ٻچا يا انهن جي بُڻ مان آهن. شاهه عبداللطيف هن بيت ۾ لکي ٿو ته اهي ڀلي پيرن هيٺان لتاڙيل هجن، پر ڪيئن به ڪري چُري پُري چڪ هڻن ٿا. انهن نانگن جو هڪڙو (چڪ) ئي اهڙو خطرناڪ ٿئي ٿو، جو ان سان هاٿيءَ جهڙو وڏو جانور به (زهر جي ڪري) پنهنجي جڳهه تان چري نه سگھندو آهي(اتي جو اتي بيٺي بيٺي مري ويندو آهي)“.(9)
8. ڀَونرُ
جامع سنڌي لغات ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڀونر جي معنيٰ ڪجهه هن طرح لکي آهي. “ ذ. [سن. ڀرم= ڦرڻ] اڏامندڙ ڪارو جيت (ا. وڏيرڙو ۽ ٿلهو جو گلن مٿان اڏامي ۽ ويهي 2. ذرا ننڍو جو ڪاٺين ۾ سوراخ ڪري ۽ سڪل ڪاٺ کي اندران کائي). سنڌ جي نيم تاريخي قصن ۾ ڀونر جو ذڪر آيل آهي. مومل راڻي جي قصي ۾ اهو چيل آهي ته جڏهن راڻو ڪاڪ چڙهيو ته مومل سان گڏ سندس ڀينرون به ويٺل هيون، تڏهن آخري پريڪشا اها هئي ته انهن مان مومل جي سڃاڻپ ڪرڻي هئس، ڇو ته انهن سڀني کي هڪ جهڙا لباس هئا. راڻي مومل کي ان ڪري سڃاتو ته سندس وارن مٿان ڀونر ڦري رهيو هو. ان ڪري هوءَ منفرد هئي جو هن پنهنجي وارن ۾ ڪا الڳ خوشبو لڳائي هئي. جنهن سبب ڀؤنر ڀنڀلجي مومل جي وارن مٿان لمارا ڏئي رهيو هو.
ڪَونرَ پاڙون پاتارَ ۾، ڀونر ڀري آڪاس
ٻِنهِين سندي ڳالهڙِي، رازِقَ آندي راسِ
تِنِهن عشق کي شاباس، جِنِهن محبتي ميڙئا.
(ڪارايل1، 3)
9. نانگ
نانگ پوري دنيا ۾ رهندڙ جاندار آهي. سنڌ ۾ به مختلف قسمن سان نانگ رهن ٿا. سڀني مان خطرناڪ نانگ کپُر آهي. ڪاريهر نانگ Cobra، کي وڌيڪ زهريلو تصور ڪيو ويندو آهي. سنڌي ادب ۾ لوڪ داستانن ۽ نيم تاريخي قصن ۾ نانگ جو ذڪر ٿيل آهي. مسلمانن جي قصي ”آدم ۽ حوا“ ۾ پڻ نانگ جو ذڪر آيل آهي. جنهن ۾ نانگ حوا Eve کي ورغلائي ٿو. ان قصي جي شروعات نانگ کان ٿئي ٿي. سنڌ ۾ نانگن پڪڙڻ واري قبيلي کي ”جوڳي“ ڪوٺبو آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي مختلف سرن ۾ جوڳين ۽ نانگن جو ذڪر ڪيو آهي.
مَٿي جَھڙ جھيڙِينِ، مورُ ڪارايلُ پاڻَ ۾
ڻُوڻِي نانگ نه ڏِين، موران موٽَڻُ مِيهَڻو.
(ڪارايل3، 10)
حوالا:
1. آفتاب ابڙو. شاهه لطيف عظيم مفڪر. ڪراچي: سنڌيڪ ا اڪيڊمي. نئون ڇاپو، 2016ع، ص 119
2. شاد، بشير احمد، ڊاڪٽر. ڀٽ جو گھوٽ. شڪارپور: مهراڻ اڪيڊمي. ڇاپو پهريون، اپريل 1998، ص 112
3.
4. شاد، بشير احمد، ڊاڪٽر. عرفان لطيف. شڪارپور:واڳڻو در، مهراڻ اڪيڊمي،ڇاپو پهريون، آگسٽ 1992ع، ص 186
5. بلوچ، نبي بخش، خان، ڊاڪٽر. شاهه جو رسالو. ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ. ڇاپو پهريون، 2016، ص 335
6. سوڍر، شاهنواز، ڊاڪٽر. سنڌي ثقافت ۽ شاهه لطيف. ڀٽ شاهه حيدرآباد: شاهه لطيف ثقافتي مرڪز. ڇاپو پهريون، آگسٽ 1991ع، ص 154
7. بلوچ، نبي بخش، خان، ڊاڪٽر. شاهه جو رسالو. ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ. ڇاپو پهريون، 2016، ص 351
8. شاد، بشير احمد، ڊاڪٽر. عرفان لطيف. شڪارپور:واڳڻو در، مهراڻ اڪيڊمي،ڇاپو پهريون، آگسٽ 1992ع، ص 186
9. بلوچ، نبي بخش، خان، ڊاڪٽر. شاهه جو رسالو. ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ. ڇاپو پهريون، 2016، ص 351