لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

لوچي لڌم لال

لوچي لڌم لال، سنڌي شعبي جي ليڪچرار محترم رياض حسين ڪلهوڙي جو تنقيدي ۽ تحقيقي مقالن تي مشمتل ڪتاب آھي. ھِي ڪتاب جنوري 2023ع ۾ چانڊوڪي پبليڪيشن پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. سنڌسلامت سٿ، ليکڪ جو ٿورائتو آھي جنھن سنڌسلامت ڪتاب گهر تي ھِيءُ ڪتاب اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ سان گڏوگڏ سافٽ ڪاپي پڻ موڪلي ڏني.

Title Cover of book لوچي لڌم لال

ميين شاهه عنات رضوي جي شاعريءَ جو جائزو

ميين شاهه عنات رضوي جي شاعريءَ جو جائزو


ABSTRACT:
Shah Inayatullah was a classical poet in as much as he used the classical Sindhi idiom and employed the classical forms of Sindhi Bait and Waee or kafi in his poetry. Yet he heralded a new era in the domain of Sindhi poetry by combing the poetic contents of the age-old bardic tradition and the more cultivated spiritual thought of the sufi sent poets. Prior to this, Sindhi poetry had been nurtured by country bards and professional minstrels to commemorate the velour of hero’s in wars or the munificence of the generous in peace and to entertain the people by composing and singing their fold tales and pseudo-historical romances.
شاهه عنات رضوي سن 1621ع ڌاري ڄائو. شاهه عنات الله رضوي خاندان جو چشم و چراغ هو. هن سادات خاندان هجري ڇهين صديءَ ۾ بکر ۾ سڪونت اختيار ڪئي. ٻن، ٽن صدين کان پوءِ اتان هڪ شاخ لڏي نصرپور ۾ آئي. ميون شاهه عنات جي والد جو نالو شاهه نصيرالدين هو. شاهه عنات کيس ٻڍاپڻ ۾ ڄائو. شاهه عنات ڪلهوڙن جي اوائلي دؤر جو شاعر هو. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو همعصر هو. جڏهن شاهه ڀٽائي 23 سالن جو هو ته شاهه عنات رضوي وفات ڪري ويو. شاهه عنات رضوي پنهنجي دؤر جو هڪ وڏو شاعر هو. شاهه عنات رضويءَ بابت ميان مير چانڊيو لکي ٿو ته: ”شاهه عنات بکر جي رضوي ساداتن مان هو. پاڻ 1621ع ڌاري ڄائو. وقت جي دستور موجب فارسي تعليم حاصل ڪيائين. روحانيت جي لحاظ کان سندس والد جي مرشد شاهه خيرالدين جو مريد هو. ان جي زيارت لاءِ بار بار سکر ويندو هو. پاڻ 1721ع ڌاري وفات ڪيائين. لطف الله قادريءَ کان پوءِ هن دؤر جو وڏو شاعر شاهه عنايت رضوي ئي آهي. جنهن جو مڪمل رسالو سر وار مليو آهي. سندس رسالي جا 22 سر يا موضوع آهن. جنهن ۾ 471 بيت ۽ 40 وايون آهن. سندس رسالو ڊاڪٽر نبي بخش مرتب ڪيو آهي. سندس ڪلام ۾ تصوف جي ذڪر سان گڏ حسن و هجر ۽ وصال جو بيان به دلگداز انداز ۾ ملي ٿو”.(1)
شروعات ۾ شاهه عنات رضوي جو ڪلام رسالي جي صورت ۾ ڇپيل ڪو نه هو. تنهن سبب سندس ڪلام گھڻو وقت هڪ محدود دائري ۾ رهيو. ڪن ٻين بزرگن جي رسالن ۾ پڻ سندس ڪلام گڏجي سڏجي ويو. سندس ڪلام ۾ سر وار شاعري ٿيل آهي. جيڪا ڏاڍي اهم آهي. سندس شاعريءَ ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي واري جھلڪ آهي. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر نبي بخش جي حوالي سان لکيو آهي ته : ”عام سنڌي داستانن ۽ مشهور عنوانن جي تاڃي پيٽي ۾ اڻيل سر وار بيتن ۽ واين جي سٽاءَ ۾ سمايل شاعريءَ جي سنواريندڙن ۽ سينگاريندڙن ميين شاهه عنايت رضوي ۽ شاهه عبداللطيف جو شرف مڙني کان مٿانهون آهي. ٻئي هن نئين تاريخ ۾ ڀائيوار آهن”.(2) شاهه عنات هڪ وڏو شاعر هو. جنهن وٽ فڪر ۽ فن جا خزانا آهن. شاهه ڪريم ۽ شاهه لطيف جي دؤر کي ڳنڍيندڙ ڪڙي آهي. شاهه عنات رضوي پنهنجي ڪلام ۾ نالو ”عنايت“ ڪري ڪم آندو آهي. سندس ڪلام ۾ بيش بها حڪمت جا خزانا لڪيل آهن. سندس ڪلام ۾ روحاني رمزون سمايل آهن. شاهه عنات رضويءَ جي باري ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو ته: ”شاهه عنات رضوي شاعراڻي ڏات ۽ بلند خيالات سبب هڪ اهم شاعر آهي. جنهن جو ڪلام اڄ اسان وٽ سرن جي ترتيب سان موجود آهي. ان لحاظ کان به هي شاعر اوليت جو درجو رکي ٿو“.(3)
ميين شاهه عنات رضوي جي ڪلام ۾ تصوف به سمايل آهي. هي پهريون شاعر آهي جنهن سنڌ جي نيم تاريخي داستانن کي پنهنجي اظهار جو موضوع بڻايو. انهن ۾ هن پنهنجي خيالن جي اپٽار ڪئي. شاهه عنايت جو ڪلام اعليٰ شاعريءَ جا سڀ لوازمات پورا ڪري ٿو. سندس رسالي ۾ 22 سر آهن. شاهه عنايت رضوي جي سر ڪلياڻ بابت ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو ته: ”عام دستور موجب شاهه عنايت رضوي سر ڪلياڻ ۾ ڌڻيءَ جي ساراهه ڪئي آهي. رب جي عظمت جا گڻ ڳايا آهن. ان سلسلي ۾ هو ڪائنات جي وسعت ۽ الله جي احسانن بابت چوي ٿو ته:
سائر لهريون ريج وڻ، جيئنءَ سي پکين پک،
وڏا وڻ ويڙين ۾، ڪير ڳڻيندو ڪک،
اونهو ڏيهه عظيم جو، پييم تان نه پرک،
تهان مٿي لک، آءٌ ڀال ڀلي جي ڀانئيان.“ (4)
ميين شاهه عنات رضوي پنهنجي شاعريءَ ۾ محبت کي موضوع بڻايو. سندس شاعريءَ ۾ انتها درجي جي دلڪشي سمايل آهي. شاهه عنايت رضويءَ جي شعرن ۽ شاهه عبداللطيف جي شعرن ۾ ڪافي هڪ جھڙائي آهي. انهيءَ هڪ جھڙائيءَ متعلق اڪبر لغاري صاحب، پير حسام الدين راشديءَ جي حوالي سان لکي ٿو ته: ”شاهه عنات ۽ شاهه لطيف شعر ۾ هڪ ئي رستي تي هليا آهن. اها ئي ٻولي، ساڳئي پابندين ۽ خيالن جي هڪجھڙائي توڙي دلڪشي بيتن کي شاهه لطيف وانگر هن به مختلف سرن ۾ تقسيم ڪيو آهي. سنڌ جي عشقيه داستانن کي شعر کي استعمال ڪيو آهي”.(5)
شاهه عنات، شاهه لطيف جي همعصر شاعرن ۾ سڀني کان وڌيڪ سٺو شعر چيو آهي. جنهن جو اثر خود شاهه لطيف ورتو آهي. سندس شاعريءَ بابت اڪبر لغاري لکي ٿو ته: ”شاهه عنايت جي شاعريءَ ۾ تصوف جا نقطا نهايت شاعراڻي نزاڪت سان بيان ڪيل آهن...شاهه عنايت محبت کي ڏاهپ تي ترجيح ڏني آهي. ان حقيقت بابت شاهه عنايت چوي ٿو ته:
ڪرڙا ڏونگر ڪهه گھڻي، برپٽ بيريان،
ات ڏاهن ڏاهپ وسري، حريفن حيران،
سسئي لنگھيو سيد چئي، تن کي ڪانهي باڪ بهير ۾”.(6)
ميون شاهه عنات رضوي حسن، عشق ۽ وصال جو شاعر آهي. سندس ڪلام انتهائي رنگين ۽ پرسوز آهي. جنهن ۾ انتهائي دلڪشي ۽ رعنائي آهي. سندس شاعري جديد دؤر جي رومانوي شاعريءَ جهڙي آهي. شاهه عنات جي شاعريءَ جي هر صنف ۾ هڪ نئون موضوع آهي. جنهن ۾ عشق، مشق ۽ محبوب آهي. سندس شاعريءَ متعلق اڪبر لغاري لکي ٿو ته: ”تصوف کان علاوه شاهه عنايت جي بيتن ۾ حسن، عشق، فراق ۽ وصال به انتهائي دلڪش ۽ پرسوز انداز سان بيان ڪيل آهي. پاڻ فرمائين ٿا ته:
گل بدن جو گجريون، ارم اوڍيائون،
چوٽا تيل ۾ ڦليل سين، واسينگ ويڙهيائون،
مشڪ محبت پاڻ ۾، لڱين لاتائون،
اهڙي پر عنايت چوي، راڻو رانيائون،
سو موٽي ڪيئن پاهون، جو وڃي ڪاڪ ڪڪوريو”.(7)
ميون شاهه عنات رضوي ڪائنات جي تخليق ۽ اسرار بابت پڻ شعر چيا آهن. جيئن ته هيءَ ڪائنات لا محدود آهي ۽ هن ۾ اسرار به لامحدود آهن. سندس تخليق هر دؤر ۾ هڪ وڏو سوال رهي آهي. هزارن سالن کان وٺي انسان ڪائنات جي تخليق تي اظهار ڪندا آيا آهن. ان متعلق سوچيندا آيا آهن. پنهنجن پنهنجن عقل فهم ۽ ادراڪ آهر جواب ڳولهيندا رهيا آهن. انهن اسرارن جي ڳولها ۽ تخليق بابت هڪ شعر آهي جيڪو ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي پنهنجي ڪتاب ۾ هن ريت لکيو آهي. الست جي اسرار ۽ ڪائنات جي تخليق بابت چوي ٿو ته:
الست ارواحن کي، جڏهن جاڳايو جبار،
رڙهي رهبر رسيا، سي سل مون نبي يار،
ملڪين ڦلڪين پڌرا، اگي ڪيا اظهار،
ساڪن ڪيا ستار، اوڏا سين عنايت چئي”. (8)
شاعرَ فطري نظارن سان محبت ڪندا آهن. هو سدائين فطرت جو مشاهدو ڪندا رهندا آهن. سماج جي حالتن جو پنهنجي شاعريءَ ۾ ذڪر ڪندا آهن. شاهه عنات به پنهنجي شاعريءَ ۾ هارين، نارين ۽ پورهيتن جو ذڪر ڪيو آهي. جو انهن جو مقصد هوندو آهي ته انهن جي زندگيءَ ۾ ڦيرو ۽ چاڙهو اچي. شاهه عنات پنهنجي دؤر جي حالتن جو ذڪر ڪيو آهي. انهن متعلق اڪبر لغاري لکي ٿو ته: ”شاهه عنات رضوي ان وقت جي سماجي حالتن جو به سٺو عڪس ڇڪيو آهي. سندس هي بيت انهيءَ ڳالهه جي شاهدي ڏئي ٿو.
پپيهل پتو هيون، تاڙي ڪئي تنوار،
هارين هر سنڀايا، سرها ٿيا سينگار،
لاهي ڏک ڏاتار، الاهي عنايت چوي”.(9)
ميون شاهه عنات رضوي جيئن ته گھڻو عرصو اوجھل رهيو. ڇو ته سندس رسالو ڇپيل حالت ۾ سنڌي ماڻهن اڳيان ڪو نه آيو هو. البته شاهه لطيف جي رسالي ۾ گڏجي سڏجي ويو هو. جنهن کي بعد ۾ عالمن، سوڌي، سموهي الڳ ڪري شاهه عنات رضوي جو ڪلام ڇپايو. جڏهن اهو ڪلام عوام آڏو آيو ته ماڻهو سوچڻ لڳا ته شاهه لطيف جي همعصر شاعرن به شاهه لطيف جهڙي ئي شاعري ڪئي. اها ٻي ڳالهه آهي ته شاهه لطيف جي ڪلام کي عوام ۾ پذيرائي ملي. شاهه لطيف جو ڪلام جھرجھنگ ڳايو وڄايو ويو. ان جي ڀيٽ ۾ سندس همعصر شاعر خاص ڪري شاهه عنات رضوي ڄڻ ته شاهه لطيف جھڙي مقبوليت ۽ قبوليت ماڻي نه سگھيو. خانبهادر محمد صديق ميمڻ لکي ٿو ته: ”شاهه عنات رضوي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو همعصر هو. سندس ڪلام شاهه صاحب جي ڪلام سان خلط ملط ٿي ويو آهي. خبر نه ٿي پوي ته ڀٽائي جو ڪلام ڪهڙو ۽ عنات جو ڪهڙو؟ سندس حياتيءَ جو مفصل ذڪر به ڪٿان دستياب نه ٿيو آهي. باقي سندس مقبرو نصرپور، ضلعي حيدرآباد ۾ آهي. جتي ڪيترائي ماڻهو زيارت لاءِ ويندا آهن”.(10)
مٿين حوالي جي روشني مان خبر پوي ٿي ته ميون شاهه عنات رضوي جو ڪلام ۽ شاهه عبداللطيف جو ڪلام پاڻ ۾ گڏجي سڏجي ويو هو. جنهن کي بعد ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، الڳ ڪري شاهه عنات رضويءَ جو ڪلام ڇپايو. ميون شاهه عنات رضوي پنهنجي دؤر جو وڏو قادرالڪلام شاعر هو. جنهن جي ڪلام ۾ شاهه عبداللطيف جي ڪلام وانگر رعنائي هئي. هي پهريون شاعر هو جنهن سرن جي ترتيب آهر شاعري ڪئي. سندس شاعري ان دؤر جي مروج صنفن ۽ هنر مطابق ۽ سندس ڪلام ان دؤر جي تقاضائن مطابق هو. ميون شاهه عنايت جي ڪلام بابت ميمڻ عبدالمجيد سنڌي لکي ٿو ته: ”سندس ڪلام ۾ سنڌ جي معاشي ۽ معاشرتي حالتن جو عڪس به ملي ٿو.
جھڙا ڪرڙ ڪڪورئا، تهڙيون لويون رس لڱن،
هيڪانديون ٿي هليون، پسيءَ کي پڪن،
ميڙين ڏٿ ملير ۾، سدا ساڻهه ڪن،
تني جي پکي، عمر! اڪنڊي آهيان”. (11)
مٿين بيت جي روشنيءَ ۾ اسان کي خبر پوي ٿي ته اسان جي اساسي شاعرن کي به سنڌ جي معاشي ۽ معاشرتي حالتن جو اونو هو. جنهن سبب هن وقت بوقت اهڙو اظهار پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪيو آهي. جهڙيءَ طرح ميون شاهه عنات رضويءَ پنهنجي مٿئين بيت ۾ اظهار ڪيو آهي. مٿئين بيت ۾ ملير جي مارن جي حالت جو ذڪر ٿيل آهي ۽ هو ڏٿ ڏورين ٿا. هنن جو کاڌو ۽ ميوا، پسي ۽ پڪا آهن. جيڪي ٿر ۾ عام جام ٿين ٿا.
ميون شاهه عنات ۽ شاهه لطيف جي ملاقات جو ذڪر اڪثر ٿيندو رهيو آهي. سندس ملاقات بابت ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي حوالي سان هڪ روايت بيان ڪندي لکي ٿو ته: ”هن روايت موجب، شاهه لطيف جي ساڻس ملاقات ٿي هئي. جيڪڏهن اها ڳالهه سچي آهي ته پوءِ ان ملاقات وقت شاهه لطيف جي جواني هوندي ۽ شاهه عنايت وڏي عمر جو هوندو”.(12)
روايتن ۾ ايتري قدر آيل آهي ته ميون شاهه عنات رضوي ۽ شاهه لطيف جي پهرين ملاقات جڏهن ٿي هئي تڏهن شاهه عنايت موٽيل وهيءَ جو هو. شاهه لطيف ڇهن ستن ورهين جو هو. جڏهن شاهه عنايت وفات ڪئي ته ان وقت شاهه صاحب ڦوهه جوانيءَ ۾ هو. شاهه عنات جي نعتيه ۽ مدحيه شاعريءَ متعلق ميمڻ عبدالمجيد لکي ٿو ته: ”نعتيه ۽ مدحيه شاعريءَ جو مضمون سڀ کان اول شاهه عنايت رضويءَ جي واين ۾ ملي ٿو. سندس زندگيءَ جو احوال اڳ اچي چڪو آهي. هت سندس اهڙي هڪ وائي نموني طور هيٺ ڏجي ٿي.
ٿل: منهنجي سيد لهندو سار،
مون کي آهي اميد الله ۾
امت ڪارڻ احمد اچي، پرمل پاڪ پسندو،
مون کي آهي اميد الله ۾”.(13)
ميون شاهه عنات سنڌيءَ جو پهريون شاعر آهي، جنهن رسالي جي روايت قائم ڪئي. رسالي جي اها روايت هوندي آهي ته ان ۾ مختلف سرن هيٺ بيت ۽ وايون هونديون آهن. هر هڪ سر هڪ کان وڌيڪ فصلن (بابن) ۾ ورهايل هوندو آهي. هر هڪ فصل ۾ پهريون بيت هوندا آهن ۽ پڇاڙيءَ ۾ وايون هونديون آهن. شاهه لطيف ۽ شاهه عنات جي رسالي ۾ لڳ ڀڳ ساڳيا سر آهن. ڪا ٿوري ڦيرڦار آهي. شاهه عنايت جي رسالي ۾ ”سر جمن“ آهي پر شاهه لطيف جي رسالي ۾ ”سر يمن ڪلياڻ“ آهي. شاهه عنات جي ڪلام ۾ سنڌ جي معاشي ۽ معاشرتي حالتن جو احوال ملي ٿو. سنڌ جي رهڻي ڪهڻيءَ جي تصوير چٽيل آهي. شاهه صاحب پڻ ساڳيو روپ اختيار ڪيو آهي.

حوالا:
1. چانڊيو، ميان، مير. سنڌي ادب جي تاريخ. ڪنڊيارو: روشني پبليڪيشن. ڇاپو پهريون، 2007ع، ص 29
2. جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر. سنڌي ادب جي مختصر تاريخ. ڪنڊيارو: روشني پبليڪيشن. ايڊيشن ٽيون، 1994ع، ص 72
3. ايضا، ص 72
4. ايضا، ص 73
5. لغاري، اڪبر. سنڌي ادب جو مختصر جائزو. ڪنڊيارو: روشني پبليڪيشن. ڇاپو سورهون، 2013ع ص 44
6. ايضا، 44
7. ايضا، 44
8. جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر. سنڌي ادب جي مختصر تاريخ. ڪنڊيارو: روشني پبليڪيشن. ايڊيشن ٽيون، 1994ع، ص 73
9. لغاري، اڪبر. سنڌي ادب جو مختصر جائزو. ڪنڊيارو: روشني پبليڪيشن. ڇاپو سورهون، 2013ع ص 45
10. ميمڻ، محمد صديق، خانبهادر. سنڌ جي ادبي تاريخ. ڄامشورو: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، يونيوريٽي آف سنڌ. ايڊيشن چوٿون، 2000ع، ص 170
11. ميمڻ، سنڌي عبدالمجيد، سنڌي. سنڌي ادب جو تاريخي جائزو. حيدرآباد: سنڌي ساهت گھر. 2000ع، ص 70
12. ايضا، ص 71
13. ايضا، ص 86