جديد سنڌي شاعريءَ جي علمبردار ڪشنچند بيوس جي شاعريءَ جو اڀياس
ABSTRACT:
Sindhi poetry covers centuries of travel. Over the centuries, he has brought many new traditions. There was also an era or a turning point in Sindhi poetry, which was only described in the poetry of Iran's soil and environment. This poetry was a vat of Sindhi poetry but it was not connected with the culture and tradition of Sindh.Then came an era when the poets of Sindh took steps to break the tradition, and new foundations were formed. "The work of modern literature is to present the ruthless truths, but for that, art does not have to suffer, nor does it have to deal with the aesthetic impression. It was a heavy responsibility for the pioneers of modernity. To counteract this difficult and most important issue, there were a lot of poets who took full strides in the revolutionary movement, but Kishanchand "Bevas" proved to be the best. Kishanchand is a versatile poet. His themes and thought are land rooted. In art, Kushanchand's "Bevs" lyrics, coffee, melodrama, triangle, velvet, hexagon and bait are featured. He has experimentedall the genres of poetry.No doubt he is a real poet of all modern traditions.
سنڌي شاعريءَ صدين جو سفر جھاڳيو آهي. انهيءَ صدين جي سفر ۾ ان پاڻ ۾ ڪيئي لاڙا ۽ نيون روايتون پئي سمايون آهن. سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ دؤر يا هڪ موڙ اهڙو به آيو، جو فقط ايران جي سرزمين ۽ ماحول جون روايتون شعر ۾ بيان ڪيون وينديون هيون. اهڙي شاعري،فقط لفظن جو ڀنڊار ته هئي، پر ان جو سنڌ جي سرزمين سان ڪو به لاڳاپو نه هو. پوءِ اهڙو دؤر به آيو، جو سنڌ جي شاعرن انهيءَ نئين روايتن جو بنياد وڌو. ”جديد ادب جو ڪم بي رحم سچاين کي پيش ڪرڻ آهي، پر ان لاءِ فن Art کي به هٿئون ڇڏڻو نه آهي، نه ئي جمالياتي تاثر تي ڪو سودو ڪرڻو آهي. جديديت جي علمبردارن لاءِ اها هڪ ڏکي ذميواري هئي“.(1) ان ڏکي ۽ نهايت اهم ذميواريءَ کي نڀائڻ لاءِ هونئن ته لاتعداد شاعرن جا نالا آهن، جن جدت پسند تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو، پر انهن منجهان ڪشنچند ”بيوس“ سڀني کان اڳرو ثابت ٿيو.
ڌرتيءَ تي هزارين شاعر جنم وٺن ٿا، پر مڃتا واري منزل تي پهچڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ڪونهي. هر شاعر جي سوچ، ويچار ۽ فڪر ۾ فرق هوندو آهي. جيئن هر ماڻهوءَ جي پنهنجي علمي سگهه آهي، تيئن فني توڙي فڪري لحاظ کان هر شاعر جي پنهنجي اڏام آهي. فني حوالي کان شاعر ڪيترو به مضبوط هجي، پر جيڪڏهن سندس فڪر ۾ اونهائي ۽ گھرائي نه آهي، ته کيس جوڳو مقام ملي نه سگھندو. ڪشنچند بيوس پنهنجي شاعريءَ ۾ زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ موجود فطري نظارن سان گڏ سنڌي سماج جا عڪس چٽيا آهن. ڪشنچند بيوس جي شاعريءَ ۾ ڪمال جي رواني، تجربن جي نواڻ ۽ فڪري گھرائي آهي، انهيءَ ڪري ئي ته علامه دائودپوٽي چيو آهي ته:
”واقعي ڪشنچند ”بيوس“ سنڌ جو هڪ عوامي ۽ انقلابي شاعر تسليم ڪجي ٿو، ڇو ته هن ئي سنڌي شاعريءَ کي نوان اسلوب ۽ موضوع ڏيئي ”جديد سنڌي شاعريءَ“ جو بنياد رکيو“. (2)
ڪشنچند ”بيوس“ لاڙڪاڻي واسي هو. هو پرائمري استاد ٿي رهيو ۽ جڏهن لاڙڪاڻي ۽ پوري سنڌ ۾ عروضي تحريڪ جوڀن تي هئي، ته هي صاحب شاعريءَ ۾ فن ۽ فڪر جي هڪڙي نئين جدت کڻي ميدان ۾ لٿو. ڏسندي ئي ڏسندي سنڌي شعر جي تاريخ تي اڻ مٽ عڪس چٽڻ لڳو. ڪشنچند ”بيوس“ جديد شاعريءَ جو باني آهي. هن ڪيتريون ئي نيون روايتون قائم ڪيون ۽ سنڌي شاعريءَ ۾ انهن کي مروج ڪيو.
بيوس جي جدت ۽ نرالي نانءَ سان سنڌي ادب جي تاريخ ۾ هڪ نئون باب ۽ نئون دؤر شروع ٿيو. بيوس شاعري ڪيئن ۽ ڪڏهن شروع ڪئي؟ تنهن بابت ”ڪُليات بيوس“ جي مرتب لکيو آهي ته:
”جڏهن اڃا سورنهن ورهين جو هو ۽ حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج ۾ پڙهندو هو، تڏهن به شعر چوندو هو. برسات جو نظارو ڏسندي هڪ رات جو پڙهڻ بدران ”برسات“ تي شعر لکي، ميز تي رکيائين ۽ اتي ئي ڪرسيءَ تي کيس ننڊ وٺي وئي. بورڊنگ جي سپرنٽنڊنٽ چڪر هڻندي اچي هن کي ننڊ ۾ ڏٺو ۽ ميز تي رکيل شعر وارو پنو پڙهي، چُپ چاپ واپس هليو ويو. صبح جو کيس گھرائي، سندس پٺي ٺپي چيائين ته: ”بيوس، ڪنهن ڏينهن اعليٰ درجي جو شاعر ٿيندين.‘‘(3)
ڪشنچند بيوس وٽ فن به آهي ته فڪر به آهي. هن شاعريءَ ۾ فن ۽ فڪر جو اهڙو ته سنگم جوڙيو آهي، جو فن کي پرکڻ وارو به سرهو ٿيو وڃي، ته فڪر کي پرکڻ ۽ پرجھڻ وارو به خوش ٿيو وڃي، ڇاڪاڻ ته هن وٽ فن، فڪر کي ٽيڪ ڏئي کنيو بيٺو آهي ۽ فڪر وري فن کي اڀاريون بيٺو آهي. سائنسي فارمولي وانگر ٻئي ٻِٽُ ٿي، هڪ ٻئي سان ملي بيهن ٿا. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، پنهنجي ڪتاب ”ڪٺمال“ ۾ لکيو آهي ته:
”ڪشنچند بيوس جي ٻولي آسان ۽ موضوع مقامي آهن. هن غير وطني ۽ دقيق تشبيهن ۽ سکڻي فارسي نوازيءَ کان پاڻ کي آجو ڪيو. هن سوسن سنبل، ياسمين و نسترن ۽ لاله و نرگس جا نالا کڻڻ بجاءِ فقط ”گل“ چئي پنهنجو مقصد بيان ڪيو“.(4)
شاعريءَ جي صنفن جي لحاظ کان ڪشنچند ”بيوس“ غزل، ڪافي، قصيدو، مثلث، مخمس، مسدس ۽ بيت چيا آهن. هن هڪ ماهر سائنسدان جيان مٿين صنفن ۾فني طور انيڪ تجربا ڪيا آهن. جيئن نظم کي غزل سان هم آهنگ ڪري، هڪ صنف مان ٻه مقصد ورتا اٿس. ساڳئي نموني هُن ڪافيءَ کي غزل جي گھاڙيٽي جو روپ ڏنو آهي. ڏوهيڙي ۾ وري رباعي وارو فن رکيو اٿس. بيت مسدس واري سٽاءَ ۾ لکيا اٿس. نظم ۽ غزل جي سنگم جو هڪڙو مثال پيش ڪجي ٿو.
آهي مشهور عالم ۾، جفا تنهنجي، وفا تنهنجي،
حقيقت ۾ مگر آهي، وفا تنهنجي، جفا تنهنجي.
هزارين چشم روشن سان، اچين تان ستارن تان،
تڏهن بي دل ڪدورت کان، نه ٿي آهي صفا منهنجي.
نمڪ تنهنجو سدا کائي، نمت تنهنجي نه ڏيان پائي،
جڳت ۾ آهه هيءَ هائي، سخا تنهنجي خطا منهنجي.
ڪهان ڪهڻي گھڻي سهڻي، رهان رهڻي مگر سکڻي،
وڏائي لئه وهم وهڻي، ٿي بيوس واسنا منهنجي“ (5)
ڏٺو وڃي ته هن نظم جو سٽاءُ غزل وارو آهي. مضمون مان ڪافيءَ جي مضمون جهڙو هڳاءُ ملي ٿو. ڪٿي وري نظم ۾ دوهيڙي ۽ ڪافيءَ جي ملاوٽ جو تجربو ملي ٿو. جيئن هيٺيون مثال ئي ڪافي آهي.
”ڪنهن حال تي هلين ٿو، ڪنهن چال تي چلين ٿو،
مون کي نه ڳجهه سلين ٿو، پاڻان پري جھلين ٿو،
اي آســمــان نــيـلا، تارن سـنـدا وسيلا.
تيزي نظر نهارين، ڌرتــيءَ تــي بــاهه ٻــاريــن،
ماٺي نگهه سان ٺارين، تون هيٺ کير هارين،
تنهنجا ٻــه نيــڻ نيــارا، ســج چنــڊ نانو وارا‘‘.(6)
ڪشنچند ”بيوس“ جي شاعريءَ جا موضوع ، تشبيهون ۽ تمثيلون خالص ڏيهي، عام فهم ۽ سليس آهن. شعر پڙهڻ سان اوپرائپ جو احساس نه ٿو ٿئي. ها البته پنهنجائپ جو احساس هر سٽ مان بکي ٿو. سندس شاعريءَ جي موضوعن ۾ ”بهار‘‘، ”برسات‘‘، ”قدرت وارا‘‘، ”کڙکٻيتو‘‘،“سهائي راتڙي“، ”سنڌ سونهاري‘‘، ”سادگي‘‘، ”همدردي‘‘، ”سچائي‘‘، ”حياتي‘‘، ”ٻار جي سنڀال‘‘، ”غريبن جي جھوپڙي‘‘ ۽ ٻيا شامل آهن. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ادب جي تاريخ‘‘ ۾ ڪشنچند ”بيوس“ جي جدت پسند شاعريءَ بابت لکي ٿو ته:
”جڏهن سندس ڪلام جو پهريون مجموعو 1937ع ۾ شايع ٿيو، ته عروضين ۽ روايتي شعر وارن کيس تنقيد جو نشانو بڻايو، ڇو جو هي ڪلام روايتي وزن ۽ هيئت کان ٻيءَ طرح جو هو“.(7)
ڪشنچند ”بيوس“ جي شاعريءَ ۾ رڳو جدت ناهي، يا هن رڳو جدت کان ڪم ناهي ورتو، پر هن صوفي شاعرن جي روايتن ۽ موضوعن کي به هٿان ناهي ڇڏيو. هن جوڳين ۽ سامين جو ذڪر به ڪيو آهي. جوڳين ۽ سامين جو ذڪر سڀ کان پهرين قاضي قادن ۽ شاهه ڪريم جي ڪلام ۾ ملي ٿو. ان کان پوءِ شاهه عبداللطيف انهيءَ موضوع کي عروج تي رسايو. بيوس به پنهنجي شاعريءَ ۾ جوڳين ۽ سامين جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪو هيٺين ريت آهي:
“ساميئڙن اڄ ساهُه، ساڙي منهنجو ساهه سڪايو،
دونهان درد جا دم دم دکن ٿا، ڀڙ ڀڙ ڪري ٿي باهه،
جوڳين جوڳ جاڳايو.
اٺئي پهر اندر ۾، آديسين الله،
سامين سُن لڳايو.
رام رکيائون روح ۾ رميا مٿي راهه،
پورب پنڌ پڇايو.
”بيوس“ بيراڳي ڏسي، گويا ٿيو گمراهه،
تنهن پڻ ڪفي ڪمايو.‘‘(8)
فنا ۽ بقا جا مسئلا به اوائلي زماني کان وٺي سنڌيءَ شاعريءَ جو موضوع رهيا آهن. بيوس، فنا ۽ بقا جي موضوع کي به پنهنجي شاعريءَ ۾ سمايو آهي. بيوس جي اهڙي شاعري منجهان ڪجهه مثال هيٺ ڏجن ٿا:
“نه بلبل حسب گل تي ڀل، بهاري بي بقا آهي
نزاڪت، رنگ رونق جو، گھڙيءَ کن لئه لقا آهي.
ڦڙي ۾ سمنڊ ٿيو ساقي، رهي فاني اندر باقي،
ڦري ”بيوس“ ٿيو خاڪي، مگر ذاتي سدا آهي‘‘.(9)
جديد سنڌي شاعريءَ، پنهنجي لاءِ نه رڳو موجوده صديءَ جي تاريخي، سياسي ۽ سماجي تبديلين مان مواد حاصل ڪيو آهي، بلڪ ان پنهنجي فڪري ۽ احساساتي واڌ ويجهه لاءِ سنڌ جي زرخيز مٽيءَ ۾ گھڻي گھرائيءَ تائين، پنهنجون پاڙون پکيڙيون آهن. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ان حوالي سان لکي ٿو ته:
”سندس ڪلام جي مجموعي ”شيرين شعر“ کي سنڌي ادب ۾ اها ئي حيثيت حاصل آهي، جيڪا انگريزي ادب ۾ وليم ورڊس ورٿ ۽ سيموئل ڪالرج جي شعر جي مجموعي ”لئريڪل بئلڊس“ کي حاصل آهي.‘‘(10)
اساسي شاعرن جيان ڪشنچند ”بيوس“ جي شاعريءَ ۾ به نيم تاريخي داستانن جا اهڃاڻ ملن ٿا. البته هن سرن ۾ شاعريءَ ناهي ڪئي، پر نيم تاريخي داستانن جو ذڪر ضرور ڪيو آهي. نموني طور ڪجهه شعر هيٺ ڏجن ٿا:
سسئـــي ســـور سمــهــڻ کان پــرايــا،
جيئري ڏٺائين ڏهاڳ سمهڻ ۾ ڇاهي. (11)
سسئي پنهونءَ جو داستان سنڌ ۾ ڪيچ مَڪران جي وچ ۾ هلندڙ واپار ۽ قافلن جي ماحول تي ٻَڌل آهي، جيڪو عربن واري دؤر ۽ پوءِ سومرن واري دؤر ۾، ويندي پنجين صديءَ هجريءَ (يارهين صدي عيسويءَ) تائين قائم رهيو. سنڌ جي اساسي شاعرن کان وٺي عروضي شاعرن تائين ۽ عروضي شاعرن کان وٺي جديد شاعرن تائين سسئي، علامتي ڪردار طور ڳائي وڃي ٿي. سسئي علامت آهي جدوجهد جي، سسئي علامت آهي سچي محبت جي، سسئي علامت آهي ڏکن ۽ سورن جي. سسئي جو نالو کڄي ۽ سور ياد نه پون ائين ممڪن ئي ناهي.
مٺي محبت مَٺي ليلان، مڻئي تي ڪيئن مٽڻ گھرجي،
پرت جي پاڙ کي پاڻهي، نه پاڙان هئن پٽڻ گھرجي.(12)
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ڪشنچند ”بيوس“ جي شاعريءَ بابت راءِ ڏيندي لکي ٿو ته:
”بيوس آسان زبان ڪم آندي آهي ۽ روايتي شمع، پرواني، گل و بلبل توڙي ساقي ۽ ساغر جا موضوع ڇڏي، فطرت جي رنگينين ۽ عام انسانن جي زندگيءَ بابت لکيو آهي.‘‘(13)
بلڪل! اها حقيقت آهي ته بيوس فطري شاعري ڪئي آهي ۽ جدت جا نوان ۽ انوکا رنگ بيان ڪيا آهن.ڊاڪٽر سحر امداد حسيني پنهنجي ڪتاب ”شعور شاعر شاعري“ ۾ جديد ادب لاءِ لکيو آهي ته:
”نئون ۽ جديد اهو آهي جو پنهنجي فن، فڪر، مواد ۽ پيشڪش ۾ نئون ۽ نڪور آهي، جنهن جي فڪر ۾ نواڻ آهي، جنهن جي سوچ ۾ تازگي آهي، جو نئين جو ادراڪ رکي ٿو. جنهن جي پيشڪش جو انداز منفرد ۽ نيارو آهي. جو گھرو آهي، جو بلند آهي، جو نوان پر جٽاءُ دار بنياد رکي ٿو. جو پنهنجي ٻوليءَ کي نوان ۽ صحتمند خيال، خواب ۽ تصور آڇي ٿو. جو مدي خارج ۽ پاروٿو ناهي.‘‘(14)
جڏهن ڪشنچند بيوس جي شاعريءَ کي، ڊاڪٽر سحر امداد جي مٿين ڪسوٽيءَ تي پرکيون ٿا ته، اها ان تي پوري لهي ٿي. سندس شاعريءَ ۾ جدت جا عڪس ۽ اولڙا پَسجن ٿا. بيوس شاعريءَ کي نئين موڙ سان نروار ڪيو، پر سندس اسلوب ۾ ڪا به ڪمي نه آهي. عالمن ادائگيءَ جي طريقيڪار کي اسلوب سڏيو آهي
اهم ڳالهه اها ناهي ته اسان ڇا چئي رهيا آهيون، پر اسان اهو ڪيئن چئي رهيا آهيون. اردو ادب ۾ اسلوب جو اهو ڪمال حافظ، سعدي، فردوسي، مير ۽ انيس ۽ ... جڏهن ته سنڌي ادب ۾ وري مرزا قليچ، ڀيرومل، ڊاڪٽرگربخشاڻي، پيرحسام الدين، ڏيپلائي، شيخ اياز، جمال ابڙي، شمس الدين عرساڻي، نسيم کرل، امرجليل ۽ ڪجهه ٻيا نمايان نظر اچن ٿا. اسلوب ۾ لفظن جي چونڊ، سندن آواز جو معيار ۽ تازگي ۽ جماليات تمام اھم آھن. اسلوب ۾ خيالن کي رنگين بڻائڻ جي صلاحيت هوندي آهي.غلام محمد گراميءَ پنهنجي ڪتاب ”ويا سي وينجھار“ ۾ لکيو آهي ته:
”بيوس پنهنجي سليس ۽ سلوڻي، عوامي ۽ فطرتي شاعريءَ جو موجد هو.‘‘(15)
جهڙيءَ طرح ڪشنچند ”بيوس“ جي سنجيده شاعري، جدت ۽ فڪر سان ڀرپور آهي، اهڙي طرح سندس ٻاراڻي شاعري به جدت جو انوکو مثال پيش ڪري ٿي. کانئس اڳ يا وري پوءِ ڪنهن به شاعر اهڙو شعر ناهي جوڙيو. بيوس جي هن نوعيت جي شاعري سنڌيءَ جي درسي ڪتابن ۾ به شامل آهي، پر ڪو زمانو اهڙو به هو، جو پهرين درجي کان پنجين درجي تائين جي درسي ڪتابن ۾، بيوس جا هن قسم جا حسين شعر پڙهڻ لاءِ ملندا هئا.
سڀ ڪن تنهنجي ساراهه، قدرت وارا،
نرمل جوتي نور نظارا، قدرت وارا.
يا
اچو ته ننڍڙي ريل هلايون،
باهه ببوءَ ۾ دود دکايون،
ڪري واءُ سان واهه جون وايون،
ڇهه ڇهه پيسا ٻه ٻه پايون
يا
مٺڙا گھوڙا اوري آءُ
خوب خوشيءَ سان داڻو کاءَ
يا
ڦوڪي ڦار نه ڦوڪڻو،
منهنجو آهي ملوڪڻو.
يا
کهنبي رتڙي لال ڪنوار!
هل ته ڀنڀوري ڀڻون هزار.
مطلب ته ڪشنچند ”بيوس‘‘ جي شاعري اڄ به سنڌ ۾ وڏا توڙي ننڍا مٺاس ڀريئي منفرد ٻوليءَ ۾ آلاپيندا رهن ٿا. بيوس کان پوءِ ڪيترن ئي شاعرن اهڙي شاعري لکڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪو به سندس برميچي نه سگھيو. ڇاڪاڻ ته ٻاراڻو ادب سرجڻ لاءِ ٻار ٿيڻو پوي ٿو ۽ اهو سڀ ڪجهه هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه آهي. بيوس جي انهيءَ ڪردار بابت سندس نياڻي پورن ديوي جو چوڻ آهي ته:
”ايتريون ساريون مشغولين هوندي به اسان کي ڪڏهن نه چيائون ته مون وٽ وقت ڪونهي، جيڪا گُھر ڪندا هئاسين، سا پوري ڪندا هئا. رانديون ڪيون ته کيس گھوڙو بڻايون. کيڏندي کيڏندي گيت تيار ٿي ويندو هو.”شاباش منهنجا گھوڙا، تيار، تکي ريل هل رفتار“. ساڻس گڏ ڦوڪڻا ڦوڪي اڏايون ته راڳ تيار ”ڦوڪي نه ڦوڪڻو، منهنجو آهه ملوڪڻو“. هڪ ٻئي جي چولي جي پٺ پڪڙي ريل هلايون ته گيت تيار ”اچو ته ننڍڙي ريل هلايون، ڇهه ڇهه پيسا ٻه ٻه پايون“. پاڻيءَ جي ٿالهه ۾ ڪاغذ جي ٻيڙي تاريون ته نظم تيار ”ٿالهه پاڻيءَ جو آڻيو ڀري، ڪاغذ جي هيءَ ٻيڙي تري“ وغيره“. (16)
حقيقت ۾ ٻاراڻو ادب سرجڻ تمام گھڻو مشڪل آهي،پر بيوس وٽ ڪيترو نه سهنجو آهي. ڪنهن به ڪيفيت مان گذري گيت جوڙڻ ۾، بيوس پنهنجو مٽ پاڻ آهي. ڪشنچند بيوس زندگيءَ جي اهم ۽ سماج جي نهايت سنجيده موضوعن تي به قلم کنيو آهي. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌيءَ سندس شاعريءَ متعلق لکيو آهي ته:
”هن پنهنجي شعر ۾ پنهنجي وطن ۽ ان جي مختلف شين جي ساراهه ڪئي آهي ۽ عوام کي سجاڳ ڪرڻ جي لاءِ قومي شعر چيو آهي ۽ عوام جي جذبات ۽ احساسيت جي ترجماني ڪئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو کيس جديد شاعريءَ جو بنيادي شاعر تسليم ڪيو ويو آهي. هو ايراني شاعريءَ جي تقليد گھٽ ڪري ٿو، پر ان جي بدران پنهنجي وطن جون شيون آڻي ٿو“.(17)
ڪشنچند ”بيوس“ پنهنجي شاعريءَ ۾ جيڪي موضوع سمايا آهن، انهن ۾ آزاديءَ جي تحريڪ، هاري حقدار هلچل، هندو مسلم ايڪتا، روحانيت ۽ تصوف، گرو نانڪ، تلڪ مهراج، ڀڳت ڪنور رام، وشنداس قمبر وارو، راڻو پرتاب سنگهه، کيرٿر جبل، وڻ ٽڻ ٻوٽا، زميندار جي داداگيري، جوا، شراب، وياج، بيروزگاري، ڌيءُ جو جنم ۽ ٻيا موضوع شامل آهن. ڪشنچند بيوس جي شاعري ۾ تخيل جي اوچي اڏام ۽ فن جي مهارت، سمنڊ ۾ موجود ڇولين جيان نروار آهي.
نتيجو:
• بيوس پنهنجي شاعريءَ کي ايران جي اثر کان آجو رکيو آهي. پاڻ پارسي تشبيهن کي پاسي تي رکي، نج سنڌي ماحول جا عڪس چٽيا اٿس. اهو ئي سبب آهي، جو عالمن کيس ”جديد سنڌي شاعريءَ جو سنگ ميل“ سڏيو آهي.
• ڪشنچند بيوس جي شاعريءَ ۾، حب الوطني جو عنصر به نمايان نظر اچي ٿو. قومي گيت لکي، سنڌ جي ماڻهن کي بيدار بڻائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ورتيون اٿس.
• ڪشنچند بيوس روايتي شاعريءَ کي موڙ ڏئي، جديد شاعريءَ جو بنياد وجھندڙ اهو شاعر آهي، جنهن جي شاعريءَ ۾ نج سنڌي ماحول جون تشبيهون، استعارا، ڪنايه، مجاز مرسل، اصطلاح، تلميحون، تمثيلون، چوڻيون ۽ پهاڪا ملن ٿا. سندس شاعري سلاست، فصاحت، بلاغت ۽ جدت سان ڀرپور گلن جو هڪ خوبصورت گلدان آهي.
• ڪشنچند بيوس جي ٻارڙن لاءِ لکيل شاعري نصيحت آموز موضوعن تي مشتمل آهي.
حوالا:
1. حسيني، ڊاڪٽر سحر امداد. ”شعور شاعر شاعري“. ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ، 2008ع، ص 50
2. بخاري، سيد محمود شاهه، ڊاڪٽر. ”ڪليات بيوس“ لاڙڪاڻو: آزاد پبليڪيشنز، 1991ع، 33
3. ساڳيو. ص 20
4. جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر. ”ڪٺمال“ ڄامشورو: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 2002ع، ص 76
5. بخاري، سيد محمود شاهه، ڊاڪٽر. ”ڪليات بيوس“ لاڙڪاڻو: آزاد پبليڪيشنز، 1991ع، ص 78
6. ساڳيو، ص 80
7. جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر. ”سنڌي ادب جي تاريخ (جلد ٻيو)“ حيدرآباد: سنڌي لينگئيج اٿارٽي، 2005ع، ص 535
8. ساڳيو، ص 57
9. ساڳيو، ص 113
10. سنڌي، ميمڻ عبدالمجيد، ڊاڪٽر. ”سنڌي ادب جي تاريخ“. لاڙڪاڻو: ڪاٺياواڙ اسٽور، 1993ع، ص 236
11. ساڳيو،
12. ساڳيو، ص 73
13. جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر. ”سنڌي ادب جي تاريخ (جلد ٻيو)“ حيدرآباد: سنڌي لينگئيج اٿارٽي، 2005ع، ص 535
14. حسيني، ڊاڪٽر سحر امداد. ”شعور شاعر شاعري“. ڄاموشورو: سنڌي ادبي بورڊ، 2008ع، ص 50
15. گرامي، غلام محمد. ”ويا سي وينجھار“. ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ، 1995ع، ص 03
16. جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر. ”سنڌي ادب جي تاريخ (جلد ٻيو)“ حيدرآباد: سنڌي لينگئيج اٿارٽي، 2005ع، ص 44
17. سنڌي، عبدالغفور، ميمڻ. نواز علي نياز جعفريءَ جي شاعري. لاڙڪاڻو: سلاطين پبلڪيشن سولنگي ڳوٺ، ص 114